سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: حريص پتلو عرف وفا جي ديوي

ڊراپ ---

صفحو :1

حريص پتلو عرف وفا جي ديوي

آغا عبدالنبي خان ”عليگ“

 

 

ناشر طرفان ٻه اکر

 

’حريص پتلو‘ سنڌ جي ڪهنه مشق شاعر ۽ مايه ناز اديب جناب آغا عبدالنبي صاحب ”عليگ“ جي ڪاوش جو نتيجو آهي. ڊرامي جي صنف تي لکيل ڪتاب ۾ هيءُ ڪتاب پهرين صف ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.

ڊرامي کي سنڌي ادب ۾ ايڏو فروغ ڪونه ملي سگهيو آهي. هيڪاري فلمن جي گهڻائيءَ اسٽيج جي فن کي به ذري گهٽ نيم مرده ڪري ڇڏيو آهي. يورپ ۾ البته هينئر به ٿيٽر کي ڪافي اهميت آهي. ڪي ڊراما ته سالن جا سال هڪ ئي ٿيٽر ۾ پيا هلن ۽ سيٽ جيسين اڳواٽ بڪ نه ڪرائجي تيسين ٽڪيٽ ملڻ مشڪل ٿيو پوي. مون ياد آهي لنڊن ۾  ڊرامو ٻن سالن کن کان هلي رهيو هو. اسان کي ان جي ڏسڻ جو موقعو ٻه مهينا اڳ سيٽ بڪ ڪرائڻ کان پوءِ مس مس مليو.

’حريص پتلو‘ انهي لحاظ کان به اهم آهي ته ڪردارن ۽ پلاٽ کان علاوه هن ۾ سلوڻي ۽ صاف اترادي سنڌي ڪم آيل آهي. موزون جاين تي سهل ۽ روان نظم، غزل ۽ شعر ڏنا ويا آهن ۽ اڪثر نثر مقفيٰ به ڪم آندو ويو آهي، جنهن ڪري پڙهڻ سان هيڪاري لطف وڌيڪ ٿو اچي. اميد ته پڙهندڙن جي تفريح طبع لاءِ هي ادبي تحفو بيش بها ثابت ٿيندو.

 

اسدالله شاهه حسيني

سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com