سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 24

 

صحن جون قبرون:

مرڪزي ٿلهي جي اوڀارئين طرف هيٺ فرش تي 67 قبرون آهن، انهن مان جن قبرن تي ڪتبا آهن، انهن محل وقوع شامل ڪيل نقشي مان معلوم ڪري سگهبو، ڪتبا هي آهن.

(1) وفات يافت مرحومه مغفوره بي بي ...
خانم هفتم تاريخ شهر رمضان سن ...

(2) في تاريخ هفتم شهر صفر ”خاتمه بالخير و الظفر“ 1131 هه (؟)

(3) تاريخ فوت مرحومه يازدهم شهر محرم الحرام سنه 1070 هه

(4) عبدالواحد چو از جهان فنا
ڪرد رحلت بسويء ملڪ يقين
بهر تاريخ او خرد گفتا

”آمده  جـاي  او  بهـشت  برين“.  - 1040 هه

(5) خدا وند فتاح را بنده ِّ (1)
ڪه او بود در راه حق مستقيم
چو ڪرده ز دارالفنان انتقال
بدارالبقا گشته جنت مقيم
پيِء مال فوتش بسوز و گداز
سحر گه بجتم ز طبعِ سليم
زروي بديهه بگفتا نويس
                    2

”چــو حــاتـم جـوان مردو بود و ڪريم“.

1050+ 2= 1052 هه

(6) چون بخراميد عبدالحي والا شان مردي
ازين دارالفنان نا گاه جانب روضه رضوان
چو جستم سال تاريخ وفات .......

جوان .... دانش ”بجنت يافت جاويدان“-      1068 هه (؟)

چبوترا:

اترئين طرف کان چار چبوترا فرش کان بلنديءَ تي آهن، جن مان هڪ اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ تي آهي، ٻه اترئين ڪناري تي هڪٻئي کان ٿوري مفاصلي تي آهن، ۽ چوٿون اتر اولهه جي ڪنڊ تي آهي. انهن چبوترن ۾ قبرون آهن، ۽ ڪنارن جي ڪنڊ تي ننڍا منارا آهن، قبرن جو تفصيل ۽ ڪتبا هيٺ ڏجن ٿا:

(1) اولهه ۽ اتر جي ڪنڊ واري چبوتري ۾ هڪ قبر آهي، ڏکڻ کان مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي، هيٺيون ڪتبو قبر تي موجود آهي-

مير اسفند يار موحومي
ڪه بهشت از رخش منور شد
ناگهان روز جنگ رعنا ماه (1)
از شهادت شه مظفر شد
جستم از عقل سال او گفتا

”الــحــق  آن  شــهــيــد  اڪــــبر  شـــــد“         - 1036 هه

قبر جي چوڌاري قرآني آيات آهن.

(2) اترئين طرف ڪناري سان جدا چبوترو آهي، جنهن ۾ پڻ هڪ قبر آهي، جنهن تي قرآني آيات خط طغرا ۾ اُڪريل آهن. هيءُ ڪتبو قبر تي موجود آهي-

وفات يافت چو مغفور ... ميرزا

 

ابـــوالـنــصــر بـقــِاريـخ ... شـهر ذوالـحـج           1045 هه

هي مرحوم مير نمڪين جو ڏهٽو هو. ”تحفـةِ الڪرام“ ۾ سندس ذڪر آيو آهي، اسان به مٿي ان جو ذڪر ڪيو آهي.

(3) مٿئين چبوتري سان لڳو لڳ، هن چبوتري م ٻه قبرون آهن- اولهائين قبر تي ڪتبو آهي-

وفات يافت مرحومي و مغفوري ميرزا محمد ...
............. بتاريخ شهر ذوالحج نه 1042 هه

 

اوڀارينءَ قبر جو هيءُ ڪتبو آهي:

چونڪ مرحوم محمد افضل
رفته زين ...... اجل
عقل تاريخ وفاتش گفتا

ڪــه  ءِ بــيــاســود  مــحــمـــد  افــضــل ۽        - 1086 هه

اهي ٻيئي قبرون خوبصورت سنگتراشيءَ جو نمونو آهن، ۽ انهن جي چوڌاري قرآني آيات اُڪريل آهن.

(4) اوڀر ۽ اتر واريءَ ڪنڊ تي جيڪو چبوترو آهي، اهو به اولهه اتر واريءَ ڪنڊ تي ٺهيل چبوتري وانگر آهي، ساڳي سائيز، ساڳيو نمونو ۽ ساڳيا چار منارا، منجهس هڪ قبر آهي، جنهن تي هيٺيون ڪتبو آهي:

مير والانزاد معد الدين (1)
آن بهر فن يگانه و ڪامل
دل ازين خاڪدان گرفت او را
جنتِ عدن ساخت سر منزل
سال فوتش چو جستم از دل گفت
”شد بفردوس مير صاحب دل“
 1041= 34- 1075 هه

مسجد:

مٿين ڪتبن کان سواءِ ٻيا ڪتبا پڙهڻ ۾ نه آيا، گهڻو ڪري ٻين قبرن تي ڪتبا آهن به ڪونه. سرڪاري مرمت وقت يا ان کان اڳ، انهن قبرن جا ڪتبا ضايع ٿي ويا آهن. مغربي ديوار سان لڳ مسجد جون چوديواريون موجود آهن، ڇت ڊهي ويئي آهي، محڪمي آثار قديمه جي طرفان فقط ديوارن کي قائم رکي، انهن جي مرمت ڪئي ويئي آهي. مسجد جو طول 15 فوٽ 6 انچ ۽ عرض 8 فوٽ، مشرق کان ٽي دروازا ونگن سان، ۽ ٽي دروازا مغرب کان آهن، اهڙيءَ طرح اتر ۽ ڏکڻ کان به هڪ هڪ دروازو آهي.

حجرا:

ڏاکڻيءَ ڏاڪڻ تان چڙهڻ وقت ڏاڪڻ جي ٻنهي پاسن کان قديم حجرا آهن، جن مان سڄي هٿ وارا حجرا مجاورن سان آباد آهن، ۽ کٻي هٿ وارا حجرا بند پيا آهن، اهڙيءَ طرح اترئين طرف کان اولهه اوڀر وارا حجرا به بند پيا آهن، ۽ انهن تائين پهچڻ لاءِ پاسن کان ڏاڪڻيون آهن.

هيٺئين مسجد:

انهيءَ پهاڙيءَ جي چڙهڻ واريءَ ڏاڪڻ کان ٿورو اولهه تي، هيٺ زمين تي، هڪ مسجد ٺهيل آهي جا پڻ قديم ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان تي ڪوبه ڪتبو وغيره ڪونه آهي، ان کي محڪمي آثار قديمه وارن به پنهنجي قبضي ۾ ڪونه ڪيو آهي، جنهنڪري بلڪل زبون حالت ۾ آهي.

ڪتبن جا سال:

مٿي جيڪي ڪتبا ڏنا ويا آهن، ترتيبوار انهن جا سال هن طرح آهن،- 1018 هه (ابوالقاسم نمڪين)، 1031 هه (خاتمه بالخير والظفر)، 1036هه (مير اسفند يار)، 1037 هه (عتيق الله)، 1040 هه (عبدالواحد)، 1041 هه (مير معد الدين)، 1042 هه (ميرزا محمد ...)، 1045هه (ميرزا ابوالنصر)، 1045 هه (ابوالقاسم)، 1053 هه (عبدالرحيم)، 1056 هه (فتاح)، 1057هه (مير ابوالبقا امير خان)، 1062 هه (عبدالرزاق)، 1070 هه (مرحومه ...)، 1086 هه (ميرزا محمد افضل).

 _________

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


(1)  انهيءَ شعر مان معلوم ٿئي ٿو ته نالو عبدالفتاح هو.

(1)  ‘رعنا’ معنيٰ ‘راڻو’، سنڌ جي فارسي مؤرخن ‘رانا’ جي بجاءِ ‘رعنا’ لکيو آهي- اتي راڻي ماه جو نالو آهي، جنهن سان جنگ لڳي.

(1)  مسٽر يزداني انهيءَ نالي کي Ma' du-d-din'  ' پڙهيو آهي، جرنل ايشاٽڪ سوسائٽي، بنگال (I902- IX، part 2)، ڪزنس 156.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org