سيڪشن؛تاريخ

ڪتاب: منشور الوصيت و دستور الحڪومت

باب؛ --

صفحو ؛ 4

 

(1)

جهوڪ واريءَ جنگ بابت ٽي خط

1- ميان يار محمد ڪلهوڙي جو خط

2- ملتان جي صوبيدار نواب سيد حسين خان جي پٽ جو خط

3- ميران سنگهه کتري ملتانيءَ جو خط


 

(1)

ميان يار محمد ڪلهوڙي واليء سنڌ جو خط

(وفات: 1131 هه/1718ع)

]ميان يار محمد خدايار خان واليء سنڌ جو پنهنجي پٽ ميان نور محمد ڪلهوڙي ڏانهن خط، جيڪو ان وقت خدا آباد ۾ هو. هيءُ خط جهوڪ جي جنگ جي ميدان مان لکيو ويو. [

نورچشم ميان نور محمد!             الله جي حفاظت ۾ هجو!

هي ٻه اکر خير جي خبر جا قلم ذريعي لکجن ٿا. آءٌ نواب اعظم خان جي رفاقت ۾ اٿل درياء کان ڪوچ ڪري، جهوڪ شاهه عنايت جي جاءِ تي پهتس. جڏهن ته انهن قلعي جي چوڌاري اونهي کڏ کوٽي ڇڏي هئي. لنگهڻ جي جاءِ نه هئي. انهيءَ سبب ڪري لشڪر کي جهوڪ کان اڌ ڪوهه پري ترسايو ۽ رهايو ويو.

جڏهن ته ڇنڇر ڏينهن تاريخ 17 - ذي القعد سنه 1129هجريءَ تي سڄو ڏينهن لشڪر سوار ۽ پيادن سميت کڏ، قلعي ۽ آسپاس جو گهيرو ڪيو ۽ آمد رفت ڪئي، پر فسادين کي به مقابلي جي همٿ نه رهي.

جڏهن آچر جي رات ٿي، فسادين جي سامهون سڀ لشڪر گهيرو ڪيو ويٺو هو. ان رات جو اڃا پويون پهر هو، ته فسادين جي فوج جا سترنهن سئو پيادا، جيڪي سڀني فسادين جا روح روان هئا، سي راتاهي هڻڻ جي ارادي سان آيا، جيتوڻيڪ انهن لشڪر وارن اوزارن سميت پنهنجي وس مان ڪونه گهٽايو، مگر اسان جي جنگجو ۽ دلير جوانن انهن سان خوب مهاڏو ڏنو ۽ ان رات فسادين کي ڪهڻ، مارڻ ۽ ٻـَـڌڻ ۾ چڱو پاڻ ملهايو، گهڻن کي ختم ڪيو ويو جيڪي سلامت بچي نڪتا، اهي به تلوار جا گهايل هئا.

انهن ۾ اڪثر قاسم پنهور جا پٽ: گهرام ۽ سيد بولو وڪيل ٺٽه ۽ احمد بوبڪائي ۽ اوڍيجه ڀائر ۽ ٻيا زميندار جن پاڻ کي فدائين جي لسٽ ۾ چونڊايو هو، سڀئي تلوار جي هيٺان اچي عدم جي واٽ ورتائون ۽ صبح تائين اهو هنگامو جاري هو.

حسن اتفاق سان جنهن وقت هيءُ هنگامو برپا هو، گهڻا فقير جيڪي سرڪاري تنبن تي بيٺل ۽ نگهبان هئا، اهي ٽڙي پکڙي ويا ۽ فسادين جي جماعت سرڪاري خيمن جي دروازي تي حملو ڪيو،پر نورچشم ميان دائود ۽ ميان غلام حسين منهنجو ڀاءُ ميرمحمد ۽ ٻيا خاص ساٿي بروقت پهچي ويا، جن دليراڻو مقابلو ڪري گهڻن کي جهنم رسيد ڪيو ۽ فتني جي غبار کي تلوار جي پاڻي سان ٺاريو. هن وقت جيڪو ساڄي کاٻي گرفتار ٿئي ٿو. اهو سزا ڀوڳي ٿو.

ٻيو سڀ خير ۽ سلامتي آهي، دلـجاءِ رکندا، جنگ اڃا باقي آهي. انشاء الله فسادين کي جلدي بري ڪم جو بدلو ملندو.

تڪڙ ۾ هيءُ مختصر خط لکيو ويو آهي. ميان دائود جي سواريءَ جي گهوڙي کي منهن تي پنج ڇهه زخم رسيا آهن ۽ ٻي جسم کي به ڪجهه زخم آيا آهن. اهڙيءَ طرح ميان محمود ۽ ميان غلام حسين جا گهوڙا به ڦٽيا آهن، پر الحمد الله جو پاڻ خير ۽ سلامتيءَ سان آهن.

مطلب ته هيءُ ڊگهو احوال تفصيل طلب آهي. ٻئي ڀيري قلم جي حوالي ڪبو. خوشحال ولد جمال جي گهوڙي، منو چهر، خيالي ولد صدر، ياقوت، بشير، ابراهيم، حسين ۽ صالح ۽ ........ ۽ ٻين فقيرن کي به گهٽ وڌ زخم رسيا آهن.

 


 

(2)

ملتان جي صوبيدار نواب سيد حسين خان

جي پٽ جو خط

]ملتان جي صوبيدار سيد حسين خان جي پٽ* هيءُ خط جهوڪ جي جنگ هلندي لکيو. ان صاحبزادي جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، اهي هن خط ۾ تحرير آهن.[

ملڻ جو شوق تمام گهڻو، حد کان زيادهه قلم تي اچڻو هو ۽ دل جواحوال لکڻو هو، ته اوهان جو عنايت نامو(خط)روح کي راحت ڏيندڙ اچي پهتو. جنهن دل جي مکڙي کي کولي کلائي ڇڏيو ۽ اندر جي بلبل، غم جو وڳو لاهي، خوشيءَ جي پوشاڪ پهري، دلير فسادي(شاهه عنايت) جي جنگ جدل جي باري ۾ پڇيل سوال بابت احوال هن ريت آهي: شاهه عنايت پنهنجي ماڻهن جي گهڻائي ڏسي، تابعداري کان بغاوت  ڪري بي فرماني ڪئي. نواب صاحب لشڪر جو ڪٽڪ توبن ۽ بجلي جهڙين تلوارن سان، صاحبزادي جي هٿ هيٺ ڏئي ان ظلم جي پاڙ پٽڻ لاءِ موڪليو.      

جنهن وقت صاحبزادو کهاي بلدي** وٽ پهتو، تڏهن نواب صاحب جي فرمان موجب زميندار به صاحبزادي جي خدمت لاءِ آيا. بدبخت فسادي قلعي جي اندران تيرن تفنگن جي جنگ جاري ڪئي. فوج ٻه مهينا جانفشانيءَ سان مهاڏو ڏنو. قلعي جي چوڌاري ٻوڏ آيل هئي، جو چئني طرفن کان ڏهن ڪوهن تائين خشڪيءَ جو نشان به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. نواب صاحب ، ملتان جي محمد باقر بخشي کي لشڪر جي ڪمڪ ڏئي روانو ڪيو. انهن جي پهچڻ  کانپوءِ خان بلند مڪان سعادت خان پاڻ به فوج سان صاحبزادي وٽ آيو. صبح جي وقت صاحبزادو وڏي بخت سان هاٿي تي پالڪي رکائي سوار ٿيو ۽ لشڪر به ان پاڻي کان عبور ڪري، شاهه عنايت جي قلعي ويجهو پهتا ۽ مورچا قائم ڪيائون. شاهه عنايت جا ماڻهو  سعادت خان جي مورچي تي راتاهو هڻڻ آيا ۽ سخت لڙائي ٿي. سعادت خان جي دلير ۽ بهادر لشڪر انهن کي پوئتي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. انهن شاهه عنايت جي ماڻهن موٽندي ئي وري صاحبزادي جي لشڪر جي مورچي تي حملو ڪري ڏنو. ۽ هن طرف به صاحبزادي جي جنگي جوڌن ۽ دشمن گير سپاهين انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. آخر انهن پناهه جي جاءِ نه ڏسي، ڀڄي پنهنجي قلعي ۾ وڃي پنهنجو پاڻ لڪايو.

ان ڪاميابي کانپوءِ صاحبزادو ڪثير فوج وٺي اصل قلعي جي دروازي تي ڪاهي آيو ۽ سختيءَ سان حڪم ڏنو، ته هر هڪ بهادر پنهنجي طاقت ۽ لياقت آهر سڄي رات هوشياري ۽ خبرداري سان ڪم سرانجام ڏئي، ته جيئن دروازي کان دشمن ڀڄي نه وڃي. دروازي جو گهٽُ بند ٿي ويو، ته اڌ رات مهل قلعي جي ڀت ڀڃي ڀڄڻ جي ڪيائون.

 (هتي نظم آهي، جنهن جي پهرين سٽ ۾ سرڪاري لشڪر جي فتح، دليري ۽ جوان مرديءَ جي دل کولي ساراهه ڪئي وئي آهي ۽ ٻيءَ سٽ ۾ دشمن جي لشڪر جي غم، الم، بزدلي، عاجزي ۽ نامرادي بيان ٿيل آهي.)

هن وقت تائين بخت جو صاحبزادو انهن جي مال ضبط ڪرڻ لاءِ اُتي ترسيل آهي. جنگجو، بهادر ۽ جوان انهن جي مٿان مقرر ٿيل آهن. عنقريب بادشاهي بخت موجب قتل ٿيندا يا قيدي ٿي قهر هيٺ ايندا. هن کانپوءِ جو به ڪجهه ٿيندو، آءٌ اهو احوال قلم جي ذريعي لکندس.


 

(3)

ميران سنگهه کتري ملتانيءَ جو خط

]ميان يار محمد خدا يار خان ڪلهوڙي جو شاهه عنايت سان مقابلو[

هڪ اَڀاڳي ڏينهن شاهه عنايت پنهنجي خدمتگارن جي انبوهه تي نظر ڪئي. ان گهمنڊ ۾ شاهه عنايت، نواب اعظم خان جي تابعداريءَ جي رستي کان قدم ٻاهر رکيو ۽ پنهنجي لاءِ نقصان وهايائين. نواب اعظم خان پنهنجي ٿورن ماڻهن تي نظر ڊوڙائي، ته پاڻ ۾ مقابلي جي همٿ ۽ مصلحت نه ڏٺائين، ان ڪري مٿي خان وڏي شان واري کان مدد طلبيائين، سندس سڀ سپاهي سورهيه، شينهن مڙس، صف شڪن، تلوار بازيءَ جا مهمير ۽ ميدان جنگ جا آزمودگار هئا. خان وڏي شان واري، خدا يار خان عباسيءَ کي نواب اعظم خان جي مدد لاءِ موڪليو.  نواب صاحب، خان وڏي شان واري جي حڪم جي تعميل ۾ فتح ۽ نصرت، ظفر ۽ ڪاميابيءَ سان حملي آور ٿيو.

جڏهن اتي فسادين وٽ پهتا، ته هڪ طرف خدا يار خان فسادين کي گهيرو ڪيو. بندوقن جي بجلي ۽ ڪڙڪيدار آوازن، فسادين جا هوش حواس گم ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف کان نواب صاحب مورچا قائم ڪري، تيرن ڪمانن سان جنگ شروع ڪئي. جڏهن شاهه عنايت جي فقيرن ڏٺو، ته ڏينهن جو ڪامياب لشڪر سان پڄڻ ڀيڻي ڪانهي، ته قلعي کان ٻاهر قدم به نه رکيائون. البت بدنيتيءَ سان خدا يار خان جي لشڪر تي رات جو راتاهي هڻڻ جي ارادي سان قلعي کان ٻاهر نڪتا، پر هوشيار ۽ تجربيڪار بهادرن انهن کي اڌ مئو ڪري، پوئتي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ۽ زخم کائي ناڪام ٿي موٽيا.

صبح جي وقت خدا يار خان ۽ نواب عالي مڪان هاٿين تي سوار ٿيا ۽ لشڪر کي به سوار ٿيڻ ۽ سخت مقابلي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو ۽ چيو ته، پهريان دشمن جي قلعي کي توبن ۽ بندوقن سان اڏايو وڃي.ان کان پوءِ تلوارن جي باهه سان انهن جي حياتيءَ جي ٻارِ کي جلايو وڃي.

جڏهن انهن ٻنهي درياء جي موتين اها صلاح پي ڪئي، ته فسادين جو جاسوس اتي ويٺو هو. ان خابروءَ اها ڳجهي ڳالهه جهٽ وڃي شاهه عنايت کي ٻڌائي، هاڻي انهن ڏٺو، ته قلعي ۾ ويهڻ به خطري کان خالي ناهي. تڏهن شاهه عنايت لاچار ٿي، قلعو ڇڏي ڏهه هزار لشڪر مقابلي لاءِ موڪليو. انهن نڪرندي ئي خدا يار خان جي هاٿيءَ تي ويجهو حملو ڪيو، پر خان جي حشمت ۽ شجاعت واري فرزند دائود خان، چند هزار مٿير مڙسن سان اک ڇنڀ ۾ اتي پهچي، فسادين جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.

سبحان الله سندس تلوار ذوالفقار حيدريءَ وانگر دو ڌاري تلوار هئي، جنهن پنهنجي لشڪر کي ڪامياب ڪيو، پر دشمن جو دم به پورو ڪيائين. هتي سندس تعريف ۾ شعر چيل آهن ته:  ”وهوا شير دلير مرد ميدان جا! جنهن جي تلوار کان هر طرف خوف حراس پئجيو وڃي. انهن جا تير به دشمن لاءِ جنجال ۽ انهن جا تفنگ به دشمن جي جان لاءِ مصيبت آهن. انهن جا ڀرون به ڪمان وانگر آهن ۽ انهن جو مـُـنهن جاهه جلال جو آئينو آهي ۽ انهن جي دل به ڪمال جو خزانو آهي.“

جيئن ته هنگامو گهمسان سان ٻه مهينا هليو، خان خدايار خان ۽ نواب اعظم حڪم ڏنو، ته سڀئي جنگي جوان سڀني هٿيارن پنهوارن سان قلعي تي حملو ڪن ته جيئن قلعو  پروڻ وانگر ٽنگ ٽنگ ٿي پوي ۽ انهن فسادين جي حياتيءَ جو پاڻي ان قلعي ۾ نه رهي سگهي يعني قلعي کي ختم ڪجي، ته اهي از خود ختم ٿي ويندا.

جڏهن بهادرن حڪم موجب فسادين کي چئني طرفان بندوقن جون باهيون لڳايون، ته فسادين جو قلعو ڪاغذ جي ڏيئي وانگر جلڻ لڳو. فسادين جو منهن اجهاڻل ڏيئي جهڙو ٿيڻ لڳو ۽ انهن اهو محسوس ڪيو ٿي، ته فتح ۽ ڪاميابي، نواب ۽ خان جي حق ۾ لکجي چڪي هئي. انهن کي پنهنجي بي فرمانيءَ جي سزا اکين سان ڏسڻ ۾ پي آئي، ان ڪري انهن ٻيو چارو نه ڏسي، مصلحت ان ۾ ڏٺي ته صلح ۽ ٺاهه ڪن.

آخر شاهه عنايت انڪساريءَ سان پنهنجي جرم جي لاءِ معافيءَ جي درخواست ، خان ۽  نواب جي خدمت ۾ پيش ڪئي.شاعر جي قول موجب: ”جڏهن دشمن نرم ٿئي ته به محتاط رهڻ گهرجي ۽ ان جي مڪر فريب جو به خيال رکجي.“

اهڙيءَ طرح سمجهه ۽ احتياط جي پيش نظر ان کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو. جيئن ته انهيءَ آزار ۽ تڪليف جي ڪري پاڻ فاني جهان مان موڪلائي ويو.(1)

   شاهه عنايت جو سر(فرخ سير بادشاهه هند) ڏانهن موڪليو ويو. ان جي علائقي تي قبضو ٿي ويو. مال ملڪيت ضبط ڪيو ويو، بهادرن جون دليون گل وانگر ٽڙي پيون ۽ دشمن کي ناڪامي نصيب ٿي ۽ اڀاڳ پلئه پيو، مطلب ته بهادرن جي ڪاميابيءَ جو باغ، بهار وانگر ٽڙڻ لڳو ۽ فسادين جو جهنگل به جلي خاڪ ٿي ويو، فسادين جو قلعو به زمين برابر ٿي ويو. آخرڪار فتح ۽ ڪاميابيءَ کان پوءِ خان ۽ نواب رعب تاب ۽ خوشيءَ سان واپس ٺٽي ڏانهن موٽيا.

ان طرف جي ضلعي ۽ آسپاس جي عام رعيت به خوشي شادمانو ۽ آزادي حاصل ڪئي.


 

* صاحبزادي جو نالو ڪنهن به قلمي مخطوطي ۾ ملي نه سگهيو آهي.

** ڄاڻايل جڳهه/ شهر يا ڳوٺ بابت ڪابه ڄاڻ نه ملي سگهي آهي.

(1) تاريخ 9 - صفر 1130 هجري (1 - جنوري 1718ع) ۾ شاهه عنايت کي نواب اعظم خان وٽ آندائون ۽ تاريخ 15 - صفر 1130 هجري ( 7 - جنوري 1718ع) تي  شاهه عنايت صوفي کي شهيد ڪيائون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org