| 
                                      
                                      اَبدالي | 
                                      
                                      : الهه لوڪ مست، سنت. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَبَکُ | 
                                      
                                      : نه کائڻ جوڳو، حرام. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اِبناسي | 
                                      
                                      : اَمرَ، لازوال غيرفاني. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَٻُجُهه | 
                                      
                                      : اٻوجهه، ڀورڙو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      آٻوهِيو | 
                                      
                                      : سالم، آڻ وِنڌَيل، ناياب، قيمتي، ڏسو 
                                      ”ٻوهَڻ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀاسُ | 
                                      
                                      : جو ڏسڻ ۾ نه اچي، غير محسوس، جنهن کي سچي 
                                      هستي ڪانهي، اولڙو، عڪس. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀاڳُ | 
                                      
                                      : نڀاڳ، ڪم بختي، بدقسمتي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀاءُ | 
                                      
                                      : نيستي نابودي، گم. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀُلُ  | 
                                      
                                      : نه ڀلندڙ، خطا نه کائيندڙ.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀِلاکُ | 
                                      
                                      : تکي خواهش، چاهنا  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀِمانُ | 
                                      
                                      : تڪبر، وڏائي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀِنُ | 
                                      
                                      : هڪجهڙو، جو جدا نه آهي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀنگُ | 
                                      
                                      : جنهن ۾ ڀَنگَ يا ڀڃڪڙي نه پوي، اَکَنڊُ، 
                                      پُورَن. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀوڳُ | 
                                      
                                      : نه ماڻڻ جهڙو يعني لاثاني، خشڪ، بي سواد،
                                       | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀِياسِي | 
                                      
                                      : (پڙهڻ جو) خَفتي، شائق، محنتي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀيدُ | 
                                      
                                      : جنهن ۾ ڀيد يا فرق نه هجي، ساڳيو، هڪجهڙو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڀيوَ | 
                                      
                                      : جنهن جو رنگ، روپ، ڳجهه ڄاڻي نه سگهجي 
                                      ڏسو. ”اڀيد“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اٽ | 
                                      
                                      : تمام گهڻو، نهايت | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَتبار | 
                                      
                                      : ڀروسو.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُتَپتِ | 
                                      
                                      : پيدائش، ڄم، رَچنا. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُتَپَت | 
                                      
                                      : انتظار، ڳڻتي بي آرام. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُتَرُ | 
                                      
                                      : جواب. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُتَمُ | 
                                      
                                      : سڀ کان مٿي، اعليٰ پرڌان. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَتَتَتا | 
                                      
                                      : تمام گهڻو، بيحد. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُتو | 
                                      
                                      : چيو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَتِيتُ | 
                                      
                                      : سنياسي، تياڳي، تارڪ، نيارو الڳ، آزاد. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُٿان | 
                                      
                                      : ڪوشش، سعيو، اُٿَڻُ، اُمنگ، خوشي، اُتپتي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُٿاهُه | 
                                      
                                      : اونهو، عميق. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَٿَڪُ | 
                                      
                                      : جو نه ٿڪجي، آورچ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَٺارَهن | 
                                      
                                      : ارڙهن، اشارو ”پراڻن“ ڏانهن، جي ارڙهن 
                                      آهن. هندن جا اهي ڌرمي پستڪ ’وياس‘ گڏ ڪيا. 
                                      هرهڪ ’پراڻ‘ ۾ پنجن وستن جو وِستار ڪيل آهي. 
                                      
                                      1. دنيا جي پيدائش يا رچنا.  
                                      
                                      2. دنيا جو پَرلَئه يا ناس ٿيڻ. 
                                      
                                      3. ديوتائن ۽ سورمن جو ذڪر. 
                                      
                                      4. مَنو بابت. 
                                      
                                      5. سندن پوين جو ذڪر. ارڙهن پراڻن ۾ ڪيل چار 
                                      لک لوڪ آهن. 
                                      
                                      (1) برهم (2) پَدمَ (3) برهمانند (4) اگني 
                                      (5) وِشنُو (6) گَرُڊَ (7) برهم ويورت (8) 
                                      شو (9) لنگ (10) نارد (11) سِڪَند (12) 
                                      مارڪڻڊييه (13) ڀَوِشيَت (14) مَتسيه (15) 
                                      وِرِاهَه (16) ڪُورمَ (17) وامَن (18) 
                                      ڀَڳوت. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَٺاسي اُڃَ | 
                                      
                                      : نانا روپي مايا جي اُڃ، اڻ هوند جهان يا 
                                      سنسار. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَٽپٽي | 
                                      
                                      : اڻانگي، مشڪل. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَٽَڪَ | 
                                      
                                      : رنڊڪ، روڪ، آڙَ، اٽَڪَ جو درياهه، سنسار 
                                      رُوپي ساگر. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَٽَلُ | 
                                      
                                      : محڪم. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُٽيلا | 
                                      
                                      : اُٿلون. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُپاڌ | 
                                      
                                      : ڇَل، ٺڳي، فريب، دوکو، جنجال، سرير جا 
                                      ٻاهريان دک، | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَپارُ | 
                                      
                                      : بيحد، بيشمار. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُپاسَڪُ | 
                                      
                                      : شيوڪ، ٽَهليو، نوڪر، پوڄاري. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُپاسِنا  | 
                                      
                                      : عبادت، پوڄا، شيوا. ڏسو ”اپاسڪ.“ | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُپانڌي | 
                                      
                                      : ڏسو ”اُپاڌ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُپاءُ | 
                                      
                                      : ڪوشش.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُپجَڻُ | 
                                      
                                      : پيدا ٿيڻ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَپَدا | 
                                      
                                      : مصيبت، آفت. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُپَديشُ | 
                                      
                                      : وعظ، پرچار، نصيحت.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَپَر | 
                                      
                                      : ڏسو ”اپارَ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُپَرَت | 
                                      
                                      : تياڳي، نيارو، بي پرواهه.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَپَرَسُ | 
                                      
                                      : جو ڪنهن به شيءَ کي نه ڇهي پرهيزگار، 
                                      تياڳي، نيارو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَپَروکُ | 
                                      
                                      : سامهون، ظاهر. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُپَڪارُ | 
                                      
                                      : ڀلائي مهرباني، احسان.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُپڪاري | 
                                      
                                      : ڀلائي ڪندڙ، مددگار، سَهايڪ، محسن. ڏسو 
                                      ”اُپڪار“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَپکُ | 
                                      
                                      : بي طرفدار. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَپيرِي | 
                                      
                                      : جنهن جي پير يا واٽ جو پتو پئجي نه سگهي، 
                                      مخفي، ڳجهو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَجاتِ | 
                                      
                                      : جنهن کي ساڳي ذات نه هجي، ذات پات مان 
                                      تڙيل.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُجارو | 
                                      
                                      : اَجالو، روشني. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَجانُ | 
                                      
                                      : اَڄاڻ، اڻ ڄاڻ، بي سمجهه. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَجپو | 
                                      
                                      : جو جَپڻ ۾ نه اچي، ياد ڪري نه سگهجي. 
                                      ناممڪن ناشدني. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَجَرُ | 
                                      
                                      : لازوال، غير فاني، اَبناسي، جو جيتي نه 
                                      سگهجي، جو نه سَري نه ٻَري، اَجَرُ جَري
                                      
                                      
                                      = 
                                      نه جلڻ يا ناس ٿيڻ واريءَ وستوءَ کي پچائي 
                                      يا ڦٻائي، محڪم رکي.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُجرو | 
                                      
                                      : اَوجَل، صاف، روشن ڏسو ”اُجارو“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَجَڙُ | 
                                      
                                      : اُجاڙ ناس، تباهه. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَجَگيبِي | 
                                      
                                      : ڏسو ”ازغيبي“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُجِيارو | 
                                      
                                      : ڏسو ”اُجارو“ | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَجِيتُ | 
                                      
                                      : اڻ جيت، جنهن کان ڪو کٽي نه سگهي، غير 
                                      مغلوب. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڄاڻُ  | 
                                      
                                      : ڏسو ”اَجانُ“ | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَجهاڳُ | 
                                      
                                      : اٿاهه، اونهو، عميق. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَچارَجُ | 
                                      
                                      : ڏسو ”اَچارج“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَچانڪ | 
                                      
                                      : اوچتو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَچاهه | 
                                      
                                      : بنان خواهش. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَچتُ | 
                                      
                                      : خيال کان آجو، بي پرواهه. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُچَتُ | 
                                      
                                      : لائق، ٺيڪ، مناسب. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَچَرَجُ | 
                                      
                                      : حيرت، تعجب. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُچرِي | 
                                      
                                      : اُچاري، زبان مان ڪڍي، چوي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَچَلُ | 
                                      
                                      : اَچَرُ، اَڏولُ، محڪم. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَچنتَ  | 
                                      
                                      : بي فڪر. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اچيتُ | 
                                      
                                      : بي فڪر، بي سمجهه ضد ”سُچيتُ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڇَ | 
                                      
                                      : صفائي، اَڇاڻ، پاڻي جي اَڇَ واري پکڙيل 
                                      ايراضي، وحدت، نِرملتا. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اِڇا  | 
                                      
                                      : خواهش، مرضي.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڇاري | 
                                      
                                      : لِڪائي، ڍَڪي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڇُتو | 
                                      
                                      : صاف، اوجهل، پوتر، پاڪ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَحَدُ | 
                                      
                                      : واحد، ايشور الله. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُدارُ | 
                                      
                                      : ڪشاده دل، سخي، داتا، داني لائق. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُداسُ | 
                                      
                                      : غمگين، بيقرار، دنيوي، پدارٿن کان پري، 
                                      تياڳي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُدتُ | 
                                      
                                      : ممتاز، مشهور.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُدَمُ | 
                                      
                                      : ڪوشش، جتَن، محنت. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُدُوَيتُ | 
                                      
                                      : ٻيائيءَ بنان، بي مثل وحدت، هيڪڙائي، هڪ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُدَءِ | 
                                      
                                      : مٿي چڙهڻ، روشنائي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُدِي | 
                                      
                                      : چئي. ڏسو ”اُتو“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَديسُ | 
                                      
                                      : نمسڪار. ڏسو ”آديس“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڌڀُتُ | 
                                      
                                      : حيرت انگيز، عجيب، انوکو، ڳجهو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڌِڪ | 
                                      
                                      : زياده گهڻو وڌيڪ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڌِڪارُ | 
                                      
                                      : اختيار، قبضو، حق. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڌِڪاري | 
                                      
                                      : حقدار، اختياريءَ وارو لائق. ڏسو ”اڌڪار“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڌُوتُ | 
                                      
                                      : سنياسي، جوڳي، تارڪ الدنيا. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڌِينُ | 
                                      
                                      : تابع، پوئلڳ، پَروَسَ، محتاج، مسڪين. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڏ | 
                                      
                                      آڏو، جاءِ مڪان. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڏولُ | 
                                      
                                      : محڪم، اِسٿر.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڏوهي | 
                                      
                                      : ڏوهه بنان، صاف، | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَرَپَڻُ | 
                                      
                                      : سونپڻ، حوالي ڪرڻ، ڀيٽا ڪرڻ، نذرانو ڪرڻ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَرٿُ  | 
                                      
                                      : مطلب، معنيٰ، شرح. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَرجانُ | 
                                      
                                      : عرض، مِنٿَ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُرجَهڻُ | 
                                      
                                      : مَنجهي پوڻ، ڦاسي پوڻ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَرداسَ | 
                                      
                                      : عرض، التجا، ڀيٽا، نذرانو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      ارڌَاُرڌَ | 
                                      
                                      : هيٺاهين. مٿاهين.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُروارَپارَ | 
                                      
                                      : اورينءَ ڀَر ۽ پَرينءَ ڀَر. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَروڙي | 
                                      
                                      : ٻيائي، دوئي، خرابي، ڪَپَتِ، | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَروڳُ | 
                                      
                                      : تندرست، چڱ ڀلائي، چاقائي، روڳ يا وِڪار 
                                      کان ڇَٽل. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَزغَيبي  | 
                                      
                                      : اوچتو، ڳجهيءَ طرح. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسارُ | 
                                      
                                      : اَسَتُ، ڪُوڙو ڪُوڙ، بي بقا. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَساس | 
                                      
                                      : ساهه جي روڪ، ساهه جي بندش. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسباب | 
                                      
                                      : سامان. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسَت | 
                                      
                                      : ڪوڙو، بي حقيقت.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَستامَلُ | 
                                      
                                      : پوريءَ ريت ڄاڻڻ.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُستَتِ | 
                                      
                                      : ساراهه، تعريف، واکاڻ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اِسترِي  | 
                                      
                                      : عورتِ، زال، ناري. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اِسٿِتِ | 
                                      
                                      : محڪم، مضبوط، ثابت، قدم قائم. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اِسٿرُ | 
                                      
                                      : اچل، اَٽَلَ، قائم، مضبوط، نيبَهُه. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اِسٿُولُ | 
                                      
                                      : ٿلهو، ڀاري، جَڙَ بدن، ضد ”سُوکيم“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسپَندُ | 
                                      
                                      : ڇُهڻ، متحرڪ. ڏسو ”نِسپند“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسُر  | 
                                      
                                      : رڪاس، دَئِيتُ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسرارُ | 
                                      
                                      : ڳجهه، راز، ڀيدُ،  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسَريرُ | 
                                      
                                      : سرير کان سواءِ، بي جس، نِرآڪار. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسِگاهُه | 
                                      
                                      : اَتانگهه، اَٿاهه، عميق، بي، حد، ڳجهو، 
                                      ڪَٺَن. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسگُهٽِي | 
                                      
                                      : سُرڪي، چڪو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسَمُجَهه  | 
                                      
                                      : بي سمجهه، اڻ ڄاڻ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسمِيدُ | 
                                      
                                      : گهوڙن جي قرباني. آسميد يُگ، جنهن ۾ گهوڙي 
                                      کي چوڌاري ڦيرائي، آخر ان کي ماري، ان جي 
                                      آهوتي يگيه ۾ ڏيندا هئا. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُسَنَ | 
                                      
                                      : تپت، گرمي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اسنانُ | 
                                      
                                      : اِشنان، سَنانَ، وهنجڻ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسَنگُ | 
                                      
                                      : جنهن جو ڪنهن سان تعلق نه هجي، آزاد. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسوڪُ | 
                                      
                                      : بي غم. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَسوڳُ | 
                                      
                                      : ڏسو ”اَسوڪ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُشِنائِي | 
                                      
                                      : واقفيت، ڄاڻ سڃاڻ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَشوڪُ | 
                                      
                                      : ڏسو ”اسوڪ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَصيلُ | 
                                      
                                      : بنيادي، اصل نسل وارو، شريف. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڦرُ | 
                                      
                                      : بنا ڦرڻي، بي اونو، ڪنهن به خيال کان 
                                      سواءِ سَنتوش وارو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڪالُ | 
                                      
                                      : وقت جي حد کان آزاد، موت کان آجو، اَمَرُ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڪَٿُ | 
                                      
                                      : بي شمار، بي انداز، چوڻ کان ٻاهر. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُڪو  | 
                                      
                                      : سَڄو، سڀ، سمورو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُڪَهُه | 
                                      
                                      : چوڻ يا بيان کان ٻاهر، جو چَئي نه سگهجي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُڪِيرَ  | 
                                      
                                      : سِڪ، اُڪنڊ، | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اڪيڪُ | 
                                      
                                      : هڪ هيڪڙو.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڪيلو | 
                                      
                                      : هڪ ڄڻو، ڇَڙو، نِرالو.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَکَنڊُ | 
                                      
                                      : سڄو، سالم، ثابت، ناغي کان سواءِ، 
                                      اَڀَنگُ، لاڳيتو، دائما، سَديوَ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَگاڌُ | 
                                      
                                      : اٿاهه، عميق، اونهو، بيحد ڏسو ”اَجهاڳ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَگست | 
                                      
                                      : هڪ مها رشيءَ جو نالو، جنهن ونڊيا جبل کي 
                                      ڪيرائي وڌو هو. رشي اگست، هٿ تي پاڻي وجهي، 
                                      سُرڪ ڀري، مَنتر اُچاريو ته ساگر (درياءُ) 
                                      سڪي ويو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اگَمُ | 
                                      
                                      : مَنَ ۽ اِندريَن جي پهچ کان پري، سخت، 
                                      ڪٺن، ڳجهو، مخفي، بيشمار. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَگنِ | 
                                      
                                      : آگ باهه، | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَگَڻَتِ | 
                                      
                                      : بيشمار، جنهن کي ڳڻي يا ڪٿي نه سگهجي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَگوچَرُ | 
                                      
                                      : آدِرشٽِ، جو اندرين (حواسن) سان ڄاڻي نه 
                                      سگهجي، جو ڏسڻ ۾ نه اچي، مخفي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَگُوهين | 
                                      
                                      : صاف، ظاهر، پرتڪش.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَگيانُ | 
                                      
                                      : جهالت، اڻ ڄاڻائي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَڳو | 
                                      
                                      : آڳُ، اڳيان، اڳيون، پاسو، شروعات، آگو 
                                      پيڇو، اڳپوءِ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَگهايو | 
                                      
                                      : ڍائو ڀَريو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَگَهرُ | 
                                      
                                      : جنهن کي گهر نه هجي، لامَڪاني، سرَوَ وِيا 
                                      پَڪُ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَگهورِي | 
                                      
                                      : ڀيانڪ، خوفناڪ، قهر جو ڀوائتو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَلُ | 
                                      
                                      : سچي نه ڪرڻ، لڪائڻ، ڳجهو ڪرڻ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَلاڀُ  | 
                                      
                                      : نقصان. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اِلاهي | 
                                      
                                      : خدائي، خدا جي طرف کان، تمام گهڻو، کوڙَ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَلبيلو | 
                                      
                                      : اَربيلو، لاڏلو، پيارو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَلتِي | 
                                      
                                      : لڪائي. ڏسو ”الُ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اُلِٽي | 
                                      
                                      : اُبتي، سنسار کان ابتڙ، اڻانگي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      الَپَتُ | 
                                      
                                      : سوکيم، باريڪ، دقيق.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَلساڻو | 
                                      
                                      : آرِسي، آرس وارو، سست، ڪاهل.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَلڪيُون | 
                                      
                                      : اکين جون پلڪون، پنبڻيون. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَلکُ | 
                                      
                                      : مخفي، پوشيده، خدا. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَلوڪُ | 
                                      
                                      : روحاني دنيا. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَلولَو | 
                                      
                                      : ڏکيو، مَنجهيل. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَلُوِڻي | 
                                      
                                      : لوڻ بنان، ڦِڪي، بي سواد، اڻ وڻندڙ (رَسُ 
                                      رَهَتِ).  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَليپُ | 
                                      
                                      : جنهن کي ڪو ليپ لڳي نه سگهي، بي داغ، 
                                      نيارو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَليکُ  | 
                                      
                                      : جو لکئي کان ٻاهر هجي، بيشمار اَلکَ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَماپُ | 
                                      
                                      : جو ماپي نه سگهجي، ماپ کان ٻاهر، اندازي 
                                      لڳائڻ کان ٻاهر. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمِتَ  | 
                                      
                                      : بيحد، بي انداز. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                       اَمِٽُ  | 
                                      
                                      : نه مٽندڙ، نه ڊهندڙ، لازوال، پائدار. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمَرُ | 
                                      
                                      : لازوال، غير فاني، اَبدي، دائمي، زنده 
                                      جاويد.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمُرُ | 
                                      
                                      : حڪم. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمرَتُ | 
                                      
                                      : سدائين جيئرو رکندڙ (ڪابه شَيءَ)، 
                                      اَڪسيرُ، ڏسو اَمَرُ.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمَلُ | 
                                      
                                      : ڪابه نشي دار شيءِ، آفيم، نشو، کيپَ. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمُلُ | 
                                      
                                      : اَملهه، بي بها، لاثاني.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمُلُهه  | 
                                      
                                      : ڏسو. ”اَمَلُ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمَنُ | 
                                      
                                      : ڦُرڻي، خيال کان سواءِ، بنا ڦرڻي. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمَنڊُ | 
                                      
                                      : مَنڊَ يعني مايا جي ڇَلَ وَلَ کان آجو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمُولُ  | 
                                      
                                      : ڏسو ”اَمَلَ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمُولَڪُ | 
                                      
                                      : املهه. ڏسو ”اَمُلُ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمُولو | 
                                      
                                      : ڏسو ”اَمُلُ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَمَلِي | 
                                      
                                      : ڏسو ”اَمَلُ“. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَناڙِي | 
                                      
                                      : اڻ سڌريل، جهنگلي، مورک.  | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَن الحق | 
                                      
                                      : مان خدا (برهم) آهيان، منصور حلاج وارو بي 
                                      خوديءَ جو نعرو. | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَنانا | 
                                      
                                      : سڀ ڪجهه. ڏسو ”نانا“ | 
                                    
                                      | 
                                      
                                      اَنبَرُ | 
                                      
                                      : آسمان، اُڀُ. |