سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :19

سامي سنبري هليو، ويل انهي ويهي

گيڙو ويس گودڙيون ڪيا سامي سڀيئي

اهي اعتبار اچڻ جا هن کان، مومل ورتا مڙيئي

--

ڪڏهن ايندين ڪاپڙي، هلي مون وٽ هيئن

نڪريو ٿي نهارون ڪريان، ڏهه ڏهه گهمرا ڏينهن

اعتبار ڏيئي ايئن، هي هار کڻي هليو ويو.

مومل کان هار هٿ ڪري، سامي سڌو ويو سمنڊ تي.

اتان اندر گهڙيو ته مَڻَ جي مڻيان ڪري سمنڊ هن کي واٽ ڏني ۽ سيتل راءِ سڌو وڃي خزانن تي بيٺو ۽ اهي ٻئي خزانا کڻائي وڃي پنهنجي ملڪ کان نڪتو.

ٿورن گهڻ ڏينهن کان پوءِ راجا ڀوڄ کي خزاني جي گهرج ٿي، تنهن مومل کان هار گهريو ته هار وٺي وڃي خزانو کڻي اچان. مگر مومل هار ڏيڻ بدران کيس جواب ڏنو ته: بابا! هار ته مون هڪ فقير کي تنهنجي نالي تان گهوري تنهنجو صدقو ڪري ڏيئي ڇڏيو. بادشاهه اهي اکر ٻڌي دمبخود ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي مومل کي مارڻ تي هو ته وچ ۾ پئي ٻين مومل جي جان بچائي.

ڪاوڙجي ڪارو ٿيو زومي کائي زل

راجا سان رلمل ٿي سڀ سليو مومل

-- -- -- --- --- -----

بادشاهه ڪاوڙ ۾ ڪاراٽجي سڌو هليو ويو پنهنجي بنگلي تي. جڏهن مومل کي خبر پئي ته انهي هار ۾ مڻ پيل هئي، جنهن جي زور تي راجا ڀوڄ پنهنجا خزانا سمنڊ ۾ لڪائي رکيا هئا، جي سيتل راءِ سامي ڪڍائي کڻائي ويو. تڏهن نهايت پريشان ٿي ته مون ناحق سامي کي هار ڏنو. آخرڪار راجا کان پنهنجين ستن ئي ڌين اجازت گهري ته: تون اسان کي اجازت ڏي ته اسين توکي اوتروئي خزانو گڏ ڪري ٿيون ڏيون، جيترو تو سمنڊ ۾ رکيو هو. راجا تنهن تي ڪاوڙ مان کين چيو ته: جيڏانهن وڻي تيڏانهن وڃو مگر مونکي منهنجو خزانو ڪٿان به هٿ ڪري آڻي ڏيو. اهو جواب ٻڌي ست ئي ڀينرون ٻاهڙ مير جو شهر ڇڏي وڃي ڪاڪ ندي تي ويٺيون ۽ اُتي پنهنجو دم دمامون ٻڌائون.

لوڊاڻي لهي پيون، ڪري دل دليل

مومل ماڻهو موڪليو ڪري وچ وڪيل

وڃي چئجان راجا ڀوڄ کي درئون درفقير

منٿون هن مومل جون تاب بخشِن تقصير

خطائون خانن کان اصل ٿين امير!

مٺيون ڳالهيون ڪر وير، پرچڻ جون پانڌي چوي.

 

پرچڻ جو پانڌي چئي، هِن ڏنس جوان جواب

مومل مرين! ماٺ ڪر! تون کرين ٿئين خراب

هيڏا تن مائٽن سان وڌئي وير اجهاڳ

هاڻي مارڻ حرف حساب، پاپ پرائيندس ڪينڪي

 

پاپن کان پانڌي چئي، هن ڌيون تڙي ڪيون ڌار

گجرين وڃي گام اڏايا، چئو قبلا چئوڌار

مومل جي ماڙي کي جَڙيا لال جنهوار

هيٺان ڦير ڦُلن جي، مٿان ڪوٽ ڪنار

ٽَڪا راجا نند جا تو ڪيئن گمايا گينوار

ڪنواريون ڪاڪ تڙن تي سوڍيون ڪن سينگار

مومل سڀ ڄمار، سڪين شال سهاڳ کي.

ڪاڪ ندي جي مٿان مومل وڃي هڪ نئون شهر ٻڌو. ندي ۾ ٿنڀ کوڙي انهن مٿان هڪ وڏي محلات اڏايائين. اُن محلات ۾ سوين ڪمرا ۽ ڪوٺيون ورن وڪڙن سان ٺهرائي تيار ڪيائين. انهي سموري محلات جي اندر قسمين قسمين جانور ڪَلن تي ٺاهي بيهاريائين ۽ قسمين قسمين پکي ڪَلن تي تيار ڪيائين. جڏهن ڪَلن کي چورين ته ڪئين جانور بگهڙ، شينهن، ڀولڙا ۽ هاٿي وغيره گجڪاري ڪرڻ لڳن ۽ اهڙو ته ڌمچر مچيو وڃي جو جيڪو به اندر وڃي انهن جانورن کي ڏسي، تنهن جو هانءُ ڦاٽي پوي. ازانسواءِ محلات جي چؤڌاري جي چؤڌاري ڪائو پلٽائي اهڙو درياهه  پاڻي جو پيدا ڪري ڇڏيائين، جو اُن جي گاج ۽ گڙگاٽ کان ڪير به ان جي ويجهو ئي نه وڃي، سڀڪو ڏوران ڏسيو دهلجيو پٺتي موٽيو هليو وڃي. مومل جي ماڙي ۽ مومل جي ڪمري ۾ هڪ وڏي وانءِ ٺهيل هئي، جنهن تي ڇپر کَٽ پيل هئي، جا ڪچن ڌاڳن سن واڻيل هئي. جيڪو به ان تي ٿي ويٺو سو ڌُو وڃي ٿي ڪِريو کوهه جي تري ۾، جتي زهري ڪات کتل هئا، جن ۾ ٽنبجي ماڻهو مري ٿي ويو.

مومل پڙهو اچي گهمايو ته ”منهنجي کَٽ تي جيڪو پير اچي پائيندو، آءٌ مڙس اهو ڪنديسَ“ ٻاهران ڪوٽ ڦِريل هو. ڪوٽ جي دروازي ۾ اندر گهڙي ڪَلَ کي زور ڏيندي هئي، ته ڪئين جانور ۽ بلائون نڪري ظاهر ٿيندا هئا، ۽ وٺي گوڙيون ڪندا هئا، جنهن ۾ ماڻهو جو عقل چرخ ٿي ويندو هو. وري رستن ۾ هزارين کوهه ٺهيل هئا ۽ هر هنڌ ڪات کُتل هئا، جنهنڪري ماڻهو وڍجي ٽُڪجي وڃي کوهن ۾ ڪِرندا هئا ۽ ڪاڪ نديءَ ۾ وڃي پوندا هئا. مومل جڏهن پڙهو گهمايو، تڏهن تراڙ پنهنوار، چور چڪار، زميندار ۽ جاگيردار، مومل سان شادي  ڪرڻ لاءِ ڪاهي ايندا هئا ۽ جڏهن دروازو لنگهي اندر ٿيندا هئا، تڏهن ٻانهي ڪَلَ کي زور ڏيندي هئي ته جانور نڪري ظاهر ٿيندا هئا. پوءِ ٻانهي هنن کان پئسا ڏوڪڙ ڦري وٺندي هئي.

جيسلمير جو هڪڙو بادشاهه نوَ لک ناڻو، نوَ لک گهوڙا ۽ نوَ لک ماڻهو وٺي، مومل جي ڪاڪ تي آيو. انهيءَ رستي سان ٻانهيءَ چيو ته هڪڙو هڪڙو ٿي مون سان هلي. ڪئين هزارين ماڻهو انهيءَ رستي سان ختم ٿي ويا، پر مومل تائين ڪوبه ڪونه پهتو. اتي راجا ڇا ڪيو، جو سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنائين، جيڪي ڪوٽ جو دروازو ڀڃي اندر ڪاهي پيا. ٻانهي ڀڄي وڃي ماڙيءَ ۾ لِڪي، باقي لشڪر جا ماڻهو ۽ گهوڙا وڍجي ٽُڪجي وڃي ڪاڪ نديءَ ۾ ڪريا. اهي سڀ ختم ٿي ويا. ايترو ته ڪوس ٿيو، جو نديءَ جو پاڻي ڳاڙهو ٿي ويو. آخر لشڪر ختم ٿي ويا، باقي وڃي هڪڙو راجا بچيو. مومل هن کي دريءَ کان ڪنهن ڪنهن مهل منهن ڏيکاريندي هئي. هي مومل تي اهڙو عاشق ٿي پيو، جو ست سال اُتي ويٺو رهيو.

ستن سالن کان پوءِ بيوس ٿي، اميدون لاهي، ساميءَ جا گيڙو ڪپڙا ڪري، ڪاڪ نديءَ مان پاڻيءَ جي کَلي ڀري ڪڇ ۾ وجهي، پنهنجي ملڪ واپس ٿيو. همير سومرو، عمرڪوٽ جو بادشاهه هو. سندس ٽي وزير هئا، راڻو مينڌرو، ڏؤنر ڀُٽاڻي ۽ سينهڙو ڌماچاڻي. راڻو سندس سالو به هو ۽ وڏو وزير به هو. اهي چارئي ڄڻا هڪڙي ڏينهن شڪار جو بهانو ڪري، اوڀر طرف چڙهيا. رات جهنگ ۾ پين، رات اتي رهي، صبح جو روجهون ماري پچائي کاڌائون. اتي اُهوئي سامي منهن ۾ ملين. راڻي ساميءَ کان وڏي ادب سان پڇيو ته: بابو ڪير آهين، خبر ڏي؟ بابو تمام سهڻو هو. هن جي اکين مان پاڻي ڪِري پيو، آخر مومل جي سڀ حقيقت ڪيائين. راڻي چيو ته: مومل کي ڏسي موٽنداسين، ائين ڳوٺ نه هلنداسين. گهوڙن تي سنج وجهي، ٻئي ڏينهن اچي ڪاڪ تي پهتا. ٻانهيءَ اچي ڳالهايو. سوال جواب ڪيائين. راڻو ٻانهيءَ کي ڏاڍو وڻيو، تنهن وڃي مومل کي چيو ته: هن ۾ هڪڙو جوان مون کي ڏاڍو وڻيو آهي، اهو تنهنجي لائق آهي. مومل، راڻي ڏانهن پهرين ڀُڳڙا موڪليا. ٻين ويهي کاڌا، پر راڻي کڻي گهوڙي اڳيان ڇڏيا. وري سُٽ جو ڦورو ٻانهي کڻي آئي. راڻو ان مهل پسار تي ويو هو. ٽيئي ڄڻا اهو ڦورو سمجهائڻ ويٺا. راڻو جنهن مهل آيو، تنهن مهل اُهو ڦورو وڍي، مکڻهارا ڪري کڻي گهوڙن کي وڌائين ۽ ناتر کي چيائين ته: اسين ڦورا ڦولهڻ ڪونه آيا آهيون. وري مومل، سيرا ۽ حلوا موڪليا. راڻي اهي اڇلائي ڏنا ۽ چيائين ته: اهي زنانا کاڄ آهن. وري ٻُوڙ پلاءُ رڌائي انهن ۾ ڏاڍا زهر وجهي موڪليائين ته اهي کائو. ٻين کائڻ جو ارادو ڪيو پر راڻي کين هڪل ڪئي. هڪڙو گرانهه کڻي ڪُتي اڳيان اڇلايائين ته ڪتو رڳو سونگهڻ سان پڇڙي هڻي پئجي رهيو. اهو حال ڏسي ٻانهي وٺي ڀڳي، تنهن وڃي مومل سان حقيقت ڪئي. مومل چيو ته: هاڻي تون ڪرينِ پنهنجي ڪارروائي. هڪڙو هڪڙو ڪري کين وٺي اچ. ٻئي ڏينهن ناتر، کين چيو ته: اوهان مان هڪڙو هلي. راڻي، همير کي چيو ته: تون بادشاهه آهين، پهرين وارو توکي آهي. همير هٿيار پنوهار ٻڌي اُٿي هليو، ٻانهيءَ سان گڏجي. همير دروازي مان اندر گهڙيو ته ٻانهي، ڪَل کي چوري هن کان غائب ٿي ويئي. يڪدم اوندهه انڌوڪار ٿي ويئي، ڪئين ديون جا ڌڌڪار ۽ شينهن جون گوڙيون ٿي ويون. همير سومرو جيئن تيئن ڌڪ جهلي، دروازي مان ٻاهر نڪري آيو ۽ اکين ۾ پاڻي آڻي پنهنجي يارن کي چيائين ته: ڇوڙيو وهٽ ته هلون، هتي ڪنهن جي حاجت ناهي. راڻي چيو ته: ائين ته توتان کلنداسون، هاڻي سڀيئي هڪجهڙا ته ٿيون. اسان مان جي ڪنهن مومل ماڻي وڌي ته به  تنهنجي ناموس آهي. نه ته به هڪجهڙا ته ٿيون، کلون ته هڪٻئي تان نه. ٻئي ڏينهن وري ٻانهي آئي ۽ هنن کي ٽوڪ هنيائين ته: واهه واهه اوهان به مومل ماڻي! تنهن تي ڏؤنر ڀٽاڻي ٽپ ڏيئي اٿيو چيائين ته: آءٌ ٿو ٻانهيءَ سان وڃان. جنهن مهل هي به دروازي جي اندران لنگهيو ۽ ساڳي ڪار ٿي، تڏهن ڊپ مان ڪپڙا پسائي ٻاهر نڪري آيو. راڻي چيس ته: انهيءَ کان اتي مري وڃين ها ته چڱو هو. ڏونئر چيو ته: ادا! پاڻهي سڀاڻي خبر پوندي. ٽئي ڏينهن وري شينهڙو ڌماچاڻي گڏجي ويو. جنهن مهل هي به در لنگهيو ۽ ڌڌڪا ٿيا، تنهن مهل هن جو به هينئون سست ٿي ويو، جيئن تيئن بانبڙا ڏيئي هيءُ به ٻاهر نڪري آيو. چوٿين ڏينهن وري راڻو ٻانهيءَ سان گڏجي هليو. دروازي مان اندر لنگهيو ته ٻانهي، ڪَل کي چوري ڀڳي ٿي ته راڻي ٻه چار تلهڙ هڻي کڻي سوگهو ڪيس. راڻو ۽ ٻانهيءَ هليا. هڪڙي لَڪ وٽ ٻانهي گم ٿيندي هئي، اتي پهتا ته ناتر گهوڙي کي تريون هنيون، گهوڙو باهڙيو ۽ راڻي وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪيو. ٻانهي وجهه ڏسي گوهي ڪري هلي ويئي. پوءِ ته ديون جا ڌڌڪا ٿي ويا. راڻو ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ اتي هڪڙي پير تي بيهي رهيو. دماغ ويڙهايائين. سامي اڳي ئي ٻڌايو هئس ته کوهه آهن، سنڀالي پير نه کڻندين ته اوڙاهه ۾ وڃي پوندين. تنهنڪري سنڀالي قدم کڻبو. اهو خيال ڪري هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. هڪڙي دري نظر آيس، جنهن مان تلاءُ پاڻيءَ جو نظر آيس. دريءَ مان  لنگهي هُن پاسي ٿيو. خيال ڪيائين ته انهيءَ تلاءُ مان ڪئين اُڪران. لڪڻ سان پاڻيءَ کي ڏٺائين، وري سوپاري کيسي مان ڪڍي تلاءُ ۾ اڇلايائين ته پاڻيءَ تي لڙڪندي ويئي. اتي پڪ ٿيس ته هي تلاءُ ڪائي مان لٽايل آهي، ۽ پڪ ٿيس ته مومل به انهيءَ پاسي آهي.

راڻو ڪائي جي تلاءُ مان هلندو ويو. اڳيان هڪڙي گهٽيءَ ۾ گهڙيو. ڏسي ته گهٽيءَ جي ٻنهي پاسن ٻه شينهن بيٺا آهن، جن جو ڌڌڪر پئي پوي، راڻو هٽڪي بيهي رهيو. خيال ڪيائين ته سچا پچا شينهن هجن ها ته ضرور مون ڏي ورن ها، هي به ضرور جادوءَ جو کيل آهي. پوءِ ته همٿ ڪري شينهن جي وچان لنگهي، هُن پاسي اڪريو ۽ وڃي مومل جي محلات ۾ گهڙيو. اَٺ- نوَ راٺوڙيون نظر آيس، جي هڪٻئي کان وڌيڪ سهڻيون هيون. خبر ئي نه پئي پيس ته منجهن مومل ڪهڙي؟ انهن سڀني هڪڙي پلنگ ڏانهن اشارو ڪيس، جو خالي پيو هو. راڻي ويجهو وڃي ترار جي نوڪ سان پلنگ کي زور  ڏنو ته جيڪو ئي هنڌ ٽپڙ پيو هو، سو سڀ وڃي تري ۾ پيو. راڻي کي ڪاوڙ آئي، ترار هٿ ۾ هئس، راٺوڙين کي چيائين ته: سڀني جون سسيون ٿو لاهيان، گهڻا ڏينهن خون ڪيا اٿوَ.  اتي مومل ڊوڙي اچي هن کي ڳراٽڙي ڏي ۽ چيائين ته: ڀلي آئين جوان. توکان سواءِ ٻيو ڪو به هتي ڪونه پهتو آهي. هاڻي آءٌ تنهنجي آهيان. ٻين راٺوڙين وري ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي، هن کي وٺي آڻي پلنگ تي ويهاريو، ۽ چيائون ته: اسين سڀ تنهنجو ٻانهيون آهيون.

آخر هيءَ اهو ڏينهن مومل وٽ رهيو، رات به رهيو. صبح جو يارن وٽ آيو، حقيقت ٻڌايائين، يارن کيس مبارڪون ڏنيون، ڏاڍا خوش ٿيا. همير سومري چيس ته: مومل تنهنجي زال آهي، سا منهنجي ٿي ڌيءُ، پر اها مون کي ته ڏيکار، جنهن هيترا لکين مڙس مارايا آهن. راڻي دل ۾ چيو ته: همير چوي ته ائين ٿو، پر بادشاهه آهي، متان مومل ڏسي عاشق ٿئي، سو چيائينس ته: همير! اهڙي اڃا حجت مومل سان ڪانه اٿم. هڪڙي شرط سان مومل ڏيکاريندس، جو ميهار جو ويس ڪري هل، اسين ڪرسيون وجهي ويهنداسين، تون ويهي مومل ڏسج. همير کي ڳالهه ته ڏکي لڳي، پر لاچار قبول ڪيائين. پوءِ ميهارڪو ويس ڪري راڻي سان گڏجي ويو.  مومل پڇيو ته: ڪير آهي؟ راڻي چيو ته: اسان جو نوڪر آهي. همير ويٺو کير ڏهڻ، کير ڏهندي هٿن مان رت نڪري آيس. مومل جو اوچتو نظر وڃي همير جي هٿن تي پيئي، سهي ڪيائين ته هي ميهار ڪونهي، پر بادشاهه آهي، سو راڻي کي چيائين ته: راڻا، هي ميهار ڪونهي پر خود بادشاهه همير آهي. تو ميهار جو لقب نه لائينس ها ته پنهنجي ڀيڻ سومل پرڻايانس ها. همير جي ڪنن تي اهي لفظ پيا، سو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ڪاوڙ مان کير جي چؤنري اُڇلي، راڻي کي چيائين ته: مون کي گهٽ ڪيو اٿئي، باقي اچ ٻاهر ته تنهنجي خبر وٺان. ائين چئي هليو ويو.

همير ٻاهر آيو. راڻي کي ماڻهو ۽ نياپا موڪليئين ته: اسين وڃو ٿا، تون جي نٿو هلين ۽ ڳوٺ لاءِ سوکڙيون پاکڙيون ڏيڻي هجئي ته روبرو اچي ڏي، ۽ يارن کان به اچي موڪلاءِ. پر راڻو به ڊپ کان ماڙيءَ تان هيٺ نه پيو لهي. نيٺ مومل چيس ته: دوستن سان ائين بيوفائي نه ڪرڻ گهرجي. وڃي موڪلائي، يارن کي اُماڻي اچ. هي ويو ته همير سومري کڻي بڇ ڪرائي. راڻي کي ٻڌي اُٺ تي ويهاري، اُٺ جي ڳچيءَ ڏانهن سندس پٽ ۽ پُڇ ڏانهن سندس منهن ڪري، اُٿي عمرڪوٽ ڏانهن هليا. راڻو سياڻو هو، خيال ڪيائين ته انهي حالت ۾ ماڻهو ڏسندا ته کلندا، سو همير کي چيائين ته: سائين! سالا، شينهن کي به پيارا آهن. سو تون به مون سان مهرباني ڪئي آهي. آءُ ڏاڍو خوش آهيان. همير پڇيس ته: ڪيئن؟ چيائين ته: منهنجو منهن ڪيو اٿئي ڪاڪ ڏانهن، آءٌ ڪاڪ جا وڻ ڏسندو پيو هلان. همير چيو ته: هن کي اُٺ تي سُبتو ويهاريو ته جيئن ڪاڪ جا وڻ به نه ڏسي. عمرڪوٽ پهتا هت همير کيس يڪدم کوهه ۾ ويهاري قيد کڻي ڪيو ۽ چيائين ته: ڪاڪ وڃڻ کان عمر لاءِ قيد آهين، باقي جيڪو طلبيندين سو ڏيندوسئين، مون وٽان طعام کٽو ته کوهه مان ڪڍندوسئين. راڻي ويچار ڪيو ته بادشاهه وٽان طعام ڪڏهن به نه کٽندو. اهڙو طعام گهران، جيڪو جلدي کٽي وڃي. سو ويچار ڪري بادشاهه کي چيائين ته : مون کي اٺين پهر ڳائو پِسُ کپي. بادشاهه سڄي ملڪ ۾ پڙها کڻي گهمايا ته ”جنهن جي ڳئون ويامي، سو پهرين مون کي پس نه پڄائيندو ته ڦاسي چاڙهائي ڇڏيندوسانس.“ مومل جا به ڪئين ماڻهو راڻي وٽ پئي آيا. راڻي انهن کي اهو جواب ڏنو ته: اهڙو طعام گهريو اٿم جيڪو ڄاڻ ته کٽو. ڪي ڏينهن صبر ڪر، سگهو ئي ايندس. همير جي گهر واري، راڻي جي ڀيڻ هئي، راڻي همير سان جٺ ڪئي هئي، تنهنڪري همير کي چئي ڪانه سگهندي هئي، پر همير کي پورو رخ ڪانه ڏيندي هئي ۽ اهڙي طرح هلندي هئي، جنهن ۾ همير کي لکا ڪانه پوندي هئي. پر اندر ۾ راڻي لاءِ درد گهڻو هئس.

ٻارنهن مهينا راڻو کوهه ۾ پيو هو. راڻي کي روزانو پِس پيو ملندو هو. هڪڙي ڏينهن خدا جو ٿيو، کاڌي جي مهل ٽري وئي پر راڻي کي پس ڪونه مليو. سڄي بادشاهيءَ مان ڪٿان به پس ڪونه آيو هو. همير ڏٺو ته بادشاهي وعدو پورو ٿيو، راڻي کي کوهه مان ضرور ڪڍڻو پِيو، پر ڪو ٺاهه ٺاهيان. سو ڳڻتيءَ ۾ اچي پنهنجي محلات ۾ ويٺو. راڻيءَ ڀرسان ويٺي هيس. سندس شهزادو پينگهي ۾ پئي لڏيو. اهو رنو. راڻي پُٽڙي ڏانهن وڃڻ لڳي. همير هن کي ٻانهن مان جهليو، پر هٿ ٻانهن ۾ نه پيو، گندي هٿ ۾ آئي. ڇڪ آئي ته گندي ڦاٽي پئي. همير ڳجهارت ٺاهي، چيو ته وڃي ٿو ڏيانس. راڻو ڀڃندو اُهين ڪونه، طعام وري اُٿلائي ٻيو ڏيندوسانس، ڀل ته قيد ۾ پيو هجي. اچي راڻي کي چيائين ته: ڳجهارت ٿو ڏيئين، جي ڀڳئي ته بند مان ڪڍندوسئين، پر ڪاڪ وڃڻ کان بند آهين. پر جي نه ڀڳئي ته اتي ئي قيد ۾ پيو هوندين. طعام اُٿلائي پنهنجي مرضيءَ تي ڏيندوسئين. راڻي چيو ته: قبول آهي، ڏي ڳجهارت. همير چيو ته: ڪنهن پر چُنيءَ آيو چير، ڪنهن پر چُنيءَ آيو چير؟“

راڻي چيس ته: ٻه گهمرا وري به چئو. همير ورائي ڳجهارت ڏني. راڻي پنهنجي دماغ کان ڪم وٺي چيو ته:

متان راجا مڱي رس کي، ٻالڪ مڱي کير

اُن پر چُنيءَ آيو چير!

همير چيس ته: ڪجهه ته خيال ڪرين ها، تنهنجي ڀيڻ هئي. راڻي چيو ته: ڀيڻ منهنجي ته زال تنهنجي به آهي. انهي ۾ مهڻو ڪهڙو؟ پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ؟ اتي راڻي کي ٻاهر ڪڍيئين. راڻو خوش ٿي نڪتو. خيال ڪيائين ته مومل وٽ ڪيئن رسان. ويو بادشاهه جي جتن وٽ، بادشاهه جا جالوري اُٺ رهندا هئا، جيڪي ڏينهن ۾ ٻه ٽي سئو ڪوهه ڪري ويندا هئا. خيال ڪيائين ته وڃي جتن کي پاسو ڏيان. جتن جي جمعدار وٽ آيو. چيائين ته: مون کي اُٺ اهڙو ڏيو، جو ڪاڪ تي رسائي. جتن چيو ته: اُٺ ته برابر آهي، پر بادشاهه اسان کي مارائي ڇڏيندو. راڻي، هن کي سؤ رپيا ڏنا. جت سئو رپين جو وٺي اُٺ ڏنو. سج لٿو راڻو ته اُٺ تي چڙهي روانو ٿيو. عمرڪوٽ ۽ ڪاڪ سؤ ڪوهه پنڌ هو. اٺ پهر رات ۾ وڃي ڪاڪ پهتو. مومل ۽ راڻو ملي خوش ٿيا. وري اسُر جو اُٺ تي لانگ ورائي، صبح جو سج اُڀرئي کان اڳ اچي ٺڪاءُ ڪيائين. راڻو روز رات جو ائين سؤ رپيا ڏيئي، اُٺ تي چڙهي وڃي مومل سان ملي ايندو هو.

هڪڙي ڏينهن مومل وٽ ننڊ کڻي ويس. صبح ٿي ويو، ڏينهن جو سجاڳ ٿيو. اتي دانهن ڪري اٿيو ته: مومل! مونکي اٿاريئي ڪونه، هاڻي بادشاهه مونکي مارائي ڇڏيندو. مومل چيس ته: راڻا! بادشاهه کي ڳالهه وئي وسري، هاڻي ويهه ته رهاڻ ڪريون. راڻو به ويهي رهيو ۽ اٺ ڏينهن اُتي رهي پيو. هوڏانهن مومل جي ماءُ ۽ پيءَ وٺي راڻي جي پڇا ڪئي. همير تائين اها ڳالهه پهتي، تنهن يڪدم خيال ڪيو ته راڻو ويو مومل وٽ. پڇا ڪيائين، خبر پيس ته فلاڻي جت اُٺ ڏنو آهيس. اچي جتن ۾ موچڙا ڪاري وڌائون. جتن چيو ته: راڻو اسان کان زوري اُٺ ڪاهي ويو آهي. بادشاهه چيو ته: ڪوڙا آهيو، ائين هو ته دانهن ڇو نه ڪيو؟ بادشاهه ڪاوڙ مان حاضُرو اُٺ جيڪي هئا، سي يڪدم ٻئي ملڪ ڏانهن اُماڻي ڇڏيا، باقي اُهو اُٺ وڃي رهيو جيڪو راڻي وٽ هو. راڻو اٺين ڏينهن وهنجي سنهنجي اَسُر جو اُٺ تي چڙهيو ۽ سج اُڀرئي اچي عمرڪوٽ ۾ پهتو. خيال ڪيائين ته خبر ائين ئي بادشاهه کي پهچي وئي هوندي، هاڻي پهرين گَهر جي خبر وٺان، پوءِ جتن کي وڃي اُٺ ڏيان.

راڻو اُٺ تان لٿو. وهنجي چڙهيو هو ته اڃا وار ئي ڪين سڪا هئا. پڳ مٿي مان لاٿئين ته ڳاڙهو پاڻي وارن مان ٽمڻ لڳو. راڻي جي زال، اهو ڏسي، پنهنجي سس کي چيو ته: راڻي کي الائي ڪهڙن ويرين ماريون آهي، جو رت ٽمائيندو پيو اچي. راڻي چيو ته: اهو ڳاڙهو پاڻي ڪاڪ جو آهي، وهنجي اُٺ تي چڙهيو آهيان، جيڪو اڃا نه سُڪو آهي. اتي راڻي جي اچڻ جي خبر بادشاهه کي به وڃي پئي. بادشاهه، ڪاوڙ مان راڻي کي مهينو قيد ۾ هڻائي ڇڏيو، جو وعدي خلافي ڪئي هئائين ۽ اُٺ کي پيرن ۾ ميخون هڻائي، منڊو ڪري کڻي ڇڏيائين. راڻو اٺين ڏينهن اچڻ جو مومل سان انجام ڪري آيو هو. هاڻي راڻو رهيو هِت ۽ مومل رهي هُت.

مومل جي آسپاس جيڪي مومل جا عاشق رهندا هئا، جن کي مومل نصيب نه ٿي هئي، تن ڏٺو ته سؤ ڪوهه تان پنڌ ڪري ٿو اچي، اُهو مومل ماڻي ٿو وڃي. هاڻي ڇونه اٽڪل ڪجي، جيئن هنن جي وچ ۾ نفاق پئي. انهن کي مومل جي سامي سيتل سان عشق واري به خبر هئي، ۽ اها به خبر هين ته مومل، راڻي تي اهڙي عاشق آهي، جو راڻو نٿو اچي ته مومل، پنهنجي ڀيڻ سومل کي مردانا ڪپڙا ڍڪائي پاڻ سان سمهاري ٿي.

”جَهڙوَل“ نالي هڪڙو ٻڪرار هو، جنهن جي وٿاڻ مومل جي ماڙي جي در وٽ هوندو هو. راڻو ايندو هو ته هن سان سلام ڪلام ڪري پوءِ مومل ڏانهن ويندو هو. هنن ”جهَڙول“ ٻڪرار کي سمجهايو ته تون راڻي کي خبر ٻڌائجئين ته تنهنجي پر پٺ سيتل نالي هڪڙو سامي سج لٿي، مومل جي محلات ۾ اچي ٿو. رات رهي صبح جو هليو ويندو آهي. راڻو جڏهن مومل کي سومل سان ستل ڏسندو، تڏهن يا ته ٻنهي کي ماري وجهندو، يا ته ڪاوڙجي ويندو ته وري ڪڏهن ڪونه ايندو. هنن اها سِٽ هيڏانهن سِٽي، هوڏانهن راڻو مهيني کان پوءِ قيد مان نڪتو. جتن وٽ ويو. اُٺ گهريائين. جتن هن کي چيو ته: ٻيو اهڙو اُٺ اسان وٽ ڪونهي، باقي گئونرو هڪڙو آهي، جو اڃا کير ٿو پئي. اُهو ماءُ سان گڏجي روز رات جو ڪاڪ جا وڻ چري ايندو آهي. اُهو توکي کڻي هلندو، پر مهينو کن ترس ته ڪجهه وڏو ٿئي ته اسين به هن کي مهار وجهي وَهُو ڪريون. هن کي ته عشق جي تار بيٺي هئي، تنهن چيو ته: اهو گوئنرو هينئر جو هينئر مونکي ڏيو. هنن چيو ته: اڃا نڪي نڪ ڪيا اٿئونس، نڪو پنڌ سکيو آهي، ۽ نڪي وري ڪو مٿس چڙهيو آهي. تون چڙهندين ته اُڦٽ ماري وجهندئي. راڻي چيو ته: مون ۾ هڪڙي گهڙي به ترسڻ ڪونهي. جيڪي چئو اوترو ناڻو ڏيانوَ پر گئونرو مونکي اڄ جو اڄ ڏيو. جڏهن جت کي هزار رپين جو مليو، تڏهن ٻين جتن کي بڇ ڪيائين ته گئونري کي نه ڇڏيو. جت گئونري کي ڦري آيا. اُن کي دسي، نڪ هڻي، مهار وجهي منهن ڪاڪ ڏي ڪيائونس. ڪو گادي کڻي آيو ته ڪو ٽپڙ کڻي آيو، ڪو جهُل کڻي آيو، ٻه مڙس اُٺ جي گوڏن تي چڙهي بيٺا، هن کي يڪدم سينگاري تيار ڪيائون. اُها چوڏهينءَ جي رات هئي. پهر رات جو گذري ويو هو، راڻي کي ڪنواٽ تي ويهاري، واڳون هٿ ۾ ڏئي، چيائونس ته: ڪاڪ پاڻهي هلندو، جو اُتي جا وڻ چري اچڻ تي هريل آهي. چُرجئين نه! جي چُرندين ته ماري وجهندئي! جت ڀڄي پري ٿيا. ڪنواٽ ڀڙڪو کائي اُٿيو ۽ سڌو رخ رکيائين ڪاڪ ڏي. ڪنواٽ اهڙي طرح هليو جو خود راڻي کي به خبر ڪانه ٿي پئي، رڳو اکيون پئي پوريائين پٽيائين. ڪاڪ کي جڏهن ويجهو ٿيو، تڏهن مومل جي عشق جي خوشيءَ ۾ ڪنواٽ کي وٺي اڙي هنيائين. اڙي لڳڻ سان ڪنواٽ وٺي هليو، ڪاڪ جي ڀرسان لنگهي ويو. ڪنواٽ راڻي کان جهليو ئي ڪونه ٿيو. ڪنواٽ، راڻي کي ڪاڪ کان ڪوهه پنڌ پري کڻي ويو اتي وري ڪنواٽ چَترائي ڦيرائي وري وٺي آيو ڪاڪ وٽ. ”جهَڙول“ ٻڪرار اُتي ستو پيو هو، تنهن کي هن هڪل ڪئي، پڇيائينس ته: ٻيو مڙئي خير آهي؟ جهڙَول چيس ته: ٻيو مڙئي خير آهي، پر تنهنجي غير حاضري ۾ هڪڙو سامي سج لٿي مهل، مومل وٽ محلات ۾ اچي، رات رهي، صبح جو هليو ويندو آهي، نالو سيتل راءِ اٿس. راڻي خيال ڪيو ته ٻڪرار جي چوڻ تي موٽي ڪيئن وڃان! روبرو وڃي ڏسان ته ڇا آهي؟ مومل پنهنجي ڀيڻ سومل کي راڻي جا ڪپڙا ۽ پڳ ڍڪائي، پاڻ سان گڏ سمهاريندي هئي، ته ڄڻ راڻو ستو پيو آهي، تڏهن ننڊ ايندي هيس. راڻو اچي ڏسي ته برابر مومل سان گڏ هڪ مڙس ماڻهو ستو پيو آهي، پلنگ جي سيراندي واري ڀاڱي ۾ مرداڻي پڳ رکي آهي ۽ موزا کٽ جي پاسي کان آهن. راڻي کي ڪاوڙ آئي. تلوار ڪڍي وار ڪرڻ تي هو ته مومل جي سونهن ۽ محبت کي ياد ڪري، تلوار وري مياڻ ۾ وڌائين. چيائين ته مومل کي ماري پاڻ تي خواري ڪانه کڻبي. پوءِ اُٺ کي هڪلڻ وارو لڪڻ مومل جي ڀر ۾ رکي محلات مان نڪتو. ڪاوڙ ايڏي هيس جو هن کي عقل هوش ڇڏائي ويو، اچي ڪنواٽ تي چڙهيو. ڪنواٽ جي گوڏو ٻڌو پيو هو، انهيءَ ٻڌل ڪنواٽ تي اچي چڙهيو. ڪنواٽ اڙي به ڪانه ٿي سَٺي، تنهن کي ٺڪا ڪرايائين بانٺو. ڪنواٽ به ٽن ٽنگن تي وٺي اُڏاڻو، ۽ اهڙي ڪست سان هليو،  جو رات وچ ۾ سؤ ڪوهه ڪري،لڊاڻي کان به ٽپي اوريان ٿيو. سج اچي اڀريس. اڳيان هڪڙو ٻڪرار بيٺو هو، تنن ڏٺو ته اُٺ ٽن پيرن تي ڪاهيو اچي، تنهن چيس ته: ميان! ڪجهه ڌيان ڪر، اُٺ کي ٽن پيرن تي ڪاهيو اچين؟ اتي راڻي جي اک پٽي. ڏسي ته مار! اُٺ جو گوڏو ٻڌو پيو آهي، ڪنواٽ کي ويهاري، گوڏو ڇوڙي، ڪنواٽ اچي جتن جي حوالي ڪيائين ۽ پاڻ اونڌي منجي ڪري وڃي ڊهي پيو.

مومل ننڊ مان جاڳي. راڻي جي نشاني ڏٺائين. نڪري در تي آئي، اُٺ جا پير ڏسي، سمجهائين ته راڻو رات رسي ويو آهي، سا دانهن ڪري، هڪڙي گند جي ڍير تي وڃي پئي. سومل ۽ ٻانهيون هن جي دانهن تي ڊوڙي آيون مومل کان پڇيائون. هن چيو ته: رات مون سان قهر ٿي ويو، جو راڻو رسي ويو آهي. اتي سومل دم دلاسا ڏيئي چيس ته: چري نه ٿيءُ، راڻو پرچي پوندو، پرچائي وٺي اينداسونس. پر مومل نڪي کائي نڪي پِئي. بيتاب ٿي پئي آهي. اتي سومل تيار ٿي. مومل کي چيائين ته: هوش ڪري ويهه، آءُ پاڻ وڃان ٿي راڻي وٽ، ۽ تو وٽ وٺي ٿي اچانس. اتي مومل خوش ٿي.  سومل مردانو گيڙو ويس ڍڪي، اُٺ تي چڙهي، اڪيلي سر راڻي ڏانهن رواني ٿي. ٿوري گهڻي ڏينهن اچي عمرڪوٽ ۾ پهتي. راڻي جو هڪڙو باغ هو، جنهن  ۾ راڻو اچي آرام ڪندو هو. باغ جي دروازي تي پهريدار ويٺل هو، جنهن کي حڪم هو ته مرد ڪوبه باغ ۾ نه ڇڏج. سومل باغ جي دروازي تي لهي، باغ ۾ داخل ٿي. باغائي کيس گهڻئي جهليو ته باغ ۾ نه وڃ، جو حڪم ڪونهي. پر سومل چيس ته: تون نوڪر آهين، تنهنجي ڳالهائڻ جو ڪم ناهي. وڃي باغ ڌڻيءَ کي چئو ته اهو اچي مون سان ڳالهائي. ائين چئي، باغ ۾ جيڪا راڻي جي کٽ پيل هئي، ان تي اچي ويٺي. باغائي ڊوڙي وڃي راڻي کي ٻڌايو ته هن طرح هڪڙو سامي، حڪماحڪمي باغ ۾ ڪاهي آيو آهي. راڻو ڪاوڙ جي يڪدم اٿيو ته اهڙو ڪهڙو منهنجو سنگتي آهي، جيڪو هيترن بنگلن هوندي منهنجي خاص باغ ۾ منع هوندي لنگهي آيو آهي. ڪير به آهي، وڃي ٿو خبر وٺانس. سو لڪڻ هٿ ۾ ڪري، ٻه- چار ماڻهو وٺي، باغ ۾ آيو. سومل کي ويجهو اچي هڪل ڪيائين ته: اڙي، اُٺ منهنجي باغ ۾ چرڻ لاءِ ڇو ڇڏيو اٿئي؟ اِتي سومل ٽپ ڏيئي اٿي ۽ راڻي کي نشاني ڏيئي چيائين ته: مومل مون کي ميڙ ڪري موڪليو آهي تو وٽ. نياڻي ميڙ ۽ منگتو ڪنهن ڪونه موٽايو آهي، سو تون به ميڙ مڃي، مون سان گڏجي هل. پر راڻي چيو ته: سومل! مون به وعدو ڪيو آهي ته ڪاڪ ڏي هلڻ ته ٺهيو پر رڳو نهاريندس به ڪونه. سومل ڏاڍيون منٿون ڪيس پر راڻي نه مڃيو. اتي لاچار ٿي سومل خيال ڪيو ته راڻو ته نٿو مڃي، ڇو نه همير بادشاهه کي وڃي چوان، من راڻو ان جو چوڻ مڃي پرچي پوي.

سومل، همير بادشاهه وٽ آئي، همير کي چيائين ته: تون پاڻ ڪاڪ تي آيو هئين. اسان جي مانَ شانَ جي خبر اٿئي. آءٌ نياڻي ٿي تنهنجي تڏي تي لنگهي آئي آهيان. هاڻي خدا جو ننگ اٿئي، ڪنهن به طرح راڻي کي چئو ته ڪاوڙ ڦٽي ڪري، مون سان گڏجي هلي. همير سومري، راڻي کي گهرائي چيو ته: جنهن مومل لاءِ هيڏا ڪشالا ڪئي، انهيءَ مومل سان ڇو ڪاوڙيو آهين؟ تون سومل سان گڏجي وڃ. تنهن تي راڻي جواب ڏنس ته: اڳي ته مون کي مومل وٽ وڃڻ کان جهليئي ٿي، اڄ ٿو مونکي چوين ته مومل وٽ وڃ. ڀانيان ٿو ته يا ته سومل توکي سِر باسيو آهي، يا ته ڪا وَڍِي آڇي اٿس. آءٌ ڪنهن به طرح مومل وٽ ڪونه ويندس. همير چيس ته: سومل مون وٽ تڏي تي لنگهي آئي آهي، سا منهنجي نياڻي ٿئي. تڏهن ٿو توکي چوان. پر جي نٿو مڃيين ته ٺهيو. سومل ويچاري بيوس ٿي موٽي آئي. مومل کي جواب ڏنائين ته: راڻو مون سان نه پرتو. مومل يڪدم تياري ڪئي ته آءٌ پاڻ  ٿي وڃان. سو گيڙو ويس ڪري پنڌ پئي. مهينو سڄو مومل جهنگن مان رلندي رلندي عمرڪوٽ ۾ اچي پهتي. جهولن ۽ لُڪن سندس سڄي سونهن ختم ڪري ڇڏي هئي. اهڙي ٿي وئي هئي جو گيڙو لباس ۾ کيس ڪوبه سڃاڻي ڪونه سگهيو.

راڻي کي کوهه تي اچي ڏٺئين. ٻيا ماڻهو به اتي بيٺا هئا. مومل اچي سلام ورايو. ماڻهن هن جا نَڪ چپ ۽ ڏند ڏسي، خدا جي ساراهه ڪئي. چيائون ته ههڙو مڙد خدا خلقيو آهي: راڻي هن کي ڪونه سڃاتو، پر سهڻن ارڪانن مان شڪ پيس ته شايد سامي سيتل اهو آهي. ٻيو مرد ماڻهو اهڙو سهڻو نٿو ٿي سگهي. راڻي هن کان خبرون پڇيون ته: ڪير آهين، ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ متان ڪنهن معشوق جي پٺيان پيو رلين، يا ڪنهن توکي عدولي ڇڏيو آهي. ڀلا، ڪاڪ ڏٺي اٿئي، يا مومل کي ڏٺو اٿئي؟ ائين هن جو منجهه ڪڍڻ لاءِ خبرون ڪرڻ لڳو. مومل کيس جواب ڏنو ته: سامي آهيان. ملڪ گهمندو ڦرندو وتان. ڪاڪ جي ڳالهه ٻڌي اٿم ته مومل راڻي لاءِ پئِي رَڙي. اتي راڻي هن کي دعوت ڏني ته: ڪجهه ڏينهن هلي مون وٽ رهه. راڻي کي مومل جي رهاڻ وڻي ۽ صحبت مان به آسيس آِس. مومل به انهي ۾ خوش هئي. تنهن راڻي جي دعوت قبول ڪئي. راڻو هن کي بنگلي تي وٺي ويو. ڪچهريون ۽ چوپڻ رانديون ڪرڻ لڳا. ڪي ڏينهن گذري ويا، پر راڻي مومل کي ڪونه سڃاتو، ۽ نڪي مومل پاڻ سڃاڻايو. جيئن پوءِ تيئن راڻي جي هن سان پريت ٿيندي وئي.

هڪڙي ڏينهن راڻي چيس ته: سامي! تون به سهڻو آهين، اڄ ويهه ته چوپڻ راند ڪريون. جي تو راند کٽي ته آءٌ توکي هلي مومل ڏيکاريندس ته ڪهڙي سهڻي آهي. ۽ جي مون راند کٽي ته توکي هلي مومل ڏيکارڻي پوندي. مومل شرط قبول ڪري راند تي ويٺي. مومل کي ٻانهن تي نالو لکيل هو. هن ڍاري جو هٿ هنيو ته اوچتو پيشگير جو پلئه ٿورو مٿي کڄي ويو، نالو ظاهر ٿي پيو. راڻي جي اوچتي اک وڃڄي نالي تي پئي. راڻي کي اکين ۾ آب اچي ويو، راند ڇڏي ٽپ ڏئي اٿيو. مومل گهڻئي منٿون ايلاز ڪيا، پر راڻو کيس ڇنڊي هليو ويو. مومل چيو ته هاڻي جيئري ڪهڙي موٽي وڃان، اتي ئي مرڻ گهرجي. ڪمي ڪاسبي گڏ ڪري، ڪاٺن جو ڍڳ کڻي گڏ ڪرايائين. ڪپهه تيل وجهارائي، ڍڳ تي چڙهي وڃي ويهي رهي. راڻي کي به ڊوڙي وڃي ڪن ٻڌايو ته مومل ٿي ڏاگهه چڙهي. راڻي چيو ته سڙندي ڪانه، دڙڪو ٿي ڏئي. پر وري به چيائين ته ڏسان ته سهي. سو محلات ڇڏي ڏاگهه وٽ آيو. اتي ڏاگهه کي باهه لڳي پئي هئي، باهه جون ڄڀيون آسمان سان پئي لڳيون. اهو لقاءُ ڏسي، راڻي هٿ جو اشارو ڪيس ته ڏاگهه تان لَههُ، پر مومل وراڻيس ته:

وينگس ويٺي وچ ۾، ورنهه کولي وار

ڄڀي ٿي ڄيرو لڳو، ٻريا ورنهه وار

ٽهڪي ٽاهُو ڀڳا، ڏهڪي ڀڳا ڏار

پرين پرتو آهين رب کي، هاڻي ڀلو ٿينئي ڀتار

بخشين ڏوهه بنديءَ کي، مون تي ناهه ميار

صاحب لڳ ستار، لاهج پال، ”پريو“ چئي.

ضميمو

(الف) رچرڊ برٽن جي ڪتاب ۾ ڇپيل روايت

رچرڊ برٽن سندس سنڌي منشي جي معرفت، گذريل صدي ۾ سنه 1830ع بعد، سنڌ جي ڪن مشهور قصن کي قلمبند ڪيو، جيڪي پوءِ سندس ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ قبيلا“ ۾ سنه 1851ع ۾ ڇپيو ”مومل راڻي جو قصو“ ان وقت ڪهڙي سگهڙ کان پڇي لکيو ويو سو معلوم ناهي، مگر اهو سنڌ جي عام مشهور راويت موجب لکيل آهي. جيتوڻيڪ انگريزي ۾ آڻڻ سان ڪٿي نالن جون ته ڪٿي ٽاڻن جون غلطيون رهجي ويون آهن. اصل قصو بيتن ۾ هو ۽ رچرڊ برٽن پڻ پنهنجي روايت ۾ ڪٿي ڪٿي اصل سنڌي بيت يا بيتن جون سٽون ڏيئي ڇڏيون آهن. قصي جي جوڙيندڙ يا ٻڌائيندڙ کي ”فقير“ يا ”بارڊ“ (bard) ٿو سڏي. سندس روايت ۾ هيٺيون سنڌي سٽون يا بيت انگريزي صورتخطي ۾ لکيل آهن، جن مان اهي جن جي آڏو ستاري (*) جو نشان ڏنل آهي، سي ڊاڪٽر گربخشاڻي پڻ سندس ”رسالي جي ايڊيشن“ ۾ مومل- راڻي جي ڳالهه ۾ نقل ڪيا آهن.

بابو گڏيو بر ۾، جان پهر سج کان پوءِ،

قصا ڪريو ڪاڪ جا ۽ رت وَرنو روءِ،

ڪاڪ نه وڃي ڪوءِ، متان مان جيئن ٿيي.

--

تڏهن همير نهاري راڻي ڏانہ، راڻو ڏانہ همير،

--

* تڏهن ڏُسڪي ۽ ڏس ڏي، ٿوروئي رتو آب:

تان آيس لُڊاڻي کئون، عاقل ساڻ آسباب،

آءٌ نانگو هوس نواب، پر ڪاڪ ماري ڪِئس ڪاپڙي.

ناتر کان ٿا پڇن:

تون گهمين جا رنگ محل ۾، راڻي ڪِ ٻانهين؟

مارين معشوقن کي، جي کڻيو نيڻ نهارين!!

ناتر ٿي جواب ڏي:

آءٌ ٻانهي، راڻيون ٻيون، مون نيڻين مَ ڀُل،

سندي ڪاڪ ڪنڌي آهيان، ڪائي ڪا مهل.

جڏهن مومل ڏٺو ته همير سومري کي راڻي ”ميهار“ ڪري سندس آڏو آندو آهي، تڏهن ٿي راڻي کي چوي:

راڻا نه ڄانتوءِ، وڏي ويڻَ وِرِسين!

ست ڀتيرو سومرو، ڪوجهو ڪري آندوءِ!!

راڻي جي گهر واري صبح جو راڻي جي وارن ۾ ڪاڪ جو پاڻي ڏسي صحيح ڪيو ته هو رات جو ٻاهر ٿو وڃي. سا ٿي راڻي جي ماءُ کي چوي ته:

پِٽي! پُٽوءِ  پر گهر هنڍڻو، ڪري شيل شڪار،

ڪَنِي ويرين وڍيو، ڪني ڏنيس مارَ،

ڪئن جئن منجهه ڪَپار، رت ريلا ڪيو نِڪري.

مومل ڏانهن ويندي راڻو ڪنواٽ کي ٿو چوي:

 

هل ميان ڪرهل، ته پسون ماڙيون مومل جون،

توکي چندن چاريان، طرح موچاري تَرهل،

اسين ماڻيون مومل، تون نايو ناگيليون چرين.

مومل ويس بدلائي راڻي کي مڃائڻ آئي، پر جڏهن راڻي سڃاتي تڏهن کانئس مُنهن موڙي آخر ائين چيائين ته:

ڇنِي جا هيڪار، ڪيهي جوڙي تنهن ول جي

نه ڄاڻان ٻيهار، ميڙو مُئي ڪِ جيئري.

(ب) قصي بابت مختلف راوين جي زباني قلمبند ڪيل بيت

راوي حامد خان رند

ڪاپڙي آهيان ڪشمير جو، ڪاهُو پٽ جرار

مون سين چڙهندا هئا مينڌرا، پُرسن پنج هزار

گهوڙو سڀ ڪنهن گهوٽ سين، کيڙو ساڻ ترار

ناتر سڀ نهوڙيا، اکين جي آڌار

سي سڀ مارايو يار، موٽيو وڃان ملڪ تي.

 

ڦِٿِڪَ تان ڦِٽي ڪئي، سوڍل سوپاري

ڀڃي منڊ مومل جو، هليو هزاري

مينڌري ماري، وڃي گڏيو گل گُجر کي.

 

راڻا ڪوڏيا رڻجا، سي گهمن ڪين گهرين

اچيو بيهن آس تي، مڻيارا مڻين

سو ڪيئن وير وَرين، جنهن در مومل جو ديکيو.

 

در مومل جو ديکيو، سوڍي ساڱاهي

ڪؤنر ڪچهريءَ ۾، راڻو راضائي

هاڻ ٿي ٻانهي ٻولائي، ته شينهن سُڄي ٿو سامهين

 

شينهن سڄي ٿو سامهين، جو ٿو کائي ملوڪن ماه

چنبي سندي چوٽ سين، سَنئِنسِيو وٺي ساه

پِي رت راڻي جو، پوجهه جهليائين پاه

ڊپ انهيءَ جي ڊاءِ، ٿا اگها وڃن آدمي

 

اگها وڃن ٿا آدمي، ملان مرد مٿير

هنيائين هٿ ڪري، پڙ منجهه کوڙي پير

وڃي سئِنسِري شينهن مان، جئن جهمڪائي جهڙير

سٽ نه جهلي شير،  ڪُٽو هو ڪاڳر جو.

 

ڪُٽو هو ڪاڳر جو، فڪل مڙيئي فند

منجهه محلاتن مينڌري، اچي راڻل سُونٺو رند

پوءِ گُرز جني جي ڪنڌ، سي گڏيس مل ميدان ۾.

 

گڏيس مل ميدان ۾، سي سٻر سَٽاڻا

ڀَر ڀَنواران نِڪڻين، آپر اَٽاڻا

منٿ اُوءِ نه مڃڻا، جهلين نه ناڻا

سئو سيڄن چاڙهيو، رَمائي راڻا

پَسِي ويو پاڻا، تڏ ڪيو ملاحظو مينڌري

 

ڪيو ملاحظو مينڌري، پِڙ منجهه کوڙي پير

ڳالهائي ڳڻن سين، بيهو سوڍو شير

هُو ٻولِي ڪَن نه ڪُڇڻا، جن جي ٻوليءَ ڦند نه ڦير

ڪامل آهن ڪير، جي وڃن ناتر گُنگا نِڪڻا.

 

وڃن ناتر گُنگا نِڪڻا، ٻُلين نه ٻوڙا

ڪَرس جني جي ڪَرهيون، جَٽائين جهوڙا

مواسيو ميدان ۾ بيٺا ٽڪائين ٽوڙا

ڀُلئين ڪيئن ڀورا، مٿي آئيو مينڌرو.

 

مٿي آيو مينڌرو، ڪري تَن تپاس

مڃياسين مون ڌڻي، خاوند واري خاص

مُنهن مومل ڏي، اکين سندي آس

راڻا سڀ راڪاس، پر وِير وٽائي ڇڏيا.

 

وير وٽائي ڇڏيا، وندر ماڻيائون

حضوري هوتن ڏانهن وِکون وڌائون

واسينگ نانگ ولهاڙيو ڏوران ڏٺائون

تڏ ناتر پڇيائون، ته هي ڪاريهر ڪٿي رهي.

 

ڪاريهر رهي ٿو ڪاڪ ۾، جتي ڪِهرن پوندي ڪوڪ

وڻ وڻاچيا ويڙهي، سر کنڊ ساڳ سلوڪ

وڻ وڏائي ورک هئا، پر فنا ڪيا آهن ڦُوڪ

ورنَهه ويڙهي واسڻيون، مِڙيا مير ملوڪ

هَئي آُنِهين جي هُوڪَ، جن گهڻا گاروڙي گمائيا.

شاعر راڌي آمن جا بيت

چنڊ ناسيندي چڙهيا، چارئي چڱيءَ روءِ

لويائون لڱن ٿي کٿوري خوشبوءِ

ايندا شل، آمن چئي، منهنجا جُنگ سڃاڻي جوُءِ

وڃي روبروءِ، ٿيا مقابل مومل سين.

 

چنڊ ناسيندي چڙهيا، تازي تاڻيائون

عراقي، آمن چئي، قهري ڪاهيائون

وڇاڻا بخمل جا، وڃي وهواه وڌائون

مومل ماڻيائون، آهن طالع وڏا تن جا.

 

چنڊ ناسيندي چڙهيا، مومل ڪيائون من

عاشق انهيءَ پار ڏي ٿا خُماريا کلن

جَڙَسين جاما جُڙيا، جوڙا تن جوانن

حِري هَنا تن جي رُپو رڪيبن

چاٻُڪ چَونري چِٽيا، ٿا جهُڙيرا جهمڪن

ڪن ويس وڏاندرا، مٿي ملوڪن

جُنبي تن جوانن، وڃي هنيون قناطون ڪاڪ ۾.

 

ڪاڪيؤن هليو ڪاپڙي، آڌي ڏيئي اسُور

لوڌيَنِ پري لَکيو، هو ڏيکارين کان ڏور

اِن سامي وَهي سُور، نانگي کڻي نَيُون ڪَيُون.

 

سامي سوارو، ڪاڪئيون هليو ڪالهه

مٿي مُنگهٽ سونَ جو، لُنگ مڙيئي لال

جر پياري جا، پوءِ تون پڇج خبرون.

نانگي نرمل ڪڍيو، پوٽڙيان پاڻي

سو ڪڪو پاڻي ڪاڪ جو، هو رَتو رباني

ڏسي سڀ ڏهڪيا، ڪُل ٿيا حيراني

اُڃَ هئي آٽاڻي، پر لوڌَينِ تان لهي وئي.

راوي نامعلوم

رَءِ رُٺو راڻو، جنهن رُسِي رَس پرائيو

موٽي تنهن مومل جو ڀيٽيو نه ڀاڻو

سوڍو سياڻو، ڪا جا ڳالهه ڳڻي ويو.

 

ڪو جو ڪٽر ڪاڪ مان، راڻي روح پيو

مينڌرو محلات تي وري تان ويو

سوڍي شڪ پيو، پوءِ مومل کڻي مصريون ٿئي.

 

مومل سان ڙي مير مينڌرا، توکي هيئن نه ڪرڻو هو

ڦُوڙائو فقير کي تو الائي ڪهڙي ڏوهه ڏنو

تو جو قول ڪيو، تنهن مان ٻول ٻيو ٿيو.

 

کوٽ ڪري کوٽِي، تو راڻو پاڻ رنجائيو

پائي ويٺين پاند ۾، ڏوهه مڙيئي ڏوٽِي

ياريءَ جو، يوسف چئي، مَرمَت هجئي موٽِي

جا عاشق هنئي اوٽِي، تنهن جا تو بُوجر بي قدري ڪڍيا.


[1]. Burton, Richard :"Sindh and Races Inhabit the Valley of Indus", London, 1851, pp.114-123.

[2] . تاريخ 9- فيبروري 1961ع تي حيدرآباد ۾ ڪچهري.

[3] . پوجهه- پويون پاسو.

[4] . اگها- اڳتي.

[5] . سُونٺو- سُونهون ٿيو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org