سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سومرن جو دور

باب: 1

صفحو :16

 

ضميمو

 

دودي - چنيسر جي ڳالهه کان سواءِ،

 

سومرن جي دؤر ۽ سومرن بابت

 

ٻيو روايتي ذخيرو

 

باب پهريون

بادشاهن ۽ سندن دؤر بابت روايتون

 

1- سومرن ڀائرن جي ٻاٻــي(1) قوم سان جنگ

امير ساهو کي پنج پٽ ٿيا: وڏو سومرو، ٻيو سومچند، ٽيون ويڳـُـہ ۽ ٻه ٻيا. هي پنجئي پهلوان هئا. ٻاٻي قوم جي شهر مان اچي لنگهيا، جتي انهن جو ڪوٽ پئي ٺهيو. هنن چيو ته نشاني طور اسين به هڪ پٿر کڻي مٿي رکنداسون. ٻاٻين اها ڳالهه قبول ڪئي. پوءِ هنن وڏي ڳري ڇـِـپ کڻي دروازي مٿان رکي ۽ ان تي لکي ڇڏيائون ته:

”ڪوٽ سڄوئي سومرن جو، ٻاٻـِـي سڀ ٻانها“

هي هليا ويا. پويان ٻاٻـِـي حاڪم آيا، جي اهي اکر ڏسي، لشڪر ساڻ ڪري، هنن جي پويان پيا. هي پنجئي ڄڻا وڃي هڪ تلاءَ تي پهتا، جتي ڦـُـل راٺوڙ ۽ سندس ڄڃ لٿل هئا. ڦـُـل هنن سان مليو. پويان ٻاٻي به اچي پهتا، جن سان سومرا ڀائر سامهان ٿيا. ڦل راٺوڙ به انهن سان ڀيڙو ٿيو ۽ هنن جي مدد ۾ وڙهيو. هن مقابلي ۾ ٻاٻين جو سردار مارجي ويو ۽ هيڏانهن سومچند ۽ ٻه ٻيا ڀائر به مارجي ويا. باقي وڏو سومرو ۽ ويڳـہ وڃي بچيا.

 

***


 

2 - سومرن جو گجرن جي ڪوٽ تي حملو ۽ فتح

سومري ۽ ويڳـہ موڪلايو، ته ڦل راٺوڙ چيو ته: هاڻي منهنجو ڀاڳ به اوهان سان آهي ۽ اوهان سان گڏ هلندس. پوءِ ڦـُـل کي ڀاڳ ڪري سڏيائون ۽ پنهنجو شجرو به سندس حوالي ڪيائون.

سومري ۽ ويڳـہ پوءِ راڄپال گجر جي ڪوٽ تي چڙهائي ڪئي. راڄپال جنگ ۾ مارجي ويو. سندس پوٽي ڌن پال سومرن سان صلح ڪيو، سڱ ڏنو ۽ قلعو به سندن حوالي ڪيو. اهو قلعو پوءِ ’ويڳـہ ڪوٽ‘ سڏجڻ لڳو. اهو واقعو سنـہ 300 هجري جي اول ۾ ٿيو. ويڳـہ بنا اولاد گذاري ويو ۽ رڳو سومري جي پيڙهي پڌري ٿي.

 

***

3 - همير بادشاهه ۽ ٿهيمن جي ڳالهه*:

همير ٿهيمن مان پرڻيو، جيڪي ست ڀائر هئا. وڏو ’نـَـپو‘ ۽ ٻيا. سندن ڀيڻ ’هـُـمـِـي‘ (حـُـميرا = هـُـميران) جيڪا همير جي گهر ۾ هئي. همير جي گهر پٽ ڄائو، نالو ’ڀين‘ رکيائون. هو وڏي بخت وارو ٿيو، جو مينهن وسڻ لڳا،  سـُـڪار ٿيا ۽ سندس نالو ’ڀين سـُـڪاريو‘ مشهور ٿيو.

اڻولواڙي (گجرات) ۾ ڏڪار پيو. راجا کي نجومين ٻڌايو ته ’ڀين سـُـڪاريو‘ اچي ته سڪار ٿيندو. راجا چارڻ کي موڪليو، جنهن همير کي سوال پوري ڪرڻ تي مڃايو. همير چيو ته: ’لـَـڄ نه گهر جان باقي ٻيو جيڪي گهرندين سو ڏيندس.‘ چارڻ چيو ته: ”تنهنجو پـُـٽ ڏي.“ همير ڏنو. ڀين اڻولواڙي ۾ پهتو ته مينهن وٺا، سـُـڪار ٿيا. همير جو پٽ وڏو ٿيو، ته خبر پيس ته: سندس پيءُ کيس پاڻ کان جدا ڪري ڏيهان ڏور ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ رنج ۾ اتي ئي رهي پيو ۽ راجا جو به مٿس وڏو راز ٿيو.

هيڏانهن همير پنهنجي حڪومت جو ڪاروبار پنهنجن سالن ٿهيمن جي حوالي ڪيو. همير جڏهن پير مرد ٿيو، ته هنن کيس مارڻ جو پهه ڪيو، ته جيئن حڪومت پنهنجي هٿ ڪن. ڀيڻ کين منع ڪئي ۽ چيو ته: حڪومت ڀل اوهين پيا هلايو، باقي رت سان هٿ نه رڱيو. هو نه مـُـڙيا. پوءِ مائي جڏهن به ڏسي، ته هي حملي ڪرڻ لاءِ ٿا اچن، ته ماڙي جي چاڙهي تي نڙ جو بهانو ڪري، وارن ۾ ميٽ وجهي ويهي وهنجي. انهيءَ جاءِ کان هو مٿي نه پيا چڙهي سگهن. ٻه چار دفعا ائين موٽيا. منجهانئن هڪ ڪاڻو هو، تنهن چيو ته: اسان جي ڀيڻ اسان کان ملڪ ٿي وڃائي. ننڍي هئي ته ڪلهي تي کڻندا هئاسون، هاڻي جي مٿي ۾ ميٽ ٿي وجهي ته ڀل وجهي، پاڻ پاسو ڏيئي مٿي هلنداسون. جڏهن اها خبر مائي کي پئي، تڏهن همير سان حال ڪيائين. سندس ترار کيس ڏنائين ۽ چيائين، ته هاڻي تون پاڻ پنهنجو بچاءُ ڪر. تڏهن همير چيو:

هٿ ڏڪن، ڌڙ ڌٻي، کنو سهي نه ڌُوڻ
اڳ ٿهيم ائين هئا، جئن اٽي ۾ لوڻ.

 

يعني ته اڳ لوڻ وانگر سيبائيندڙ هئا، پر هاڻي ڦري دشمن ٿيا آهن، يا اڳ ٿورا هئا ۽ هيڻا هئا، پر هاڻي گهڻا ۽ ڏاڍا ٿيا آهن. وري چيائين ته:

”اڳ ٿهيم ڪٿ هئا جڏ منهنجا پـَـتڻ پـَـواڙا پـُـونِ!“

يعني ’پتڻ مناري‘ ۾ جڏهن منهنجو دٻدٻو هو.

جڏهن ٿهيمن همير کي ماريو ۽ حڪومت پنهنجي قبضي ۾ ڪئي، تڏهن ست ڀائر ۽ ست ويهون ٻيا ٿهيم سرڪردا هئا.

مائي ’هـُـمـِـي‘ پوءِ ’ڀـِـين‘ ڏانهن ريٻاري هٿان پيغام موڪليو. کـَـلـِـي پاڻي جي ڀري، ان ۾ ننڍڙيون مڇيون ۽ لئي جا ٻـُـور وجهي موڪليائين. ريٻاري وڃي ’ڀينءَ‘ کي سامهون پهتو. ڀين ان وقت شهر جي ٻاهران هڪ باغ ۾ اچي ويهندو هو. ريٻاري کي ايندو ڏسي، ’ڀين‘ چيو:

ڪـِـر ڀانيان وِڏُر، ڪـِـر ڀانيان واچوڙو واء
اچي اوٺـِـي اُپـَـڙِيو، ڏاڏاني ڏيهاء.

 

--

ڪـِـر ڀانيان وڏُڙ، ڪـِـر ڀانيان واچوڙو واء
آڻي اوٺي اُٺ جهڪائيو، اُٺ به اُهـَـمو ساه(1)

 

پوءِ ريٻاري کـَـلـِـي مان پاڻي هاريو. ڊينڊ ڦٿڪندا ڏسي ڀين چيو ته تڏهن ٿهيمن همير کي ماريو، سنڌ ڦٽي وئي ۽ آباد زمينن ۾ لـَـيـُـون ٿي ويون! پوءِ راجا کان موڪلائي چڙهيو. هڪ چـَـتون ڌاريو هئائين جنهن جو نالو پوپٽ هو، ان جي ڀران مـَـٽيو، پر تڪڙ ۾ ان کي ڪونه کنيائين. تڏهن طوطي ڳالهايو:

پوپٽ ويٺو پڃري، جهـِـيڻو جهينگاري
اڄ ڀينءَ سنڌ سنڀوڙو، اسان وساري.

 

ريٻاري سونهون ٿيو، ۽ رات جو وڳڙو هو، جو اچي ڍٽ ۾ پهتا. ڀينءَ جي پڇڻ تي ريٻاري ڀـُـون سونگهي ٻڌايو ته:

”هـِـند ڇڏي، سنڌ پـَـئـِـي، اچي ڍوليي ماڻيو ڍٽ“

ڀينءَ پوءِ ريٻاري کي موڪل ڏني، پر چيائين: وقت تي سڏيندس ۽ تيار رهجو. امان کي ٻڌائجو ته آءٌ آيو آهيان، پر ابدال ۽ مجذوب ٿي گهمندس ۽ ڪنهن حيلي حڪمت سان وڙهندس.

پوءِ ڀينءَ ابدال ۽ مجذوب ٿي پئي هليو. گجر بصر پيو کائي. ائين به پيو چوي ته: ’آءٌ ڀينءَ آهيان همير جو پٽ‘، پر منهنجا ماما سدا جيئن جيڪي حڪومت پيا هلائين. ماءُ ۽ مامن کي ملڻ ويو، ته به گجر بصر کائي پيو رَس ريشو وهائي. پوءِ ڪجهه عرصو ائين پئي هليو، پر ماڻهن ۾ اهو چؤٻول پئجي ويو ته ’ڀينءَ‘ جيئرو جاڳندو هلي پيو.

پوءِ نـَـڀي ۽ سندس ڀائرن کان هڪ ڏينهن اچي موڪلايائين ته: ’ماما، هاڻي آءٌ وڃان ٿو‘. تڏهن چيائونس ته: مهماني کائي وڃ. طعام ۾ زهر وجهايائون. ڀينءَ اڳ ريٻارين کي چيو هو ته: اوهين اُٺيون هڻي وڃو، ڪو ماريو ۽ ڪو مڙس ڦٽيو، پر ماني کان اڳ اچي فرياد ڪريو ته: غنيم لوڙهه  هنيو ٿو وڃي. ماني به آئي ته هنن اچي هاءِ گهوڙا ڪئي. نـَـڀو ۽ سندس ڀائر ۽ ٻيا اوڏانهن چڙهيا. پٺيان ڀـِـين طعام مان گراهه کڻي ڪتي کي ڏنو، ته اهو مري پيو. پوءِ ماني ڪانه کاڌائين، باقي ٿانوَ خالي ڪري ڇڏيائين. هو موٽي پئي آيا، ته هي به چريائي واري حالت ۾ کين ٻاهر وڃي مليو ۽ چيائين ته: ’مون ماني کائي ڍئو ڪئي، هاڻي منهنجي وڃڻ کان اڳ آءٌ اوهان جي ماني ڪندس ۽ منهنجي ماني کائجو.‘ هنن قبول ڪيو.

پوءِ پنهنجي ماءُ کان پئسا وٺي، وڏي شاهي دعوت جو انتظام ڪيائين. ريٻارين کي تيار ڪيائين. ٿهيم ستئي ڀائر ۽ ٻيا ست ويهون سڏايائين. ماني ڪوٽ ۾ ڪيائين. هنن کي شراب پياريائين ۽ سڀ نشي ۾ چور ٿي ويا. دروازي تي ريٻاري ۽ پنهنجا ماڻهو بيهاريائين. موڪلائڻ وقت پاڻ وڃي دروازي تي بيٺو. ڏيڍيءَ کي ور هو جتان ٿهيمن ڀائرن کي هڪ هڪ ڪري ماريائين. نـَـڀو مڻيا وارو هو ۽ بهادر هو. نشي ۾ ڳمندو آيو. سـِـر لٿس ته ڌڙ پوئتي هٽي ترار جا ٽي ڌڪ هنيا جيڪي لوهي در ۾ لڳا. پوءِ نڀو ڪريو. تڏهن چيائون ته:

نـَـڀو هو ته هوءِ، نڀي کان پوءِ
سومرو ڪٽاري نه کڻي ڪوءِ

 

اها ڪٽاري پوءِ دودي ٻڌي، کانئس اڳ ڪنهن نه ٻڌي. دودي سـِـر لهڻ کان پوءِ به نـَـوَ ڌڪ هنيا.

***

4 - همير سومري جي ڪڇ ۾ فتح

]”جاڙيجن جو نسبنامو“ جيڪو ڪڇ ۾ 17 - رجب 1237هه (27 - فيبروري 1822ع) ۾ اصل گجراتي مان فارسي ۾ ترجمو ڪيو ويو، تنهن ۾همير سومري جي ڪڇ ۾ فتح جو ذڪر آهي. پر ترجمي جي عبارت مان ظاهر آهي، ته ترجمو ڪندڙ ايڏو قابل ڪونه هو، تنهنڪري چئي نٿو سگهجي ته هن اهو ترجمو ڪيتري قدر سهڻو ۽ صحيح ڪيو. ’همير‘ کي ’حمير‘ ۽ ’پونئري‘ کي ’پوره‘ ڪري لکيو ويو آهي. ڪڇ ۾ همير جي فتح جو ذڪر هن طرح آندل آهي. ن – ب[

لاکو ڦلاڻي حڪمران هو ۽ هن ڪيرو ڪوٽ ٺهرايو. سندس ڀاءُ ڳاهي ڦلاڻي جي پـُـٽ پـُـونئري پڻ وندري (؟) ۾ نئون ڪوٽ ٺهرايو، جنهن کي ’پونئرو ڪوٽ‘ چون. پونئرو پوءِ بادشاهه جا اُٺ هڻي آيو، جنهن تي پويان بادشاهه جو لشڪر چڙهي آيو. ان وقت پونئري بادشاهي لشڪر جي مقابلي لاءِ سنڌ مان همير سومري کان مدد گهري، جنهن تي همير سومرو چڙهي آيو. پوءِ ڄام پونئري ۽ همير سومري جي وچ ۾ لکيت ۾ معاهدو ٿيو ته: بادشاهي لشڪر جو صوبو ۽ همير سومرو پاڻ ۾ مقابلو ڪن، پوءِ جيڪڏهن صوبو هارائجي ڀڄي ۽ همير سومرو فتح حاصل ڪري، ته پوءِ ڪڇ جي حڪمراني همير سومري جي حوالي ٿئي. پوءِ بادشاهي صوبي ۽ همير سومري ٻنهي اڪيلي سر ميدان ۾ مقابلو ڪيو، جنهن ۾ همير سومرو ڏاڍو ٿيو ۽ فتحياب ٿيو ۽ بادشاهي صوبو ۽ لشڪر ميدان ڇڏي ڀڳا. پونئري پٽ ڳاهي جي پوءِ همير سومري کي پنهنجي ڀيڻ پرڻائي، جنهن تي همير سومري چيس ته: شادي جي رسم ۽ دستور موجب اوهان کي آءٌ ڇا ڏيان؟ پونئري چيس ته: اوهان بادشاهه کان سڄي ڪڇ ملڪ جي معافي جو پروانو لکائي ورتو آهي، اهو پروانو شادي جي رسم طور عنايت ڪريو. پوءِ همير سومري اهو پروانو جيڪو بادشاهه کان لکائي آندو هئائين، سو پونئري سمي کي ڏنائين. پوءِ ان ڏينهن کان وٺي ڪڇ ملڪ ۾ ’همير وار‘ ٿيو. پوءِ همير سومرو سنڌ ڏانهن موٽي ويو(1)


 

5 - سومرن ۽ سمن جي وچ ۾ پاڏي تان جنگ*:

مير طاهر محمد نسياني ”تاريخ طاهري“ ۾ هڪ هنگامي جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو سومرن ۽ سمن جي وچ ۾ پاڏي جي گوشت تان ٿيو. سندس بيان ۾ ڪنهن به سومري حڪمران يا سمي سربراهه جو نالو ڏنل ڪونهي، ۽ پڻ هو پنهنجي وهم گمان موجب سومرن کي هندو ڪري سمجهي ٿو، جيتوڻيڪ سندس پنهنجن بيانن مان ان جي ترديد ٿئي ٿي. مختصر طور سندس بيان هن طرح آهي:

سومرا هن قسم جو هندو مذهب رکندا هئا، جو هندن جي رسم موجب ڳئون جو گوشت نه کائيندا هئا، پر مينهن جو گوشت کائيندا هئا. سما جيڪي ان وقت زميندار هئا، تن جي به اهائي رسم هئي. جيستائين مينهن جي نئين ڄاول ٻچي جو گوشت نه ملندو هونِ تيستائين نه پيئندا هئا.

هڪ ڀيري سومرن، هڪ سمي جي گهر مان زوري پاڏڙو کنيو ۽ شراب خوري ڪيائون. اهو سمو ان وقت گهر ۾ ڪونه هو. جڏهن آيو ته جوڻس کيس مهڻا ڏنا ۽ چيائين ته: اڄ تنهنجي گهران سيخ ڪباب لاءِ پاڏو کڻي ويا آهن ۽ سڀاڻي اوهان جي هن نامردي ۽ بي همٿي کي ڏسي زالون کڻي ويندا.  هاڻي يا ته اسان کي پنهنجون ڀيڻون سڏي، هنن (سومرن) جي حوالي ڪريو، يا ته هي ڀيڻي ڇڏيو. اهو ٻڌي هن کي غيرت آئي. هي پنهنجي قبيلي جو سردار هو ۽ پنهنجن ماڻهن کي سڏيائين ۽ هنن انهن سومرن تي (جن پاڏو ڪڍيو هو ۽ شراب جي محفل مچائي هئي) حملو ڪري منجهانئن ڳچ ماڻهن کي ماريو. پوءِ هي سما پنهنجو ۽ ٻين عزيزن جو لڏو وٺي، ڪڇ ڏانهن روانا ٿيا. اڃا سنڌ ۽ ڪڇ واري وچين رڻ ۾ ئي هئا، جو پويان سومرن جو وڏو لشڪر اچي پهتو، ۽ صلح جون ڳالهيون هليون. سمن پنهنجي خوف کان موٽي سنڌ هلڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي جنگ لڳي، جنهن مان ٻنهي طرفن جا گهڻا ماڻهو مئا (۽ پوءِ سمن وڃي هميشـہ لاءِ ڪڇ کي وسايو).

 

***

6 - آخري سومري باشاهه همير ۽ ڄام هالي

جي جنگ هڪ روايت:(1)

ڄام هالو همير سومري جي وقت ۾ ساموئي جو ويٺل هو. کيس ست پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. جـِـهو، جـوڻو، جـَـکرو، هوٿي، هڱورو، پلي، ڏيرو ۽ ٻاگهي. هالي جي ڌيءَ جي شادي همير سومري سان ٿي، ۽ هالي پنهنجو ٻانهون ٻـَـٻـَـر نالي ٻاگهي کي ڏاج ۾ ڏنو. ٻيا ڪاريگر به ٻاگهي سان گڏ موڪليائين. انهن جي واکاڻ سببان ٻاگهي جي واکاڻ ٿي، جيڪا سومرين مايـَـن نه سـَـٺي، جنهن تي آخر ٻاگهي کي همير ڏهاڳ ڏنو. ٻاگهي اها خبر ٻٻر هٿان ڄام هالي ڏانهن موڪلي، جنهن تي همير ٻٻر کي ماريو. ٻـَـٻـر جي مارجڻ تي هالي جا پٽ چڙهيا. انهن مان هڱوري اڳ به پـَـتڻ - مناري جي سومرن کي ماريو هو. سوڍا ٺڪر ان وقت سومرن جا ساٿي هئا، انهيءَ ڪري هڱوري وڃي ٺـَـڪـُـرن تي حملا ڪيا، باقي ٻين همير تي هلان ڪئي ۽ کيس شڪست ڏئي، قيد ڪيائون ۽ پوءِ ماريائونس، جنگ جي وقت يا اڳ جڏهن اڃا سمن جي سرسي نه ٿي هئي، ته هڱوري کي سنڀاريائون:

آءِ هڱورل پوڇڙيارا، اج گهرجين هت
سومرن ماري سما ڪـُـنرن ڀريا رت.

پوءِ جڏهن سما جنگ کٽي ويا، ته هڱورو به سرسي ڪري موٽيو هو، سو ملين، تڏهن فقير ڳاهه ڏني (يا ان کان اڳ فقير وڃي وٽس پهتو ۽ ڳاهه ڏنائين) ته:

آءِ هڱورل پوڇڙيارا توکي پئي ڪاڄ سـُـڌا
’پـَـنڻ‘ ماريا سومرا، تو کان ٿر ڪوڏيا مـُـٺا.

انهيءَ تي هڱورل کي ڪاوڙ چڙهي، جنهن تي فقير بيت ورايو ته:

هوءِ پٻڻ، هوءِ پاٻڻي، هوءِ هڱورل ڄار
ڦاٽيءَ مڇ رت وهي، تون ڏوهه ڏمر ڍار.

يعني ته تنهنجي ڀائرن جي فتح ٿي آهي. انهيءَ ڪري ڏمر نه ڪر ۽ راضي ٿي. پوءِ آخر پڳ هوٿي کي ڏنائون.

ٻي روايت:(1)

ڄام هالي جي ڌيءَ ٻاگهي همير سومرو نصرپور مان پرڻجي ويو. مائي کي اُتي سومرين طعنا تنڪا ڏنا. تڏهن مائي ڀائرن ڏي نياپو موڪليو. اهي نصرپور مان چڙهيا هئا:

...................... هوٿي هڱورو
پلي پاڻي نه پئي، ڏمريو ڏيرو
اتي دمايائون ديرو، جتي ٻاگهي لڌو ميهڻو.

 

ڄام هالو ۽ سندس ڪڙم قبيلو نصرپور واري علائقي ۾ هئا، هو ساموئي ۾ ڪين هئا.

ٽـِـين روايت:(2)

هالي ۽ همير هرڻ ماريو. هرهڪ چيو ته منهنجو. انهيءَ تي هالي چيو، ته جي مـَـڱ پيٽ ۾ ته منهنجو، جي حـَـو ۾ ته تنهنجو. سومرن طرف ان وقت جـَـوَ ٿيندا هئا. پيٽ مان جـَـوَ نڪتا. انهيءَ تي همير سومري ڏوهه جي عيوض ۾ همير کان سڱ گهريو، جيڪو ڏنائين، پر انهيءَ تي آه نڪري ويس. انهيءَ تي همير چيس ته: ’آءٌ به تو کي ڌيءَ ٿو ڏيان.‘ تڏهن هالي چيس ته: جي تون سڱ ٿو ڏين، ته آءٌ مسلمان ٿو ٿيان. پوءِ اسـماعيل شاهه ڪڇ جو، تنهن جي پٽ محمد شاهه مسلمان ڪيس.

چوٿين روايت:(3)

هالو سمو، همير سومري جو مامو هو. هالي جي پٽن اچي همير سومري کي ماريو. اهو جنگ وارو ماڳ، يا همير جي رهڻ ۽ مارجڻ وارو ماڳ ’هـَـميرا‘ ڀـِـڙو، جيڪو ڳوٺ صوفي فقير جي ڀرسان آهي. همير سومرن جو آخري بادشاهه هو.

پنجين روايت:(1)

گجر مينهن سومرن جي ۽ گجر مينهن سمن جي گم ٿي وئي. ٻـَـئـِـي طرف ڳولڻ نڪتا. ڄام هالي جا پٽ ڳوليندي ڳوليندي پري نڪري ويا. پويان همير سومرو پنهنجي لشڪر سان ڳوليندو اچي پهتو. ان کان اڳ گجر مينهن به هالي جي وٿاڻ تي آئي. همير چيو منهنجي، هالي چيو ته منهنجي.

جهيڙو وڌي ويو ۽ آخرڪار جهيڙي ٽارڻ لاءِ ائين نبيريائون ته ڪـُـهون ٿا، پوءِ جنهن جي پـَـٽ جو گاه پيٽان نڪتو، مينهن انهيءَ جي ٿي ۽ ٻي ڌر ڏن ڀريندي. مينهن ڪـُـٺائون ته گاه همير جي پٽ جو نڪتو. همير انهيءَ ڏن ۾ هالي تي سڱ رکيو ۽ هالي پنهنجي ڌيءَ ٻاگهي، همير کي ڏيڻي ڪئي. پر چيائين ته: ’هينئر ئي پرڻجي وڃ. منهنجا پٽ ايندا ته مامرو ڪندا.‘ همير چيو ته: ’اهي ميرڙا ڪوجهڙا ڇا ڪندا! آءٌ سنڀري اچي شادي ڪندس.‘ پوءِ جڏهن همير چڙهي آيو، ته ڄام هالي جي پٽن مقابلو ڪيو ۽ جنگ لڳي.

(ٻي روايت) چون ٿا، ته وڌيڪ صحيح ائين آهي، ته همير بادشاهه هالي جي ڌيءَ سان شادي ڪري ويو. جنگ ان کان پوءِ لڳي. ڄام هالي جا اٺ پٽ هئا: ڏيرو، پلي، جکرو، هوٿي، هڱورو، جيهو، جـُـوڻو ۽ علي. اهي سڀ وڏي بهادري سان وڙهيا. ان کان اڳ جوڻي کي همير پنهنجي ڌيءَ ڏني هئي، ته جيئن صلح ٿئي، پر صلح پوءِ به ڪونه ٿيو. ڄام هالي جي پٽن کي پوءِ سندس مڱڻهارن فقيرن ڳايو ته:

* پهريون پٽ هالي جو، پلي نانء پهلوان
فتح جنهن جي منهن ۾، جنهن وٽ آهي سڀ سامان
شير وڌايس شان، شرا ٻڌي گهر آئيو.

 

يعني ته پلي پڳ ٻڌي هئي.

* ٻيو پٽ هالي جو، ڏيرو نانء سلطان
ورنهه رهي نه وير ري در مٿي دَيلان
ملهائي ميدان، جنهن سئين ماريا سومرا.

 

* ٽيون پٽ هالي ڄام جو، جکري نانء وريام
جنهن وٽ ٻيڙو جنگ جو، مٿي سـِـر ڪمام
مڙيو ڪين مدام، آيو طـُـريلو تري ترار تي(1)

 

* چوٿون پٽ هالي ڄام جو، هوئي نانء راوت
ترسيو ڪين ترار کؤن، آيو پـَـيلَ ڪري پـَـربت
مانجهي مڳ مٿير جنهن منهن مٿي مـَـستـَـڪ
هئي هوٿي هٿ، ست سؤ ماريا سومرا.

 

* پنجون پٽ هالي ڄام جو، هڱورو نانء امراء
دُوٻي منجهه دشمن، ڪري غنيم سڀ گمراهه
هو بهادر بي پرواهه، جنهن ڪيو غار غنيم کي.

 

* ڇهون پٽ ڄام هالي جو، جيهو جنگاور
اچي پيو آرڻ ۾ هيلـِـهيان حملاوَر
موڪ ماري مصريون، سـَـهس نـِـوائي نـَـر
ڳچ ڳاري لشڪر، آيو دولهه ديري پانهنجي.

 

* ستون پٽ هالي ڄام جو جـُـوڻو نانء اڙٻنگ
مهڻو لڳو مڙد کي، چڙهيو ترت سنڀاري تنگ
ورنهه وجهي ونگ، ڳڌائين سڱ همير کؤن.

 

* اٺون پٽ هالي ڄام جو علي نانء نروار
سـَـهمايائين سومرن کي ڪيائين جنگ جهونجهار
آني چاڙهيائين ڀـِـٽَ تي ڏهه ڇليون هڪ هزار
(2)
پوءِ تهدل سان تڪرار، سرسي تنهن سالار ڪئي.

 

اها جنگ سنگرار پڪار طرف لڳي.

-------


(1) هي روايت ميان محمد هاشم سومري (هاڻ ويٺل بدين، اصل ۾ پڇم ۾ شهر کاوڙو) کان حيدرآباد ۾ 2 - جنوري 1976ع تي ڪيل ڪچهري ۾ ملي. ڳالهه ڊگهي هئي جنهن جا مکيه ٽاڻا اختصار سان لکيا ويا.

* هي ڳالهه تاريخ 2 - جون 1977ع تي محمد هاشم سومري (پاڙو سـَـڪريو، ويٺل بدين) جي زباني حيدرآباد ۾ قلمبند ڪئي وئي. محمد هاشم چيو ته: ڪڇ ۾ دودي - چنيسر جي ڳالهه وانگر هيءَ ڳالهه ڳاهن سان کڻندا هئا.

(1) اُهمو ساه = ڏکيو ساه. وڏي منزل مارڻ ۽ ٿڪ سببان اُٺ ڏکيو ساه پيو کڻي.

(1) اهو ڄاڻايل ناهي ته ڪڇ تي ڪهڙو بادشاهه چڙهي آيو ۽ همير سومرو ڪهڙي بادشاهه کان ڪڇ جو پروانو لکائي آيو هو. آخري جملن جي عبارت هن طرح آهي:

”پس حمير سومره پروانه مذکور که از بادشاه نو يسانده آورده بود آن پروانه حمير سومره سمه پوره را داده -- پس ازان روز از کجهه ملک حمير اورا شد -- پس حمير سومره بطرف ملک سند رفت.”

* تاريخ طاهري، متن فارسي، ص ص 41 - 42

(1) هيءَ روايت اسان 21 - آگسٽ 1953ع تي ڏيپلي ۾ ڪيل ڪچهري ۾ محمد فقير مڱڻهار جي زباني قلمبند ڪئي.

(1) هي روايت اسان 1973ع ۾ سگهڙ کمون ڪوري جي زباني قلمبند ڪئي.

(2) هي روايت اسان 1955ع ڌاري دُونهائي ۾ ڪيل ڪچهري ۾ سگهڙ طالب ڀان جي زباني قلمبند ڪئي، جيڪو ان وقت ’اولياءِ ابراهيم ناگوراڻي’ تي رهندڙ هو.

(3) راوي آدم فقير ڀاڳ (پٽ عمر پٽ ڇٽو پٽ عثمان)، ڳوٺ حاجي جان محمد وسائي پوٽو. فقير سان روبرو تاريخ 5 - مئي 1978ع تي ڪچهري ڪئي وئي.

(1) هيءَ روايت اسان درگاهي فقير ميراثي جي زباني، ميرپورماٿيلي ۾ 21 - 22 جون 1975ع تي مرحوم جيوڻ خان پتافي جي قائم ڪيل ڪچهري ۾ قلمبند ڪئي.

(1) تري (’ت‘ جي زبر توڙي پيش سان) پڙهبو ته صحيح ٿيندو.

(2) آني = آڻي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org