سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:انڪوائري آفيسر

پردو: 1

صفحو :1

انڪوائري آفيسر

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

انڪوائري آفيسر

پردو پهريون

مختيارڪار صاحب جي اوطاق

 

(مختيارڪار صاحب کٽ تي ويٺو آهي. اڳيان گلم پيو آهي. ٻنهي پاسن ڪرسيون رکيون آهن، جن تي شهر جا عملدار ويٺا آهن.)

مختيارڪار: ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي، مون اوهان سڀني کي گهرايو ئي ايتري لاءِ. ٻي وڌيڪ ڪهڙي بڇڙي خبر هوندي، ته انڪوائري آفيسر صاحب هيڏي ٿو اچي!

چيف ڪنسٽيبل: انڪوائري آفيسر؟

مختياڪار: هائو، انڪوائري آفيسر، اڃا خبر ڪا نه پئي اٿوَ؟ ڪمشنر صاحب بهادر هڪڙو نئون آفيسر مقرر ڪرايو آهي، جنهن کي اسپيشل انڪوائري آفيسر، يا انڪوائري آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ٿا چون. ڪي ٿا چون ته نيٽوهه (مقامي) مخفي اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو آهي، ڪي ڪمشنر صاحب جو نئون دفتردار ٿا چونس. شايد اڃا پڪو نالو ٺهرايل ناهي، پر اها پڪ آهي ته مخفي کاتي جو آهي: ويس بدلائي چمڙاپوش ٿي ملڪ ۾ گهمندو، ۽ تعلقي تعلقي ۾ مخفي جاچون ڪندو، خبرون چارون وٺندو، ۽ انهن بابت مخفي رپورٽون ڪندو.

ڪمشنر صاحب کي گهڻن هنڌن کان ظلم جون دانهون پهتيون آهن. ڊيپوٽن ۽ ڪليڪٽرن جي معرفت شايد پوري خبر پئجي نٿي سگهي. تنهنڪري هڪڙو نئون عملدار خاص انهيءَ جاچ لاءِ مقرر ڪيو اٿس، جنهن کي (ڊيپوٽيءَ) جو عهدو آهي. ماڻهو به ڪو نئون ٻي هنڌان گهرايو اٿس. ڪو ڪڇي ميمڻ ٿا چون. ڪي چون ٿا ته ڪو هندستاني يا دکني مسلمان آهي، پر ڏاڍو آزمودگار ۽ بگهڙ ماڻهو ٿا چون.

پوليس انسپيڪٽر: مون ڏي به اهڙو خط آيو آهي ته انڪوائري آفيسر مقرر ٿيو آهي ۽ ٿورا ڏينهن ٿيندا، جو ڪراچيءَ کان نڪتو آهي.

مختيارڪار: چون ٿا ته پهرين هن ڪـُـنڊ کان ٿي پوندو، پوءِ لـِـڪڇپ ۾ گهمندو گشت ڪندو، هيٺ ويندو. (ٿورو ماٺ ڪري) هاڻي ٿي سا جـُـٺ!

چيف ڪانسٽيبل: برابر جـُـٺ ٿي. هيستائين اسان جو تلقو ڇٽو پيو هو. هونئن سنڌ جي هڪڙي ڪـُـنڊ کان نڪو ٿي آيو نڪو ٿي ويو. جيڪي ٿي وڻيوسين سو ٿي ڪيوسين.

مختيارڪار: اها ڳالهه برابر آهي، جيڪي ٿي وڻيوسين سو پي ڪيوسين، پڇڻ وارو ئي ڪو نه هو. پنهنجو حال هڪ ٻئي کان ڳجهو ڪونهي، سڀ حال ڀائي آهيون. هن تعلقي جي اها تعريف پي ٻڌي آهي ته سڀ ڪامورا يڪمشت ۽ هڪ ٻئي سان ٺهيل آهن. ڇا هندو، ڇا مسلمان. سڄي ماني پي آئي آهي ته سڄي ماني پاڻ ۾ ونڊي پي کاڌي اٿئون، ۽ جي ڪٿان رڳو چوٿو مليو آهي ته به ٽـُـڪر ٽـُـڪر ڪري پي کاڌو اٿئون. اوهان کي سڀ خبر آهي، وڌيڪ ٻيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪريان.

پوليس انسپيڪٽر: (ٻين کي) خانصاحب سچ ٿو چوي، اها ڳالهه برابر آهي. هاڻ ڊپ  به سڀن کي آهي.

اسڪول ماستر: هاڻ جيڪا صلاح، اسين سڀ اوهان جي حڪم ۾ آهيون.

مختياڪار: ڪهڙي خبر هن کان اڳيئي اچي ويو هجي ته - پر جي اڃا نه آيو ته به ضرور ايندو. ڪهڙي به مهل اچي نڪري. مسافر ٿي گهمندو سو ڪنهن کي ڪا خبر پوندي؟ ڪو سڃاڻندس ڇا؟ اسان سڀني کي پنهنجا پنهنجا عيب سجهن ٿا، ڇٽل ڪو به ڪونهي.

سيڪريٽري: پر سائين، انهيءَ آفيسر جي مقرر ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور هو؟

مختيارڪار: ضرور ئي ڪو نه هو، پر اسان جي اعمالن جي شامت چئبي. اسان جي مٿان اها هچا پوڻي هئي!

ڊاڪٽر:هي ڪمشنر صاحب ڏاڍو خبردار ٿا چون. مڙئي ڪا رٿ رٿي هوندائين.

مختيارڪار: هاڻ وقت نه وڃائجي، کڙائي وٺجي، جيترو ٿي سگهي اوترو بندوبست ڪجي ته خير سان گهمي وڃي. مون کي حق هو اوهان کي خبردار ڪرڻ. (انسپيڪٽر ۽ چيف ڪنسٽيبل کي) شايد پهرين اسان جي ڪچهري ۽ اوهان جو ٿاڻو گهمي ڏسندو، سو انهيءَ جي صفائيءَ جو بندوبست رکجو. ٿاڻي ۾ ڪچهريءَ جي اڳيان گهوڙن جي اولڙ جو اچي ڍير ٿيو آهي سو ڪڍايو. گهوڙن کي کر کرو ئي ڪو نه ٿو لڳي تنهن جي نظر رکو. رات جو سپاهي رائونڊ تي گهمندي سمهي ٿا رهن. اُنهيءَ ڏينهن سهماڻن جو لنگهندي ٽن سپاهين کي ته  بيشڪ ڏٺو هوندم جو گهٽين ۾ واڻين جي کٽولن ۽ هٽن تي ڦرها ٿيو سمهيا پيا هئا. اهو پهرو ٿا ڏين؟

انسپيڪٽر:سائين، دلجاءِ ڪريو سڀ ڪجهه سولو ٿي پوندو(ڪنسٽيبل کي) نو رنگ خان ٻـُـڌو ٿا؟

مختياڪار:(سيڪريٽري کي) توهين به ديوان شهر جي گهٽين جي نظر رکو. سڄو شهر ڪـِـن ٿيو پيو آهي. ڄڻ ته مڇي بازار آهي. مون کي آفيس جي ڪم ۽ گشت کان فرست ڪا نه پئي ملي آهي، نه ته اوهان کي اڳڀرو خبردار ڪري ڇڏيان ها. شمعدان ڀڳا پيا آهن سي ٺهرايو، گند جا ڍير وچ بازار ۾ پيا آهن، سي هڪدم ڪڍائي، ساڙائي ڇڏيو. ماڻهن کي گهٽين ۾ ٽوري - پيشاب ڪرڻ کان سخت منع ڪريو. جهاڙو والن ۽ ڇڻڪار ڪرڻ وارن جو پگهار هيترا ڏينهن پي پنهنجي ڪم لڳايو اٿوَ، سو هاڻ ٻه - ٽي ڏينهن کڻي ڪي ماڻهو مقرر ڪريو، ته وقت ته خير جو گذري وڃي. ۽ ناڪي وارن جي به نظر رکو. مون کي خبر آهي ته هو ننڊون پيا ڪن. صبح جي وقت وکر آڻيندڙن کان پرمٽ تي گدرن، ونگن، واڱڻن ۽ ٻين ڀاڄين جا کنيو ڍير ڪن، ڄڻ ته بقاليءَ جو دڪان ڪڍيو اٿن. انهن کي به چئو ته ٻه - ٽي ڏينهن اسان کي اوهان کي اهي گدرا ونگا نه موڪليائون ته حرڪت ڪانهي. آفيسر خير سان لنگهي وڃي، پوءِ وري کڻي ائين ڪن. سچي، مسافرخاني جا کٽولا به ڪي اسان جي اوطاق ۾، ۽ ڪي منشين جي جاين ۾، ڪي ڪٿي ڪي ڪٿي پيا آهن، واڻ ۽ واڏڻيون ڇڄي پيون اٿن، سي به کڻائي گڏ ڪري ٺهرائي رکي ڇڏيو، جي ڪي کـُـٽل هجن ته مـُـکيءَ کان ئي گهـُـرائي رکو، پوءِ کڻي موٽائي ڏجو.

سيڪريٽري:سائين، سڀ چڱي ٿيندي، دلجاءِ ڪريو.

مختياڪار:(ڊاڪٽر کي) ڊاڪٽر صاحب، اوهين به هشيار ٿيو، اسپتال جي صفائي رکو. انهيءَ ڏينهن ڏٺم ته دواخاني ۾ چلم، کٽولو ۽ ٻيو ڪچرو پيو هو. دل ۾ هوم ته اوهان کي سمجهائي ڇڏيان، پر وري ٻي ڪا ڳالهه ياد پيئي، تنهنڪري اها وسري ويم. بيمارن جا کٽولا ڪي ڪٿي ڪي ڪٿي پيا رُلن، سي به جاءِ ۾ رکو. انهن جي کارائڻ جو بندوبست رکو. انهيءَ ڏينهن هن پرديسي بيمار مون کي دانهن ٿي ڏني ته اسان جو روز، ڊاڪٽر جو نفر کايو وڃي ۽ اسان کي چوي ٿو ته وڃي شهر مان پـِـني اچي کائو. پنهنجو دفتر به سنڀالي ڇڏيو. هڪڙا سرٽيفڪيٽ پي ڏنا اٿوَ، ٻيا پي ڦاڙيا اٿوَ، متان ڪو تفاوت نڪري پئي.

ڊاڪٽر:سائين، اوهين دلجاءِ ڪريو، اڄوڪي ڏينهن سڀ بندوبست ٿو ڪريان.

مختيارڪار:(اسڪول ماستر کي) ماستر صاحب، اوهين به کڙائي وٺو. پنهنجا پراوا ڇوڪرا ٻه - ٽي ڏينهن گڏ ڪريو. متفرفو ڪلاس کڻي وڏو ڪريو. شهر مان نه مـِـلن ته آخوند عبدالرحيم جي خٿاب مان ئي ڪي گهرائي کڻي ويهاريو. وڏيري ۽ مـُـکيءَ کي به تاڪيد ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر هـُـنن مان ته ڪين ٿيو، اوهان ۾ به گهڻو حال ڪونهي جو ريبي ڇوڪرا ويهاريو. جڏهن به اوهان وٽ آيو آهيان ته پنج - ڇهه ڇوڪرا ويٺا آهن. رجسٽر ۾ چاليهه - پنجاهه لکيا پيا آهن، وري سي به سڀ حاضر لکيا پيا آهن. اوهان جو اسسٽنٽ ۽ پيوپل  ٽيچر ماٺ ڪيو ويٺا آهن. ڇوڪرن کي به سڄو ڪپڙو بت تي ڪو نه آهي، تنهن جي نظر رکو. انهيءَ ڏينهن لنگهندي ڏٺم ته اسڪول جي وقت منجهه ڪن ڇوڪرن پي اوهان لاءِ ڀنگ گهوٽي ۽ هڪڙي پي حـُـقي لاءِ ٽانڊو دکايو. ارادو هئم ته اوهان کي پنهنجي جاءِ تي سڏي سمجهائي ڇڏيان، پر مون کي ويسر جي مار آهي، وري ڳالهه دل تان لهي ويم، ٻيا وري ڇوڪرن کان زور ڏياريو، ماني پچارايو، پاڻي ڀرايو، ڪاٺيون ڪرايو، انهيءَ هوندي به رڳو ”اک مک“ پيا پڙهن، بس. ڌيان ڪريو متان ڀنگ گهوٽيندي اهو آفيسر اچي، يا اتان لنگهي. نيٺ ٻـُـڌائي ته ڪين ايندو!

ماستر:سائين، اوهين اسان جا پرده پوش نه ٿيندؤ ته ٻيو ڪير ٿيندو. اميد آهي ته سڀ بندوبست چڱو ٿي پوندو.

مختيارڪار:هاڻ تڏهن سڀني کي ضروري سمجهاڻي ڏيئي ڇڏي اٿم. اميد آهي ته سڀڪو پنهنجي مـُـنهن ڪوشش ڪندو ته هيءَ بلا خير سان ٽري وڃي. بهتر آهي ته جيڪي اوهين هندو ڪامورا آهيو سي ٽڪاڻن ۾ پاٺ رکايو، ۽ اسين مسلمان ختمو ٿا ڪڍايون، ٿي سگيو ته لک صلاتن جو به ڪڍرائينداسين، ته من پردي سان رهجي اچي. (انسپيڪٽر ڏي مـُــنهن ڪري) اوهين ڀائيندا هوندؤ ته اوهان سڀني کان مون کي اُڊڪو وڌيڪ آهي. سو هڪڙو ته آءٌ تعلقي جو روينيو عملدار آهيان، تنهن ڪري سڀ ڪم جي نظرداري منهنجي ذمي آهي، ٻيو ته اوهان جون جيڪي حرڪتون هونديون، تن جو مون کي جوابدار رهڻو ٿيندو.

انسپيڪٽر: اهو ڇا ٿا چئو، خانصاحب! ڪهڙيون اسان جون حرڪتون آهن ۽ ڪهڙيون اوهان جون آهن؟ جيڪي اسين پيا ڪريون سو جتي ڪٿي پيا ڪن. شئي شڪل، ڏالي ٻالي ڪير نٿو وٺي؟ وڏا وڏا يوروپي آفيسر پيا وٺن. روڪ رپيا ته ڪي ڏهاڙي ته ڪين ٿا ملن، باقي رهي ڪا قيمتي شئي، ڪا سوني منڊي، ڪو زريءَ يا ريشم جو ڪپڙو، ڪو ڀـَـلو وهٽ وغيره وغيره، سي ته اوهان يارن وڏن آفيسرن کي ٿا ملن!

مختيارڪار: ”اوهان پارن“ هاڻي انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏيو، سڀئي ايماندار آهيون، سڀني کي هڪ ٻئي جا ٽپڙ سـُـجهيا پيا آهن. آءٌ وري به حاجي آهيان، حج ڪيو اٿم، نماز روزي تي محڪم آهيان، ماڻن کي خبر آهي. خلق کي توڙي آفيسرن کي مون ۾ شڪ ڪونهي. باقي اوهان تي پـُـڪارن ٿيڻ جو يا گلائن هـُـلڻ جو ڊپ آهي. اڳي به گمنام عريضيون پي ٿيون آهن، متان ڪا خرابي ٿي پوي ۽ ڳچيءَ مان مون کي به وٺن. سو اوهان کي خير خواهه ٿي ايترو تاڪيد ٿو ڪريان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو  -- ناشر طرفان ٻه لفظ
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com