سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رڻ تي رم جهم

 شيخ اياز

صفحو :11

 

نيڻ نيرڙيون نهرون

وارَ ڀورڙا ناسي

روپ ڪڻڪ رنگ آهي،

ڪنهن سان پيار ٿي ويو آ؟

ڪنهن جي سنگ اڄ منهنجو

نينهن جو نِسنگ آهي؟

 

 

 

***

 

(المنظر هوٽل تي)

 

ماٺ ۾ سکي تنهنجي

چاءِ پي رهي آهي،

نيرڙِي ٽپهري آ-

تنهنجي جي ۾ جذبا

لهر لهر سنڌوءَ جئن،

سانت گهَري گَهري آ.

 

***

 

ٽارِ ٽارِ ٻانهُنِ ۾

تون ۽ هيءَ سکي تنهنجي

ڄڻ ٻه ڪويَليون آهيو؛

ڏات منهنجي ورهين کان

انب جئن ڦلاريل آ،

دير سان مليون آهيو.

 

 

 

***

 

ڪونجڙيون پيون ڪَرڪن

تو جيان اُنهن جو ڀي

دور جو سفر آهي؛

رات ڄام شوري جي

بي شمار تارن سان

تنهنجي منتظر آهي.

 

 

***

 

ڪانوَ پنهنجا ڪانگيرا

ڇو ڇڏي اُڏاڻا ها

نيرڙيَ ٽه پهريءَ ۾؟

ڪيتري نه ڪان ڪان هُئي

جا ٻُڏي وَئي آهي

سانت گهري گهريءَ ۾.

 

 

 

***

 

نيري اُڀَّ هي هيٺان

نيرا ڦول سيمل جا

سونهن سان سِمن ٿا پيا؛

روشنيءَ ۾ بجليءَ جي

تنهنجي نيري ساڙهيءَ تي

واءُ ۾ لڏن ٿا پيا!

 

 

***

 

ڪالهه مون سکيءَ تنهنجيءَ

کي ڇڪي چُمِي ورتي،

هُن چيو، ”ڀُلو آهين

”آءٌ هوءَ ڪانه آهيان

”ڪئن چوان ته اڄ تون ڇو

”پاڻ سان رُٺو آهين!“

 

 

 

***

 

تون بنارسي ساڙهيءَ

۾ ڦري رهي آهين

رنگ رنگَ پوپٽ جئن؛

تون جا پاڻ گُل آهين

پيار ۾ اُڏامن ٿا

تنهنجا انگَ پوپٽ جئن.

 

 

***

 

تون جا پاڻ گُل آهين

تون جا پاڻ پوپٽ آن،

ڪير تو جيان ڄاڻي،

’عشق خود تصوّف آ

’پنهنجي پيار ۾ آهي

’پاڻ کي پيو ماڻي.‘

 

 

 

***

 

پيار ئي مَڌوبَن آ،

پيار ڪِيتڪيون آهي،

پيار راڌڪا آهي؛

پيار سُر ڀريندو آ

پيار کان سوا منهنجي

بنسري ڀلا ڇاهي!

 

 

***

 

اڄ وري ملي آهين

تون جا اُروسي آهين

مان ئي تنهنجو سُرس آهيان

مان ئي تنهنجي سونهن آهيان،

مان ئي تنهنجو ڪرم هان،

مان ئي ماليداس آهيان.

 

 

 

***

 

بنسري وڄـٖـي ٿِي پئِي

آءٌ، ميڙ گوپين جو،

جيءُ منهنجو جمنا جئن،

ڇانورو ڪَدم جهڙو

مورَ ٽورَ ۾ آهن

تون اچين ٿي راڌا جئن.

 

 

***

 

تو جيان ڪَوي آهيان،

ليءِ ۾ بنسري آهيان،

ڇانوَ ۾ ڪّدم آهيان؛

اي 1ودياپتي‘ تنهنجو

آءٌ ٻيو جنم آهيان.

 

 

***

 

عشق کي به ڄڻ آهن

ڪنهن عقاب جئن گهُنگهرو

جهڙپ ڏٖي ته ڇم ڇم ٿئي؛

اي اکيون اڃا ترسو

پوءِ هُن سان ڳالهايو

هي هجوم ڪجهه ڪَم ٿئي!

 

 

***

 

مون گهڻو ڇُپايو، پر

مرگهه جي کٿوريءَ جئن

ڦهلجي وَئي آهين؛

مان گهڻو جهُڪايان پر

تون سندم نگاهن جو

طرف ٿي وَئي آهين!

 

 

 

***

 

 

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org