سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جا ماڳ مڪان

باب؛ 3

صفحو ؛ 9

 

باب ٽيون

ڳٺائي شاعر ۽ اديب

ڳٺي ڍوري جي ڪناري تي يا اوسي پاسي ڪئين اديب، شاعر ۽ عالم ٿي گذريا هوندا. پر زماني جي هوا، اُهي اسان کان کسي ورتا آهن. البت انهن ڪڻن مان ڪي ڪڻا مليا آهن، جيڪي هن باب ۾ ڏنا ويا آهن. شاعرن ۽ اديبن جو ذڪر زماني وار نه، پر ڳٺي جي وهڪري موجب ڪيو ويو آهي.

تاريخي لحاظ کان ڳٺي جي ڪناري تي قديم شاعره ’مرکان شيخڻ’ آهي، جيڪا سومرن جي ڏينهن ۾ موجود هئي. اُن کان پوءِ سليمان شاهه جو نالو اچي ٿو. آخر ۾ شيخ الله بچايو، غلام محمد جمالي، صديق جمالي، اُستاد رفيق جمالي، الله بچايو جوڻيجو ۽ صديق ملاح اهم آهن.

1. صديق جمالي:

ڳوٺ غلام حسين جماليءَ ۾ هيءُ شاعر سن 1885ع ۾ پيدا ٿيو. اکين جي سـَـڄي هوندي به دل روشن هوندي هيس. هو پنهنجو دڪان هلائيندو هو، سواءِ ڪنهن جي مدد جي پري پري تائين هليو ويندو هو. هٿ لڳائڻ سان هرڪا شيءِ سڃاڻي سگهندو هو. پاڻ سانوڻ فقير جي طرز تي ڪلام به جوڙيندو هو. استاد  غلام محمد جماليءَ هن بزرگ جو ڪلام ”بينظير بيت“ جي نالي سان جمع ڪيو هو. هن سن1951ع ۾ وفات ڪئي.

سندس ڪلام جو نمونو عرض رکجي  ٿو:

ڏيئي پانڌ پناهه جو، تون هل بره چتائي بر
ڪميڻي ڪانڌ کي، پهچي ڪهڙيءَ پر،
هوت بنان آءٌ هيڪلي، ڏوريان ڪيئن ڏونگر،
هوت بنان آءٌ هيڪلي، ڇلي پيس ڇپر،
کڻديس پير پنهونءَ جا، آءٌ رند وٺي رهبر،
اُٺ ته آريءَ ڄام جا، آهن نيلا نشانبر
اُٺ ته آريءَ ڄام جا آهن ڪيچي ڪبوتر،
مون سڃيءَ سان صديق چئي ويا ناحق ڪري نادر،
دانهون ڪنديس در در، پاڙي پنهون ڄام جي.

2. استاد غلام محمد جمالي:

هن ڪتاب ۾ ڳوٺ غلام حسين جماليءَ جي ذڪر ۾ هن صد احترام استاد جو ذڪر ڪيل آهي. هتي سندن ذڪر هڪ اديب ۽ محقق جي حيثيت سان ڏجي ٿو. پاڻ جيئن ته ڄائو نپنو ڳوٺ غلام حسين جماليءَ ۾، تنهن ڪري انهيءَ ڳوٺ سان ازل جو پيار هئس ۽ انهيءَ ڳوٺ ۾ فائينل جي تياريءَ جو ڪلاس کوليو هئائين، جنهن ۾ سڄي لاڙ جا شاگرد اچيو پنهنجي علمي اُڃ اُجهائيندا هئا. آءٌ  سن1951ع ۾ وٽن تعليم وٺڻ لاءِ ويس.

آءٌ جيترو وقت سندن زيرنظر پڙهيس، اوتري قدر مون کين پاڻ تي مهربان ۽ ٻاجهارو ڏٺو. پاڻ مضمون نگار، افسانا نويس، رياضي دان ۽ سٺو محقق هو. سندن پدراڻي شفقت ۽ علم ۽ ادب جو پاڇو مون تي به پيو ۽ سنڌي ادب لاءِ شوق جاڳيو. پاڻ سن1951ع ۾ محمد صديق جماليءَ جو ڪلام ”بينظير بيت“ نالي سان شايع ڪرايو هئائين. اِهو ڪتابڙو هو ته ننڍڙو، پر اُن کي جنهن جذبي تحت پاڻ تيار ڪيو هئائين، اهو لک لهندڙ هو. محمد صديق جمالي بيتڙيو شاعر هو. جنهن سن1951ع ۾ وصال ڪيو. جيئن ته شاعر جي مرڻ کان پوءِ، اُن جي ڪلام جي مرڻ جو به وڏو خطرو پيدا ٿئي ٿو، اِهو خطرو محسوس ڪندي، پاڻ هـُـن بزرگ جا بيت گڏ ڪري شايع ڪرايا. پاڻ جيتوڻيڪ افسانا ۽ مضمون گهڻي تعداد ۾ لکيا اٿس، پر شايع نه ڪرايا اٿس. هن بزرگ سن 1987ع ۾ وفات ڪئي.

3. محمد رفيق جمالي:

محمد رفيق جمالي ولد اُميد علي جمالي، ڳوٺ غلام حسين جماليءَ ۾ رهندو هو. پاڻ جيئن ته پنهنجي بزرگ ڀاءُ جي زيرنظر تعليم حاصل ڪيائين، تيئن پنهنجي ڀاءُ غلام عمر وانگر سنڌي فائينل ڏيئي، سنڌي استاد جو درجو  حاصل ڪيائين. پاڻ جيئن ته هڪ اديب ۽ علم دوست بزرگ ڀاءُ جي ڀرسان رهندي، لکڻ جي هنر ۽ فن کان سٺو واقف هو. سن 1951ع ۾ سنڌي گرامر لکيائين. هي گرامر پاڻ خاص جذبي وهيڻو ٿي لکيو هئائين. سندن بزرگ ڀاءُ غلام حسين جي ڳوٺ ۾ فائينل جي تياري ڪرائيندو هو. جيڪي گرامر کيس نظر چڙهيا، تن ۾ ڪٿي گهڻي پٽاڙ هئي، ڪٿي مقصد غلط پيش ڪيل هو، انهيءَ ڳالهه کي اڳيان رکي، پاڻ گرامر لکيائين، جو ساڳئي سال پاڻ ئي شايع ڪرايائين. هن گرامر ۾ پاڻ قلم جا جوهر ڏيکاريا اٿس، ۽ درياءَ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو ا ٿس. راقم وٽ اِهو ”سنڌي گرامر“ موجود آهي. انهيءَ گرامر کي ڏسڻ کان پوءِ، ڪنهن ٻئي وڏي گرامر جي ضرورت ئي محسوس نٿي ٿئي. استاد محمد رفيق جو اِهو علمي ڪارنامو قيامت تائين ياد رهندو.

4. غلام مصطفيٰ چانگ:

غلام مصطفيٰ صاحب ڳوٺ مولوي تاج محمد چانگ ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. پرائمري تعليم رپ ۾ حاصل ڪري، سن 1955ع ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ ٽنڊي باگي ويو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ ڊرائنگ ماستر مقرر ٿيو.

شاعريءَ جو شوق سن 1962ع کان شروع ڪيائين. افسانا ۽ ڊراما پڻ لکيائين. سندس ڪلام نموني طور هت ڏيان ٿو:

ساريندي سپرين، هت سڪيم ساهه،
قريب ٿيان قريب جي، ادا دعا ڪجاه،
مولا محب ملاءِ، ته لهي اُڃ اکين جي.
                        ---            
مون ڀانيو مون وٽ، قريب ايندو ڪـَـهي،
دک دور ٿيندا، ويندم لڙ لهي،
اٿم سور سيئي، جيڪي محب ڏنا مـُـٺي کي.
                        ---            
ساري سک وڃايان، ڏوريان ڏک ئي ڏک،
هڪ واري واٽن تي، ٻي لڳي لکُ،
                        ---            
جبل جاڙون ڪن، پير پٿون ڪن پٿر،
صاحب ڏي صبر، ته ملان محبوبن کي.

5. الله بچايو جوڻيجو:

الله تعاليٰ جن کي شاعريءَ جي ڏات سان نوازيو آهي، انهن مان الله بچايو جوڻيجو به هڪ هو. پاڻ في البديع شعر چوندو ويندو هو ۽ ڪو لکڻ وارو سندس ڪلام لکڻ لاءِ ويهي ها، ته هوند لکي لکي ٿڪجي پوي ها. هن بزرگ رپ ۾ ستن درجن تائين تعليم ورتي، پوءِ پنهنجي اباڻي ڌنڌي کيتيءَ کي وڃي لڳو. پاڻ 16 ورهين جي عمر ۾ سن 1941ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. هزارن جي تعداد ۾ ڪافيون ۽ بيت چيائين. هتي سندس هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:

ڏيهي ٿيا ڏور، منهنجا پرديسي پيارا،
آب اکڙين مان ٽمي، نيڻ وهن نارا،
لڏي ويا لوڪ مان، منهنجا محب موچارا،
جوڻيجو چئي جانب، منهنجا جيءَ جا جيارا،
سڄڻ سوڀارا، سانگ ڇڏي ويا سڃ کي.

هيءُ بزرگ شاعر مخدوم نوح رح  جي ڪنيءَ جي ڀرسان رهندو هو. پاڻ جيتوڻيڪ هڪ سادو سودو انسان هو، پر سندس ڪلام سبب سندس مشهوري هنڌين ماڳين هـُـليل آهي. هاڻي گذاري ويو آهي.

6. محمد صديق ملاح:

محمد صديق ولد محمد قاسم ملاح سنڌي استاد آهي. پاڻ سن 1924ع ۾ ڳوٺ ڦتن پرهياڙ ۾ ڄائو. سنڌي فائينل ۽ ايس. وي پاس آهي. پاڻ هڪ ڪامياب حڪيم ۽ ڊاڪٽر به آهي. زراعت جو به ماهر آهي. ڳٺي ڍوري جي مضمونن جو گهڻو ڀروسو سندس روايتن تي رکيو ويو آهي. پاڻ ڳٺي جي حب ۾ اچي هڪ نظم چيو اٿس، سو هي آهي:

آءٌ اڀرو غريب آهيان
ڳٺو مٺو پيو ڳايان

شير خان شير خدا جو، شينهن ٿي سڏايو،
مالڪ ڳٺي مـُـلڪ جو تنهن ٿي چوايو،
مٽ نه سندس ڪو، هو سڀن کان سوايو،
اڄ پيا اٿس پٽ ۾، پڊَڙا پراڻا.
سامي سندس ڪپ تي مست ڪيون مستيون،
هن عياش ڪئي ٿي عياشي،
مار متارو ۽ ٻڌڙڪ سيلسي
درس ڪيس سڀ داڻا
ستيون سـُـتيون تنهن جي ڪپ تي،
ڪنهن ظالم جي ظلم کان،
اڄ پڻ موجود آهن
ڏسڻ جهڙا سي نشاڻا
ڪيسر تنهن جي ڪپ تي وٿاڻ هو بنايو،
توت تنهن جي ڪپ تي فرش هو ٻڌايو،
تاجن ڪوٽ پنهنجي ۾ هو چوڙگر لنبايو،
ڏسيو وٺن عبرت، ساجن سڀ سياڻا.

پوکون تنهن جي ڪپ تي ٿي نارن پچايون،
لـُـنبن لوفرن ڪيون لـُـچن تي لـچايون،
لچن ۾ لچايون هيون، سچن ۾ سچايون،
پيا آهن پٽ ۾ ڪريو واريءَ وهاڻا.
قداور ڪڍيا آهن ڌرتي اوڳاري،
مرد توڙي زالون، تنهن جي ڪناري،
پيا آهن پٽ ۾، سائينءَ سهاري،
نر آهن يا ناري، آءٌ ڪيئن سڃاڻا.
سڪا تنهن جي ڪپ تان آهن مون ڏٺا جي،
محمد شاهه جي مهر سان آهن سندا سي،
اٿن ڪلمون پاڪ پاسي ٻئي تي،
ٽامي سندا سي آهن، اٿن سنڌ ساڻا.
ولي تنهن جي ڪپ تي ويٺا هئا جي،
ستا اڄ به سونهن سنديئي ڪناري،
زيارت سندن آهه عبرت اسان لئي،
”صديق“ ملاح آهيان، منهنجا مـِـٽَ مهاڻا.
هن نظم مان ڳٺي جي نيم تاريخي ڳالهين ڏانهن اشارا آهن، جن جو ذڪر نيم تاريخي ڪهاڻين ۾ پڙهڻ گهرجي.

7. سيد سليمان شاهه:

هيءُ سڳورو سيد تاجن جي راڄ ۾ رهندو  هو. ڪوٽ جي ڀرسان اُڀرندي اُتر کان سندس بيٺڪ هـُـئي. آلِ رسول هئڻ سبب ماڻهو گهڻو مان ڏيندا هئس. تاجن جي ظلمن وڌي وڃڻ سبب ڪنهن اچي کيس دانهن ڏني ته، ”فقير تاجن هاڻ حد لنگهي ويو آهي، سندس ڪو بلو ڪريو.“ تڏهن پاڻ ڪاوڙجي ڪلام ڪيائون ته:

سر سـُـڪو، پٻڻ سائي، تاجن ڏني تانگهه،
جيسين ڌرتيءَ مٿي ٻانگ، تيسين مـُـور نه موري منڌرو.
منڌرن سليمان شاهه کان بيت ورايو هو ۽ سليمان شاهه پنهنجو ڪلام هيٺينءَ ريت ورايو هو:

سر سـُـڪو پٻڻ سائي، تاجن ڏني تانگهه،
جيسين ڌرتيءَ مٿي ٻانگ، تيسين مـُـور نه موري ڳهڻو.
تاجن جي ڪٽنب جي ڇاڙ ”ڳهڻي“ نالي ذات سان هئي. منڌرن جا گهڻائي ڪيڙ آهن. جهڙوڪ: ماريا، آرئي پوٽا، سومري پوٽا، لاکا، ڇڇر، پلي، موسي پوٽا، ڪنريا، مرکيا، ڳهڻا، ٽڪورا، جماريا، جوڻيپوٽا، ماهيڙ، وڍڙيا، بڍاڻي ۽ ٻيا.

سليمان شاهه جي قبر اڄ به تاجن جي ڪوٽ جي ڀرسان آهي. اِهو بيت سن 1149هه ۾ سليمان شاهه چيو ۽ انهيءَ بيت جو نتيجو سن 1159هه ۾ ظاهر ٿيو. انهيءَ کان پوءِ به سليمان شاهه ڳپل عرصو زندهه رهيو. جنهن وقت ”سر سـُـڪو“ وارو بيت سليمان شاهه ٺاهيو هو ۽ اُن جو ملڪان مـُـلڪ پڙاڏو پيو، اُن وقت شاهه حبيب، شاهه ڀٽائيءَ جو والد بزرگوار وفات ڪري ويو هو. هن بزرگ سن 1155هه/1742ع ۾ وصال ڪيو. انهيءَ وقت شاهه عبداللطيف ڀرپور جوڀن ۾ هو. سيد سليمان شاهه جا انهيءَ لحاظ کان هيٺيان همعصر ٿي سگهن ٿا: جهڙوڪ: جلال کٽي، غلام محمد بگائي، مخدوم محمد معين، بيراڳي ميون عيسو، احسان لانگاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مدن ڀڳت، شيخ حمر ٻيلائي، ابوالحسن ٺٽوي، مخدوم محمد حيات سنڌي ۽ ٻيا. سيد سليمان شاهه پوءِ به گهڻو عرصو زندهه رهيو. اندازو آهي ته، سن 1170هه ڌاري پاڻ وفات ڪيائين. انهيءَ لحاظ کان به پاڻ ميرن جي راڄ جو منهن ڪونه ڏٺائين. مغلن جي دؤر ۾ ڄائو ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ وصال ڪيائين. هوڏانهن فتح فقير ميرن جي دؤر جي آخر ۾ وصال ڪيو. انهيءَ لحاظ کان به فتح فقير کان سليمان اڳ وارو ليکبو. چوندا آهن ته(1): ڪڪرالي جا ڄام سخت ڪنجوس هوندا هئا. انهن کان خيرات وٺڻ لاءِ هڪ چارڻ ڪهي ويو. هن وڃي خيرات گهري، پر ڪڪرال جي ڪهرن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي چارڻ چيو ته:

مينهيون موٽا ٿام، ڏيڻ گهڻيون ڏکيون،
پر ڪڪرالي جا ڄام ڪيهر ڀانئين ڪاڪيون.
اِهو ٻڌي ڪهرن بيت ورائڻ لاءِ چيو. چارڻ 50 مينهون وٺي بيت واريو ته:

مينهيون موٽا ٿام، ڏيڻ گهڻيون ڏکيون،
پر ڪڪرالي جا ڄام، ڪيهر ڀانئين ڪوڏيون.
پيروز فقير سمن ۽ سونڌاري وارن کي مال کي تـُـرم ۾ وجهڻ جي ڪري پٽيو هو ته:

جمارڪيءَ جات جو، واءُ نه ڳائو،
جيڪا پوکين پوک، تنهن مان آهين کائو،
هيڪڙا لميا روهه کي، ٻين لڏو لايو،
سمان ۽ سونڌاريءَ وارا پنو ۽ کائو،
جيڪا پوک پوکيو، تنهن مان آهين کائو،
مينهن ۾ مڏهاڙ پيو، ڍور نه رهيو ڳائو،
پهون پيروز فقير جون، ٽڪيو چرن تاريو،
پهون پيروز فقير جون، وينديون ڪنهن نه واريو.

اِهو بيت ٻڌي سمن ۽ ڄمارن شاهه ڪريم کي عرض ڪيو ته توهان پيروز فقير کي چئو ته هو بيت ورائي. پوءِ هن بيت هن ريت واريو:

گجي گاجيا هليو، جنهن جا گهيڙ وهيا گهاريون،
مولي اُن کي مينهون ڏنيون، ڪنڍيون ۽ ڪاريون،
سمي ۽ سونڌياريءَ وارن جون ٿيون ٻنيءَ ٻنيءَ ٻاريون،
سئيدن ۽ سونهاري وارن جون، کونب وسن ٿيون کاريون،
پهون پيروز فقير جون هڪ ٽڪيو چرن ٽاريون،
ٻيو پهون پيروز فقير جون، وينديون ڪنهن نه واريون.

اسان وٽ بيت ورائڻ وارا شاعر تمام ٿورا آهن. جن مان ڪڪرالي جو چارڻ ۽ شاهه ڪريم بلڙائي جي همعصر پيروز فقير جا نالا وٺي سگهجن ٿا، انهن کان پوءِ معياري مٽا سٽا ڪا ڇڊي پاڊي ٿئي. بهرحال انهيءَ ڳالهه کي سليمان شاهه سهڻي نموني سان نباهيو ۽ چارڻ وانگر رڳو ”منڌرو“ لفظ ڪڍي، اُن جڳهه تي ڳهڻو لفظ استعمال ڪيو. جيئن چارڻ ”ڪاڪيون“ لفظ جي جاءِ تي ”ڪوڏيون“ لفظ ڪم آندو هو. مٽا سٽا جي لحاظ کان چارڻ ۽ سليمان شاهه جا بيت هڪ معيار جا آهن. انهيءَ لحاظ کان سليمان شاهه کي معياري ۽ برک شاعرن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. في الحال سندس انهيءَ هڪ بيت تي ئي اڪتفا ڪرڻي پيئي آهي.

”جي ماسو ملي مال، ته پوڄارا پـُـر ٿئين.“

8. مرکان شيخڻ:

پير شيخ قرهيو ڀانڊاري پير جميل شاهه گرناريءَ جو خاص وڏو خليفو هو، هو تبليغ لاءِ ڳٺي ڍوري جي اڀرندي ۽ پراڻ جي اولهه کان پڻين ۾ آيو. سندس تبليغ کان متاثر ٿي، پڻي(1) مسلمان ٿيا ۽ انهن کي پاڻ سونهارن ”شيخ“ جو لقب ڏنو ۽ انهن کي پنهنجو ديني اولاد ڪري شمار ڪيو. مرکان شيخڻ پڻ انهن پڻين مان هـُـئي.

هوءَ پير شيخ قرهئي ڀانڊاريءَ کان مرشد هئڻ جي حيثيت ۾ ڏاڍو متاثر هئي. انهيءَ جي شان ۾ هـُـن ڪيترا لوڪ گيت ٺاهيا، جي سادي سٽاءَ سان گڏ سادي مضمون ۽ سادين ۽ دل نشين ڌُنن تي مشتمل هئا. اُهي لوڪ گيت قرهئي ڀانڊاريءَ جي شيخن کي اڄ به ياد آهن ۽ شاديءَ غميءَ تي اُهي چيا ويندا آهن ۽ اُهي گيت پير شيخ ڀانڊاريءَ جي ميلي ۾ ته عام طرح سان چيا ويندا آهن.

مائي مرکان جڏهن در کان پنهنجي مرشد ڏانهن ايندي هئي، تڏهن هي ’ڳيو’ چوندي ايندي هئي:

”هيءَ ڪانڊيرڙي لس،

هيءَ واسرڙي وس،

آءٌ کـِـلندي ڪـُـڏندي اچان،

قرهيل ڏٺم سـُـک پار ۾،

آءٌ کلندي ڪڏندي اچان،

ڀانڊاري ڏٺم سک پار ۾،

آءٌ کـِـلندِي ڪـُـڏندِي اچان.“

پير شيخ ڀانڊاري جڏهن مريدن تان ڦيرو ڪري وريو، تڏهن مرکان خوشيءَ ۾ اچي هيٺيون ’ڳيو’ ڳايو. اِهو ڳيو اڄ به قرهئي جون شيخڻيون، ٻين ڳين چوڻ کان اڳ چونديون آهن. اهو انهن وٽ ڄڻ ته بسم الله جي حيثيت رکي ٿو.

مريدني تنهنجا ڏس ۾، آورجا ڄاما،

شيخ ني تنهنجا ڏيهه ۾، کونئريجا ڄاما،

پـُـورڙيون ڪـَـييمَ، پير ڀانڊاري،

تنهنجو ساٿ سلامت آيو،

ساٿ سلامت آيو،

تنهنجو ٻيڙو کٽي گهر آيو،

جهڙيون ني جن جي من ۾، آورجا ڄاما

پورڙيون ڪـَـييمَ، پير ڀانڊاري،

تنهنجو ساٿ سلامت آيو،

ساٿ سلامت آيو،

پير ڀانڊاري،

تنهنجو ٻيڙو کٽي گهر آيو.“

پير شيخ قرهيو ڀانڊاري، آخر وڃي الله سان واصل ٿيو. هن نماڻيءَ جي اکڙين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ چوڻ لڳي ته:

نماڻيون اکڙيون، آنئين سـُـتيون ڪوهه ڪريو؟
سـُـتيون ڪوه ڪريو، مون نماڻيءَ جو ڀاڳ وريو،
نماڻيون اکڙيون، آنئين ستيون ڪوه ڪريو؟
مون ولهيءَ جو، وارث جا ڳائي ڏيو،
نماڻيون اکڙيون، آنئين سـُـتيون ڪوه ڪريو؟
چشمن ساڻ چمان، قرهئل چوڙ جهليو،
نماڻيون اکڙيون، آنئين ستيون ڪوهه ڪريو؟

مرکان پوءِ به گهڻو عرصو زندهه رهي اٽڪل روءِ سن 1341ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ قرهيي جي ڀرسان ڏکڻ پاسي بيبان نور جي پيرانديءَ کان دفن ڪئي ويئي.

9. شيخ الله بچايو قرهئي پوٽو:

شيخ الله بچايو سن 1878ع ۾ ڳوٺ پير قرهيو ڀانڊاري ۾ ڄائو. پنهنجي جوانيءَ جو عرصو پنهنجي اباڻي ڳوٺ قرهيو ڀانڊاريءَ ۾ گذاريائين. سن 1945ع ۾ سندن ڳوٺ کاري پاڻيءَ هيٺ اچي ويو. پوءِ مانڌر ۾ لڏي آيو. اُتان جلد ئي ڳوٺ موٽي آيو ۽ اُتان لڏي اچي پنهنجي مريد گولي منڌري جي ڳوٺ ۾ سوڍن جي پاڙي ۾ رهيو. اُتان پنهنجي ڀاءُ راڌڻ جي صلاح سان ڪوٽري/حيدرآباد جي آس پاس بيراج واري علائقي ۾ لڏي ويو. اُتان سن 1947ع ۾ موٽي وري به گولي منڌري جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. سن 1949ع ۾ اچي بدين ۾ رهيو. اُتي ئي رهندي 21 ڊسمبر سن 1962ع ۾ گذاري ويو ۽ وڃي شاهه قادريءَ جي قبرستان ۾ پنهنجي ڀاءُ راڌڻ سان گڏ آرامي ٿيو.

پاڻ جيئن ته حساس شاعر هو، تنهن ڪري پنهنجن ڏکن سورن جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو اٿس. پٺيان سندس يادگار سندس ڪلام سان گڏ، ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن. سندس ڪلام ٽن ڪتابن ۾ جمع ڪيو ويو آهي، جن جا نالا آهن:

1. روحاني ابيات.

2. ڪليات شيخ الله بچايو.

3. قصو قرهئي پير جو.

اُن کان سواءِ ”رتيءَ جي رهاڻ“ نالي سان سندس آتم ڪهاڻيءَ تي مشتمل ڪتاب آهي. پاڻ گهڻو ڪري بيت چيا آهن، سندن ڪجهه بيت پيش ڪريان ٿو:

ماٺ ملڪيت جن جي، ماٺ جنهن جو مال،
تنهن جو سڄو سال، گذري بنا غم جي.

*

ڀيڄ ڀاناري جڳ ۾، مرشد موچارا،
پهچ پيارا، سورن آهه سوڙهو جهليو.

 

*

ميس مري تون جيئن، نه ته مربو نه جيبو،
بر ۾ نه بيهبو، ته ڏيل نه هرندو ڏک سان.

 

*

سانڊوهه سامونڊي بني، پتيجي پٽ لوڻ،
ٻيئي مـُـلڪ ڀوڻ، ته قرهيو ٿيو ڪڇ رڻ ۾.

 

*

جتي جايون جانبين، اُتي ڪجهه به ڪين،
ڪبو ڪيئن يقين، ته هت وسيا ٿي سپرين.


(1)  ڪتاب ”ڳاهن سان ڳالهيون مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(1) ڻي: هندو واپاري لوڪ. (ايڊيٽر).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org