سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رڻ تي رم جهم

 شيخ اياز

صفحو :03

 

 

 

ڇا ڪوئي سُر اهڙو آهي

جنهن ۾ ڪوئي جي ڳائي ٿو

اُن مان ڪوٽ اروڙ جا ڪُنگرا

آسمانَ ۾ اُڀرن ٿا،

سنڌوءَ جا گجگاٽ اچن ٿا

ڄڻ خوابن مان

اُڀري ڪيئي ڳاٽ اچن ٿا

غورابن مان،

ديوارن تي ڳورا پٿّر ٽڙڪن ٿا

مُشڪي گهوڙا ڪڙڪن ٿا،

تيرَ ابابيل جئن اُڏري

هيٺ ڪِرن ٿا،

ويڙهه هلي ٿي، گهايل ڍُرڪي

نيٺ ڪِرن ٿا؛

مينديءَ رتڙا پير کڻي ڪو

بُرج مٿان واجهائِي ٿو

ڪارا ڪَجرا نيڻ کڻي ڪو

دور اُفق کي گهائي ٿو

جن ۾ ڪوٽ اروڙ جا ڪُنگرا

آسمانَ ۾ اُڀرن ٿا؛

ها، اهڙو سُر منهنجو آهي.

 

 

تو نه سکين رابيل جي ٻولي

۽ نه گلاب جا ٻول ئي ڄاڻين؛

جو پٿر جي ڇاتيءَ ۾ آ

درد، اُنهيءَ کي تون نه سڃاڻين؛

تارا روز اشارن ۾ جي

ڳالهيون ڪن ٿا

سي به نه ڄاڻين،

ڇو مُرڪن ٿا سانجهيءَ ٽاڻي،

ماڪ ڦُڙن جا ڳوڙها ڇا لئه

رات لڙيءَ جو هو لاڙِن ٿا،

سوبه نه ڄاڻين؛

واءُ لڳي ٿو تنهنجي ڀاڻي

گل جهومن ٿا

۽ پو تارن کي تاڙِن ٿا

رات وهاڻين؛

پٿر پٿر

ڪائنات ۾ سڀ تو وانگر

زندهه آهِن، ساهه کڻن ٿا،

ڀِرُن ڀيرَ پهاڙن جا ڄڻ

مون کي گهايل گَڊّ لڳن ٿا،

رات به ڪاري ڪويل آهي

اُن جا نيڻ ستارن وانگر

ڪاري جهُڙ ۾ ڄڻ جهمڪن ٿا

ڪُوڪ ڪُوڪ  ٿي ڄڻ ٽمڪن ٿا؛

ماڻهوءَ کي ڪئن مارين ٿو تون!

ڀورا، ڪيئن وسارين ٿو تون

هر ماڻهوءَ ۾ ساهه به تو جئن

زنده آهي

ماڻهو ڇا پر گاهه به تو جئن

زنده آهي.

 

 

خوشبوئون، جي چندرما جِي

رڻَ تي رم جهم آهن،

خوشبوئون جي تارن وانگر

جهُڙ ۾ ٽم ٽم آهن،

خوشبوئون جي ماڪ ڦڙن جئن

تازيون تازيون آهن،

خوشبوئون جي چانڊوڪيءَ ۾

ڄڻ ته چتائون آهن؛

تيز به آهن

پر خوشبوئون

هيرا منڊيءَ ۾ جئن آهن

گهرَ- خوشبوئون،

جن کي ماس طوائف جو آ

اهڙيون خوشبوئون به آهن!

اهڙيون خوشبوئون به ته  آهن!

 

 

پنهنجِي پنهنجِي خوشبو هر گل

سنگهندو آهي،

سارنگيءَ جي نيري سُر ۾

پنهنجي سيني جو سازندٖي

ڦَٽ پٽيءَ سان ويڙهيو آهي.

سانجهيءَ ٽاڻي

وهڪ نديءَ جِي

هنجَ ۾ تُنهنجي جهوٽو آهي؛

مادرِ فطرت!

هر شيءِ تنهنجيءَ ڪُکّ مان نڪري

تنهنجيءَ ڪُکّ ۾ وڃڻي آهي،

مان ڀانيان ٿو هر ملحد کي

تنهنجي وحدت مڃڻي آهي؛

شيءِ جو شيءِ سان ناتو آهي،

ڪائنات ۾ هر خوشبوءَ جو

ڄڻ ڪنهن ليءِ سان ناتو آهي؛

واريءَ تي جو ڪوڏُ پيو آ

اَن ۾ سَمنڊُ سمايل آهي،

سمنڊُ جو مون جئن گهايل آهي،

سمنڊُ جو مون جئن گهايل آهي.

 

 

چنڊ ستارا راهُون آهن

منهنجون عبادت گاهُون آهن

تون ته چوين ٿو ملحد آهيان،

ڪائنات جو چَپوَ چَپوّ

مون لئه مسجد وانگر آهي،

۽ ماڻهوءَ جي دل مون لئه آ

جامع مسجد وانگر-

ڪلهه کان مان ۽ فيض اُنهيءَ ۾

پهرينءَ صف ۾ آهيون،

ساڳيءَ صف ۾

بُلي شاههَ، ڀٽائيءَ پارا

ڪيئي مُلحد آهن،

ڪيئي مُلحد آهن.

 

 

سب اِڪّو رنگ ڪَپاهـٖـين دا

(بلي شاهه)

.........

ٻيا به انوکا اوڇڻ اوڙهن

رنگُ مگر گوسائينءَ جو

بُلي يارَ آرائينءَ جو؛

 

انت ڀٽائيءَ بحر اُهوئي

جيڪو سَچّل سائينءَ جو،

بُلي يارَ آرائينءَ جو؛

 

ڪئن تو اي پنجاب وِسايو

ايڏو نينهن نهائينءَ جو،

بُلي يار آرائينءَ جو!


 

 

 

فقره جوڙڪٖـي خوب درست ڪيتا، جيها ڦل گلاب دا ٽوڙيا اٖي

(وارث شاهه)

..............

دُرست فقرا ايندا آهن،

وارث! دُرست نه ٿيندا آهن.

گُل گُلابي ٽوڙي ڪوئي

مون کي اِئن آڇيندو آهي،

پنهنجا چَپّ چُميءَ ۾ ويڙهي

ڄڻ هو مون کي ڏيندو آهي.

دُرست فقرا ايندا آهن.

وارث! دُرست نه ٿيندا آهن.

شعر به بارش وانگر آهي

بادلَ ڪنهن نيپوڙيا آهن؟

پنهنجو پاڻ جُڙي ويا آهن

مون جي شعر به جوڙيا آهن.

 

 

مئن ڀي ڄاڻان جهوڪَ رانجهن دي،

نال ميرٖي ڪوئي چلـٖـي

(ماڌولال حسين)

.............

ڪوئي ته مون سان هَلّي!

 

آءٌ اڪيلو، پنڌ پري آ

ڳاٽُ نه ڪنهن جوڳَلّي!

ڪوئي ته مون سان هلّي!

 

جهُڙ ڦُڙ جهڙيون ڳالهڙيون ڪي

جيءُ پيو ٿو جلّي!

ڪوئي ته مون سان هَلّي!

 

جو ڪجهه ڪنهن به نه ڳاتو آهي

گونجَ اُنهيءَ جي گَلّي،

ڪوئي ته مون سان هلّي!

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org