سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گل شڪر

باب: -

صفحو :8

 

341 –        صبر وڏو ٽول آهي.

 

        ٽول يعني وٿ، هن پهاڪي وارو پڻ نمبر 340 واري پهاڪي وانگي صبر کي ساراهي ٿو؛ سا ڳالهه سچ آهي، جو سياڻا چوندا آهن ته جن کي صبر جهڙي وٿ ڌڻيءَ ڏني آهي، تن کي ڄاڻ حڪمت بخشي اٿس، ۽ بي صبر ان حڪمت کان پالها آهن. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: گنج صبر اختيار لقمان است،
هر که را صبر نيست حڪمت نيست.

 

ترجمون:        صبر جي گنج لقمان جي قدرت جهڙي آهي، جنهن کي صبر نه آهي،

        جنهن کي صبر نه آهي، تنهن کي حڪمت ناهي.

 

342 –        صلاحين شينهن ٻجهن، ڪم ڪرهين نه ٿئي.

 

        ڪَرَم يعني جهيڙو، مطلب جو ميٺ محبت سان جهڙو ڪم ڇٽندو، تهڙو جهيڙي سان نه ٿيندو؛ جهڙيءَ طرح شينهن جي ٻچي کي چيتاري ڌتاري پڃري ۾ پايو وتن، پر ويڙهه سان جيڪر اهو ساڳيو مارئي مارائي بنا نه رهي. فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: به شيرين زباني و لطف و خوشي،
تواني که پيلي به موئي کشي.

 

ترجمون:        مٺي زبان ۽ موچارائيءَ ۽ سرهائيءَ سان،
هاٿيءَ کي وار ۾ ٻڌي سگهين.

 

ظ

343 –        ظلم قائم آهي، ڪندڙ قائم نه آهي.

 

        ظلم هڪڙو فعل آهي، تنهن جو نالو جهان مان وڃڻ جو نه آهي، تنهنڪري قائم رهي ٿو. پر ظلم ڪندڙ يعني ظالم جي ڄمار ٿوري آهي؛ ڇاکان جو غريبن جي پٽ ظالم لاءِ پاڙ پٽيندڙ آهي. مگر ظالم جي گلا جي ڄمار سنديس ڄمار کان وڏي آهي، جا سندس مرڻ کان پوءِ به رهي ٿي. جهڙو فارسي بيت آهي:

بيت:           نماند ستمگار بد روزگار، بماند برا و لعنت پائدار.

ترجمون:                ظالم بڇڙو ڳچ ڏهاڙا نه رهي؛ مٿس لعنت سدائي رهي.

 

ع

 

344 –        عقل ري ارمان، گهڻا کائيندين جيئڙا.

 

        سياڻپ ڌاران نيٺ ارمان کائڻو پوندو؛ ڇاکان جو عقل وارو ماڻهو توڙي ذات جو هيڻو هوندو ته به جاتي تاتي عقل جي برڪت سان مان لهندو، ۽ اياڻو ماڻهو توڙي وڏ آڪاهيو هوندو، ته به بي مانو رهندو ۽ ارمان کائيندو. تنهنڪري ڏاهپ پرائڻ جو سعيو گهرجي، تنهن جو علاج سياڻن جو سنگ آهي.

 

345 –        عيسيٰ، نه موسيٰ، وڏا پير پيسا.

 

        پيسا يعني دولت يا ناڻو، هن پهاڪي وارو دولت کي پيغمبرن کان پڻ وڏو چوي ٿو، جيتوڙي ته پيغمبرن جو مان ڌڻيءَ وڏو ڪيو آهي، پر ڪن مهلن ۾ دولت پڻ گهڻا ڏک ڪٽيندي آهي. جنهن ڪري فارسيءَ وارو چوندو اٿس:

فارسي: اي زر تو خدا نه ئي؛ و ليکن به خدا،
ستار عيوب، قاضي الحاجات توئي.

 

ترجمون:        ڙي دولت، تون ڌڻي نه آهين پر قسم ڌڻيءَ جو، ڍڪيندڙ عيبن جي، ۽ جاري ڪندڙ گهرجن جي آهين.

 

346 –        عقل آهيرن جو ڌريون ئي ويو،

        مڱائن هڪڙو پرڻائن ٻيو.

        آهيرن يعني جهنگلي ڄٽ، دنيا جو دستور آهي جو جا عورت جنهن سان مڱائن، سا عورت نيٺ ان ساڳئي سان پرڻائن، پر جڏهن ڪنهن عورت کي مڱيندو ڇڏائي ٻئي سان پرڻائن، تڏهن واعدي خلافيءَ جهڙي ڳالهه چئجي. وعدي خلافي پڻ هڪڙو ڪوڙ آهي؛ سو جڏهن ڪو ماڻهو وعدي خلاف ٿيو، سو آهير هئي توڙي ارباب، ته هن پهاڪي جو مخاطب يعني مهاڙيو ڄاڻبو.

 

347 –        علت وڃي، عادت نه وڃي.

 

        علت يعني مرض، عادت يعني هير، مطلب هي آهي جو ڪنهن کي مرض هجي ۽ دوا ڪرڻ سان ڇڏي وڃي ته مڃبو؛ پر عادت ڪڏهن ڪين مٽبي. تنهن تي فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:

 

فارسي: خوي بد در طبيعتي که نشست،
نرود تا به وقت مرگ از دست.

 

ترجمون:        عادت بڇڙي جنهن طبع ۾ ويٺي،
موت جي مهل تائين هٿان نه ويندي.

 

غ

 

348 –        غريب جي جوءِ، سڀني جي ڀاڄائي.

 

        ڀاڄائي يعني ڀاءُ جي جوءِ، ملڪ جو دستور آهي، جو گهڻا ماڻهو ڀاڄائيءَ کي پاڻي پيارڻ يا ماني کارائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ڏسڻ ۾ عيب نه ڄاڻن، تنهن وانگي غريب ماڻهوءَ جي جوءِ کي پڻ سڀڪو ڀاڀي ڄاڻي مٿس حڪم هلائي؛ پر مطلب هيءءُ آهي، جو هيڻي ماڻهوءَ کي سڀڪو پانهنجو اڌين ڄاڻي.

 

ق

 

349 –        قرض ڪوڙه جو ٽڪو آهي.

 

        ڪوڙه هڪڙو بڇڙو مرض آهي، جو ماڻهوءَ لڱن جي تي اڇا يا ڪارا چٽا ٿي پون. پهاڪي وارو قرض کي پڻ اهڙو بڇڙو ڄاني کڻڻ کان جهلي ٿو. ڇاکان جو قرضيءَ کي لهڻي وارن جي هٿان خراب ٿيڻ جو ڊپ آهي، تنهن لاءِ فارسيءَ وارو چوي ٿو:

فارسي: به تمناءِ گوشت مُردن بھ،
که تقاضاي زشت قصابان.

 

ترجمون:        گوشت کائڻ جي سَڌَ ۾ مرڻ چڱو،
جو نَهري وارن جي ڇڪ تاڻ بڇڙي آهي.

 

350 –        قاضي، ڄاڻي، قيامت ڄاڻي.

 

        هن پهاڪي وارو ظاهري لباس ۾ مسلماني مذهب جي رستي چوي ٿو، جو هي انسان قاضيءَ سمجهائڻ پٽاندر چڱا ڪم ڪندو ته قيامت ۾ سندس پاران قاضي ڄڻ جوابدار رهندو. پر هڪڙو هي به مطلب آهي، جو ماڻهوءَ کي جڳائي ته توڪل ڪري يعني پنهنجا ڪم ڌڻيءَ کي سونپي؛ ۽ چوي، جو ڌڻي ڄاڻي ڪم ڄاڻي؛ ڇاکان جو فارسيءَ واري پڻ توڪل کي ساراهيو آهي:

 

فارسي: اگر خواهي که از خارت شود گل،
توکل کن توکل کن توکل.

 

ترجمون:        جيڪڏهن ڀانئين ته ڪنڊي مان گل ٿئيئي.
نه رڳو توڪل ئي توڪل ڪر.

 

ڪ

 

351 – ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري ڪين ٿي.

 

        پاندي، زالون سٽ ڪتن، جڏهن هڪڙي پاندي پوري ٿئي، تڏهن اُها ٽڪ تان لاهي ٻي پانڌي ڏائن سا، پر جڏهن هڪڙي پاندي پڻ سڄيءَ ڄمار ۾ پوري نه ٿيندي، تڏهن ڪٿان ڪتبي. تنهن وانگي سڄي ڄمار مايا جي ڌنڌي ۾ وڃائبي، ته ڌڻيءَ جي يادگيري ڪڏهن ڪبي؟ فارسيءَ واري پڻ اهڙو ڏوراپو چيو آهي:

فارسي: طِفلي به بازي، جواني به مستي،
پيري به سُستي، ڪَي خدارا پرستي؟

 

ترجمون:        ٻالاتڻ راند ۾، جواني نشي ۾،

پوڙهائي هيڻائيءَ ۾، ڪڏهن ڌڻيءَ کي پوڄيندين؟

 

352 –        ڪکان ڪوڙي باهه، غلامان دوستي،

 

        يار نه ڪجي ڏوم، پيادا پوستي.

        ڏوم، يعني لنگهو، پيادو، هي اصطلاحي لفظ آهي يعني ڍل جي اوڳڙ ڪندڙ، پوستي يعني پوست جي نشي پيڻ وارو. مطلب هي آهي. جو ڪکن جي باهه ڪوڙي جٽاءُ نه ڪري، ۽ گولاڙي جي دوستي پڻ ڪمائتي نه آهي. جنهن لاءِ عربي پهاڪو آهي؛

 

عربي:          لا خير في عبيدي.

ترجمون:                نه آهي ڀلائي گولاڙي مان.

        تنهن وانگي لنگهي، پيادي ۽ پوستيءَ جي دوستيءَ مان به نيٺ نلائي آهي.

 

353 –        ڪتي جا ڏند، گڏهه جو ماس.

 

        گڏهه جو ماس بڇڙي شي آهي، ته ڪتي جا ڏند ڪي چڱا آهن ڇا؟ تڏهن ڄاڻڻ گهرجي، جو بڇڙي کي بڇڙو پهچي. جهڙي دستور سياڻي ماڻهوءَ جو لچ سان ڌنڌو اڙي، ته ٻيو لچ پنهنجي پاران وڪيل بڇي جند ڇڏائي. اهڙيءَ ڳالهه لاءِ عربي پهاڪو پڻ آيو آهي:

عربي:          سنون الڪلابا، الحم الحمارا.

ترجمون:                ساڳيو پهاڪي جو ترجمون.

 

354 –        ڪنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال،

 

        حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي.

        ماضي يعني جيڪا ٿي لنگهي، استقبال يعني جيڪا ٿيندي، حال، جيڪا هاڻي ٿي نبري؛ مطلب هي آهي، جو هڪڙا ماڻهو پراڻين ڳالهين کي ياد ڪيو ٽيڳڙيا وتن، سا پڻ پوري ڳالهه نه آهي. جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو اڳي وهيون هو، پر هاڻي ڌڻيءَ جي قدرت سان ولهو هئي ته اها پراڻي ٽيڊ ڪاٿي هلنديس، ۽ ٻيا هڪڙا ماڻهو اڳتي ٿيندڙ ڪم جي اڻ تڻ رکن، سا پڻ پوري هاج نه آهي: ڇاکان جو معلوم نه آهي، ته هن کان پوءِ ڇا ٿيندو. تنهنڪري هاڻوڪيءَ مهل جي حال ۽ صحبت موجب هلت ڪرڻ گهرجي.

 

355 –        ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾.

 

        ڀريءَ ۾ ۽ ڀاڪر ۾، هي اصطلاح آهن، جن جي معنيٰ گهڻو ۽ ٿورو آهي، پهاڪي جي معنيٰ هي آهي، جو ڪڏهن گهڻو ڪڏهن ٿورو؛ پر مطلب سندس هي آهي، جو مايا جو ڌنڌو ڪڏهن ڪهڙي ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ رهي ٿو. جهڙي ريت اردوءَ وارو چوي ٿو:

اردو:    جب گيا بلبل چمن ۾ ديکهه ڪي فصل خزان،
روڪي هس ڪهني لگي گاهي چنين گاهي چنان.

 

ترجمون:        جڏهن بربليءَ باغ ۾ وڃي ڦٽاڻيءَ جو حال ڏٺو،
روئي کلي چوڻ لڳي، ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن.

 

356 –        ڪارو وهي ڪمري گڏ، ته ورن نه مٽائي ته عادت مٽائي.

 

        ڪمرو، چٽ ڪمرو يعني ٻه رنگو، ورن يعني رنگ، اشراف ماڻهو لچ جي سنگت ۾ وهندو ته مهانڊو لچ جهڙو ڪين ٿيندس، پر لڇڻ جائي لچ جا سکندو. تنهنڪري سياڻا ماڻهو اهڙيءَ صحبت کان جهليندا آهن. فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:

فارسي: با بدان کم نشين، که صحبت بد،
گرچه پاکي، ترا پليد کن.
آفتابي بدين بلندي و تاب،
پاره ابر نا پديد کند.

 

ترجمون:        بڇڙن سان ٿورو ويهه، جو بڇڙي صحبت، جيتوڙي سٺو آهين، اوٺو ڪنديءِ. سج کي هيتريءَ وڏائيءَ ۽ سوجهري سوڏو، ڪڪر جو ٽڪر لڪائي ڇڏي.

 

357 –        ڪهڻي سڀڪو ڪهي، پر کرو ڪو وهڻيءَ رهي.

 

        ڪهڻي ۽ وهڻي هي ٻئي اصطلاحي لفظ آهن، يعني چوڻ ۽ ڪرڻ. پهاڪي جي معنيٰ هي آهي، جو چوڻ لاءِ سڀڪو چوي، پر کرو ڪو ڪرڻ لاءِ ڪري. جهڙوڪي سڀڪو چوي، جو ڪوڙ، چوري، گلا، حرام ۽ ٻيا اهڙا ڪم بڇڙا آهن پر کرو جڏهن ڪو پاڻ نه ڪري. تنهنڪري جيترو ڪري سگهي، ڄڀ سان پڻ اوترو چوي، تڏهن هن پهاڪي جي اوڀالي کان ڇٽي.

 

358 –        ڪتيءَ کي ڪنهن اُماڙ ڏنو هو، سا تارا ڏسي ٿي ڊني.

 

هن پهاڪي جي معنيٰ ۾ لڪو ڪين آهي، جو پڌرو ڪجي؛ پر مطلب هي آهي، جو هڪڙيءَ مهل ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم مان گهاٽو پائي، يا ڏک ڏسي ته وري جيڪر ان ڪم ڏسڻ کان پڻ ڊڄي. پهاڪي نمبر 402 واري ۾ پڻ اهڙو بيان ٿيو آهي.

 

359 –        ڪتي جو پڇ ٻارهن مهينا نڙ ۾ پائي رک،

 

         ته به ڏنگوئي رهندو.

        ڪتي جو پڇ اصل کان ڏنگو هوندو، سو نڙ ۾ پوڻ سان ڪٿي ڏنگ ڇڏيندو؟ تنهن وانگي جنهن ماڻهوءَ کي اصل کان بڇڙي عادت هوندي، سو سيکارڻ سان ڇڏيندو ڇا؟ جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

هندي: جو جانڪو پڙيو سڀاءُ جاوي جيءَ سون،
نيم نه ميٺي هوءِ سنچ ڳڙ گيهيءَ سون.

 

ترجمون:        جا جنهن جي عادت هوندي سا ساهه سان ويندي؛
ڳڙ ۽ گيهه سان گڏ ته به نم مٺي نه ٿئي.

 

360 –        ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.

 

        ڪتي جو کاڄ سدائين جوٺ اَٺ ۽ هڏو گڏو آهي، تنهن کي ڪڻڪ جي ماني جا اُچو کاڄ آهي کارائبي؛ ته ڇا سڌرندو. تنهن وانگي ڪميڻو ماڻهو سدائين ڦٺ لعنت سان سمجهندو هوندو، سو شابس چوڻ مان ڇا سمجهندو؟ تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:

        هڪڙو حاڪم پنهنجي پکاليءَ کي گهڻو ڪي ناڻو باسيائين ۽ گهڻي منٿ ميڙ ڪيائين، پر مهاڻي يعني پکاليءَ سڱ ڏيڻ نه باسيو؛ تنهنڪري ڏک ڀرجي موڙه سوڙه ڪري ويٺو. اها ڳالهه سندس هڪڙي صوبي ٻڌي، تنهن مهاڻي کي گهرائي ڏاڙهيءَ مان جهلي پنج ست موچڙا هنيان. مهاڻي پڇيو، ڙي سائين ڇو ٿو ماريم؟ چي ڙي ليڙپيءَ منهنجو حاڪم توکان سڱ ٿو گهري، تنهن کي ڇو نٿو ڏين؟ مهاڻي چيو، اڙي سائين اُن ڪو تو وانگي سمجهائي به چيو هو! هاڻي تو سمجهايو آهي، تڏهن جيءُ ڏيان، نچ ڏيان. هاڻي ڏسڻ گهرجي ته پهاڪي واري سچ چيو آهي نه؟

 

361 –        ڪالهوڻي ڪالهه گئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو،

        جنهن ۾ ماڻ پيو، سا راهه رهندي ڪيترو.

        راهه يعني اَن جو ڍڳ، جنهن ان جي ڍڳ مان ماڻ سان مئجي نڪرندو، سو ڇا جهليندو؟ نيٺ کپي ويندو. تنهن وانگي دنيا ۾ جيوت جا ڏهاڙا جنهن مان ڏهاڙي هڪڙو ڏهاڙو نبرندو ويندو، سي ڇا جهليندا؟ جهڙو ڦُٽَلَ دلي جو پاڻي ٽمندي ٽمندي کپي رهي.

 

362 –        ڪنيءَ رن جا ٻار، ٿورا تئن چڱا.

 

        هن پهاڪي جو بنياد هي آهي، جو هڪڙي عورت پوڙهيءَ، سڃيءَ ۽ بيمار کي ٻار گهڻا هئا، تن مان هڪڙو مري پيو، ۽ رن پٽڻ لڳي؛ اهو حال ڏسي پاڙوسي هڪڙو کلڻ لڳو. فقير هڪڙي اُن پاڙوسيءَ کي چيو، جو هن کي مرڻو، توکي کل؟ تنهن کي پاڙوسيءَ هي پهاڪو چئي سڻايو. پر مطلب هي آهي جو ڪني وهنوار ۾ هٿ جئن ٿورو تئن چڱو؛ بلڪ نه هئي ته هيڪاري چڱو.

 

363 –        ڪري سو پائي، فقير کنڊ کائي.

 

        هي پهاڪي جي پوئين سٽ رڳي خوش طبعيءَ لاءِ آئي آهي؛ مگر پهرينءَ جو مطلب هي آهي، جو جهڙا ڪم ڪندو سو تهڙو ڦل پائيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي:         هر کسي آن در وَد عاقبت کار، که کِشت.

ترجمون:                نيٺ سڀڪو اُهو لڻندو جيڪي پوکيائين.

 

364 – ڪهي سا رهي، ٻولي ٻاروچن جي.

 

        هن پهاڪي وارو رڳو سچارن مڙسن جي ڳالهه جي سچائي ڏيکاري ٿو، جو سچار ماڻهوءَ جي وات مان ڳالهه نڪتي ته ڄاڻ ٿي، وري ڦري نه . فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي:         سخن مردان جان دارد.

ترجمون:                مڙسن جي ڳالهه ۾ ساهه آهي.

 

365 –        ڪوسا ناوي، ٿڌا کاوي، ته ويج پاس نه جاوي.

        سياڻا ماڻهو ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ، ۽ ٺاري کاڄ کائڻ جو گهڻو تاڪيدا ڪندا آهن؛ ۽ چون ته جيڪو اها هلت ڪندو؛ تنهن کي گهڻو ڪري گهائيءَ جو ڊپ يا طبيب جي ڪاڻ نه رهندي. بعضي يوناني طبيب ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ بابت هي لطيفو چوندا آهن، جو مئل ماڻهوءَ کي ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجارن ٿا، سو جيءُ نه ٿو پوي، تنهن جو عجب آهي: يعني ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ ۾ اهڙي ڀلائي آهي. تنهن کان سواءِ ننڍپڻ جي ڏهاڙن ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ هڪڙو مهتو تارا چند سيوهاڻي ڏٺو هوم، جو هميشھ کاڄ تمام ٺاري کارائيندو هو ۽ سنان پڻ ڪوسي پاڻيءَ سان ڪندڙ هو. تن ڏهاڙن ۾ اٽڪل پنجاسي (85) ورهين جي ڄمار هيس، ته به اکين جو سهائو اهڙو هوس، جو رات جو بنا عينڪ لکندو ۽ ڏندن سان ڀڳڙن جهڙيون شيون چٻي ويندو هو. تڏهن ڀايان ٿو جو پهاڪي واري سچ چيو آهي.

 

366 –        ڪر چڱائي ڄٽ سان، ته ڦيري هڻيئي پٽ سان.

        ڄٽ يعني جهنگلي، پر هت لچ جي شان ۾ آيو آهي. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو لچ سان گهڻو ئي ڪو ڀلائي ڪري، ته به نيٺ منجهانس برائي پرائي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي:        اگر عمري نوازي سفلئه را،
به کمتر چيزي آيد با تو در جنگ.

 

ترجمون:        جيڪڏهن سڄي ڄمار لچ کي پالين،
ٿوريءَ شئي تان توسان وڙهندو.

 

367 –        ڪنڌيون پار، قنڌارون پار.

 

        ڪنڌيان پار يعني نديءَ جي هن ڀر، يا ڀت جي ٻئي پاسي، قنڌاران پار يعني قنڌار کان پري. مطلب پهاڪي جو  هي آهي، ته جو ماڻهو دل کان پري آهي، سو پري آهي؛ ۽ دل کي ويجهو سو ويجهو. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي:         دوران با خبر در حضور؛ نزديکان بي بصر دور.

ترجمون:                پراهان خبر سان ويجها، ويجها اڻ ڏٺا پري.

 

368 – ڪچيءَ ڪنا نه وريا، پڪيءَ ڇا ورندا.

        هن پهاڪي جي معنيٰ هي آهي، جو مٽيءَ جو باسڻ جاسين ڪچو آهي، تاسين سندس ڪنن جو وارڻ ڦيرڻ ڪنڀر جي وس  آهي؛ پر پڪي کان پوءِ وري نه سگهن. تنهن وانگي جو ماڻهو ننڍپڻ ۾ علم يا ادب جي ترتيب سان نه سڌريو، سو وڏتڻ ۾ اهڙو سڌرندو، جهڙو ٻڍو طوطو پڙهي.

 

369 –        ڪک هيٺ لک پيو آهي.

        هن پهاڪي جو مطلب اهو نه آهي، جو پڪ سڀ ڪنهن ڪک هيٺ اهڙو مال رکيو آهي؛ مگر ڌڻيءَ جي وڏائي ڏيکاري ٿو، جو هن جي ڳجهه جي ڪل ڪنهن کي ڪانه آهي. فارسيءَ واري پڻ اهڙو پهاڪو چيو آهي.

فارسي:        هر بيشھ گمان مبرکه خالي است،
شايد که پلنگ خفته باشد.

 

ترجمون:        سڀڪو ٻوڙو مڄاڻ ته ٺلهو هوندو،
جو متان منجهنس چيتو سُتو هئي.

 

370 –        ڪوڙو کائجي، مٺي جي لالچ تي.

        مطلب هي آهي جو جڏهن ڪنهن مان ڪم ڪڍڻو پوي؛ تڏهن ڪوڙو ڳالهو ٻڌي به ماٺ ڪري ڪم ڪڍي وٺجي ٿو؛ نه ته جيڪر ڪير ڪنهن جو ويڻ سهي؟ جهڙو هنديءَ وارو چوي ٿو؛

هندي: بن سوارٿ ڪئسي ڪو اوڪڙ وي بَيِن؟
لات کان ٻُچڪار ئي جيون دو ڌارو ڌين.

 

ترجمون:        پنهنجي مطلب بنا ڪير ڪوڙا ڳالهوَ سهي؟
جئن ڌنار لت کائي به ڳئون ٻچڪاري ڏُهي.

 

 

371 –        ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شُتريا گهول پتاشا پيوي.

        شُتريا هڪڙي فقيرن جي ذات آهي، جي هميشھ بي پرواهه ۽ خوش طبع رهن؛ گهول پتاشا پيوي؛ يعني شربت جوڙي پيئي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو جيڪي فقير ڌڻيءَ جا ڳولا ۽ دنيا کان ڇٽل آهن، تن کي ڪنهن جي ڀلي يا بري سان ڪو واسطو نه آهي؛ سدائين رنگ ۾ رتا وتن. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:

فارسي: مادر دو جهان غير خدا يار نداريم؛

        جز ياد خدا با دگران ڪار نداريم؛

ترجمون:        ڌڻيءَ ڌاران ٻن جهانن ۾ ڪو يار نه رکون؛ ڌڻيءَ جي يادگيريءَ بنان ٻين سان ڪم نه رکون. ۽ نمبر 432 واري پهاڪي ۾ پڻ اهڙي پچار هلي آهي.

 

372 –        ڪڃريءَ جو يار، بهريءَ جو شڪار، سدا خوار.

        بهري، باز جي ذات ۾ هڪڙو شڪاري پکي آهي، جو ڪونجن جو شڪار ڪري ۽ شڪار جي وقت پاڻ ڪونج لاءِ اڀ ۾ ڊوڙي، ۽ سندس ڌڻي منجهس ڌيان رکي نهاريندو، ڌرتيءَ تي پٺس ڊوڪندو وڃي؛ تنهنڪري ان شڪار واري ماڻهوءَ کي کڏ کوٻي ۾ ڪرڻ جهرڻ جو دپ رهي. مطلب، جو شڪار هڪڙو چشڪي جهڙو ڪم آهي، پر سياڻا ماڻهو جوکي جي سانگي اهڙي سواد کان پڻ روڪين. تنهن وانگي ڪڃريءَ جي صحت جو گهاٽو جو پڌرو آهي، سو پڻ ويچار وارن کي نه وڻي.

 

373 –        ڪشيي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان، ٽپيئي نه کوها،

                      رهيئي نه جوا.

1–     سينڱ تاڻڻ مان هي گهاٽو آهي، جو ڇُٽل تير وري نه موٽي، جهڙو وات مان نڪتل ڳالهه وات ۾ نه اچي؛ يا جهڙوڏڌل کير ٿڻن ۾ پوي.

2 –   ضامن پوڻ مان هي تاوڻ آهي، جو گهڻا ڀرڪا ضامنن کي تاوڻ ڀريندو ڏٺو ٻڌو آهي.

3 –   کوهه ٽپڻ ۾ هي ڊپ آهي، جو پير ترڪيو، ته سر جو جوکو.

4 –   جوا کيڏڻ جو گهاٽو ۽ گلا جهان ۾ پڌرا آهن.

        تنهنڪري سياڻا ماڻهو انهن چئن ڪمن کان منع ڪندا آهن.

 

374 –        ڪميڻو ڪپڙا ڪري ڏسي پنهنجو ڏيل،

        ڏسي پنهنجي ڏيل کي ڊوڙائي دليل،

        ته مون جهڙو ملڪن ۾ آهي قدر قليل؛

        اڳيان گڏيس اصيل، تڏهن رايون ويس وسري.

ڪي ڪي ڪميڻا ماڻهو پنهنجي ٿوريءَ موڙيءَ کي گهڻو ڄاڻي ٽنڊ ڪن، پر اشرافن يا ڀاڳوانن جي اڳيان اُها ٽنڊ ڦڪي لڳين. تن جي شان ۾ هي پهاڪو بيت ٿي آيو آهي؛ تنهن لاءِ هڪڙو مثل ياد آيو اٿم.

هڪڙو بادو نالي ڪوري غريب ماڻهو هو، ۽ عيد جي ڏهاڙي پنهنجي غريبيءَ آهر ڪپڙا ڪيائين، اُن ڪپڙن کي ڏسي ٽيڳڙجي پاڻ کي چوڻ لڳو ”جيءُ ڙي بادا جيءُ.“ پر ڏهن گهر کان ٻاهر نڪري ڏٺائين جو وڏا وڏا ماڻهو زري زريفت جا ڪپڙا ڍڪيو عيد پڙهڻ ٿا وڃن، تڏهن پنهنجي پوشاڪ کي سادو ڄاڻي شرمندو ٿي وري پاڻ کي چوڻ لڳو ”ڊين ڙي باڊا ڊين“. مطلب جو هن ماڻهوءَ کي جڏهن ڌڻيءَ عقل ڏنو آهي، تڏهن پنهنجي ڪَود ۾ پاڻ منهن پائي ويچار ڪري پنهنجي ۽ ٻئي جي دولت ۽ مان کي ۽ وڏائيءَ کي تڪي هلت ڪري، ته جيڪر نيٺ نه پڇتائي.

 

375 –        ڪاڻي وسوڙي، چي مڙسم ويو اک کي.

 

        واهه مائي ڪاڻي ٻائي، مڙسئين اڳ وٺي ٿو اچي. هي پهاڪو ڀورڙن ماڻهن جي ويساهه جي ڀل ڏيکاري ٿو، جو ڪاڻي وسهي ته مڙسس اک وٺي ٿو اچي؛ نه ته سچ پچ ڪو ماڻهو ڪٿان آڻيندو. تنهن تي هڪڙي ڳالهه آئي اٿم:

 

ڳالهه

 

        جڏهن نوشهري ۾ مختيارڪار هوس، تڏهن ساڌوءَ نالي هندو جنهن جو پٽ ناجوڙ ٿيو، تنهن کي ڊاڪٽر صاحب يا يوناني طبيب جي دوا ڪرڻ لاءِ گهڻو چيم، پر هن چيو جو هڪڙا ٻه ڄڻا سن ساوڙيءَ جي ڳوٺ مان آيا آهن، جي چون ٿا ته جِنَ سندن مڃتا ۾ آهن. تن کي گهرائي ڇوڪر ڇٽائينداسون. ان ڪوڙي دلبي تي نه لڳڻ لاءِ هن کي گهڻو سمجهايم، پر نه سمجهيو؛ ۽ هن پهاڪي واريءَ ڪاڻيءَ وانگي اُڻ جي دلاسي لڳي سندن هيٺ خرچ پڻ ڪيائين ۽ بيماري جي دوا کان به ماٺ ۾ رهيو، ايتري ۾ مرض دوا ڪرڻ کان ڏاڍو ٿي ويو، نيٺ ويچارو بيمار ڪين ڇٽو. حاصل ڳالهه جو اڻ ٿيڻ جهڙيءَ ڳالهه تي وسهڻ سياڻپ سان وير وجهڻ آهي.

 

376 –        ڪم قُوَت، آڪڙ بهت، مار کاوڻ ڪي نشاني.

 

        هن پهاڪي جي اکري معنيٰ پڌري آهي؛ مگر سندس چوڻ وارو سمجهائي ٿو ته پاڻان ڏاڍي سان جو وڙهندو سو پاڻ مارائيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: هر که با فولاد بازو پنجه کرد؛
ساعد سيمين خود را... رنجه کرد.

 

ترجمون:        جنهن رڪ جي ٻانهن واري سان هٿ اڙايو،
روپين ڪرائين پنهنجن کي ڏکويائين.

 

 

377 –        ڪوڙ ڄمار جي ڪتر آهي.

 

        جيتوڙي ته هن پهاڪي مان پڌرو نڪري ٿو، جو ڪوڙ ڳالهائيندڙ جي ڄمار ڪترجي گهٽ ٿي ٿئي، پر

فارسي لطيفه؛  گر روي در دهان شير و پلنگ،

                نه خورندت، مگر بروز اجل.

ترجمون:        جيڪڏهن شينهن ۽ چيتي جي وات ۾ وڃي،

        نه کائيندءِ، مگر مرڻ جي ڏهاڙي.

        جڏهن انهيءَ لطيف تي ئي نظر ڪجي، تڏهن ڄاڻجي ٿو جو ڄمار گهٽ وڌ ٿيڻ جي نه آهي.

        مگر سندس مطلب هي آهي جو ڪوڙ مانُ وڃائيندڙ ۽ گلا ڏياريندڙ آهي. اهڙي بي ماني ۽ گلاري جيڻ کان مرڻ ڀلو آهي. جهڙو هنديءَ وارو چوي ٿو:

 

هندي: جو جڳ ۾ اپ ڪيرت هوءِ سٺ، ميچ ڀلي ره ڀات جيئي تي.

ارٿ:   جهان ۾ گلا ٿئي، اهڙي جيئڻ کان مرڻ ڀلو.

 

378 –        ڪاڻيءَ جي وهانو ۾ سنگٽ به گهڻا.

 

        سنگٽ، هي هندي اصطلاح جو لفظ آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو تارو يعني گرهه ڪنهن اهڙيءَ راس ۾ ايندو آهي، جو هندن جي وهانو جي مورت ۾ حرڪت ٿي پوي، اهڙيءَ حرڪت جو نالو سنگٽ آهي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو ڪاڻي عورت جا وڏ واري آهي، تنهن کي گهوٽ ملڻ اهنجو، باقي وهانو ۾ سنگٽ پيس، ته رولي ۾ رولو ٿيو. پر مطلب هي آهي، جو نڀاڳو ماڻهو ڪنهن ڪم لاءِ توڙي گهڻو به ڊوڙندو، ته به سندس ڪم مان هڪڙي نه ٻي حرڪت ڪين ويندي.

 

379 –        ڪم هيڻ کيتي ڪري، بَلدُ مري، يا ٽوٽا پڙي.

 

        ڪرم هيڻ يعني نڀاڳو، بلد يعني ڍڳو، ٽوٽو يعني گاٽهو، پهاڪي جي لفظن جي معنيٰ پڌري آهي جا سڀڪو ڄاڻي ٿو؛ مگر مطلب هي آهي، جو نڀاڳو ماڻهو واڌي واريءَ ڪم ۾ هٿ وجهندو، ته به گهاٽو پائيندو. مثل جاڏي ويندو، تاڏي واڌو نه ڏسندو. جهڙو فارسي بيت آهي:

بيت:   بي بخت اگر تشنھ رود برسر چاهي،
يا دَلَو فرو افند، يا خشک بر آيد.

 

ترجمون:        نڀاڳو اُڃايل جيڪڏهن کوهه تي وڃي،
يا ٻوڪو ڪري پوي، يا کوهه سڪي رهي.

 

 

380 –        ڪتي جو ڪارو منهن، رٻ اوتري جي اوتري.

 

        پهاڪي جي پيڙهه جي هن ريت آهي، جو هڪڙي غريب رٻ جو ڪنو رڌي رکيو، تنهن ۾ ڪتي اچي ٻوٿ وڌو، پر رٻ کائڻ کان اڳي مالڪ هڪلي ڇڏيو ۽ ڏٺائين جو ڪتي رٻ ڪانه کاڌي. رڳو ڪنو نوسيائين ۽ ڪني جي ڪارنهن منهن کي لڳس، تڏهن ڪني جي ڌڻيءَ کلي هي پهاڪو چيو. پر مطلب پهاڪي جو هيءُ آهي، جو ٻن يارن جي وچ ۾ هڪڙو چيڻاڀور پئجي هڪڙي جي ٻئي وٽ گلا ڪري - ڏڦيڙ وجهي؛ پر جڏهن هو ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري ٻڌي لائيءَ چائيءَ واري جي ڳالهه کي گڏهه جي هينگ جهڙو ڄاڻي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿين، تڏهن اُن ٻچاپڙي جي واسطي هي پهاڪو چوڻ ۾ اچي.

 

381 –        ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ.

 

        ماٽي، اُهو ماڻهو، جو پلن جي مند ۾ پيٽ ڀر مٽ تي چڙهي پلا ماري؛ مٽ، اُهو ٺڪر جو مٽ جنهن تي اُهو مهاڻو چڙهي.

        معنيٰ پهاڪي جي هي آهي، جو پهريائين اُهو مهاڻو مٽ تي چڙهي لاوهارو ٿي پلا ماريندو درياءَ ۾ وڃي؛ ڳچ پنڌ کان پوءِ وري سُڪيءَ تي نڪري اُهو ساڳيو مٽ مٿي تي کڻي، ڪپ وٺي اوڀارو وڃي. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو ڌڻيءَ جي وڏائيءَ جو نشان ٿو ڏيکاري. جهڙيءَ طرح ڪڏهن پٽ پيءُ جو تليڍو، ڪڏهن پيءُ پٽ جو محتاج؛ ۽ گهڻا ڀيرا ڏٺو ٻڌو ويو آهي، جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ هڪڙو ٻئي جي هٿ هيٺ رهيو آهي، ۽ سمي پائي ڌڻيءَ جي دڳي سان هٿ هيٺ وارو بالادست ٿي ويو آهي، ۽ اُهو بالادست اُن ساڳئي جو تليڍو ٿي رهيو آهي.

 

382 –        ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.

ڪُک هڪڙي پيٽ جي ڀر ۾ پاسيريءَ جي هيٺيان عضوو آهي؛ پر هت مراد سنديس پيٽ آهي. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو هڪڙو ماڻهو بک مرندي چوري، يا ٺڳي يا ڪا ٻي ڪپت جهڙي هاج ڪري، سا ڦٻيس ته نه، پر مورڳو جهلجي پوي، ته مٿس هي پهاڪو لاڳو ٿئي.

 

383 –        ڪني آڱر وڍي چڱي.

 

        هڪڙيءَ آڱر ۾ ڪنهن کي اهڙو ڦٽ ٿئي، جو پاڻ ته ڇٽڻ جهڙو نه هئي، پر ٻين آڱرين کي کارڻ جهڙو هجي، ته اهڙيءَ آڱر کي وڍائڻ چڱو آهي. تنهن وانگي جڏهن ڪنهن لچ، يا ڪپتئي ماڻهوءَ سان ڌنڌو اڙي، جنهن مان واڌو واڌيءَ جي ماڳ، پر مورڳو گهاٽي جو ڊپ هئي، تڏهن اُهو ڌنڌو اٻوڇي پائي به ڇني ڇڏجي.

 

384 –        ڪوڙي سڄڻ کان سچو ويري به چڱو.

 

جيتوڙي هي پهاڪي وارو سچي ماڻهوءَ جو ويرپو ڌُڻي ٿو، جو وير ڪنهن جو به چڱو نه آهي، پر مطلب سندس ڇا آهي، جو ڪوڙي کان مُدل ڀڄي ٿو، ۽ سچي کي ساراهي ٿو.

 

385 –        ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا.

 

        لفظن جي معنيٰ هيءَ آهي، جو ڪاٿي چور وتن چوريءَ لاءَ ڍور ڳوليندا، ته هٿ ڪونه لڳين؛ ڪاٿي ڍور وتن سڃا چرندا، ته چور ڪونه ڏسين. پر مطلب هي آهي، جو هي پهاڪو ڌڻيءَ جي بيپروائي ڏيکاري ٿو، جو ڪاٿي ڪهڙو رنگ، ڪاٿي ڪهڙو روپ جوڙيو اٿس. تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:

        مير غلام علي خان صاحب بهادر اڳوڻو حاڪم سنڌ جو هڪڙي ڏهاڙي ڪچهڙيءَ ۾ ويٺو هو ۽ اڳيانس چلمچي سوني رکي هئي تنهن ۾ ٿڪ اڇلايائين، اهو حال ڏسي ٻروچ هڪڙي چلمچيءَ کي سلام ڪري چيو، ”واهه ميان سون، ڪاٿي ٻروچاڻيءَ جي نڪ ۾ نٿ به نه ٺهي، ڪاٿي ته ٿڪون پيو جهلين“.

 

 

386 –        ڪنهن جو اگهي ڪوڙ، ڪنهن جو سچ به سُهمن گاڏئون؛

        ڪنهن جي ماني ڪري نه مور ڪنهن جا ٽڪر به ٽيڻان ڪري.

        سُهمون يعني ڇڙٻون، ٽڪر يعني مانيءَ ڀور.

        هي پهاڪو پڻ ڌڻيءَ جي وڏائيءَ جو اُهڃاڻ ٿو ڏيکاري؛ جو جڏهن ڌڻي مهربان آهي، تڏهن ڪوڙ به ٿو اگهي؛ نه ته سچ جو ملهه چور ٿيو پوي. پر مطلب هي آهي، جو ڪٿي ڪٿي ڏٺو ٻڌو ويو آهي، جو ڏڏ ڀاڳوان، ۽ سياڻو نڀاڳو. تنهن تي فارسي بيت پڻ آيو آهي:

بيت:   اوفتاده است در جهان بسيار،
بي تميز ارجمند، و عاقل خوار.

 

ترجمون:        جهان ۾ گهڻا پيا آهن،
اڄاڻ پيارو، ۽ سياڻو خوار.

 

387 –        ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙه مقام ۾؛

        واريءَ سندو ڪوٽ، اَڏيو اڏبو ڪيترو.

        مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو جيوت جا ڏهاڙا ٿورا آهن، سي واريءَ جي ڪوٽ وانگر ڪين جهليندا، نيٺ مرڻو ئي آهي. تنهن تي بابا نانڪ صاحب جو وچن پڻ آهي:

وچن    ڪَھُ نانڪ ٿِرُ ڪڇ نهين، سپني جيون سنسار.

وچن:   ٻائو صاحب ٿو فرمائي ته سپني جهڙو جهان رهڻ جو نه آهي.

 

388 –        ڪانياري ٻلي ڪوئي جي جوءِ.

 

        ڪانياري، يعني ڪاڻ يا گهرج واري؛ جيتوڙي ته ڪوئو ٻليءَ جو شڪار آهي، پر پهاڪي وارو چوي ٿو جو گهرج وارو ماڻهو توڙي ڏاڍو ئي هوندو ته به ڊڄندو ئي رهندو. جهڙو فارسيءَ وارو چوندو آهي:

فارسي: آنچه شيران را کند روبھ مزاج،
احتياج و احتياج و احتياج.

 

ترجمون:        جيڪي شينهن کي ڦيڪاريءَ جهڙو ڪري،
گهرج ۽ گهرج ۽ گهرج.

 

 

389 –        ڪک جو چور، سو لک جو چور.

 

        هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪونه ٿو نڪري، مگر ايترو آهي ته جو ماڻهو هڪڙي ڀيري ٿوريءَ چوريءَ تي به هريو، سو ٻيهر گهڻي چوري ڪندي پڻ ويرم نه ڪندو.

 

390 –        ڪتو ۽ ڪپاٽ ٽوڙهي سان ٽپائجي،

        ساڌو ۽ سپاٽ، وهارجي وچ ۾.

        ڪپاٽ يعني نالائق ماڻهو، ٽوڙهو يعني نوڙي، ساڌو يعني اشراف، سپاٽ يعني لائق ماڻهو، وهارجي وچ ۾، هي اصطلاحي لفظ آهي، يعني آبرو ڏجيس. هي پهاڪي وارو ايترو سمجهائي ٿو، جو لچ کي آڌر نه ڏي ۽ اشراف کي پيار ڏي، ۽ ساڻس پريت رک. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي: با بدان بدباش، با نيکان نکو،
جاءِ گل گل باش، جائي خار خار.

 

ترجمون:        بڇڙن سان بڇڙو رهه، ۽ چڱن سان چڱو؛
گل هنڌ گل ٿي، ڪنڊي هنڌ ڪنڊو.

 

391 –        ڪڻڪ ڪڍي بهه کي باهه ڏي.

 

        هن پهاڪي مان سنساريءَ ماڻهوءَ لاءِ هي مطلب نڪري ٿو، جو دنيا ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جن ۾ گهڻا اوڳڻ آهن، پر منجهن ڪي ڳڻ ڪم اچڻ جهڙا پڻ آهن. تڏهن سياڻو ماڻهو اُن جي اوڳڻن ڏي نه نهاري ۽ ڳڻن کي اُڀري وٺي. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:

فارسي: بود خار با گل هم اي هوشمند،
چه در بند خاري؟ تو گلدسته بند.

 

ترجمون:        اي سياڻا گل ۽ ڪنڊو گڏ ٿا رهن،
ڪنڊي جو فڪر ڇو ٿو ڪرين؟ گلدستو جوڙ.

 

        ۽ درويش لاءِ مطلب هي آهي، جو دنيا مان هڪڙو پاڪ ڌڻيءَ جو نالو هٿ ڪري ٻين ڌنڌن کي کڻي ڇڏي. تنهن لاءِ پڻ فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي: خلاف طريقت بود که اوليا،
تمنا کند جز خدا از خدا.

 

ترجمون:        درويش کي هي طريقت کان اُبتڙ آهي،
جو ڌڻيءَ کان ڌڻيءَ ڌاران ٻيو گهري.

 

392 –        ڪوري پلوين ن پائجي.

        ڪوري يعني نئين گندي، چادر، يا ڌوتي، يا ٻيو اهڙو ڪپڙو گهڻو ڪري وچ کان سگهو پرانو ٿئي؛ پلون يعني پاسن کان چرڪو. جڏهن ماڻهو وچ پراڻو ڏسن، تڏهن پَلَوَ ڳنڍي وچ کان ڦاڙن. تنهن کي اصطلاح ۾ چون پلوين پائڻ، پر اهو ڪم پراڻيءَ گنديءَ لاءِ آهي. ڪوريءَ گنديءَ کي پلوين ڪونه پائي؛ پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان ريت ڪري ته جيڪر پاڻ تان ماڻهو کلائي. جهڙوڪ هڪڙو ماڻهو واٽ ويندي ڄاڻي، جو ڪوهه پنڌ کان پوءِ واهه جو پاڻي لنگهڻو آهي، ۽ اڳواڻ ڪپڙا لاهي مٿي تي ٻڌي، يا هڪڙو ماڻهو چڱو ڀلو هئي، ۽ ٻيو ڄاڻي جو هي نيٺ مرندو، تنهن لاءِ ڪفن وٺي اچي. اهڙين ڳالهين کان پهاڪي وارو منع ٿو ڪري؛ سنديس مراد هيءَ آهي، جو سڀڪنهن ڳالهه جو مهل کان اڳي اُلڪو ڪرڻ نه گهرجي.

 

393 –        ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ پوي.

 

        ڪوري ماڻهو هڪڙي کڏ کڻن؛ جنهن ۾ اُڻڻ مهل ڄنگهون وجهي ويهي اُڻن، جنهن کڏ کي دَکَڻُ ڪري چوندا آهن. پهاڪي جو مطلب، جيڪو ماڻهو ٻئي جي برائيءَ لاءِ جوڙجڪ ڪندو آهي، سو ڪر پاڻ لاءِ ٿو ڪري؛ تنهن جي سمجهائڻ لاءِ فريد صاحب وچن فرمايو آهي:

وچن:   جو تيري کڏ کڻي نون اُسدي راه سنوار؛
اوه آپي پوسين کڏ وچ تون لنگهي پوسين پار.

 

ارٿ:   جو تولاءِ کڏ کوٽي تون ان جي واٽ جوڙ؛
هو پاڻ کڏ ۾ پوندو تون پار لنگهي پوندين.

 

394 –        ڪم پوي، ڪل پوي.

 

        ڪل يعني سُڌ، اندر ٻاهرو ماڻهو ويس چڱو ڪري، جنهن ڪري چڱو مڙس ڄاڻجي، پر سندس اندر جا وسلا تڏهن سمجهي سگهن، جڏهن ساڻس ڪو ڌنڌو اڙي. تنهن تي شاه عبداللطيف پڻ فرمايو آهي:

بيت:   يار سڏائي سڀڪو جاني زباني،
آهي آساني، پر ڪو پئي ڪل پوي.

 

 

395 –        ڪُوڙي جي ڳالهه کڏ جي ڊوڙ.

 

        جهڙيءَ طرح هڪڙو ماڻهو کڏ تي چڙهي ڊوڙ پائي، پر جڏهن کڏ پورو ٿئي تڏهن ڪاڏي ويندو. جائي مُنجهي بيهي رهندو. تنهن وانگي جو ماڻهو ڪوڙي ڳالهه ڪندو، ۽ اُها ڳالهه پوري نه لڳندي، ته کُڏ جي ڊوڪڻ ڦڪو ٿي بيهندو ڪ نه؟ مراد هيءَ آهي، جو ڪوڙ جي پاڙ ٺڪريءَ تي آهي.

 

396 –        ڪنگر ۾ ڪڪڙا، پڙي مبارڪ.

 

        ڪڪڙا يعني ڪپھ جو ٻج، هڪڙو هاري ونئڻن پوکڻ لاءِ ڪڪڙا ڪنگر ۾ پسائي رکي، جوڻس رٿ ڪري جو ونئڻ ٿيندا، تن جي ڪپھ ڪتي ڪپڙو اُڻائي؛ پڙو رڱائي ڍڪيندس؛ تنهن تي اڳواڻ واڌايون ورائي، تنهن کي اڳ ڪٿي ڳالهه چئجي. جهڙيءَ ريت ڪو ماڻهو دل ۾ ڳڻي، جو ٻه چار ڏهاڙا پورهيو ڪري رپيو گڏ ڪنديس؛ تنهن مان ٻڪري وٺندس، اها ويامي گهڻيون ٿينديون؛ سي وڪڻي ڍڳي ڳنهندس، جڏهن ڍڳي ويامي گهڻيون ٿينديون، تڏهن اُٺ. ان ريت وهئين ٿيڻ جو سوس رکي، پر اهو رڳو اجايو حرص آهي، جو سنجم يعني قناعت بنا پورو ٿيڻ جو نه آهي. جهڙو فارسي بيت آهي:

بيت:   رَوده تنگ به يک نان تِهي ٻُر گردد؛
دولت روءِ زمين پر نکند ديده تنگ.

 

ترجمون:        آنڊو سوڙهو هڪڙيءَ رُکيءَ روٽيءَ سان ڀرجي،
سڄي جهان جو ناڻو سوڙهيءَ اک کي نه ڀري.

 

397 –        ڪڍي ڪاڍارا، ڏئي اُڌارا.

        ڪڍي ڪاڍارا، يعني وٺي وياجيرو؛ مطلب هي آهي، ته جو ماڻهو هڪڙي هنڌان وياج تي ناڻو وٺي، ٻئي هنڌ وري وياج اُڌارو ڏيندو، اهڙي اڄاڻ جو جُهڳو ڪَمُلو ٿيندو ڪ نه؟

 

398 –        ڪم پرين سڀڪو آهي، چم پرين ڪونه آهي.

        ڪم ڪرڻ واري ماڻهوءَ کي سڀڪو پسند ڪري، چم کي يعني رڳي مهانڊي کي ڪونه پيارو رکي. جهڙيءَ ريت هڪڙو ماڻهو مهانڊي جو بڇڙو ۽ لڇڻن جو چڱو ڪم سنواريندڙ هئي، ته جيڪر سڀ کي وڻي؛ پر جيڪڏهن مهانڊي جو سهڻو، رڳو ڏسڻ جو ٽوهه ۾ نڪمو هوندو، ته ڪنهن کي وڻندو؟ تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:

        محمود شاهه غزنويءَ کان پڇيائون، جو اياز جو مهانڊو بڇڙو آهي، تنهن تي ڇو عاشق ٿيو آهين؟ تن کي هي فارسي بيت ورنديءَ ۾ چيائين:

بيت:   که عشق من اي خواجه برخوءِ او است،
نه بر قد بالاءِ نيکوءِ او است.

 

ترجمون:        اي سائين منهنجو عشق ان جي لڇڻ تي آهي؛
ان جي وڏي قد موچاري تي نه آهي.

 

 

399 –        ڪوسو پاڻي ڪک نه ساڙي.

 

        هيءَ ڳالهه پڌري آهي، جو پاڻي ڪهڙو به ڪوسو هئي ته به منجهس ڪک ڪين سڙن؛ ڇاکان جو ڪک پاڻيءَ جا نپايل آهن، سو پنهنجي پاليل جو مَٺو نٿو گهري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: چوب را آب فرومي نبرد، حکمت چيست؟
شرم دارد ز فرو بردن پرورده خويش.

 

ترجمون:        ڪاٺ کي پاڻي نٿو ٻوڙي، ڪهڙي حڪمت آهي؟
پنهنجي نپايل کي ٻوڙڻ لڄ ٿي ٿئيس.

 

        پر هڪڙي ڳالهه ٻي پڻ چڱي آهي، جو ڪک پاڻ کي سڀ کان هيڻو چوايو آهي، تنهن ڪري ڪوسو پاڻي نٿو ساڙيس. تنهن وانگي درويش پڻ پاڻ کي نماڻو ٿا ڄانن، تڏهن سنسار جي ڌنڌن ڏاکڙن گوندرن کان ڇٽي وڏي پد کي پهچن ٿا. جهڙو فارسي بيت آهي:

 

بيت:   طريقت جز اين نيست درويش را،
که افگنده دارد تن خويش را.

 

ترجمون:        اِن ڌاران درويش کي ڪا وات نه آهي
جو ڪريل رکي پنهنجو پاڻ کي.

 

        ۽ تنهن کان سواءِ آڳاٽو هن ڏيهه ۾ شاهه عنايت هڪڙو ڪامل ٿي لنگهيو آهي، تنهن هڪڙي ڏهاڙي مدن ڀڳت پنهنجي سڄڻ کان پڇو، ته خدا جو در ڪيڏو آهي؟ چي اهڙو ننڍڙو آهي، جو جڏهن ڪو نِئڙي نِئڙي پنهنجو ڳاٽو ڀڃي، تڏهن مس منجهانس لنگهي. مطلب ته جنهن ڳاٽو نايو، يعني نئڙت ڪري هيڻو چوايو، سو پد کي پهتو. جهڙو شيخ سعديءَ جو چوڻ آهي:

بيت:   در آن حضرت آنان گرفتند صدر،
که خود را فروتر نهاد ند قدر.

 

ترجمون:        اُن درٻار ۾ اُنهن جاءِ پاتي،
جن پاڻ کي گهٽ قدر وارو ڄاتو.

 

400 –        ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار؟

 

        يعني ڪوريءَ کان ترار هڻڻ نه پڄي؛ هن ريت، جو اڳوڻن حڪومتن ۾ سڀڪو ائين ڄاڻندو هو ته ڪورين جي ڊڄڻي ذات آهي؛ تنهنڪري مٿن هي پهاڪو آيو آهي. پر مطلب هي آهي، جو گانڊوءَ کان مڙسيءَ جو ڪم رکڻ پوري ڳالهه نه آهي. سياڻا چوندا آهن، ته گانڊوءَ مڙس کان همت وارو کدڙو به چڱو. جهڙو فارسي بيت آهي:

 

بيت:   مخنث بھ از مرد شمشير زن،
که روز و غاسر نتابد چو زن.

 

ترجمون:        ترار هڻڻ واري مڙس کان اُو کدڙو چڱو،
جو جنگ جي ڏهاڙي زال گهاءِ مٿو نه موڙي.

 

 

401 –        ڪچي وزيران، ٿئي ٺُڙڪو ٺَڪر.

 

        ٺڙڪو يعني اڻ وڻت، ٺَڪُرَ يعني راجائون؛ جن راڄن ۾ وزير ڪچا هوندا، تاتي راجائن لاءِ ڀلو ڪٿان ٿيندو؟ تنهنڪري پهاڪي واري جي مراد هيءَ آهي، جو سياڻي ڌاران راڄ جي رٿ پَھَ جو ڪم ٻئي تي رکڻ نه گهرجي. جهڙو فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:

 

فارسي: بند اگر بشنوي، اي بادشاهه!
در همھ دفتر بھ زين پند نسيت؛
جز به خودمند مفرما عمل،
گرچه عمل کار خود مند نيست.

 

ترجمون:        اي راجا! جيڪڏهن اُپدس ٻڌين،
سڄي دفتر ۾ هن کان واڌو اُپديس ناهي؛
سياڻي ڌاران ٻئي تي ڪم نه رک،
جيتوڙي ته ڪم ڪرڻ سياڻي جو ڪم نه آهي.

 

ک

 

402 –کير جو کانيَلُ جهڻ کي ڦوڪي پِيئي.

 

هن پهاڪي جهڙي ڳالهه نمبر 358 واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي، اکري معنيٰ سندس ڌار آهي، جا سڀڪو ڄاڻي ٿو؛ مگر مطلب ساڳيو اهو آهي. تنهنڪري ان لاءِ هڪڙو فارسي شاد هيٺ ڏيان ٿو:

 

بيت:   چو باري فتادي نگهدار پاي؛
که تا بار ديگر نه لغري ز جاي.

 

ترجمون:        جڏهن هيڪر ڪرئين تڏهن ٻيهر پير سنڀال،
ته ٻيهر وري نه تِرڪي پوين.

 

 

403 –        کاڻي کچڻي، اونڌو طباق.

 

        هن پهاڪي جي پيڙهه هن ريت آهي، جو هڪڙو مڙس بُکائجي گهر آيو؛ ڏٺائين جو زال گهر ۾ ڪانه آهي، ۽ کچڻيءَ جو ڪنو چلهه تي، ۽ مٿس اونڌو طباق ٿيو رکيو آهي، سو لاهي ڏٺائين ته کچڻي کامي رهي هئي. ايتري ۾ جوڻس ٻاهران اچي پڇيس ته ڪي کاڌءِ؟ تنهن کي هي پهاڪو ٻڌائي چيائين ته کِيان ڪڄاڙو؟ مطلب ته زال گهر جي ڪم ۾ گينوار رهندي، تنهن جي مڙس کي مهل تي ماني به نه ملندي.

 

404 –        کُٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي.

 

        جيتوڙي هن پهاڪي جي اکري معنيٰ ڌار آهي، پر سنديس مراد ساڳي نمبر 359 واري پهاڪي واري آهي؛ تنهنڪري گهڻو بيان نٿو لکان، مگر ايترو بس ته جو ماڻهو جواڻي آرس ۾ وڃائي، ڌڻي ياد نه ڪندو، ۽ وڏتڻ ۾ سگهه نه رهنديس، تڏهن هي پهاڪو ياد ڪري ڪبير صاحب جو هيءُ وچن پڙهندو:

وچن:           دُڌا ٿڻين نه آوهين، پِر هوءِ نه ميل.

ارٿ:           ڏڌل ببن ۾ نه اچي، ۽ وري ملڻ نه ٿئي.

 

405 –        کيتي سِرَ سيتي.

 

        هي پهاڪو نسورو پوک لاءِ چوي ٿو، ته پوک جو ڪم سِرَ سان لاڳو آهي، يعني جيڪو پنهنجي هٿ يا ميٽ ڌاران ڪندو، سو کٽيو ڪين کائيندو. سا ڳالهه سچ آهي، جو گهڻا ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته جن ماڻهن ٻين جي آسري پوک جو ڪم ڇڏيو آهي، جو مايا جو سڀ ڌنڌو پنهنجي هٿ يا نظر ڌاران ڪرڻ پاڻ لاءِ گهاٽي جو ڊپ پرائڻ آهي؛ تنهن لاءِ شاهوڪار ماڻهو هڪڙو مثل چوندا آهن، جو پنهنجي هٿ جو گهاٽو به پرائي هٿ جي واڌي کان چڱو.

 

406 –        کاڌي کي کامن، ڄاڙيون ڄاموٽن جون.

 

        ڄاموٽ، هڪڙيءَ سکر ذات مسلمانن جو پريو مڙس. هن پهاڪي مان ٻيو ڌار مطلب ڪونه ٿو نڪري، رڳو هي آهي، جو ڪن ذاتين جا ڄاموٽ وهانو وڌاڻي تي پنهنجي نياتن ۾ وڃن، ته اگلا آڌر ڀاءُ ڪري کاڄ اُچو، يا مٺائي سرس ڏينن؛ پر جي ڪاٿي اوترو لوت لباس نه ٿئين، ته ڏک ڀرجن، تن جي لاءِ هي پهاڪو آيو آهي.

 

407 –        کُٽو واڻيو ڪاڳر ساري.

 

        واپاري ماڻهو جڏهن ڏيوالو ڪڍن، تڏهن لهڻي وارن کي جواب ڏيئي ڇڏين؛ مگر چٻ چوچيءَ لاءِ پراڻا سراڻا ڪاڳر ويهي جاچن، ته مانَ ڪنهن ڏي ڀل چوڪ جي رقم نڪري، ته اُڳاڙي وٺن، تن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي، پر مطلب هي آهي، جو نڪمو ماڻهو گهڻو ڪري چٻ جون واٽون ڳولي.

 

408 –        کوه جي مٽي کوهه کي لڳي.

 

        جڏهن ڪو کوهه کڄي، تڏهن پهريائين جيڪا ڀاڏ جي مٿي منجهانس نڪري، سا دڙو ڪري ڇڏين، پر جڏهن کوهه جڙي رهي، تڏهن اُها مٽي ڪي رڇيءَ ۾، ڪي پِڙ جي ٿلهي ۾ پوري ٿي اچي. تنهن وانگي جيڪا دولت جهان ۾ آهي، سا سڀ ڌڻيءَ جي آهي؛ تنهن مان جيڪو ڪي ڌڻيءَ جي نالي ڏئي تنهن کي گهرجي جو هئن ڄاڻي ته جنهن جو مال هو تنهن جي ڪم آيو. جهڙي کوهه جي مٽي کوهه کي. تنهن تي هنديءَ واري جو چوڻ آهي:

 

هندي: ميرا مُجهه ۾ ڪڇ نهين سڀ ڪڇ هي تيرا،
تيرا تجهه ڪُون سون پيئي ڪيا لاگي ميرا.

 

ترجمون:        مون ۾ منهنجو ڪين آهي، سڀڪي تنهنجو آهي،
تنهنجو توکي ڏجي تنهن ۾ منهنجو ڇا ٿو لڳي.

 

        تنهن جي لاءِ فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:

فارسي: برد بوستان بان به ايوان شاه،
به تحفه ثمر هم زبستان شاه.

 

ترجمون:        راجا وٽ آرائين کڻي وڃي؛
سوکڙيءَ لاءِ ميوو راجا جي ئي باغ مان.

 

 

 

409 - کَر ُ ماڻهو وڻ ٻاٻرو ٻنهين ڏينهن کُٽن.

 

        کر ماڻهو يعني لچ ماڻهو، وڻ ٻاٻرو يعني ٻٻر جو وڻ. پهاڪي وارو ان ٻنهي کي هڪ جهڙو ڄاڻي گلا ٿو ڪري، هن ڪري جو کر ماڻهو مان نيٺ کرائي ٿيندي، ۽ ٻٻر مان اوڙڪ ڪنڊا لڳندا، تنهنڪري نه هوندا چڱا.

 

 

410 –        کير ۾ مُوري وجهي ٿو.

 

        موري کير جي ويرياڻي آهي، جا کير ۾ پوي ته وِسُلي وڃي. تنهن وانگي ٻچاپڙا ماڻهو هڪي هنڌان ٻڌي ٻئي هنڌ وڃي لائي چائي ڪن، جنهن مان ٻن جي وچ ۾ جهيڙو جاڳي. اهڙن لووا لائڻ وارن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. فارسيءَ وارو اهڙن جي سنگت کان پري رهڻ لاءِ بيت چوي ٿو:

بيت:   ازان همنشين تاتواني گريز،
که مرفتنھ خفته را گفت خيز.

 

ترجمون:        اهڙي سنگتيءَ کان جيڪي سگهين سو ڀڄ،ٺ
جو ستل جهڙي کي چوي اُٿ.

 

 

411 –         کَڏَ چي جيءُ سَڏَ.

        اکرن جي معنيٰ هيءَ آهي، جو کڏ رکيل ناڻو اوير سوير سڏئي سَڏُ ڏئي، يعني ڪم اچي، پر نجات مطلب هي آهي، جو چُوڻو جيڪي نصيب ۾ لکيل آهي سو ڪر کڏ جو رکيل ناڻو. يا گُنديءَ جو رکيل ان آهي، مهل سر هروڀرو اچي ملندو. جهڙو فارسي بيت آهي:

 

بيت:   جهد رزق ارکني وگر نه کني.
برساند خداي عز و جل.

 

ترجمون:        چُوڻي جي ڳولا ڪرين توڙي نه ڪرين،
ڌڻي پاڪ توکي پهچائيندو.

 

 

412 –        کير ۽ کنڊ، نور ۾ نور، جواڻي ۽ مايا، پور ۾ پور،

        پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور.

        هن پهاڪي مان ٻي مراد ڪانه ٿي نڪري، رڳو ايترو آهي، جو پهرين سٽ ڄڻ سوار ۾ سواد آهي، ٻي سٽ ڪر نشي ۾ نشو، ۽ ٽين سٽ ڏک ۾ ڏک.

 

 

413 –        کڻ کلو، ٿيئي ڀلو.

        کلو يعني موچڙو، لچ ۽ ويري مٺي ڳالَهوَ سان نه سمجهن؛ ويتر لچائيءَ ۾ پير اڳرو کڻن. تن لاءِ هي پهاڪو چوي ٿو، جو اهڙي سمي ۾ تکو ٿي هل. جهڙو فارسيءَ جو بيت آهي:

بيت:   سخن به لطف و کرم با درشت خوءِ مگو،
که زنگ خورده نگردد مگر به سوهن پاک.

 

ترجمون:        مهربانيءَ جو اکر لچ سان نه ڳالهائي؛
جو ڪٽيل لوه رواتيءَ ڌاران صفا نه ٿئي.

 

 

414 –        کٽيو کائي مڙس جو، چي جيئي ابو.

 

        جهڙيءَ طرح هڪڙي زال کائي پيئي مڙس جو ۽ دعا ڪري پيءُ کي، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو هلي ڌڻيءَ جي توهه سان، ۽ کائي پهري ڌڻيءَ جو ڏنل، ۽ ڄاڻي پنهنجي ڪمائيءَ ۽ لڇڻن کان. اهڙن کي هي پهاڪو ميڇ سان سمجهائي ٿو.

جهڙو فارسي بيت آهي:

بيت:   چه انديشي از خود که فعلم نکو است؛
ازان در نگھ کن که توفيق او است.

 

ترجمون:        ڇا ٿو ڄاڻي ته لڇڻ منهنجا چڱا آهن؛
هوڏي نهار ڪر، جو سگهه ان جي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org