سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنت السنڌ

باب؛ 7

صفحو :18

ڪڇ جو قحط:

مير غلام علي خان جي ڏينهن ۾ ڪڇ ۾ سخت ڏڪار پيو. ڏڪر جا ستايل سنڌ ۾ ٽن چئن رپين تي پنهنجا ٻار وڪڻڻ لڳا. ڏڪر جي زماني ۾ سنڌ ۾ في رپئي 6 سير جوئر ۽ ٻاجهري وڪامندي هئي. فياض مير ڏڪر جي ستايلن کي بيشمار ان ورهائي ڏنو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪڇي موٽي پنهنجي وطن ڏانهن ويا. ڪڇ جي کنگهار راءِ بهادر مير نامدار کي ڏڪر جي ستايلن جي ٻارن کي موٽائڻ لاءِ دوستانه نموني ۾ درخواست ڪئي، جا مير نامدار منظور ڪري، فقيري خدمتگار معرفت شاهي خرچ سان ستايلن جي ٻارن کي خريد ڪري، ايلچين معرفت ڪڇ ڏانهن روانو ڪيو. مٿينءَ فياضيءَ جي ڪري ڪڇ جي برٽش ريزيڊنٽ توڻي راءِ بهارامل مير صاحب جو شڪريو بجا آندو.

قلات سان ڪشيدگي:

سنه 1795ع ۾ قلات جي بيگلربيگي مير محمد نصير خان وفات ڪئي. سندس وليعهد پٽ شهزادو محمود صغير هو، تنهن ڪري شاهي خاندان مان پهريائين بهرام خان ڪڇيءَ ۾ فساد ڪيو، جنهن کي زمان شاه گرفتار ڪرايو هو، پوءِ حڪومت جو ڪاروبار شهزادي جا ٻه ماٽيلا ڀائر مير رحيم خان ۽ مير مصطفيٰ خان هلائڻ لڳا. منجهانئن مصطفيٰ خان ڪڇي، هرند ۽ داجل مٿان نائب هو. هن حيدرآباد سرڪار کان ڪراچيءَ جي بندر جو مطالبو ڪيو ۽ بهاولپور جي نواب محمد صادق خان سان معاهدو ڪيو. ان معاهدي موجب ٻنهي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو. شهزادي مصطفيٰ سنڌو درياءَ جي ساڄي پاسي تي قبضي ڪرڻ جو ۽ نواب محمد صادق سنڌو نديءَ جي کاٻي ڪناري کي والارڻ جو ارادو ڪيو.

براهوئي شهزادن جي هڪ پوڙهي چاچي ڪوٽڙيءَ ۾ رهندي هئي، جنهن جي پرورش مير غلام علي خان ڪندو هو، مير صاحب ان پوڙهيءَ کي گهرائي سمجهائي گنداواه ڏانهن روانو ڪيو. پوڙهيءَ اتي پهچي شهزادي مصطفيٰ کي بازاچڻ لاءِ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن وچ ۾ اتفاق اهڙو ٿيو، جو مير رحيم خان کي مير مصطفيٰ خان گولي هڻي ماري وڌو.(1) ان حادثي کان پوءِ مير غلام عليءَ قلات درٻار ڏانهن همدرديءَ طور پنهنجو ايلچي روانو ڪيو ۽ طرفين ۾ صلح ٿي.

مير غلام علي خان مرحوم مير محمد نصير خان جي ڀائٽيءَ سان ڀاڳ جي شهر ۾ ڌوم ڌام سان شادي ڪئي. ان موقعي تي مهمانن جو تعداد چاليهه هزار هو.(1)

بهاولپور کي شڪست:

اُچ شريف جي جيلاني ۽ بخاري ساداتن جي وقت جا حڪمران عزت ڪندا هئا، سندن پيري مريديءَ جو سلسلو سنڌ ۽ گجرات تائين هو. نواب محمد صادق خان اُتي جي گادي نشين سيد ذوالفقار شاه جي بيعزتي ڪئي، جنهن ڪري مير غلام علي خان نواب ڏانهن سيد لاءِ سفارش جو خط لکيو. نواب صاحب ويتر غصي ٿي، سيد تي سختيون ڪرڻ لڳو. نواب جي روش تي ناراض ٿي، مير صاحب پنهنجي سپه سالار طاهر خدمتگار جي اڳواڻيءَ هيٺ بهاولپور ڏانهن لشڪر چاڙهي مڪو.

اپر سنڌ جي بزدارن، لنڊن، گبولن، پتافين ۽ جروارن به ٽالپري لشڪر جي مدد ڪئي. نواب جي سپه سالار فتح محمد خان غوريءَ شڪست کاڌي. ٽالپري لشڪر سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙه تي قبضو ڪيو. نواب شرط منظور ڪيا. ساداتن جون جيڪي زمينون نواب ضبط ڪيون هيون، سي کين موٽايون ويون. طاهر خدمتگار نواب جي پٽ کي ساڻ ڪري ڪشمور کان ٻيڙين رستي ٽن ڏينهن اندر ٽنڊي حاجي مير خان پهتو، جت شهزادو مير محمد خان، بهاولپور جي شهزادي جو استقبال ڪري کيس حيدرآباد وٺي آيو. ڪجهه ڏينهن دائود پوٽو شهزادو شاهي مهمان طور رهي، موٽي بهاولپور ڏانهن ويو. طاهر خدمتگار کي فوجي خدمت جي انعام ۾ نوابيءَ جو لقب عطا ٿيو.

انگريزن سان تعلقات:

گورنر جنرل لارڊ منٽو جي ڏينهن ۾ سنڌيا شاهي ۽ هولڪر شاهي مرهٽن جون ٻه زبردست حڪومتون هيون. وچ هندستان ۾ پنڊاري پاٿاريدار انگريزن کان ڳريون رشوتون وٺي، ڏيهي رياستن ۾ ڦريون ڪندا هئا.(1) نيپولين بونا پارٽ هندستان پهچڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، پر سڄو يورپ سندس کڙيءَ هيٺان هو، جرمنيءَ کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ ’برلن ڊڪري‘ ذريعي يورپ وارن لاءِ اعلان پڌرو ڪيو ته ڪابه يورپ جي طاقت انگلينڊ سان واپار نه ڪري. سنه 1807ع ۾ ٽلسٽ جي معاهدي موجب هن زار روس سان هندستان تي گڏجي ڪاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هندستاني، جن کي انگريز سندن ئي خون ۽ پئسي جي ذريعي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجو مطلب سنواري رهيا هئا، سي فرانس ۽ روس جي مٿئين معاهدي کي دستور موجب پاڻ لاءِ نجات جو باعث سمجهڻ لڳا.

ٽلسٽ جي معاهدي ڪري ڪلڪتي جي ’چيمبرس آف ڪامرس‘ (ايوان تجارت) ۽ اُتي جي فورٽ وليم جي قلعي جي سياسي حلقن ۾ بي چيني پئجي ويئي. ازانسواءِ ڪي فرينچ عملدار ايران پهچي، شاه جي فوجن کي ولائتي فوجي قاعدا سيکارڻ لڳا، انهن پاڻ سان توبخانو به اوڏانهن نيو هو. فرينچن جي نقل ۽ حرڪت کي ڏسي لارڊ منٽو هندستان جي پاڙيسري ملڪن ڏانهن سفارش رواني ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو. گورنر جنرل جي دل سنڌ، پنجاب، ڪابل ۽ طهران جي حالتن کي معلوم ڪرڻ لاءِ گهڻي ماندي هئي.

پنجاب تي رنجيت سنگهه جو سڪو ڄميل هو. سندس اکيون ستلج پار وارين ڦلڪيان سک رياستن تي قبضي ڪرڻ لاءِ کتل هيون. سندن ارادو هو ته مٿيون رياستون لاهور جي خالصه جهنڊي هيٺ رهن. ٻئي پاسي ستلج پار واريون رياستون پنهنجي کل بچائڻ لاءِ ڪمپني سرڪار جا در کڙڪائڻ لڳيون. انگريزن کي خوف هو ته جيڪڏهن رنجيت سنگهه ستلج پار وارين رياستن کي قبضي هيٺ آڻڻ کان پوءِ راجپوتن ۽ مرهٽن سان دوستانه ناتو رکيو، ته انگريزن کي گڏيل محاذ سان مقابلو ڪرڻ مشڪل ٿيندو. ان ڪري گورنر جنرل کي پهريائين رنجيت سنگهه کي روڪڻو پيو.

22_ ڊسمبر سنه 1808ع ۾ لڌيانه جي برٽش پوليٽيڪل ايجنٽ ميٽڪاف رنجيت سنگهه کي صاف لفظن ۾ چتاءُ ڏنو ته ستلج پار واريون ڦلڪيان سک رياستون ڪمپني سرڪار جي حفاظت هيٺ اچي چڪيون آهن. رنجيت سنگهه سياڻو هو، کيس انگريزن جي طاقت جي خبر هئي، تنهن ڪري سنه 1809ع ۾ هن انگريزن سان امرتسر جو معاهدو ڪيو، جنهن مطابق خالصه سرڪار ۽ ڪمپني سرڪار درميان ستلج ندي حد مقرر ٿي. رنجيت سنگهه سان فيصلي ڪرڻ کان پوءِ لارڊ منٽو ڪابل ڏانهن متوجه ٿيو، جتي شاه شجاع الملڪ بارڪزئي سردارن جي هٿ ۾ پتليءَ وانگر هو.

جارج فاريسٽر پهريون انگريز هو، جنهن ڪابل تائين سفر ڪيو هو.(1) تنهن کان پوءِ، ڪلڪتي جي ڪائونسل، مانسٽيورٽ ايلفنسٽن کي ڪابل ڏانهن رواني ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو. ايلفنسٽن 13 انگريز عملدار ۽ چار سؤ انگريز ۽ هندي سپاهي ساڻ ڪري بهاولپور، ديره جات ۽ ڪوهاٽ رستي کان ڪابل روانو ٿيو. ايلفنسٽن اڃا ڪالاباغ جي لوڻ وارين کاڻين وت مس پهتو هو، ته کيس نيپولين بوناپارٽ جي شڪست جي خبر پهتي. روس ۽ فرانس جي گڏيل ڪاهه جنهن ٿورا ڏينهن اڳ هندستان جي فضا کي غبار آلوده ڪري ڇڏيو هو، ان متعلق هينئر اطمينان هو.

سنه 1809ع ۾ ايلفنسٽن پشاور کان ڪابل پهتو. ڪابل ۾ کيس مرزا گرامي ۽ ملا بهرمند ٻه عيار ڇاڙتا ملي ويا، جن جي معرفت فرنگي شجاع جا ٽپڙ جاچڻ لڳو. ظاهري شجاع جي پڳ ۾ ڪوه نور هيرو لڳل هو، جو سندس پيشانيءَ تي چمڪاٽ ڏيئي رهيو هو، پر سندس اندر کاڌل هو ۽ پريشانين جي ڪا حد ڪانه هئي. هرات ۾ شهزادي محمود جون بغاوتون، بارڪزئي وزير فتح خان جون سازشون، درٻار ۾ قزلباش ۽ سدوزئي اميرن جي پاڻ ۾ نااتفاقي، شاهي خزاني جون ٽجوڙيون خالي، ڪشمير جي گلريز خطي ۾ فسادن جا شعلا_ گويا ’يڪ انگور ۽ صد زنبور‘ وارو مثال هو. مٿين سڀني ڳالهين کي ايلفنسٽن جاچي ڏٺو. شاه شجاع سان ملاقات ڪرڻ وقت اڃا ايلفنسٽن فرينچن جي ڳالهه مس چوري، ته جهٽ شاه شجاع پنهنجي رعايا کي دٻائڻ متعلق شرطن جي هڪڙي ڊگهي فهرست انگريز ايلچيءَ اڳيان پيش ڪئي. ايلفنسٽن سندن مطلب سمجهي ويو ته امير کي فقط ڏوڪڙن جي ضرورت اهي. هن بادشاهه کي چيو ته جيڪڏهن ڪابل سرڪار سنڌ تان هٿ کڻندي، ته هو (ايلفنسٽن) گورنر جنرل کي سفارش ڪري امير کي 3 لک رپيا وٺي ڏيندو. شجاع ڪي مهينا پنهنجن سردارن سان سرگوشين ڪرڻ کان پوءِ صحيح ڪري ورتو ته سنڌ کي اڳي يا پوءِ انگريزن کان خطرو آهي، تنهن ڪري هن مجبوريءَ جي حالت ۾ انگريز ايلچيءَ جا شرط منظور ڪيا. ان کان سواءِ هن وعدو ڪيو ته جيڪڏهن فرينچ يا ايراني گڏجي هندستان تي حملو ڪندا ته دراني حڪومت انگريزن جو طرف وٺندي.

14_ جون سنه 1809ع ۾، لارڊ منٽو ڪابل جي هن معاهدي جي ڪلڪتي مان تصديق ڪئي.(1) ايلفنسٽن ڪابل سان سنڌ جو سودو ڪري چوٿين ڏينهن اڃا پشاور مس پهتو، ته ڪابل تي شهزادي محمود جي قبضي ۽ شاه شجاع جي شڪست کائڻ ۽ ڀڄڻ جون کيس خبرون پهتيون. ايلفنسٽن کي اڳي ئي پڪ هئي ته ڪابل جهڙي تتل تخت تي شجاع جهڙو ڪمزور انسان هرگز جٽاءُ ڪري نه سگهندو. هڪڙي طرف کان انگريز ميرن کي قنڌار تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ فوجي امداد ڏيڻ جا دم دلاسا ڏيڻ لڳا، ٻئي پاسي دراني حاڪم سان سنڌ جو سودو ڪرڻ لڳا. هوڏانهن لارڊ منٽو پاران سر جان مالڪوم ناڻي سان ڳوٿريون ڀرائي ايران پهتو هو.

اهڙين حالتن ۾ ناممڪن هو ته انگريز سنڌ جهڙي ويجهي صوبي کي نظرانداز ڪن. ناٿن ڪرو جي سنڌ مان نڪري وڃڻ ڪري ڪمپني سرڪار کي جيڪو هڪ لک رپين جو نقصان پهتو هو، سو داغ انگريزن جي دلين تان مٽجڻ مشڪل هو. رڳو سوال هو ته اڃا انگريزن جا پير وچ هندستان ۾ مرهٽن سان ڦاٿل هئا، ان ڪري في الحال سنڌ جي مسئلي کي انهن ملتوي رکيو هو.(1)

مير غلام علي خان داناءُ هو، کيس لاهور، ڪابل ۽ ايران ۾ انگريز ايلچين جي سرگرمين جي خبر هئي. ايراني ۽ فرينچ جاسوس انگريزن جو خوف ڏياري ميرن کي برغلائڻ ۽ ڀڙڪائڻ لڳا، مگر مير اهڙا سادا لوح ڪونه هئا، جو مٿن اعتبار ڪري انگريزن سان اڳرائي ڪري ڦٽائين ها. مير غلام علي خان، جو اڳ سنڌ جو وزير خارجه رهي چڪو هو، تنهن جي اها خواهش هئي ته انگريزن سان دوستي رکي، ٺاهه جي وسيلي سنڌ کي ڪابل جي چنبي کان آزاد ڪرائجي.

مٿين پاليسي ان زماني جي سياسي فضا مطابق سازگار هئي، ڇاڪاڻ ته خود انگريزن جي اها مرضي هئي ته جيڪڏهن ٽالپرن سان دوستي رهندي ته انگريزي لشڪر آسانيءَ سان بيروني دشمن مقابلي ڪرڻ لاءِ دره بولان کان قنڌار، ڪابل ۽ هرات تائين پهچي سگهندا.(1) مير غلام علي خان پنهنجي ارادي کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ پنهنجو ايلچي بمبئي ڏانهن روانو ڪيو، جنهن ناٿن ڪرو جي سنڌ مان نڪري وڃڻ متعلق گورنر سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.

انهن ابتدائي ڳالهين کان پوءِ سنه 1808ع ۾ ڪپتان ڊيوڊسن بمبئي کان حيدرآباد پهتو ۽ ٽالپري درٻار ۾ ايراني ايلچيءَ کي موجود ڏٺائين. دراصل ايران ۽ سنڌ ٻئي شيعا حڪومتون هيون، ان ڪري ئي ايراني ايلچي مير غلام علي خان سان دوستي رکڻ جي ارادي سان آيو هو.(2) نيٺ 18 جولاءِ سنه 1808ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ ٽالپري حڪومت جو پاڻ ۾ هڪ عهدنامو ٿيو، جنهن جا ست شرط هيٺ ڏجن ٿا:

1_ ٻئي حڪومتون پاڻ ۾ دوست ٿي رهنديون.

2_ جيڪڏهن ڪنهن به ڌر کي فوجي مدد جي ضرورت پوندي ته گهر ڪرڻ سان ڌريون هڪٻئي کي مدد ڪنديون.

3_ ڪابه حڪومت ٻيءَ ڌر جي ڏوهارين کي پاڻ وٽ پناهه نه ڏيندي.

4_ جيڪڏهن ٽالپر هندستان جي ڪنهن به بندر تان ڪمپني سرڪار کان جنگي سامان خريد ڪندا، ته قيمت ڏيڻ کان پوءِ کين مال کڻڻ جي اجازت ملندي.

5_ دوستانه تعلقات کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو وڪيل ميرن جي درٻار ۾ رهندو.

6_ مسٽر ناٿن ڪرو جي سنڌ مان نڪري وڃڻ وقت ڪمپنيءَ کي جيڪو نقصان پهتو آهي، تنهن جو سوال ٻيهر ڪونه اٿاربو.

7_ جيئن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ وقت ٺٽي ۾ ڪمپنيءَ جي واپار جي ڪوٺي هئي، تيئن اها ڪوٺي ٻيهر اتي برپا ڪبي.

شرطن تي ويچار ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته انگريزن کي سنڌ متعلق جيڪي من ۾ مرادون سانڍيل هيون، سي وقت جي تقاضا موجب پوريون ٿي ويون. ٽالپرن کي فرنگيءَ جي دوستي درڪار هئي، سندن اها مراد به پوري ٿي ويئي. ڪمپني ستت ڊيوڊسن کي واپس گهرائي، هڪ ٻيون انگريزي وفد مسٽر نڪولس هئنڪي سمٿ جي اڳواڻيءَ هيٺ ميرن ڏانهن روانو ڪيو. وفد سان ڪي ڊاڪٽر، ڪي سول ۽ فوجي عملدار هئا. 27 اپريل سنه 1809ع ۾ انگريزي وفد ماريا جهاز تي بمبئي کان روانو ٿيو. جهاز جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پرنس آف ويلز نالي ڪروزر به همراهه هو. 9 مئي تي ٻئي جهاز ڪراچي پهتا. منهوڙي جي ٽالپري قلعيدار مٽيءَ جي جڙيل قلعي تان سلاميءَ لاءِ توبون ڇوڙيون. پوءِ ڪراچيءَ جي نائب جهاز تي وڃي انگريزي وفد جي ميمبرن جو استقبال ڪيو.

فرنگي وفد جا ميمبر ڪناري تي لهي، پنهنجي هر دلعزيزي ۽ فياضي ڏيکارڻ لاءِ سامان لاهڻ وارن مزدورن ۽ مفلسن ۾ پئسا ورهائڻ لڳا، جا ڳالهه ٽالپري نواب کي ڪانه وڻي ۽ جن جن مزورن فرنگين جي جهاز تان سامان لاٿو هو، تن کي هو سزائون ڏيڻ لڳو. وفد جي ميمبرن خطن ۾ ’ٽالپر‘ لفظن سان گڏ سفرنامي تي ’حضور‘ جو لقب ڪتب ڪونه آندو هو، تنهنڪري سندن سمورا خط نائب رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائيندو ويو. ان ڪري جواب نه ملڻ سبب وفد کي ڪي مهينا ڪراچيءَ ۾ ترسڻو پيو. وفد جي ميمبرن ۾ هينري پاٽنجر تجربيڪار فوجي عملدا رهو، تنهن نائب کي لکيو ته:

”جنهن صورت ۾ ٽالپر امير ڪابل کي خراج ڀرين ٿا، ان صورت ۾ اسين کين حضور جي لقب سان خطاب ڪري نه ٿا سگهون!“ ان کان سواءِ بمبئي جي گورنر وٽان وفد جي صدر کي خط پهتو هو ته ڀل ٽالپرن تي دٻاءُ وجهي ڪم ڪڍي، جيئن ٽالپرن کي انگريزن جي قوت جي خبر پوي.(1) گهڻيءَ ڇڪتاڻ کان پوءِ، ميرن کي نيٺ جهڪڻو پيو. ڏهين جون 1809ع ۾ وفد ٺٽي پهتو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جوڙايل عمارت ۾ لٿو، مگر وفد جي ميمبرن کي اڃا حيدرآباد اچڻ لاءِ اجازت ڪانه ملي هئي. ٻيو برساتين ڪري وفد کي ٺٽي ۾ ترسڻو پيو. مير غلام علي خان وفد جي ميمبرن کي جيڪا شاهي ٻيڙي پيش ڪئي تنهن جي ننڍيءَ هجڻ جو بهانو ڪري وفد جا ڪي سول ۽ فوجي عملدار خشڪيءَ رستي ۽ بحري عملدار درياءَ رستي حيدرآباد روانا ٿيا، جيئن ٻنهي رستن کي جاچي ڏسن. ٻئي ٽوليون سلامتيءَ سان حيدرآباد پهتيون ۽ قلعي کان هڪ ميل جي مفاصلي تي ڦليليءَ جي ڪپ تي خيما کوڙيائون.

سنڌ ڪابل جي انقلاب کان پوءِ بلڪل آزاد هئي، مگر فرنگين پنهنجي سياسي مصلحتن سبب ان کي اڃا تائين هڪ ماتحت صوبي جي حيثيت ۾ پئي ڏٺو ۽ ظاهر ڪيو. حيدرآباد شهر ۾ هل مچي ويو ته ڀورا (فرنگي) ميرن سان گڏجڻ آيا آهن. ٻئي ڏينهن درٻار مان وفد کي ملاقات ڪرڻ لاءِ اجازت ملي. وفد جي صدر، هئنڪي سمٿ کي شڪ هو ته مير صاحب ساڻن مسند تي ويهي ملاقات ڪندو، تنهن ڪري هن اڳواٽ گهر ڪئي ته ملاقات ڪرڻ وقت ميمبرن کي ويهڻ لاءِ ڪرسيون ڏنيون وڃن، جو مشرقي ملڪن ۾ حاڪمن سان ملاقات ڪرڻ جا قانون مغربي تهذيب جي برعڪس هئا ۽ مغربي لوڪن کي بجاآوريءَ ڪندي دقت ٿي محسوس ٿي.(1)

حقيقت ۾ فرنگين جو اهڙو خيال غلط هو، ٽالپرن جي ڪچهريءَ جو نمونو مشرقي درٻارن جي مقابلي ۾ بلڪل سادو هو. جيتوڻيڪ سندن ڪچهريءَ ۾ واقعي ڪرسين رکڻ جو رواج نه هو. نواب ولي محمد خان لغاري، جو ٽالپري درٻار ۾ ’خان خانان‘ جو رتبو رکندو هو، تنهن انگريزي وفد کي تسلي ڏني ته مير صاحب غاليچي تي ويهي وفد جي ميمبرن سان ملاقات ڪندو ۽ اٿي سندن آڌرڀاءُ ڪندو ۽ کين ساڄي پاسي کان ڪرسين تي ويهاريندو. ٽئين ڏينهن آخوند محمد بقا جي رهنمائيءَ هيٺ وفد جا ميمبر قلعي ڏانهن روانا ٿيا. رستي جي ٻنهي پاسن کان بلوچي سوارن جا دستا بيٺل هئا، جن کي ريشمي لونگيون ۽ دمشقي تراريون چيلهه سان ٻڌل هيون.

فرنگين جي لباس ۽ نقل و حرڪت کي ڏسڻ لاءِ رستن توڙي جاين جي کڏن تي ماڻهن جا هشام بيٺل هئا. خاص ڪري رستن تي ماڻهن جو ايترو هجوم هو، جو گهڻي مشڪلات ۽ بي ترتيبيءَ سان مس مس وفد جا ميمبر قلعي ۾ داخل ٿيا، جتي حبشي دربان بيٺل هئا. ميمبر بارگاه جي در تي جتيون لاهي، خلوتگاه واري ڪمري ۾ داخل ٿيا. مير غلام علي خان اميرزادن ۽ درٻار جي مقربن سميت اٿي ميمبرن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کين ساڄي پاسي کان ويهاري کانئن عزت ۽ احترام سان خير عافيت پڇڻ لڳو. فرنگين پنهنجا هٿيار لاهي ٻاهر ڪونه رکيا هئا ۽ ملاقات واري ڪمري ۾ پڻ مسلح بلوچ موجود هئا. هينري پاٽنجر لکي ٿو ته:

”بلوچن کي فرنگين ۾ شڪ هو، ان ڪري ڪمري ۾ گوڙ متو هو.(1) ميمبرن کي مير صاحبن جي بلند شخصيت، هٿيارن جي نمائش ۽ درٻار جي فوجي دٻدٻي کي ڏسي حيرت وٺي ويئي. ٻئي ڏينهن وفد جي صدر ڪي گهڙيال، سونيون واچون، پستول، دوربينيون ۽ ڪي مخمل ۽ رنگين ڇيٽن جا ٿان سوکڙين طور پيش ڪيا، جن مان ڇيٽن کي وٺڻ کان مير صاحب انڪار ڪيو، پر پوءِ پنهنجن صلاحڪارن جي چوڻ تي وٺڻ منظور ڪيائون. ٿورن ڏينهن گذرڻ بعد ميرن ٽيون گهمرو وفد کي شرف باريابي بخشيو. هن دفعي ميمبرن جي عطر ۽ شربتن سان ضيافت ڪئي ويئي.

مسٽر هئنڪي سمٿ دوستانه معاهدي لاءِ ڳالهه چوري، ان جي جواب ۾ مير غلام علي خان جواب ڏنو ته: ”جيڪڏهن لارڊ منٽو کي ٽالپرن جي دوستي درڪار آهي، ته پوءِ انگريزن کي گهرجي ته ٽالپري حڪومت کي ڪڇ تي ڪاهه ڪرڻ ۾ مدد ڪن.“ مير صاحب جو اندازو غلط هو. سنڌ کان اڳ ڪڇ تي قبضو ڪرڻ انگريزن لاءِ ضروري هو. انگريزن جو ڀڄ ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ رهندو هو، تنهن ڪري وفد جي ميمبرن مير جي شرط کي مڃڻ کان انڪار ڪيو.(1) مير صاحب فرنگين جي ارادي کي معلوم ڪرڻ کان پوءِ پنهنجن صلاحڪارن مان نواب ولي محمد خان لغاري، آخوند محمد بقا ۽ منشي مشتاق رام کي معاهدي جي شرطن جي فيصلي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. 22 آگسٽ 1809ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ٽالپرن سان نئون معاهدو ڪيو، جنهن جا هيٺيان شرط هئا:

1_ آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ميرن سان دوستانو ناتو رهندو.

2_ ٻئي حڪومتون هڪٻئي کي دشمنيءَ جي نظر سان نه ڏسنديون.

3_ ٻنهي حڪومتن پاران هڪٻئي وٽ وڪيل بطور ايلچين جي رهندا ۽

4_ ٽالپري سرڪار فرينچن کي سنڌ اندر اچڻ جي اجازت نه ڏيندي.

ماه رجب سنه 1224هه (1809ع) ۾ معاهدي جي تصديق لاءِ ميرن پاران مرزا مظهر ڪلڪتي ڏانهن روانو ٿيو. گورنر جنرل فورٽ وليم قلعي مان معاهدي جي تصديق ڪئي.(2) وفد جا ميمبر آڪٽوبر ۾ واپس بمبئي پهتا.(3)

وفد جي صدر هئنڪي سمٿ جي نائب هينري ايلس سنڌ متعلق گورنر جنرل جي ڪائونسل کي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي هئي، تنهن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:

”ٽالپر مير، ڪابل سرڪار کان بلڪل آزاد آهن، نالي طور سندن ايلچي ڪابل ۾ رهي ٿو. سنڌ جي بلوچي حڪومت ايشيا جي ٻين حڪومتن وانگر غير محدود فوجي حڪومت آهي، جنهن جو جنگ وقت انحصار بلوچي سردارن تي آهي. سنڌ ۾ اٽڪل 42 سردار يا وڏا زميندار رهن ٿا، جيڪي جنگ جي موقعي تي ميرن جي مدد ڪن ٿا. شهداداڻين، ماڻڪاڻين ۽ سهراباڻين جي گڏيل فوجن جو تعداد اٽڪل 36 هزار آهي. فوجن ۾ بي قاعدي سوار ۽ پيادل سپاهي آهن، جن وٽ هٿيار ڀرمار بندوقون، تراريون ۽ ڍالون آهن. بلوچ بهادر آهن، هرهڪ سپاهيءَ کي روزانو پنج پئسا ۽ امن جي حالت ۾ روزانو هڪ سير چانور راشن طور ملن ٿا. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ جي سالياني اپت اَسي لک رپيا هئي، هينئر ٻائيتاليهه لک اٺهتر هزار رپيا آمدني آهي، جنهن مان ٻارهن لک رپيا ساليانو ڪابل سرڪار کي مير ڀرين ٿا. شاهي خاندان جي ميرن جي پاڻ ۾ اڻبڻت آهي. ملڪ جي خوشحاليءَ جو مدار مهراڻ تي آهي، جنهن جي وسيلي ٻين ملڪن سان واپار کي نقصان رسي ٿو. ملتان جا هندو صرافڪو ڌنڌو ڪن ٿا. ڪسٽم (گمرگ) ۾ رونيو کاتن جي آمدني خانگي واپارين جي هٿن ۾ آهي، جي ميرن کان مٿيان کاتا ٺيڪن تي کڻن ٿا.

ٽالپر مير سستن اگهن تي ڪڙمين کان سموري پيداوار خريد ڪن ٿا. سنڌو نديءَ جي ڪناري وارا زرخيز پرڳڻا ميرن جي شڪار گاهَن لاءِ محفوظ آهن. ڪراچيءَ جهڙي بندر جي آمدني هڪ لک ٽيهه هزار رپيا آهي. اڳ سنڌ مان چانور ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندا هئا، هينئر برسات نه پوڻ ڪري ٻاهرين ملڪن کان اچن ٿا. ٺٽو، جو اڳ سنڌ جو تختگاه هو ۽ هنرن ڪري برک هو، تنهن جي آدمشماري گهٽجي ويئي آهي. ميرن کي هن شهر مان هڪ لک سٺ هزار رپيا آمدني آهي. حيدرآباد تختگاه آهي، پر ان جي آمدني سٺ هزار رپيا آهي. هتي چمڙي جو سٺو ڪم ٿئي ٿو. سنڌ مان چانور، گهوڙا، نير، مڃٺ، چمڙو، گيهه، لوبان، ڪستوري ۽ زعفران روانگيءَ جون شيون آهن ۽ ٽينُ، لوه، شيهو، فولاد، صندل ۽ عاج آمدنيءَ جون شيون آهن. ريشم، سڪل ميوو ۽ غاليچا وڪري لاءِ خراسان کان اچن ٿا. بهاولپور، لاهور، قلات، ڪڇ ۽ جوڌپور سان ميرن جا دوستانا تعلقات آهن. فرينچن جي چرچ تي ايران جي قاچارين، ميرن سان دوستي ڳنڍي آهي. لس ٻيلي جو ڄام مير خان، قلات هٿ ڪرڻ لاءِ ميرن ڏانهن مدد لاءِ واجهائي رهيو آهي. جسونت راءِ هولڪر جو ايلچي مير ٺاري خان وٽ ڪيٽيءَ ۾ رهي ٿو. هو لڪر مير ٺاري خان کي خط ۾ لکيو هو ته فرينچ، ايراني ۽ ٽالپر گڏجي انگريزن تي حملو ڪن، مگر مير ٺاري خان خط تي ڪو ڌيان نه ڏنو. فرينچ، ايران ۽ سنڌ رستي هندستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ارادو ڪن ٿا. سنڌ هڪ آباد ملڪ آهي، مٿس قبضو ڪري جيڪڏهن سڌارا ڪبا ته آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيندو.“(1)

مير غلام علي خان جي وفات:

ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان معاهدي ڪرڻ بعد ٻه سال امن امان سان حڪومت هلائڻ کان پوءِ هڪڙي ڏينهن جيئن مير غلام علي خان هرڻ جو شڪار ڪري ان کي ذبح ڪري رهيو هو، ته هرڻ جو سڱ سندس پير کي لڳو ۽ رت وهڻ لڳو. حڪيمن ۽ جراحن رت بند ڪرڻ لاءِ وس ڪيا، مگر تقدير جي لکئي کي ڪير موڙي! 6_ جمادي الثاني سنه 1227هه (1811ع) ۾ مير وفات ڪئي.(1) سندس ڏينهن ۾ سيکاٺن جي جهنگ ۾ هڪڙو شينهن پيدا ٿيو هو، جو مخلوق خدا کي گهڻو نقصان پهچائڻ لڳو. مير غلام علي شينهن سان دوبدو وڙهي، ترار سان هن جو ڪم پورو ڪيو.

مير ڪرم علي خان:

ستن ڏينهن تائين ماتم ڪرڻ کان پوءِ مير غلام علي خان جي پٽ مير محمد خان کي پڳ ٻڌائي ويئي ۽ گاديءَ تي مير ڪرم علي خان ’رڪن الدوله بهادر‘ ويٺو، جو پنهنجي ڀاءُ مير مراد علي خان جي صلاح ۽ مشوري سان حڪومت هلائڻ لڳو. مير ڪرم علي خان شاعرانه مذاج رکڻ کان سواءِ نڪته دان ۽ علم پرور هو. سندس معارف نوازيءَ جو نالو ٻڌي ايران ۽ خراسان جي گهڻن علمائن حيدرآباد ۾ اقامت اختيار ڪئي. ٺٽي جي اوج گهٽجڻ کان پوءِ حيدرآباد علوم ۽ فنون ۾ ترقي ڪئي. فتح علي شاه قاچار سان مير ڪرم علي خان جا دوستانه تعلقات هئا. ٻئي هڪٻئي ڏانهن ايلچين معرفت بيش بها سوغاتون موڪليندا هئا.

سنڌ جا مرزا:

مغل سنڌ ۾ ارغونن جي ڏينهن ۾ آيا ۽ ٺٽي، نصرپور، سکر، بکر بلڪ سنڌ جي هرهڪ وڏي شهر ۾ محلا جوڙي سنڌ کي وطن سمجهي رهڻ لڳا. ميرن جي ڏينهن ۾ جن مرزائن حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪئي، سي جارجيا جي شاهي خاندان مان هئا. محمد خان قاچار جي ڏينهن ۾ جارجيا جو عيسائي حاڪم هرقل (هرڪيولس) زار روس جي چرچ تي ايران جي مخالفت ڪرڻ لڳو، مگر ايراني لشڪر کان شڪست کائي ڀڄي ويو. کانئس پوءِ سندس پٽ گرجين روس جي زار پال جي مدد سان ايران سان جنگ شروع ڪئي. گهڻيءَ خونريزيءَ کانپوءِ روسين جارجيا تي قبضو ڪيو. جنگ ۾ ايراني لشڪر گهڻائي جارجيا وارا قيد ڪيا، جي تبريز ۽ اصفهان جهڙن وڏن شهرن ۾ بطور غلامن جي وڪامڻ لڳا.

مير ڪرم علي خان کي حرم ۾ چار ديرا هئا، مگر لاولد هو. ٽالپري درٻار جا ايران سان دوستانه تعلقات هئا. مير صاحب ايراني درٻار کي لکيو هو ته ڪي خوبصورت ٻانها وٽس روانا ڪري، مير صاحب کي گوديلي پٽ جي ضرورت هئي.(1) اتفاق سان آخوند محمد اسماعيل جو 18 صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري ايراني وزير خارجه حاجي ابراهيم وٽ اصفهان ۾ مهمان هو، تنهن ايراني وزير خارجه جي حويليءَ ۾ مرزا خسرو بيگ نالي هڪڙو خوبصورت ڇوڪرو ڏسي پسند ڪيو. مرزا همايون ۽ مرزا خسرو بيگ ٻئي جارجيا جي حاڪم گرجين جا پٽ هئا. همايون جي عمر 9 سال ۽ خسرو جي عمر 7 سال هئي. ٻنهي کي ايراني سپاهين شاهي باغ جي محلات جي اڳيان گرفتار ڪري آندو هو. منجهانئن همايون ڪنهن بيماريءَ وگهي ستت مري ويو. خسرو کي وزير خارجه حاجي ابراهيم خريد ڪيو هو، جو سندس محلات ۾ ناز و نعم سان پلجي رهيو هو. آخوند اسماعيل ڇوڪري کي خانداني لحاظ ڪري، پسند ڪيو ۽ ايراني درٻار کي درخواست ڪيائين، جتان حاجي ابراهيم کي حڪم مليو ته هڪدم ڇوڪرو ٽالپري ايلچيءَ جي حوالي ڪري.

حيدرآباد درٻار ۾ پهچڻ کان پوءِ مير ڪرم علي خان هڪڙي فرمان موجب مرزا خسرو بيگ کي پنهنجو گوديلو پٽ تسليم ڪيو، مگر نو عمر مرزا وطن مالوف جي ياد ۾ هر وقت مايوس رهندو هو. سندس مونجهه کي مٽائڻ لاءِ مير صاحب سنڌ جي واپارين کي حڪم ڏنو، ته ڪوبه ٻيو اهڙو ڇوڪرو ڏسن، ته هڪدم خريد ڪري درٻار ڏانهن روانو ڪن. ٿوري عرصي اندر سوداگرن ٻه ٻيا ڇوڪرا فريدون بيگ ۽ قربان خريد ڪري آندا، جن جي صحبت ڪري خسروءَ جي طبيعت سرچجي ويئي. سندس تربيت لاءِ مير صاحب آخوند محمد اسماعيل کي مقرر ڪيو. مرزا خسرو پنهنجي بلند اخلاق ۽ عادتن جي ڪري سڀني کي وڻند هو. آخوند اسماعيل جو بيان آهي ته:

”جڏهن هو مرزا کي ايراني وزير جي حويليءَ مان وٺي نڪتو، تڏهن سڄي حرم ۾ ماتم ڪنعان مچي ويو هو.“ مرزائن جي خاندان ٽالپري دسترخوان تي پرورش وٺي گهڻي ترقي ڪئي. خسرو بيگ جوانيءَ جي عالم ۾ وزارت جو قلمدان سنڀاليو، فريدون بيگ جي لائق فرزند شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، سنڌي ادب جي بيحد خدمت ڪئي.(1)

شاهه شجاع ۽ انگريز:

افغانستان ۾ سدوزئي شهزادن جي اڻبڻت ڪري سڄي ملڪ اندر فساد پئجي ويو. بارڪزئي سردار زور هئا، پر هنن اڃا کليءَ طرح پنهنجي بادشآهيءَ جو اعلان ڪونه ڪيو هو. شاه شجاع ڪابل کان فرار ٿي پهريائين ڪجهه وقت ڪشمير ۾ نصيب آزمائڻ لڳو. اتان شڪست کائڻ کانپوءِ ڪجهه وقت لاهور ۾ رنجيت سنگهه وٽ مهمان ٿي رهيو، جنهن کيس نظربند ڪري کانئس ڪوه نور هيرو ۽ ٻيا جواهر کسي ورتا. پوءِ اتان ڪنهن ترڪيب سان نڪري ٿٻيٽ جي رستي کان سنه 1818ع ڌاري لڌيانه پهچي انگريزن جي وظيفي تي گذران ڪرڻ لڳو. سندس ڀڄڻ کانپوءِ افغانستان ۾ دراني سلطنت جو خاتمو ٿيو. بارڪزئي (محمد زئي) خاندان مان امير دوست محمد خان ڪابل جي تخت تي ويٺو ۽ سندس ڀائر افغانستان جي صوبن تي سندس پاران نائب ٿي حڪومت هلائڻ لڳا. فقط محمود هرات تي حڪومت ڪرڻ لڳو.(1) زمان شاه بلخ کان بخارا پهتو ۽ اتي جي سلطان سندس ڌيءُ سان شادي ڪئي. بخارا کان طهران ويو، جتي فتح علي شاه قاچار سندس گهڻي خاطر ڪئي، طهران کان پوءِ بغداد جي حاڪم دائود پاشا وٽ مهمان رهي حجاز پهتو، جتي وفات ڪيائين.

خالصن جو زور:

سنه 1810ع ۾ رنجيت سنگهه هٿان ساهيوالا (مانٽگومري) جي رند سردار فتح خان شڪست کاڌي، قصور جي افغان قطب خان به شڪست کاڌي. سنه 1817ع ۾ سکن مٺڻ ڪوٽ تي قبضو ڪيو. سنه 1818ع ۾ سکن ملتان تي قبضو ڪيو. رنجيت سنگهه ڪشمير تي قبضي ڪرڻ لاءِ اَسي هزار سکن جي فوج سان حملو ڪيو، جن مان چاليهه هزار امير دوست محمد خان جي ڀاءُ عظيم خان هٿان مارجي ويا. وري جڏهن عظيم خان پنهنجي ڀاءُ دوست محمد خان سان گڏجڻ ڪابل ويو، ته پٺيان موقعو ڏسي رنجيت سنگهه ڪشمير تي قبضو ڪيو. 1823ع ۾ ڪشمير ۽ پشاور فتح ڪرڻ کان پوءِ 1830ع ۾ سکن هرند ۽ داجل، جي قلات جي قبضي ۾ هئا، فتح ڪيا.

سنه 1809ع واري امرتسر معاهدي موجب رنجيت سنگهه کي پڪ هئي ته انگريز پنجاب اندر داخل ڪين ٿيندا. ڪشمير سميت ستلج ۽ مٺڻ ڪوٽ تائين پنجاب رنجيت سنگهه جي قبضي هيٺ هو. وٽس اسي هزار ولايتي قاعدا سکيل خالصن جي فوج هئي، جنهن وٽ 376 توبون هيون. سنه 1806ع ۾ ملتان جي افغان نواب مظفر خان انگريزن کي بمبئي جي گورنر معرفت ڪمپني سرڪار جي ماتحت رهڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي، مگر انگريزن سندس درخواست تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو، ڇاڪاڻ ته ڪمپنيءَ جي نظر ۾ ملتان کان سنڌ وڌيڪ دولتمند ۽ ڪارگر علائقو هو.

ڪابل کان جند ڇڏائڻ لاءِ ٽالپر ميرن جو انگريزن تي اعتماد هو، مگر سنڌ جا پرامن باشندا، ڪاريگر، توڻي واپاري ڀورن (فرنگين) کي شڪي نگاهُن سان ڏسڻ لڳا. سنه 1812ع ۾ هڪڙي انگريز مئڪن ٽوش پنهنجي اخبار ۾ ڏيکاريو ته ميرن کي هڪڙي سنڌ جي هندو واپاري درياني مل صاف لفظن ۾ چئي ڏنو هو ته انگريز جيڪي دوستانه معاهدا ڪري رهيا آهن، سي هو ڪونه پاڙيندا ۽ هو پس و پيش سنڌ تي ضرور قبضو ڪندا.(1) نيپولين بوناپارٽ سان يورپ ۾ جنگين ڪرڻ وقت انگريزن پاڻيءَ وانگر خزانا هاريا هئا، سي ان وقت هندستان اندر پنهنجن صنعتي شين کي نيڪال ڪرڻ لاءِ منتظر هئا، جيئن ديسي هنرن جو صفا خاتمو ٿي وڃي. انگلينڊ، جو ان زماني ۾ مقروض ٿي چڪو هو، تنهن کي ڪيئن به ڪري مٿين رقم هندستان مان وصول ڪرڻي هئي. ڪمپنيءَ جا عملدار راشي ۽ ٺڳ هئا. سندن حڪومت اندر زميندار ڳرين ڍلن هيٺ پيڙجي رهيا هئا.

ٽالپر ميرن جي منڍ کان وٺي پاليسي امن پسند هئي، سندن پاڙيسري حڪومتن سان دوستانه تعلقات هئا. هر سال ميرن جا ايلچي بيش بها سوغاتون خالصا درٻار کي لاهور پهچائيندا هئا، مگر هينئر رنجيت سنگهه جو ميرن ڏانهن رخ بدليل هو. هو ميرن تي زور وجهڻ لڳو ته 12 لک رپيا ساليانو خراج جيڪو ڪابل کي ڀريندا هئا، سو لاهور سرڪار کي پيش ڪن. ملتان جو نائب ديوان سانوڻ مل ۽ ڪنور نونهال سنگهه مٺڻ ڪوٽ وٽ خالصا فوج ۽ توبخاني سان نمائش ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري ٽالپرن جي سياسي حلقن ۾ بي چيني پئجي ويئي.

مير ڪرم علي خان سڀني بلوچي سردارن کي فوجن گڏ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر مير مراد علي خان جو ان وقت وزير خارجه هو، تنهن رٿ پيش ڪئي ته جنهن صورت ۾ ملتان جو نواب ۽ ديره جات جا بلوچ سردار سکن جي طاقت اڳيان جهڪي چڪا آهن، ان حالت ۾ انگريزن معرفت صلح ڪرائڻ بهترين مصلحت آهي. مير ڪرم علي خان مٿينءَ رٿ سان متفق ٿي درٻار جي وزيرن مان سيد آغا اسماعيل شاه کي بمبئيءَ جي گورنر ڏانهن روانو ڪيو ۽ پاڻ مدافعت جي لحاظ سان ٽيهه هزار بلوچي لشڪر توبخاني سميت ساڻ وٺي مير سهراب خان شڪارپور پهتو.

آغا اسماعيل شاه پوري وقت تي بمبئي پهتو. گورنر مائونٽ سٽيورٽ ايلفنسٽن آغا صاحب سان عزت ۽ احترام سان گڏيو. روزانو ٽيهه روپيا سندس خرچ لاءِ مقرر ڪيائين. کانئس احوال وٺي سمورو گورنر جنرل ڏانهن ڪلڪتي لکي مڪائين. نتيجو هي نڪتو جو لڌيانه جي برٽش پوليٽيڪل ايجنٽ، ڪپتان ويڊ، خالص سرڪار کي اطلاع ڏنو ته ٽالپر مير انگريزن جا دوست آهن، تنهن ڪري خالصا سرڪار کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو سمورو سودا دماغ مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. جيسين خالصا فوج سنڌ تي ڪاهه ڪري، تنهن کان اڳ مزارين ملتان تي ڪاهون شروع ڪيون. انگريزن جي دٻاءُ وجهڻ ڪري ديوان سانوڻ مل معرفت ڪنور نونهال سنگهه هڪڙو تسلي بخش خط ميرن ڏانهن روانو ڪيو. ميرن شڪارپور خالي ڪيو، جو اڃا تائين نالي طور ڪابل جي ماتحت هو.

مارڪئس آف هيسٽنگس جي پاليسي:

سنه 1814ع ۾ ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن لارڊ منٽو کي ولايت ڏانهن گهرائي، مارڪئس آف هيسٽنگس کي گورنر جنرل مقرر ڪري روانو ڪيو.(1) لارڊس منٽو ڇهه ورهيه هندستان ۾ رهيو هو، سندس ڏينهن ۾ انگريزي حڪومت هندستان اندر ڪو واڌارو نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪمپنيءَ جي خزانن جون ٽجوڙيون خالي هيون، ان ڪري ڊائريڪٽرن کيس جنگين ڪرڻ کان منع ڪئي هئي. سندن ڏينهن ۾ عيسائي پادرين جون تبليغي اخبارون مذهب پيشوائن تي حملا ڪرڻ لڳيون ۽ پادري ديسين کي مختلف طريقن سان عيسائي ڪرڻ لڳا. سندن ناجائز ڪارروائين کي روڪڻ لاءِ لارڊ منٽو مٿن بندش وڌي.(2)

اڳ ڪمپنيءَ جي فوجي عملدارن کي مختلف قسمن جا ڀتا ۽ لوازما ملندا هئا. جن کي بچت جي لحاظ کان ڊائريڪٽرن بند ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري گورنر عملدارن سرنگاپٽم، مسلي پٽم، حيدرآباد دکن جي ڇانوڻين ۾ بغاوتون ڪيون. مٿئين موقعي تي جيڪڏهن سک، راجپوت ۽ مرهٽا بنديل کنڊ جي رستي کان بنگال تي ڪاهه ڪن ها، ته جيڪر پڪ انگريزي حڪومت جو خاتمو ٿي وڃي ها.(3) نئون گورنر جنرل مارڪئس آف هيسٽنگس سنه 1812ع ۾ آمريڪا جي آزاديءَ جي جنگ ۾ شڪست کائي موٽيو هو. کيس ڊائريڪٽرن فوجي اختياريون ڏيئي ڇڏيون هيون. انگريز بحراوقيانوس پريان آمريڪا جي دولت وڃائي چڪا هئا، مگر اشيا ۾ هندستان جهڙي دولتمند کنڊ ۾ پنهنجي شهنشاهت جو پايو وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا. لارڊ هيسٽنگس جي اها ئي مراد هئي ته هندستان جي ڏيهي راجائن ۽ نوابن کي دٻائي پاڻ تان آمريڪا واري شڪست جي داغ کي پيشانيءَ تان مٽائي. هن اچڻ شرط نيپال جي گورکن سان جنگ شروع ڪئي، جنهن لاءِ کيس ڏوڪڙن جي ضرورت هئي. پوءِ ديسي رياستن جي انگريز ايجنٽن معرفت ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ لڳو.

انگريز ايجنٽ:

انگريز ايجنٽ مختلف زبانن جا ماهر، حريف ۽ وڏا دغاباز هئا، رياستن جي اندروني معاملن ۽ نوابن جي حويلين جي رازن نيازن کي معلوم ڪرڻ کان پوءِ نوابن ۽ راجائن جي هر هڪ اندروني معاملي ۾ دخل ڏيندا هئا. سندن مقصد هو هندستان مان دولت ڪمائڻ ۽ انگلينڊ ۾ عياشيءَ سان زندگي بسر ڪرڻ. اهڙن انگريزن کي انگلينڊ جا رهاڪو سندن اميراڻي زندگي بسر ڪندي ڏسي ’نواب‘ جي لقب سان سڏيندا هئا. سندن ٺٺ ۽ تجمل کي ڏسي گهڻائي انگريز دولت ڪمائڻ جي خيال سان ڪمپنيءَ جي نوڪريءَ ۾ ڀرتي ٿيندا هئا.

ڪمپنيءَ جي ايجنٽن مان سر جان مالڪوم پارسي زبان جو اديب هو. هن تاريخ ايران جا ٻه جلد تيار ڪيا. ميجر بيلي نواب غازي الدين حيد رائوڌ جي نواب سان لکنؤ جي اردو مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو. هن نواب ساڻ مفت ڇيڙڇاڙ ڪري نواب کان گورنر جنرل کي اڍائي ڪروڙ روپيا قرض وٺي ڏنو.(1) دهليءَ جو پوليٽيڪل ايجنٽ جنرل آڪٽرلوني هندستاني تهذيب کان ايتري قدر واقف هو، جو ڪنهن رياست اندر فساد وجهائڻ هن لاءِ بلڪل آسان ڪم هو.

انگريز جيسين وچ هندستان مان فارغ ڪونه ٿيا هئا، تيسين سنڌ جي سوال کي انهن ملتوي ڪري ڇڏيو هو. رنجيت سنگهه ميرن تي اهڙو دٻاءُ وڌو هو، جو ٽالپر خودبخود انگريزن کان مدد گهرڻ لاءِ مجبور ٿيا هئا. ايلفنسٽن ڪابل کان انگريزن کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ لکيو هو، مگر انگريزن کي سنڌيا، هولڪر، گائڪواڙ، پنڊارين ۽ راجپوتن جي طاقتن کي گهٽائڻو هو. خاص ڪري پنڊارين ستلج کان وٺي دکن تائين ۽ نربدا کان وٺي بنديل کنڊ تائين ملڪ کي لٽي ماڻهن جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو.

ڪرنل جيمس ٽاڊ 1806ع کان وچ هندستان ۽ راجپوتانا جي سروي ڪرڻ ۾ رڌل هو. سنه 1815ع ۾ هن ميواڙ، مارواڙ، بوندي، ڪوٽا ۽ جيسلمير جي رياستن جو نقشو تيار ڪيو. هن نقشي تيار ٿيڻ کان پوءِ لارڊ هيسٽنگس لاءِ مٿيان ملڪ ڳڙڪائڻ آسان ڪم بڻجي ويو.(1) سنه 1802ع ۾ گائڪواڙ، جنهن جي سالياني آمدني اٺ لک پائونڊ هئي، تنهن ’سبسيڊئري سسٽم‘ جا شرط منظور ڪيا. سنه 1818ع ۾ پنڊارين جو انگريزن خاتمو ڪيو. نواب امير خان کي انگريزن ٽونڪ رياست جي نوابي ڏني. ميواڙ ۽ مارواڙ جون رياستون، جي اڳ مرهٽن سردارن کي ڍلون ڀرينديون هيون، تن جي بدقمستيءَ سان پاڻ ۾ جنگ لڳي، جنهن ڪري جوڌپور جي راجا مان سنگهه جي ٻن ايلچين، بشن رام وياس ۽ اڀي رام وياس، گورنر جنرل جي ايلچيءَ فيلوس مٽڪاف سان عهدنامو ڪيو.(1)

اپريل 1818ع ۾، جئپور جي راجا جڳت سنگهه پاران راول پياري لعل مٽڪاف سان عهدنامو ڪيو. ڊسمبر ڌاري جيسلمير جي راول مولراج پاران ٺڪر دولت سنگهه انگريزي ايجنٽ سان عهدنامو ڪيو ۽ سنڌيا کي راجپوتانا تان هٿ کڻڻو پيو.(2) ڪرنل جيمس ٽاڊ راجپوتانا مٿان ايجنٽ مقرر ٿيو. باقي رهيو ڪڇ جو کنگهار، تنهن کي انگريز ٽالپرن جو خوف ڏياري مٿس دٻاءُ وجهڻ لڳا. سنه 1818ع ۾، گورنر جنرل اعلان ڪيو ته هندستان اندر برٽش حڪومت جون حدون سنڌو نديءَ تائين آهن.(1)

کوسن جو مسئلو:

سمن جي ڏينهن کان کوسن جا راڄ هانسي، حصار، رنگ محل، اڀور، بنجارا، سوڍل، ماڻڪ کوڙ، ڪلڌيراني، بيڪانير ۽ ڪڇ تائين هئا. هو برساتين جي مند ۾ ابوڏونگر ٽپي نربدا تائين چوپائي مال سميت گشت ڪندا هئا. سنه 1805ع ۾، ڪرنل واڪر ڪاٺياواڙ جو انتظام مڪمل ڪري چڪو هو. هينئر ڪڇ جو وارو هو. سنه 1816ع ۾ ڪرنل ايسٽ ڪڇ تي ڪاهي، ان تي قبضو ڪيو. کوسا جيڪي لٽ مار ڪرڻ تي هريل هئا، تن ڀڄ کان پنجاهه ميلن جي مفاصلي تي لونا شهر کي لٽيو. هن واقعي کان پوءِ انگريزن کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ چڱو سبب هٿ لڳي ويوهو، پر بنگال جي سپريم گورنمينٽ اجازت ڪانه ڏني. بمبئي حڪومت کوسن جي باري ۾ ميرن سان لکپڙهه شروع ڪئي. جيتوڻيڪ ڪرنل سٽئنهوپ کوسن کي ڪڇ جي حدن مان تڙي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو، مگر هتي سوال کوسن جو نه هو. انگريزن کي ته ميرن سان نئين عهدنامي ڪرڻ جو خيال هو.(1)

جنهن صورت ۾ اڳرائي کوسن ڪئي هئي، تنهن صورت ۾ انگريزن ميرن کان ڪڇ جي جنگ جو خرچ گهريو، ميرن بمبئي حڪومت کي تسلي ڏني ته آئينده ان قسم جا واقعا هرگز نه ٿيندا، مگر انگريزن کي نئين معاهدي جي ضرورت هئي، ان ڪري ميرن جي ڏنل تسليءَ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري هڪڙو وفد بمبئي کان روانو ڪيائون، جنهن ۾ ڪپتان سئڊليئر، ڊبليو_ سائمن، ڊاڪٽر هال ۽ ميجر ووڊ هائوس ميمبر هئا. مير ڪرم علي خان وفد جي ميمبرن کي عزت ۽ احترام سان گڏيو. نيٺ 9 نومبر 1816ع ۾ ٽيون عهدنامو ٿيو، جنهن جا هيٺيان شرط هئا(1):

1_ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ ٽالپرن جا پاڻ ۾ دائمي طور دوستانه تعلقات رهندا.

2_ ٻئي حڪومتون وڪيلن معرفت باهمي فيصلا ڪنديون.

3_ سنڌ سرڪار ڪنهن به آمريڪيءَ يا ڪنهن ٻئي مغربيءَ کي سنڌ اندر رهڻ نه ڏيندي، جيڪڏهن ڪو ڌاريو ماڻهو ملڪ جي اندروني معاملن ۾ دخل ڏيندو ته ٻئي ڌريون ان کي ملڪ جي حدن کان ٻاهر لوڌي ڪڍنديون ۽ جيڪڏهن هو فساد ڪندو، ته شهر جي ڪوٽوال کي سزا ڏيڻ جو حق رهندو.

4_ ٽالپر امير، کوسن ۽ ٻين بلوچن کي انگريزي علائقن اندر حملن ڪرڻ ۽ ڇيڙڇاڙ ڪرڻ کان روڪيندا.

سنه 1812ع کان سنه 1814ع تائين انگريزن جي آمريڪا سان جنگ لڳل رهي. گهڻائي انگريز نوڪرين کان ڀڳل پاڻ کي آمريڪي سڏائي، ڏيهي راجائن ۽ نوابن وٽ نوڪريون ڪرڻ لڳا. حقيقت ۾ هنن انگريزن پاران جاسوسي ڪرڻ ٿي گهري. مٿئين معاهدي جا شرط آغا سيد اسماعيل شاهه سنه 1236هه (10 فيبروري سنه 1821ع) ۾ بمبئي جي گورنر سان طئي ڪيا، جن کي ڪلڪتي جي سپريم گورنمينٽ منظور ڪيو.

ڪڇ جي راءِ ڀرمل کي انگريزن گاديءَ تان لاهي سندس صغير پٽ کي گاديءَ تي ٿاڦيو. سنه 1820ع ۾ بمبئي جو گورنر ايلفنسٽن جڏهن ٻيو گهمرو ڪڇ جي دوري تي آيو، تڏهن 200 جاڙيجن سردارن، جن جي راءِ سان مائٽي هئي، تن گورنر کي پنهنجي مفلسيءَ جي شڪايت ڪئي. کوسن جي موجودگيءَ جي ڪري ڪڇ جي سرحد تي فساد جاري رهيا. ان جو مکيه سبب هي هو، جو انگريزن، جاڙيجن زميندارن کان زمينون کسيون هيون. ڪن جاڙيجن زميندارن ٽالپرن کان مدد گهري هئي. سنه 1825ع ۾ کوسن ڪڇ جي سرحد ٽپي ڀڄ تي ڪاهه ڪئي. جاڙيجن ۽ کوسن گڏجي ڀڄ جي انگريز ريزيڊنٽ کان راءِ ڀرمل کي ٻيهر گاديءَ تي ويهارڻ لاءِ مطالبو ڪيو. جاڙيجن وٽ 3 هزار بلوچي لشڪر هو. انگريزي ريزيڊنٽ وٽ فقط هڪڙو فوجي دستو هو. جاڙيجن ۽ بلوچن گڏجي بلاريءَ جي قلعي تي قبضو ڪيو. ڀڄ ڏانهن ويندڙ جيڪي به قلعا هئا، سي مضبوط ڪونه هئا، ان ڪري تجارتي قافلا رڪجي ويا. ڪپتان والٽر، بلاريءَ جي قلعي کي ڇڏائڻ لاءِ هڪڙي دستي سان مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي موٽيو، جيتوڻيڪ ان مقابلي ۾ جاڙيجن جا گهڻائي سردار مارجي ويا.(1)

ٻئي معرڪي ۾ جاڙيجن شڪست کاڌي ۽ وٽن لٽ مار جو جيڪو مال هو سو انگريزن هٿ ڪيو. ٽيون دفعو بلوچن، عربن سان گڏجي انجار تي حملو ڪيو، پر هن ڀيري به شڪست کائي ڪائمل ٽڪرين ۽ ڪڇ جي رڻ ۾ لڪا. هن دفعي جاڙيجن جي مدد لاءِ ٽالپرن پنهنجو لشڪر ويهاريو. 20 سيپٽمبر 1825ع ۾ بمبئي ۽ کيرا کان انگريزن جو وڏو لشڪر جنهن ۾ پنج رجمينٽون ۽ هڪ ڪمپني پيادن جي هئي، توبخاني سميت ڪرنل ايم. نيپئر جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪڇ پهتو. ٽالپري لشڪر موٽي سنڌ ڏانهن آيو. کوسن جي ڪاهه ڪري انگريزن ۽ ميرن ۾ وري ڪشيدگي پيدا ٿي.(2)

ڊاڪٽر جيمس برنس:

سنه 1827ع ۾ مير مراد علي خان وزير خارجه بيمار ٿي پيو، ديسي حڪيمن سندس گهڻائي علاج ڪيا، پر فائدو ڪونه پهتو. مير ڪرم عليءَ جي حڪم سان ميرن جي ڀڄ جي ايلچيءَ ديوان گوپالداس اُتي جي انگريز ريزيڊنٽ معرفت بمبئي جي گورنر کي هڪڙي انگريز ڊاڪٽر کي حيدرآباد رواني ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي. 25 آڪٽوبر سنه 1827ع ۾ ڪڇ جي انگريزي ريزيڊنٽ جو ڊاڪٽر جيمس برنس، ميرن جي اليچيءَ سان گڏجي حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو.(1) ساڻس پوني جي فوج جا ڪي سپاهي، ڪي فوجي ۽ بحري عملدار ۽ ڪڇ جي راءِ جي فوج جو هڪ جٿو پڻ گڏ هو. جاتيءَ جي نائب حيدر خان لغاريءَ ۽ بهادر خان ميرن پاران انگريزي ڊاڪٽر جو استقبال ڪيو. پنجاه اٺن جو قافلو ضروري سامان رسد سان ڀريل مهمانن جي خدمت لاءِ ٽالپري سرڪار پاران روانو ٿيو. جتي به مهمانن منزل ڪئي، اتي معطر شربتن ۽ لوازمن سان سندن مهماني ڪئي ويئي.

ميرن جا بازدار رستي تي طرحين طرحين پکين جو شڪار ڪندا، مهمانن جي دل وندرائيندا هليا. حيدرآباد کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي شهزادي مير محمد خان ٺوڙهي ۽ ڪپتان موسيٰ خان، ڊاڪٽر جو استقبال ڪيو ۽ ساڻس حيدرآباد تائين همرڪاب رهيا. ڏهين نومبر 1827ع ۾ نواب ولي محمد خان لغاريءَ ۽ سيد آغا اسماعيل شاه ڊاڪٽر سان ملاقاتون ڪيون ۽ آغا صاحب جي اوطاق ۾ مهمانن جي رهائش جو انتظام ڪيو ويو. مهمانن جي نيرن لاءِ هر روز صبح جو سون ۽ چانديءَ جون ٻارهن رڪابيون سونن ورقن سان مڙهيل طعام سان شاهي باورچي خاني تان اچڻ لڳيون. نوڪرن ۽ هندو سپاهين کي ڌار ڌار ڪچو سيڌو ملندو هو.

مير مراد علي خان، جو پنجن مهينن کان صاحب فراش هو، سو ڊاڪٽر جي دوا سان ڏهن ڏينهن اندر چاڪ ٿي ويو. فرنگي ڊاڪٽر پنهنجي عملي سان ٽن مهينن تائين شاهي دسترخوان تي مهمان رهيو. هن نشست و برخست بلڪ درٻار جي هرهڪ شيءِ کي جاچي ڏٺو. 21 جنوري سنه 1828ع ۾ بيش بها سوغاتون وٺي، شاهي ٻيڙي وسيلي 28 جنوريءَ ڪڇ پهتو. هن انگريزي ريزيڊنٽ سان ميرن جي مهمان نوازي ۽ مروتن جي بيحد تعريف ڪئي. ميجر پاٽنجر، ڪڇ جي ريزيڊنٽ، هڪڙي خط ذريعي مير ڪرم علي خان جو شڪريو ادا ڪيو.

مير صوبدار خان جي بغاوت:

مير فتح علي خان ۽ مير غلام علي خان جي ديرن جي، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سنڀال ڪندا هئا. مير غلام علي خان جي پٽ مير محمد خان کي چاچن جائداد ۽ جاگير ڏني هئي. مير صوبدار خان، جو ان وقت 25 ورهين جي عمر جو هو، تنهن چاچن کان جائداد جي گهر ڪئي. جيسين ڪو فيصلو ٿئي، تنهن کان اڳ شهزادو پنهنجي اتاليق هوش محمد قنبراڻيءَ ۽ منشي پرتابراءِ کي ساڻ ڪري شڪار جي بهاني سان ٿر ڏانهن هليو ويو. اتي پهچڻ بعد منشيءَ معرفت پنهنجا ڪي جواهر وڪڻي، اَٺ هزار لشڪر گڏ ڪري، هن چاچن خلاف بغاوت کڙي ڪئي.

مير مراد علي خان لشڪر جي پهچڻ شرط ناڻي جي ٿيلهين جا منهن کولي باغين کي برغلائي ڇڏيو. ان وچ ۾ چاچن فيصلو ڪري، شهزادي کي جائداد ۽ جاگير جو حصو ڏنو. معاملو خير خوبيءَ سان حل ٿي ويو.

مرزا خسرو بيگ جي گورنر سان ملاقات:

ڪڇ جي گذريل فسادن کي روڪي، انگريز ٽالپرن کان خرچ جو مطالبو ڪرڻ لڳا، ٻيو ته ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحد تي انگريزن فوجي چوڪيون ويهاريون هيون، ٽيون ته جيسلمير جي ڪن رهاڪن اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي، جنهن تي بعض رياستن اعتراض اٿاريو هو. مٿين سڀني ڳالهين جي فيصلي ڪرڻ لاءِ مير ڪرم علي خان پنهنجي نوجوان وزير مرزا خسرو بيگ کي بمبئي ڏانهن موڪلڻ جو ارادو ڪيو، جيئن وزيراعظم ۽ گورنر سان روبرو ملاقات ڪري ڪنهن سهوتي تي پهچي. ان ۾ شڪ ناهي ته مرزا صاحب بلڪل نوعمر هو، ليڪن قابليت جي لحاظ ڪري حڪومت جا اندروني توڙي بيروني معاملا سندس صلاح ۽ مشوري سان فيصلو ٿيندا هئا ۽ درٻار ۾ کيس وڏو رسوخ حاصل هو.

مرزا صاحب ٻن مدبرن آخوند محمد بقا ۽ محمد عابد ٺٽوي کي همراه ڪري نون ڏينهن جي سمنڊ جي مسافري ڪرڻ بعد بمبئي پهتو. بمبئي حڪومت 24 توبن سان سندن سلامي ڪئي ۽ ٻه هزار سولجرن هٿيار پيش ڪيا.(1) سلاميءَ جي رسم کان پوءِ گورنر جنرل ايلفنسٽن چئن گهوڙن واريءَ گاڏيءَ ۾ وزير کي ساڄي پاسي کان ويهاري، شهر مان گهمائيندو، هڪڙو عاليشان بنگلو سندس رهائش لاءِ مقرر ڪيو. نوجوان وزير مغربي تهذيب ۽ معاشرت کان قطعي بي خبر هو.

هڪڙيءَ رات گورنر مرزا صاحب کي ناچ جي دعوت تي گهرايو، مرزا صاحب خزاني جون ڳوٿريون ڀرائي آخوند محمد بقا کي ساڻ ڪري ناچ گهر ڏانهن ويو. جڏهن گورنر جي مڊم ناچ ڪرڻ لاءِ اٿي، تڏهن مرزا جي اشاري تي آخوند صاحب هڪ هزار رپيا مڊم مٿان گهور ڪيا. انگريز اها روبڪار ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا. گورنر مرزا کي چيو ته اسان مغربين ۾ اهڙي رسم ڪانهي. مرزا حاضر جوابيءَ ۾ لاثاني هو، ٺهه پهه جواب ڏنائين ته: ”اسان مشرقين ۾ آهي.“ ٻئي ڀيري مرزا پاڻ اٿي گهور ڪئي، انهن ڏينهن ۾ بمبئي ۾ هاڻوڪي رونق ڪانه هئي. شهر ۾ هوٽلن نه هئڻ سب مسافر اسپلانڊ وٽ تنبن ۾ رهندا هئا. مرزا صاحب بمبئي ۾ 3 ڏينهن رهيو، شهر ۾ ايتري مهانگائي هئي، جو مرزا هڪ لک رپيا مسافريءَ تي خرچ ڪيا، انگريزن جيڪا ستر هزار رپين لاءِ ميرن کان گهر ڪئي هئي، سا بهرحال رد ٿي ويئي.

عمرڪوٽ تي قبضو:

عمرڪوٽ، ٽالپرن هيڪر جوڌپور کان کٽيو، پر وري راجپوتن مٿس قبضو ڪري ورتو هو. مير سهراب خان جي ڀاءُ مير غلام محمد خان هڪڙو ڀيرو عمرڪوٽ تي ڪاهه ڪئي هئي، پر راجپوتن سان وڙهندي شهيد ٿيو هو. مير سهراب خان ان ڏينهن کان ڀاءُ جو وير وٺڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو. مير ڪرم علي خان پنهنجن ٻن سپهه سالارن، نواب طاهر ۽ نواب ولي محمد خان لغاريءَ کي لشڪر سميت عمرڪوٽ ڏانهن روانو ڪيو. مير سهراب خان جو سپهه سالار سيد گولو شاه به فوجن سان اچي ساڻن گڏيو. جوڌپور جي راجا امير خان پٺاڻ کان مدد گهري. مير ڪرم علي خان هڪڙي پارسي رباعي لکي امير خان ڏانهن رواني ڪئي، رباعيءَ امير خان تي اهڙو اثر وڌو، جو هن راجا کي مدد ڏيڻ کان انڪار ڪيو.(1) جوڌپور جو لشڪر قلعي اندران ويهي مقابلو ڪرڻ لڳو.

نواب طاهر خان قلعي جي بنياد ۾ سرنگ هڻائي، بارود ساڙائي، قلعي جي ديوار ڪيرائي ڇڏي، گهڻائي راجپوت مارجي ويا ۽ ڪي گرفتار ٿيا، باقي جيڪي بچيا سي ڀڄي ويا. ٽالپرن عمرڪوٽ تي قبضو ڪيو.(2)

شڪارپور تي قبضو:

شڪارپور مغل علائقي جو صدر شهر هو، جتي دراني حڪومت پاران نواب حڪومت هلائيندا هئا. 17 سؤ سوارن جو دستو ۽ 143 توبون سندن ماتحت رهنديون هيون. سدوزئي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ افغانستان جي طوائف الملوڪيءَ جي زماني ۾ بهاولپور جي رياست انگريزن جي حفاظت هيٺ اچي ويئي. ڪشمير، پشاور، پنجاب، ديره جات ۽ ملتان تي رنجيت سنگهه قبضو ڪري ورتو. ٽالپرن به ڪابل کي خراج ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو. رنجيت سنگهه جي مرضي هئي ته جيڪڏهن سنڌ تي قبضو نه ڪري سگهي، ته ڪم از ڪم شڪارپور تي سندن قبضو رهي، ڇاڪاڻ ته واپار جي لحاظ ڪري هي دولتمند شهر هو.

ٽالپرن کي هر وقت سکن کان خطرو رهندو هو. سنه 1244هه (1824ع) ۾ مير ڪرم علي خان بلوچي سردارن معرفت لشڪر گڏ ڪرائي، نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ شڪارپور تي چڙهائي ڪئي. مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان به فوجون وٺي آيا. شڪارپور تي انهن ڏينهن ۾ نواب منصور علي خان حڪومت ڪندو هو.(1) نواب ولي محمد خان جمعي خان بارڪزئيءَ معرفت نواب منصور علي خان کي سمجهايو، جنهن شهر جون ڪنجيون نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي حوالي ڪيون ۽ پاڻ شهر کان نڪري ويو. نواب ولي محمد خان کي هن سوڀ جي عيوض 3 هزار اشرفيون انعام مليو. شهر جي انتطام لاءِ ميرن ٻه ڪچهريون قائم ڪيون. شهداداڻي سرڪار پاران سيد ڪاظم شاه نائب مقرر ٿيو. شهر جي اپت جي ستن حصن مان چئن حصن ۾ رقم 54 هزار رپيا شهداداڻي سرڪار کي ملڻ لڳا. باقي ٽن حصن جي رقم چاليهه هزار رپيا سهراباڻي سرڪار کي ملڻ لڳا. بکر جو مضبوط قلعو مير رستم خان فتح ڪيو هو، تنهن ڪري اهو سهراباڻي سرڪار کي مليو. هيءَ ٽالپري پوئين فتح هئي ۽ اهو سندن اوج جو زمانو هو.

انگريزن جا ناپاڪ ارادا:

لارڊ هيسٽنگس جي ڏينهن ۾ دهليءَ کان وٺي دکن تائين انگريزن خلاف هندستاني رعايا ۾ عام ناراضپو پيل هو. ايلفنسٽن ۽ سر جان مالڪوم گورنر جنرل جا ٻه مکيه ڇاڙتا هئا، جن مرهٽا ڪنفيڊريسي جي سردارن ۾ ڦيٽاڙو وجهي، سنه 1818ع ۾ پيشوا جي مسند جو خاتمو ڪري ڇڏيو. سنه 1819ع ۾ ٽينءَ مرهٽا ويڙهه ۾ هولڪر، ڀونسلي، گائڪواڙ ۽ سنڌيا جهڙا طاقتور انگريزن اڳيان جهڪي پيا. وچ هندستان انگريزي جهنڊي هيٺان اچي ويو. لارڊ هيسٽنگس هٿيارن ۽ ٺڳين جي زور تي پنجاهه هزار چورس ميل ملڪ ڪمپني سرڪار جي جهنڊي هيٺ آندو.

انگريزن جو مقصد هاڻي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو هو. گورنر جنرل کوسن جي فساد وقت سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، مگر مٽڪاف جي چوڻ تي خيال لاهي ڇڏيو هئائين. کوسن جي ڪاهن جو سبب هن ريت هو، جو ڪڇين، سنڌي واپارين ۽ حاجين جا ڪي قافلا لٽيا هئا، جيڪي بمبئي ڏانهن وڃي رهيا هئا.(1) فتوحات سان گڏ انگريز عملدار لٽ مار ڪرڻ سان پنهنجا کيسا ڀرڻ لڳا. ڪاشتڪارن کي ڳريون ڍلون ڀرڻيون پونديون هيون، جيئن انگلنڊ جا خزانا ڀرپور رهن. ڪمپنيءَ کي هندستان سان واپار ڪرڻ لاءِ نئون چارٽر (اختيارنامو) مليو، جنهن موجب ولايت جا گورا واپاري هندستان جي ديهي هنرن کي پائمال ڪرڻ لاءِ نوان هٿيار گهڙڻ لڳا.

مارڪئس آف هيسٽنگس کان پوءِ لارڊ ائمهرسٽ سنه 1823ع کان سنه 1828ع تائين گورنر جنرل ٿي رهيو. سندس ڏينهن ۾ برما جي پهرين ويڙهه لڳي. ڪمپنيءَ جا جنگ تي 13 ڪروڙ رپيا خرچ اچي ويو. ڪمپنيءَ جي کٽل خزانن کي ڀرڻ لاءِ گورنر جنرل، نوابن ۽ راجائن کي ڦرڻ لڳو. ائوڌ جو نواب وزير جنهن جو وجود ڪمپني سرڪار لاءِ دراني يا سنڌيا جي ڪاهُن جي مقابلي لاءِ اڳ ڪارائتو هو، سو هينئر محض بيڪار هو. پنجاب تي سکن جي حڪومت هئڻ سبب اَٽڪ جو پتڻ ٽپڻ ايشيا جي فاتحن لاءِ گهڻو مشڪل هو. گورنر جنرل جي دٻاءَ وجهڻ شرط ائوڌ جي نواب ڏهه لک پائونڊن جي قرض جي پهرين قسط ڏني ۽ پنج لک پائونڊن جي قرض ڏيڻ لاءِ مزيد انجام ڏنائين، تڏهن مس سندس جند آزاد ٿي.

ناگپور جي ڀونسلي کان پنج لک پائونڊ ڦريا ويا. بنارس جي راجا کي ويهه هزار پائونڊ ڏيڻا پيا. معزول پيشوا کي نمڪ حلاليءَ جي ثبوت ڏيکارڻ لاءِ وظيفي جي رقم مان بچت ڪرڻي پيئي، گورنر جنرل نوابن ۽ راجائن جي ڳنڍين ڪپڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيئن برما جي جنگ جي بدناموسيءَ جو داغ سندس دامن تان ڌوپجي وڃي، پر ايتري ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ به لنڊن جي سياسي حلقن ۾ سندس گهڻي بدنامي ٿي.(1) برما جي جنگين ڪري لارڊ ائمهرسٽ کي سنڌ ڏانهن توجه ڏيڻ لاءِ موقعو ملي نه سگهيو، ان ڪري سنڌ جي سوال کي نئين گورنر جنرل لارڊ وليم بينٽڪ جي حوالي ڪري ويو، جو سنه 1835ع تائين گورنر جنرل ٿي رهيو.

مير ڪرم علي خان جي وفات:

سنه 1244هه (1828ع) ۾ مير ڪرم علي خان وفات ڪئي. سندس عاليشان مقبرو حيدرآباد شهر جي اتر اولهندي ۾ مشرقي عمارتسازيءَ جو نمونو آهي. مرڻ مهل پنهنجي پياري وزير مرزا خسرو بيگ کي وصيت ڪري ويو ته سندس گهوڙي ’آزاد‘ کي ماري ڇڏي ۽ سندس ترار کي حرم جي ڏيڍيءَ تي پرزا پرزا ڪري ڀڃي ڇڏي. مير ڪرم علي خان ’رڪن الدوله بهادر‘ سخن دان ۽ شاعر ٿي گذريو. سندس تخلص ’ڪرم‘ هو. سندس پارسي غزلن جي مجموعي کي عبدالله خان قنڌاريءَ سنه 1245هه ۾ گڏ ڪري مٿس ’ديوان ڪرم‘ نالو رکيو. سيد ثابت علي شاه سندس ڏينهن ۾ وقت جو مقبول شاعر ٿي گذريو.

مير مراد علي خان:

6_ جمادي الثاني 1244هه (1828ع) ۾ مير ڪرم علي خان جي وفات کان پوءِ مير مراد علي خان ’اميرالدوله بهادر‘ گاديءَ تي ويٺو. هيءُ پهرينءَ چؤياري جو پويون حاڪم هو. لاهور، ڪڇ ۽ مارواڙ جي راجائن، مسقط ۽ قلات درٻار سان سندن دوستانه تعلقات هئا. فتح علي شاه قاچار کيس ڌيءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيو هو، پر مير صاحب پيرسنيءَ سبب شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. سندس ڏينهن ۾ شاه شجاع وٽس مهمان ٿي آيو.

ٽالپري سڪو:

ڪابل کان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پهريون دفعو مير مراد علي خان ٽالپري سڪي رائج ڪرڻ جو خيال ڪيو. حڪم ڏنائين ته سرڪاري خزاني ۾ جيترو سون چاندي گڏ ٿيل آهي، سو رعايا جي ملڪيت آهي. وقت جي ڪاريگر اوستي فتح محمد خان اشرفيون ۽ رپيا تيار ڪيا. ٽالپري رپئي جي چاندي مقدار ۾ گهٽ هئي، تنهن ڪري سندس قيمت ڪمپنيءَ جي ڪلدارن جي ڏهن آنن جيتري هئي، واپاري توڙي عام ماڻهو ڪمپنيءَ جا ڪلدار پسند ڪندا هئا. پورچوگالي ڊالر (ريال) به چالو هئا. اطالوي اشرفين جو سون سٺو هو، تنهن ڪري اهي به بندرن تي چالو هيون. سنه 1901ع ۾ في اطالوي اشرفيءَ جي قيمت ساڍا ست رپيا هئي. فتح علي شاه قاچار سان دوستي هئڻ ڪري، ٻه ايراني سڪا، گبري ۽ پيتلي به سنڌ اندر رائج هئا. في ايراني سڪي جي قيمت 4 آنا هئي.(1)

کوسن جي ٿر ۾ ڦرلٽ:

سنه 1832ع ۾ شروعات ۾ کوسن پالنپور جي هڪڙي واپاري قافلي کي اسلام ڪوٽ وٽ ڦريو، ان کان سواءِ کوسن ۽ واگهيلن گڏجي رحمڪي بازار کي لٽيو، جنهن ڪري انگريزي لشڪر سنڌ جي سرحد تي مظاهرا ڪرڻ لڳو. ڪڇ جي انگريز ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد سرڪار کي شڪايت ڪئي ۽ ڪلڪتي جي سپريم ڪورٽ کي کوسن جي ڪارروائيءَ متعلق رپورٽ پيش ڪئي. گورنر جنرل جي هن دفعي اڳي ئي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي مرضي هئي، سندس حڪم موجب اجمير جي برٽش ريزيڊنٽ جيسلمير ۽ جوڌپور جي راجائن جي ڪانفرنس ڪوٺائي، ان لاءِ ته ٻئي راجائون گڏجي کوسن خلاف انگريزن جي مدد ڪن.

ٻئي پاسي مير مراد علي خان بلوچ سردارن ۽ جاگيردارن کي نوان پروانا ڏيئي، فوجن گڏ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. فوجي انتظام کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، مير صاحب درٻار جي مدبرن مان سيد باقر شاه کي ٿر جي سرحد جي حالتن کي جاچڻ لاءِ ڀڄ ڏانهن روانو ڪيو. سيد صاحب ايلچيءَ جي حيثيت ۾ برٽس ريزيڊنٽ کي پڪ ڏني ته کوسن جي سازش ۾ ميرن جو ڪو هٿ ڪونهي. مٿينءَ تصديق کان پوءِ ڪرنل پاٽنجر کوسن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪپتان رابرٽ ۽ ڪرنل لچفيلڊ کي فوجون ڏيئي روانو ڪيو. ڪمپني سرڪار جا ريزيڊنٽ جيڪي به رپورٽون سپريم ڪائونسل کي پيش ڪندا هئا، ته ڪمپني سرڪار سواءِ ڪنهن غور ڪرڻ جي سندن رپورٽن کي وزن ڏيندي هئي. اهڙن ريزيڊنٽن ۽ ايلچين مان ڪرنل پاٽنجر، سر گوراوزلي، ايلفنسٽن، جيمس ٽاڊ، سر مالڪوم، ميجر بيلي وغيره نام ڪٺيا ريزيڊنٽ ٿي گذريا.(1)

سر جان مالڪوم ان وقت بمبئي جو گورنر هو، ناممڪن هو ته ڪرنل پاٽنجر جهڙي تجربيڪار ڇاڙتي جي رپورٽ کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏي. سو ويهين آڪٽوبر تي پوني جو لشڪر بمبئي کان روانو ٿيو. ٿرپاڪر جي ضلعي لاءِ خطرو جاڳيو. مير مراد علي خان منشي رحمت الله کي ڪن بلوچ سردارن سان همراه ڪري ٿر ڏانهن روانو ڪيو. پارڪر جي مختيارڪار غلام شاهه لغاريءَ کي حڪم مليو ته بلوچي سردارن سان گڏجي سرحد جي حالتن جو معائنو ڪري، درٻار کي پيش ڪري. مگر گورنر جنرل کي اڃا پنڊارين سان مقابلو ڪرڻو هو، تنهن ڪري کوسن خلاف فوجي نمائش ڪرڻ کان سواءِ انگريز ٻيو ڪجهه ڪري نه سگهيا. کوسن جو سوال في الحال ملتوي رهجي ويو. 5 آڪٽوبر سنه 1832ع تي، سردار غلام حيدر خان بجاراڻيءَ ڪن کوسن کي گرفتار ڪري انگريزن جي حوالي ڪيو.(1)

سنه 1829ع ۾ مير ٺاري خان ’ستاره جنگ بهادر‘ وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ مير علي مراد خان گاديءَ تي ويٺو. هن سنه 1806ع ۾ ميرپورخاص جو شهر تعمير ڪرايو هو، جو مير علي مراد خان پنهنجي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو.(2)

شاه ولي الله رحه:

ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي راڄ ۾ انگريزن جي پاليسي مسلمانن جي سراسر خلاف هئي. سنه 1803ع ۾ لارڊ ليڪ جي فوجن اسلامي تهذيبن جي مرڪز جهان آباد (دهليءَ) تي قبضو ڪيو هو. مغل شهنشاهه فقط نالي طور شهنشاه هو. ڪمپني سرڪار جي دفترن جو ڪاروبار هندستان اندر مغليه نموني تي هلي رهيو هو. دفترن جي زبان به پارسي هئي. انگريزن جي مرضي هئي ته پارسي زبان سان گڏ مغل شهنشاهت جي نالي کي به مٽائي ڇڏجي. ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن پنهنجن انگريزي عملدارن کي هدايت ڪري ڇڏي هئي ته اهي هندو نواز پاليسي اختيار ڪن. لارڊ منٽو جي ڏينهن ۾ انگريز پادري کليو کلايو اسلام تي حملا ڪرڻ لڳا. ڪمپنيءَ جا عملدار پارسيءَ بدران سنسڪرت زبان کي همٿائڻ لڳا. نوبت ايتري قدر پهتي جو هندستان جي مسلمانن کي پنهنجي مذهب ۽ اسلامي تهذيب جي حفاظت ڪرڻ جو فڪر دامنگير ٿيو. اسلامي سلطنت جي آفتاب کي هندستان ۾ غروب ٿيندو ڏسي ۽ مغربي تهذيب جي سيلاب کي روڪڻ لاءِ شاه ولي الله رحه دهلويءَ سنه 1735ع ۾ ڪتاب ’حجة البلاغ‘ معرفت مسلمانن کي ايندڙ مشڪلاتن کان سجاڳ ڪيو. سنه 1737ع ۾ شاه صاحب قرآن جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندس فرزندن مان شاه عبدلاعزيز ’شمس الهند‘ (المتوفي 1824ع) هندستان کي ’دارالحرب‘ سڏڻ لڳو. شاهه صاحب ’ترغيب محمديه‘ تحريڪ شروع ڪئي ۽ پنهنجي فتويٰ ۾ ڏيکاريو ته ’انگريزي زبان سکڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪو به مسلمان انگريزي تهذيب اختيار ڪندو ته ڪافر ڪوٺبو.“

شاه عبدالقادر (1815_1753ع) قرآن شريف جو اردو ۾ ترجمو ڪيو. سنڌ ۾ مٽيارين جي هڪڙي بزرگ سنه 1272هه ۾ قرآن شريف جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. هي پهريون دفعو هو ته هندستان ۽ سنڌ جا مسلمان انگريزي تهذيب جي بي پناهه سيلاب کي روڪڻ لاءِ قرآن شريف جي تعليم کان عام طور واقف ٿيا. شاه عبدالقادر جو ترجمو سندس مريدن مان سيد عبدالله سنه 1829ع ۾ هوگليءَ مان شايع ڪرايو. رنجيت سنگهه جي ڏينهن ۾ پنجاب اندر سکن مسلمانن تي جيڪي ظلم ڪرڻ شروع ڪيا تن جي خاتمي لاءِ شاه عبدالعزيز جي ٻن مريدن سيد احمد بريلوي ۽ شاه اسماعيل شهيد جهاد جو اعلان ڪيو.

سنه 1824ع ۾ سيد احمد بريلوي حيدرآباد سنڌ پهتو. سيد صغبت الله شاه کيس حرن جو دستو سکن جي خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ امدادي طور ڏنو. بنگال کان وٺي باغستان تائين مسلمانن سکن خلاف جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو هو.(1) سيد احمد سنڌکان دري بولان رستي باغستان پهتو. 23 جون سنه 1830ع ۾ هن سکن کان پشاور فتح ڪيو. پر پوءِ مريدن جي سازش ڪري پنهنجي خليفي شاه اسماعيل سميت 1831ع ۾ سکن سان جهاد ڪندي شهيد ٿيو. السلام خلاف انگريزن جي قلمي مهم جاري رهي. سنه 1861ع ۾ سر وليم ميوئر ’سيرت محمدي‘ چئن جلدن ۾ تيار ڪري، مسلمانن جي دلين کي ڏکوئڻ لڳو، جنهن جي جواب ۾ سر سيد احمد ’خطبات احمديه‘ شايع ڪرايو.

وليم بينٽڪ جي پاليسي:

وليم بينٽڪ گورنر جنرل جي زماني ۾ يورپ ۾ ترڪي ’مرد بيمار‘ جي لقبن سان مشهور هئي. اهڙيءَ طرح هندستان اندر سنڌ ’مرد بيمار‘ جي نالي سان انگريزن جي سياسي حلقن ۾ مشهور هئي. نيپولين بوناپارٽ جي شڪست کان پوءِ انگلينڊ يورپ ۾ ’سمنڊن جي ملڪه‘ سڏيو ٿي ويو ۽ يورپ جو سياسي توازن سندن هٿن ۾ هو. يونان جي آزاديءَ جي مسئلي متعلق ترڪن خلاف روس ۽ انگلينڊ پاڻ ۾ ٻٽ هئا. سنه 1826ع ۾ روس ايران تي ڪاهه ڪئي. انگلينڊ ايران کي مدد ڏيڻ لاءِ معاهدي مطابق ٻڌل هو، مگر هن دفعي انگلينڊ ايران کي ڪابه مدد ڪانه ڏني. برطانوي وزير خارجه لارڊ ڪئننگ، شرم پرچائڻ لاءِ شاه ايران ڏانهن ٿوري رقم رواني ڪئي.

سنه 1828ع ۾ ايران روس کان شڪست کاڌي ۽ روس جو ايران تي اثر پوڻ لڳو. انهن حالتن پٽاندر سنڌ هڪ ڪارگر صوبو هو، جنهن تي قبضي ڪرڻ ڪري انگريز افغانستان، ايران، بلوچستان ۽ پنجاب تي چڪاس رکي سگهيا ٿي. لارڊ وليم بينٽڪ جي پاليسي به گذريل گورنر جنرلن وانگر لٽ مار واري هئي. لارڊ مڪالي سندس تعريف ڪندي لکي ٿو ته: ”هن هندستان اندر گهڻائي سڌارا ڪيا.“ مگر پڙهندڙن کي ياد رکڻ گهرجي ته منڍ کان وٺي انگريزن هندستان کي ڌاريو ملڪ سمجهيو ۽ هن براعظم جي اڻ کٽ دولت تي انگلينڊ جا ڪٽنب پلجڻ لڳا. عيسائي پادرين جي غليظ لٽريچر ۽ انگريز عملدارن جي ’ويڙهائي حڪومت ڪريو‘ جي پاليسيءَ ڪري ملڪ جي تهذيب، تمدن ۽ اقتصادي حالتن کي نقصان پهچي رهيو هو.

ڪمپنيءَ جي راڄ ۾ فوجي کاتي اندر هڪڙو ديسي سپاهي صوبيدار يا صوبيدار ميجر جي عهدي کان هرگز مٿي چڙهي نه سگهندو هو. ديسي سپاهين جو پگهار ستن رپين کان مٿي ڪونه هو. کين سال لاءِ هڪڙو بنات جو ڪوٽ ۽ ٽن سالن کان پوءِ هڪڙي پتلون ورديءَ ۾ ملندا هئا.(1) جڏهن انگريزي لشڪر ڪنهن ملڪ تي ڪاهه ڪندو هو ته لٽ مار مان انگريزي عملدارن ۽ ديسي سپاهين کي حصا ملندا هئا. ان قسم جي لٽ مار کي ’پرائيز مني‘ يعني انعام جي رقم سڏيندا هئا. مٿينءَ لالچ جي ڪري اڪثر مدراسي، پوربي، مرهٽا، بنگالي ۽ اتر اولهه هندستان جون قومون فوجن ۾ ڀرتي ٿينديون هيون.

’پرائيز مني‘ جي لالچ ڪري انگريز عملدار هر وقت ديسي نوابن ۽ راجائن سان مفت ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. جيئن جنگ لڳي ۽ کين لٽ مار ڪرڻ لاءِ وجهه ملي، بلڪ جنگ ڪرڻ لاءِ هو بهرحال حيلا ۽ بهانا ڳوليندا رهندا هئا. انگريز سولجرن کي پگهار، ڀتا، راشن ۽ پوشاڪون سٺيون ملنديون هيون، مگر اهي شرابي ۽ بدڪار هئا. ان ڪري هميشه کٽل رهندا هئا. ڪي سولجر سرڪاري هٿيارن ۽ وردين کي وڪڻڻ کان به ڪين گسندا هئا. اهڙي چوريءَ جي سامان کي نيڪال ڪرڻ لاءِ هندستان جي جن جن شهرن ۾ ڇانوڻيون هيون، اتي نيلام جا دڪان کلي ويا هئا. وڏن وڏن شهرن ۾ چڪلا عام جام کلي ويا، جتي هندستاني خواتين جي عصمت کي فرنگي برباد ڪرڻ لڳا ۽ طرحين طرحين وچڙندڙ بيماريون هندستان اندر پکڙجي ويون.

انگريز نوان فوجي عملدار، جيڪي ولايت کان ايندا هئا، سي وفادار ديسي سپاهين سان انسان سوز سلوڪ ڪندا هئا. شريف هندستاني سپاهين کي هر وقت فرنگي درندن منجهان خوف رهندو هو. 30 آڪٽوبر سنه 1824ع تي بارڪپور ڇانوڻيءَ ۾ فرنگي فرعون دماغ فوجي عملدارن هندستاني سپاهين تي جيڪي ظلم ڪيا، تن جو خود انگريزي مؤرخ ماتم ڪن ٿا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سرڪار جا ايجنٽ نوابن ۽ راجائن جي درٻار ۾ رهي، حرام جا مال کائي، پنهنجي حرام خوريءَ جو پورو ثبوت ڏيندا هئا. سواءِ ڪنهن سبب جي سپريم ڪائونسل کي غلط رپورٽون پيش ڪري، جنگين لاءِ رستو صاف ڪندا هئا. پرائيز منيءَ مان گورنر جنرلن کي به حصو ملندو هو.

لارڊ هيسٽنگس کي چئن جنگين جي عيوض ڪمپنيءَ لکين پائونڊن جي ولايت ۾ جاگير ڏني. سنه 1826ع ۾ ڀرتپور جي مشهور قلعي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ 48 لک رپيا بطور پرائيزمنيءَ جي فوجن ۾ تقسيم ڪيا ويا. مٿينءَ رقم مان 8 لک رپيا هندستان جي ڪمانڊر انچيف ڪومبر ميئر کي مليا هئا.(1) لارڊ وليم بينٽڪ جي زماني ۾ ڪرگ فتح ٿيڻ کان پوءِ هر هڪ انگريز جرنيل کي 25 هزار رپيا، ليفٽيننٽ ڪرنل کي 15 هزار رپيا ۽ في ڪپتان کي 10 هزار رپيا انعام طور مليا هئا. حالانڪ ڪرگ جي راجا، انگريزن کي ٽيپو سلطان سان جنگ ڪرڻ وقت دل کولي مدد ڏني هئي. انگريزن هن راجا کي دوستانه معاهدي جي ڪاغذ تي لکي ڏنو هو ته، ”جيسين سج ۽ چنڊ، آسمان ۽ زمين موجود آهن، تيسين انگريز ساڻس وفادار ٿي رهندا.“

ميسور فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪاغذ جي ٻيڙيءَ وانگر مٿيون معاهدو جٽاءُ ڪري نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته ڪرگ جي زمين قهوه جي ڪاشت ڪاريءَ لاءِ مفيد هئي، ٻيو ته اتي جي آب و هوا سفيد فام فرنگين جي رهائش لاءِ صحت بخش هئي.(1) لارڊ وليم بينٽڪ جو ناپاڪ ارادو هو ته آگري جي تاج محل کي مسمار ڪرائي چاندي هٿ ڪجي ۽ ان جا قيمتي پٿر نيلام ڪجن. سندس مرضي هئي ته مغل تهذيب جي يادگار، جا دنيا ۾ بهترين عجيب عمارت آهي سا صفحهءِ هستي تان مٽجي وڃي، پر کيس ان مان چاندي ۽ دولت هٿ ضرور اچي.(2) جيڪي ’تاريخ جا شاگرد‘ ميراڻي راڄ تي مسخريون ڪن ٿا، تن لاءِ اهي چند سٽون قلمبند ڪجن ٿيون، جيئن اهي انگريزن جي فرعونيت، عيارين ۽ ملڪ گيريءَ جي حرص کان واقف رهن.

انڊس نيويگيشن ڪمپني:

ايلفنسٽن سنه 1819ع کان سنه 1828ع تائين بمبئي جو گورنر رهيو، سندس ڏينهن ۾ هندي سمنڊ کان وٺي بصري ۽ باب المنڊب تائين جيڪي به عرب ڊاڪو، سمنڊن تي ڦرمار ڪندا هئا، تن بمبئي جي بحري ٻيڙي کان شڪست کاڌي. انگريزي ٻيڙي جو هندستان جي سمنڊن مٿان سڪو جاري ٿي ويو. لارڊ وليم بينٽڪ جي ڏينهن ۾ چٽگانگ کان وٺي ايراني نار تائين انگريزي ٻيڙي جي حڪومت هئي. اهڙي بحري آرماڙ ۽ بري فوجي قوت ۽ جديد هٿيارن اڳيان پنجاب جي خالصا سرڪار يا قلات ۽ سنڌ جي بلوچي حڪومتن کي ڪهڙي مجال هئي، جو دم هڻي سگهن؟

رنجيت سنگهه جهڙو ضدي ۽ مغرور حاڪم جنهن وٽ هڪ لک جرار خالصه لشڪر باقاعده تربيت يافته ۽ مضبوط توبخانو هو، تنهن جو چوڻ هو ته، ”پيشوا جي ٽن لکن فوجن کي انگريزن شڪست ڏني، ته ٻيو ڪير سندن مقابلو ڪري سگهندو.“ ٽالپري حڪومت ته انگريز سياستدانن لاءِ هڪڙي ’تفريح‘ هنئي. وچ هندستان کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ لارڊ وليم بينٽڪ سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن رخ رکيو. سنڌو نديءَ جي واپار تي قبضي ڪرڻ لاءِ هن هڪڙي جهازران ڪمپني ’دي نيويگيشن آف انڊس‘ جي نالي سان تيار ڪرڻ جو خيال ڪيو. اها ڪمپني حقيقت ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان لاءِ سياسي موت جي گهنٽي هئي. هن تحريڪ جو باني موئر ڪرافٽ نالي هڪڙو انگريز هو، جنهن سنڌو نديءَ جي ملڪن جي ڪشمير ۽ هماليه تائين سياحت ڪئي هئي. هن لارڊ وليم بينٽڪ کي پڪ ڏني هئي ته سنڌو ندي جهازراني ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.(1)

گورنر جنرل ارادو ڪيو هو ته جنهن نديءَ تان سڪندر مقدونيءَ جهاز راني ڪئي هئي، اهو رستو واپار لاءِ کليل رهي، جيڪڏهن ان باري ۾ سنڌ جا مير ۽ لاهور جي خالصا سرڪار ڪي رڪاوٽون پيدا ڪن ته هٿيارن سان سندن مقابلو ڪجي. گورنر جنرل جي نظر ۾ سنڌ جي وادي گنگا جي واديءَ کان وڌيڪ دولتمند هئي. بمبئي جي گورنر سر جان مالڪوم به گورنر جنرل کي راءِ پيش ڪئي ته، ”جيڪڏهن اسين سنڌو درياءَ تي جهاز راني ڪنداسون، ته پڪ بلوچي امير اعتراض اٿاريندا ۽ ان جي جواب ۾ اسان کي فوجي ڪارروائي ڪرڻي پوندي.“

هن رپورٽ ۾ وڌيڪ ڏيکاريو ته ”ٽالپر مير ڌاريا آهن، جيڪڏهن اسين ٿوري ڪوشش وٺنداسون ته سنڌ جا گهڻائي رئيس اسان جو طرف وٺندا. حيدرآباد جو قلعو ايترو مضبوط ڪونه آهي، جو اسان جي توبن جي گوليباريءَ کي روڪي سگهي.“ مٿين تحريڪ ظاهري واپار ڪرڻ جي بهاني سان جاري ڪئي ويئي، مگر ان جو اندروني مطلب هو ته سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ درياءَ جي ماپ ورتي وڃي.

بمبئي جي گورنر جي رپورٽ کان پوءِ ڪلڪتي جي سپريم ڪورٽ سنڌو نديءَ جي سروي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. فقط اهو سوال درپيش هو ته ڪهڙي بهاني سفر ڪجي، ڇاڪاڻ ته ٽالپر مير معاهدي جي شرطن تي نهايت خبرداريءَ سان پابند هئا. سر چارلس مٽڪاف، جو گورنر جنرل جي ڪائونسل جو ان وقت ميمبر هو، تنهن مٿينءَ اسڪيم جي مخالفت ڪندي، آڪٽوبر سنه 1830ع ۾ چيو ته، جيڪڏهن اسين سنڌو درياءَ جي سروي ڪنداسون ته پڪ ڪامياب ٿينداسون، مگر ٽالپر مير اسان تي ويساهه رکڻ بدران دشمن ٿي بيهندا، هندستان جي ڏيهي رياستن ۾ اسين ڪافي بدنام ٿي چڪا آهيون. هينئر جيڪڏهن سروي ڪنداسون يا سنڌ تي قبضو ڪنداسون، ته پوءِ دنيا کي پڪ ٿي ويندي ته انگريز دغاباز آهن.“

لارڊ وليم بينٽڪ ڪٽر عيسائي هو، تنهن مٽڪاف جي صاف گوئي ۽ حق ۽ ناحق جي تميز ڪرڻ جي ڪا پرواهه نه ڪري، ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي لکيو ته، ”واپار جي بهاني سان مهراڻ جي ٻنهي ڪپن تي فوجون لاٿيون وڃن، جيڪڏهن ٽالپر مير اعتراض ڪن، ته کين جواب ڏجي ته واپار جي سلامتيءَ لاءِ فوجون رکڻ ضروري آهن.“ رنجيت سنگهه، جو ويهن ورهين کان سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ منتظر هو، سو هينئر پيرسن هو. انگريزن سان ڦٽائڻ جي سندس مرضي ڪانه هئي. سنه 1831ع ۾ ڊائريڪٽرن جي بورڊ جي صدر لارڊ ايلنبرو درياءَ جي ماپ وٺڻ ۽ سنڌ جي طبعي حالت جي جاچ ڪرائڻ لاءِ گورنر جنرل کي اختياري ڏني.(1)

اليگزينڊر برنس جو سنڌ ۾ اچڻ:

سنه 1810ع ۾ راجپوتانا جي ريزيڊنٽ ڪرنل جيمس ٽاڊ پنهنجي ٻن ڇاڙتن شيخ ابوالبرڪات ۽ مداري لعل جي معرفت سنڌ جي طبعي حالتن جي لاڙ کان وٺي اپر سنڌ تائين جاچ ڪرائي هئي. سنه 1828ع ۾ لارڊ ائمهرسٽ جڏهن ولايت ڏانهن وڃڻ لڳو هو، تڏهن رنجيت سنگهه انگلينڊ جي بادشاهه ڏانهن هڪڙو ڪشميري شال جو تنبو سوکڙيءَ طور روانو ڪيو هو. فرنگي مڪار، جيڪي مهراڻ جي ماپ وٺڻ لاءِ بهاني جي ڳولا ۾ هئا، تن خيال ڪيو ته موٽ ۾ انگلينڊ جي بادشاه پاران ڪي سوغاتون مهراڻ جي رستي رنجيت سنگهه ڏانهن روانيون ڪجن ۽ مير ان تي ڪو اعتراض به ڪونه ڪري سگهندا. پوءِ هنن ڪي ولايتي گهوڙا ۽ هڪڙي چئن ڦيٿن واري بگي، جا لارڊ منٽو وڃڻ مهل سر جام مالڪوم کي ڏيئي ويو هو: اهي شيون لاهور ڏانهن موڪلڻ جو ارادو ڪيو. ڪڇ جي ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر’صلاح‘ ڏني ته جيڪڏهن خشڪيءَ رستي گهوڙي گاڏي رواني ڪبي ته ڀڄي پوندي، ان ڪري اهي سوکڙيون سنڌو نديءَ رستي ٻيڙين وسيلي روانيون ڪجن. انهيءَ ڪم لاءِ ڪمپني سرڪار اليگزينڊر برنس کي مقرر ڪيو.(1)

جيمس ٽاڊ سنڌ جي طبعي حالتن جي اڳي ئي جاچ ڪرائي چڪو هو، هينئر فقط مهراڻ جي ماپ وٺڻ جو سوال هو. برنس جي وفد سان مسٽر جي_ ڊي_ ليڪي ۽ محمد عليءَ نالي ٻه سرويئر هئا، هڪڙو ڊاڪٽر جيرارڊ.  هڪ ديسي حڪيم، منشي موهن لعل ڪشميري، جنهن دهليءَ ۾ تعليم ورتي هئي ۽ ٻيا ڪي نوڪر به ساڻ هئن.(2) 21 جنوري 1831ع ۾ انگريزي وفد ڪڇ جي بندر مانڊوي کان روانو ٿيو ۽ 28 جنوري تي سندن جهاز سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ هتا. برنس خط ذريعي ٽالپري نائب کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو. اڳ جڏهن ڪو فرنگين جو وفد ميرن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ته پهريائين ميرن کان اجازت وٺندو هو، پر هن دفعي هو بغير اجازت وٺڻ جي آيو هو، تنهن ڪري بلوچي مسلح سپاهين جهازن تي ڪاهي، برنس جي صندوقن کي کولي ڏٺو، متان ڪي سولجر منجهن لڪل هجن.

ان کان پوءِ ٽالپري نائب وفد کي اڳتي وڌڻ کان روڪي بيهاريو. سڀني کي پڪ هئي ته مهراڻ جي ماپ وٺڻ کان پوءِ انگريز سنڌ تي حملو ڪندا. برنس سمورو احوال ڪرنل پاٽنجر کي لکي مڪو. ان وچ ۾ قضا سان اهڙو طوفان لڳو، جو اليگزينڊر برنس جون سموريون ٻيڙيون ٻڏي ويون. هو موٽي مانڊوي ڏانهن هليو ويو. ڪرنل پاٽنجر هڪڙو ڌمڪين ڀريل خط ميرن ڏانهن موڪليو. جنهن ۾ هن ڏيکاريو ته، جيڪڏهن مير، انگريزي وفد جي مخالفت ڪندا ته پوءِ سندن انگريزن سان کليءَ طرح دشمني پئجي ويندي ۽ ميرن جي آزادي کسجي ويندي!“ اڳ انگريزن ڪڏهن به اهڙو ڌمڪين ڀريل خط ميرن ڏانهن ڪونه مڪو هو.

مير ڪرم علي خان جي ڏينهن ۾ رنجيت سنگهه ميرن سان دوستانه عهدنامي ڪرڻ لاءِ پنهنجو سفير ميرن جي درٻار ڏانهن مڪو هو. مير ڪرم علي خان خالصا سرڪار جي ايلچيءَ سان واعدو ڪيو ته، ”جيڪڏهن سک انگريزن سان جنگ ڪندا، ته مير کين هڪ لک بلوچي لشڪر سان مدد ڪندا.(1) برخلاف ان جي اليگزينڊر برنس کي سنڌو نديءَ تان لنگهائڻ لاءِ پرمتڙيو پوڙهو رنجيت سنگهه، لڌيانه جي برٽس ايجنٽ ڪپتان ويڊ ۽ پنهنجي وزير فقير عزيزالدين جي چرچ تي، ميرن تي دٻاءُ وجهڻ لڳو ۽ خالصا فوجن جو ديره جات جو ڪمانڊر جنرل وينٽورا سنڌ جي سرحد تي فوجي مظاهرا ڪرڻ لڳو. خود رنجيت سنگهه ٽالپرن جي ايلچيءَ کي پنهنجي درٻار ۾ هيسائڻ لڳو.

مير مراد علي خان هڪ قابل سياستدان هو، هو انگريزن جي چالبازيءَ مان سندن مطلب سمجهي ويو. مير صاحب هڪڙي پاسي بمبئي جي گورنر کي لکيو ته سنڌو نديءَ تان سوکڙين کي نيئڻ ۾ خطري جو امڪان آهي، بهتر ايئن ٿيندو ته وفد خشڪيءَ رستي سامان لاهور پهچائي. ٻئي طرف رنجيت سنگهه کي ايلچيءَ ذريعي اطلاع ڏنائين ته انگريز سيد احمد بريلويءَ کي سوکڙين جي بهاني صندوقن ۾ اشرفيون پهچائي رهيا آهن. مير صاحب رنجيت سنگهه کي ساڻس ڪيل امدادي وعدو به ياد ڏياريو. ايترين تسلين ڏيندي به فقير عزيز الدين، جو اندروني طور انگريزن سان مليل هو، پنهنجي منافقين کان باز ڪونه آيو ۽ خالصا لشڪر جا سنڌ جي سرحد تي مظاهرا ٿيندا رهيا. اهڙين حالتن ۾ سنڌ کي ٻن باهين ۾ ڦاٿل ڏسي، لاچار مير صاحب کي اليگزينڊر برنس کي سنڌنديءَ تان لنگهڻ جي اجازت ڏيڻي پئي.(2)

12 اپريل سنه 1831ع ۾ برنس جا جهاز ٺٽي پهتا. انهن ڏينهن ۾ ٺٽي جو اوج مٽجي چڪو هو. برنس ٻن مهينن تائين ٺٽي ۾ ترسيل هو، ڇاڪاڻ ته هو سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان وٺي ٺٽي تائين پاڻيءَ جي ماپ وٺڻ ۾ رڌل هو. مير مراد علي خان منڍ کان وٺي انگريزن کي اجازت ڏيڻ جي خلاف هو، مگر شهزادي مير نصير خان جي چوڻ تي هن وفد کي لنگهڻ لاءِ اجازت ڏني هئي ۽ ان کان پوءِ وفد جي ميمبرن کي مهماني ڏيڻ به لازمي امر هو. برنس جا جهاز جڏهن ٺٽي مان روانا ٿيا، تڏهن هڪڙي سياڻي پير مرد پڪاري چيو ته، ”افسوس! اڄ فرنگي دريائي رستي کان واقف ٿيا، هاڻ سنڌ ميرن هٿان ويئي!“(1) حيدرآباد پهچڻ کان پوءِ وفد شهزادي نصير خان معرفت مير صاحب سان ملاقات ڪئي. دستور موجب ڪمپني سرڪار پاران وفد ڪي سوکڙيون پيش ڪيون، جي هن ريت هيون: هڪڙي بندوق، ڪي هٿيارن جا چمڙي جا پٽا، هڪڙي سوني واچ، هڪڙو گهڙيال، ٻن قسمن جون دوربينون، بلوري شمعدان، انگريزي گرم ڪپڙي جا ٿان، ٻه نقشا دنيا ۽ هندستان جا جن ۾ انگريزي شهنشاهت ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جون حدون ڏيکاريل هيون. مير مراد علي خان برنس کي 15 سو روپيا نقد مرحمت ڪيا. شهزادي نصير خان پنهنجي دمشقي ترار برنس کي سوکڙيءَ طور ڏيندي چيو ته، ”هي سڀ منهنجي ڪوششن جو نتيجو آهي.“ 23 اپريل تي وفد حيدرآباد کان روانو ٿيو ۽ پهرين مئي سنه 1831ع تي، سهراباڻي سرڪار جي سرحد وٽ سيوهڻ پهتو.

سنه 1811ع ۾ مير سهراب خان پنهنجي جيئري حڪومت، جنهن جي سالياني آمدني 20،39،000 رپيا هئي، پنهنجن پٽن کي ورهائي ڏني هئي ۽ پڳ جو مالڪ مير رستم خان کي ڪيو هئائين. سنه 1815ع ۾ مير سهراب خان کي هڪڙو پٽ مير علي مراد خان ڄائو هو، جنهن جي ٻانهن هو پنهنجي پٽ مير مبارڪ خان جي حوالي ڪري ويو.(1) مير سهراب خان پويان ڏينهن ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ عبادت الاهيءَ ۾ گذارڻ لڳو. جولاءِ سنه 1830ع ۾ خيرپور واري محلات جي کڙڪيءَ مان قضا الاهيءَ سان ڪرندي وفات ڪيائين. هي واقعو تاريخن ۾ ’طشت ازم بام افتاد‘ موجب 1146هه ڏنل آهي. مير رستم خان پنهنجي ٻن ڀائرن مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان جي ملڪيت ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي آمدني 3،50،000 رپيا ساليانو هئي، مير علي مراد خان ڀاءُ جي هن سازش کي دل ۾ سانڍڻ لڳو.

اليگزينڊر برنس کي آڌرڀاءُ ڏيڻ لاءِ مير رستم خان درٻار جي مدبرن مان محمد گوهر خان کي کنڊ، گيهه، تماڪ، آفيم ۽ دنبا ڏيئي، اڳواٽ پنهنجي حد سيوهڻ ڏانهن روانو ڪيو. وفد ٽن ڏينهن تائين سيوهڻ ۾ آرام ڪرڻ کان پوءِ خيرپور ڏانهن روانو ٿيو، جتي درٻار جي اميرن مان وڏي وزير فتح محمد خان غوريءَ وفد جو پرتپاڪ استقبال ڪيو.(1) ٽالپري دسترخوان تان جيڪي لوازما برنس کي ملڻ لڳا، تن کي ڏسي وفد جا ميمبر، جن جو تعداد ڏيڍ سؤ هو، سڄا سارا ٽي هفتا اتي ٽڪي پيا. کين روزانو ڏهه دينار ۽ ٻيو خوراڪ جو سامان ملندو هو. ان کان سواءِ روزانو ٻه ويلا مختلف قسمن جي طعامن جا 72 ڍاڪون، سون ۽ چانديءَ جي ورقن سان مڙهيل، شاهي دسترخوان تان ملندا هئن. چٽڻين ۽ معطر شربتن جو ذڪر ئي ڪهڙو! برنس مير رستم خان کي هڪڙو پستول ٻڌڻ جو چمڙي جو پٽو، هڪڙي واچ ۽ هڪ دوربيني سوغاتن طور ڏنيون.

مير رستم خان وفد جي صدر کي 12 سؤ رپيا نقد، ٻه خنجر، ٻه طلائي تراريون ۽ سنڌ جي تيار ڪيل نفيس ڪپڙن جا ڪي ٿان تحفن طور ڏنا. برنس جي پوئينءَ موڪلاڻيءَ جو بندوبست نواب ولي محمد خان لغاريءَ بکر جي قلعي ۾ ڪيو، جتي نواب صاحب چار سؤ سوارن جي دستي سان پهتو هو. محفل قلعي اندر برپا ٿي، جتي مهمانن لاءِ ايراني غاليچا وڇايا ويا هئا. مهمانن کي پلنگن تي ويهاريو ويو ۽ ناچ ۽ راڳ سان سندن دل وندرائي ويئي. ايترين مروتن ۽ مهمان نوازين هوندي به فرنگي مڪار ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي، تنهن ۾ هنن ڏيکاريو ته:

”ٽالپر غير سنڌي ۽ ڌاريا آهن، سندن ظلم ڪري سنڌي رعايا تنگ آهي ۽ سنڌو ندي جهاز راني ڪرڻ لاءِ مفيد آهي!“ جولاءِ 1831ع ۾ وفد بهاولپور پهتو ۽ 18 جولاءِ تي برنس رنجيت سنگهه اڳيان تحفات پيش ڪيا، جنهن دوستيءَ جي لحاظ ڪري ظاهري طرح درٻار جي سک سردارن اڳيان تحفن جي تعريف ڪئي. ان ۾ شڪ ڪونهي ته انگلينڊ جا گهوڙا هن ملڪ ۾ هڪ جدا جنس هئا، مگر مهاراجا جي ڪڙهه ۾ بهترين گهوڙا هئا. رنجيت سنگهه گهوڙن جو بيحد شوقين هو. لاهور کان ٿيندو برنس سملي پهتو، جتان گهوڙن جي واپاريءَ جي ويس ۾ ڪابل کان ٿيندو بخارا پهتو. ڪابل ۾ قيام ڪرڻ وقت، هن امير دوست محمد خان سان به ملاقات ڪئي هئي.

انگريزن جو ٽالپرن سان چوٿون عهدنامو:

انگريزن کي هينئر بهانن جي ضرورت هئي. هو طرحين طرحين حيلن ۽ بهانن سان ميرن سان اڳرايون ڪرڻ لڳا، جيئن مير تنگ ٿي جنگ لاءِ آماده ٿين. اڳ بيان ڪري چڪا آهيون ته فتح علي شاه قاچار مير مراد علي خان کي ڌيءَ جو سنڱ ڏيڻو ڪيو هو، پر مير صاحب پيرسنيءَ ڪري منظور ڪونه ڪيو هو. جيتوڻيڪ اهو مسئلو اتي ئي ختم ٿي چڪو هو، پر برطانوي سفير مقيم طهران رپورٽ ۾ ڏيکاريو ته ٻن اسلامي حڪومتن کي پاڻ ۾ گڏائڻ ۾ روس جو اندروني هٿ ڪم ڪري رهيو آهي. مٿئين بهاني مان اها مراد هئي ته ميرن تي دٻاءُ وجهي، مهراڻ کي جهازرانيءَ لاءِ کليو رکجي. انگريز درياءَ جي ماپ وٺي چڪا هئا. برنس پنهنجي رپورٽ ۾ ڏيکاريو هو ته سنڌو جهازرانيءَ جي قابل آهي.

گورنر جنرل، دستور موجب، برطانوي سفير جي رپورٽ پهچڻ تي، وڌيڪ غور ڪرڻ کان سواءِ، ڀڄ جي ريزيڊنٽ کي لکيو ته، روس، ايران ۽ سنڌ کي مائٽيءَ جي لڙهه ۾ ڳنڍي، ايران کان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. حقيقت ۾ روسي ڀوت جو هندستانين کي خوف ڏيارڻ به 19 صديءَ جي انگريزي سياست جي ڄار جي هڪڙي ڪڙي هئي. ڊسمبر سنه 1831ع ۾ ڪرنل هينري پاٽنجر سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. هن دفعي فرنگي وفد ۾ چار سو ميمبر هئا، جن مان پي_ سي_ اسڪاٽ، ڊبليو پاٽنجر، جي_ مورس، اي_ پي_ ڊلهوسٽ (سرويئر) ۽ اي_ سنڪلر نائب سرجن مکيه ميمبر هئا. جنوري سنه 1832ع ۾ فرنگي وفد لکپت جي بندر تي پهتو. ميرن ايئن ڄاتو ته کوسا ڪڇ جي سرحد تي ڦريون ڪن ٿا، ان سبب ڪري فرنگي ٿرپارڪر کي جاچڻ اچن ٿا، مگر سندن خيال غلط هو. وفد جي ميمبرن رستي تي شاه ڪريم بلڙيءَ جي درگاه جو معائنو ڪري 18 ذي القعد 1147هه (20 اپريل 1832ع) تي حيدرآباد کان اڍائي ميلن جي مفاصلي تي ڪئمپ کوڙي.

28 جنوريءَ تي مقربان بارگاه مان محمد خان لغاري ۽ مير دوست علي خان ٽالپر، وفد جي ميمبرن کي عزت ۽ احترام سان درٻار ۾ وٺي آيا. ملاقات ويهن منٽن تائين هلي، پوءِ ميمبر موٽي ڪئمپ ۾ آيا. ميمبرن کي هر روز شاهي دسترخوان تان ڏيڍ سؤ مختلف قسمن جي طعامن جون رڪابيون ملنديون هيون، ان کان سواءِ قسمين قسمين ڪابلي ميون ۽ روح افزا شربتن سان سندن ضيافت ٿيڻ لڳي. فرنگي وفد ڪي جهالردار شمعدان، شيشي جو سامان، آئينا، واچون ۽ بندوقون سوکڙين طور پيش ڪيون، جن مان مير مراد علي خان کي مليل تحفن جي قيمت ست هزار رپيا هئي. مير صاحب واچن ۽ گهڙيالن وٺڻ تي اعتراض ڪيو، ڇاڪاڻ ته ننڍا مير انهن کي جلد ڀڃي ڇڏيندا هئا ۽ سندن مرمت ڪرائڻ تي بمبئي شهر ڏانهن موڪلڻ ۽ اتان گهرائڻ ۾ گهڻو خرچ لڳندو هو. مير نور محمد خان کي ساڍن پنجن سون جو سامان مليو هو. جملي 8037 رپين جا تحفا ميرن کي ميمبرن پيش ڪيا، جن مان جاتيءَ جي صوبيدار حيدر خان لغاريءَ کي 192 رپين ۽ نواب ولي محمد خان لغاريءَ کي پڻ 192 رپين جا تحفا مليا. معاهدن جي شرطن کي طئي ڪرڻ لاءِ درٻار پاران سيد آغا اسماعيل شاه، سيد ذوالفقار شاه، سيد زين العابدين شاه، احمد خان لغاري ۽ منشي چوئٿرام مقرر ٿيا. نيٺ معاهدي جا هيٺيان شرط مقرر ٿيا:

1_ ٻئي حڪومتون هڪٻئي کي حقارت جي نظر سان ڏسڻ بدران هڪ ٻئي جي بچاءَ لاءِ ذميوار رهنديون!

2_ برٽش سرڪار عرض ڪري ٿي ته ٽالپر مير هندستان جي واپارين کي سنڌ اندر سنڌو درياءَ تان مال آڻڻ ۽ نيئڻ جي اجازت ڏيندا، ڪوبه سوداگر پاڻ سان جنگي اسباب نه آڻيندو، نه وري ڪو جنگي جهاز درياءَ تان لنگهندو، ڪوبه انگريز واپاري سنڌ ۾ گهر جوڙي ڪونه ويهندو.

3_ جيڪڏهن ڪو ڌاريون سوداگر سنڌ جي حدن اندر داخل ٿيندو، ته پهريائين انگريزن کان اجازت وٺندو، انگريز اهڙي خبر حيدرآباد جي درٻار کي پهچائيندا ۽ مٿيون ڪم ڀڄ جي انگريزي ريزيڊنٽ جي نگرانيءَ هيٺ رهندو.

4_ ٻئي حڪومتون واپار جي شين متعلق محصول جو اگهه مقرر ڪنديون.

حيدرآباد ۾، انهن ڏينهن ۾ مير نور محمد خان جي پٽ مير شهداد خان جي پٽ جي شادي هئي. ان تقريب تي سهراباڻي سرڪار پاران مير مبارڪ علي خان آيو هو. هينري پاٽينجر کي برنس مهمان نوازيءَ جون جيڪي ڳالهيون لکيون هيون، سي پاٽنجر جي دل تي نقش هيون. مير رستم خان، پاٽنجر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪو شوق ظاهر نه ڪيو هو. تاهم پاٽنجر، مير مبارڪ علي خان اڳيان مير رستم خان سان ملاقات ڪرڻ جو شوق ظاهر ڪيو. ميرن کي اچي خوف جاڳيو ته متان فرنگي شڪارپور تي قبضو ڪن، ان ڪري وفد کي شڪي نظر سان ڏسڻ لڳا.

21 فيبروري تي پاٽنجر حيدرآباد کان روانو ٿيو ۽ 21 مارچ تي خيرپور پهتو. درٻارين مان فتح محمد غوري، گوهر علي خان، ديوان دلپتراءِ، ديوان لکميچند ۽ ٻين مدبرن وفد جو آڌرڀاءُ ڪيو. يارهين اپريل تائين وفد خيرپور ۾ رهيل هو. هر شام ناچ ۽ سرود جون محفلون برپا ٿينديون رهيون. پاٽنجر، مير رستم خان کي جملي 7670 رپين جون سوغاتون ڏنيون، جن ۾ شمعدان، بندوقون، پستول ۽ آئينا هئا. مير مبارڪ علي خان کي 777 رپين جو ۽ فتح محمد خان غوريءَ کي 300 رپين جو سامان ڏنائون ۽ اهڙيءَ طرح جملي 8747 رپين جون سوکڙيون خيرپوري ميرن ۽ سردارن کي مليون. وفد کي مير رستم خان ڪي قيمتي گهوڙا سونن سنجن سميت، پاکڙن سان اُٺ، شڪاري ڪتا، ڪشميري جا ٿان ۽ هڪ جوهردار ترار سوکڙين طور ڏنا. 16 اپريل سنه 1832ع تي، وفد خيرپور کان حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي ميرن جا بازدار پکين جو شڪار ڪندا وفد جي ميمبرن کي وندرائيندا هليا. يارهين مئي تي هي قافلو سلامتيءَ سان موٽي لکپت پهتو.

مير مراد علي خان جي وفات:

ياد رهي ته هن ڀيري شهداداڻي سرڪار، انگريزن سان جيڪو عهدنامو ڪيو هو، تنهن ۾ ماڻڪاڻي ۽ سهراباڻي به ٻڌل هئا. انگريزن کي خبر هئي ته هولڪر، مير ٺاري خان سان معاهدي ڪرڻ لاءِ پنهنجو ايلچي ڪيٽيءَ ڏانهن مڪو هو. ان کان سواءِ ٽينءَ مرهٽا ويڙهه وقت مرهٽن سردارن، ٽالپري حڪومت کان امداد گهرڻ لاءِ پنهنجا سفير مڪا هئا. سنه 1832ع ۾ نواب ولي محمد خان لغاري، جو مقربان خاص هو، تنهن وفات ڪئي. نواب صاحب، مير مراد علي خان جي نالي تي هڪڙو حڪمت جو ڪتاب لکيو هو. سندس پٽ احمد خان کوکرن جي سردار بهادر خان جي هڪڙي نچڻي لاهور ڏانهن ڀڄائي ويو هو. جنهن ڪري کوکرن ۾ عام ناراضپو پئجي ويو. نواب ولي محمد خان معزز ماڻهن کي ساڻ ڪري کوکرن جي راڄ کان معافي گهرڻ ويو ۽ پٽ جي خطا معاف ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ڌيءَ جي شادي کوکرن جي سردار سان ڪرايائين. 6 جمادي الثاني سنه 1249هه (1833ع) تي مير مراد علي خان ’اميرالدوله بهادر‘ وفات ڪئي، پٺيان چار پٽ مير نور محمد خان، مير محمد نصير خان، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان ڇڏي ويو. مير صاحب جي ڏينهن ۾ سنڌ آزاد ۽ آسودي هئي. سندس درٻار ۾ مڪي شريف، مسقط، ايران، لاهور ۽ جوڌپور ۽ ڪڇ جا ايلچي رهندا هئا.

 

 


 


(1) A. W. Hughes: Baluchsitan, PP. 190-191

(1) Kalichbeg Faridunbeg: History of Sindh, Vol. II, P. 210

(1) نوٽ: هندستان ۾ پنڊارين جو آغاز سنه 1689ع ۾، اورنگزيب جي پوئين زماني ۾ دکن مان ٿيو. پنڊاري ٺڳن جي ٽولين ٺاهڻ وارو پهريون شخص پونا پاءِ نالي هڪڙو مرهٽو هو. پوءِ افغان ۽ بلوچ به پنڊارين سان شامل ٿيا. پنڊارين جا پوئين زماني ۾ امير خان، جيتو ۽ واصل محمد اڳواڻ هئا.

(1) جارج فاريسٽر ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بنگال جي سول کاتي ۾ نوڪر هو، جتان فرار ٿي مسلمان واپاريءَ جو لباس ڍڪي، سنه 83_1782ع ۾ هماليه جي ترائيءَ واري رستي کان پنجاب جو سير ڪندو ڪابل پهتو. هو ٻين ملڪن جي سير ڪرڻ کان پوءِ انگلنڊ پهتو. سندس سفرنامو ٻن جلدن ۾ ڇپيو، جن مان ان زماني جي پنجاب جي پوري خبر پئجي سگهي ٿي.

(1) H. Pottinger: Travels in Baluchistan & Sindh, P. 402, London, 1816

(1) J. William Kaye: History of War in Afghanistan, Vol. I, P. 93

(1) B. D. Basu: Rise of the Christian Power in India, Vol. IV. P. 53

(2) J. William Kaye: History of War in Afghanistan, Vol. I, PP. 93-94.

(1) J. William Kaye: History of War in Afghanistan, Vol. PP. 93-94

نوٽ: ايلفنسٽن اڃا اٽڪ جو پتڻ مس ٽپيو هو، ته واٽ تي حسن ابدال وٽ شاه شجاع جي شاهي حرم جو قافلو کيس هندستان ڏانهن ويندي رستي تي گڏيو. سر جان مالڪوم جنهن وقت ايران پهتو هو، ان وقت فرينچ عملدار ايراني درٻار ۾ موجود هئا. بوناپارٽ جو هڪڙو جرنيل گارڊن، ايراني لشڪر کي قاعدا سيکاري رهيو هو، مگر روسي ۽ فرينچ معاهدو ڪارگر ثابت ٿي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته ستت روسين ايران تي ڪاهه ڪئي ۽ فرينچ ايرانين کي بچائي ڪونه سگهيا. ان وچ ۾ انگلينڊ پاران سر هارفورڊ جونس ايران ڏانهن سفير ٿي آيو. شاه ايران پنهنجين مجبورين کي ڏسي، انگريزن سان نئون عهدنامو ڪيو. جنهن موجب انگلينڊ ايران کي مدد ڏيڻ لاءِ انجام ڏنو.

(1) نوٽ: مشرقي ملڪن جي درٻار ۾ بادشاهه سان ملاقات ڪرڻ وقت ڪابل درٻار جو مثال ڏجي ٿو. جڏهن ڪو ڌارئي ملڪ جو ايلچي بادشاهه سان ملاقات ڪندو هو، تڏهن درٻار جا ٻه امير سفير کي ٻنهي طرفن کان ٻنهي ٻانهن کان جهلي تخت ڏانهن وٺي ويندا هئا. سفير جهڪي سلام ڪندو هو. وري امير کيس ٻانهن کان جهلي اڳتي وڌندا هئا. سفير جهڪي سلام ڪندو هو. وري امير کيس ٻانهن کان جهلي اڳتي وڌندا هئا. سفير ٻيهر جهڪي سلام ڪندو هو. پوءِ بادشاهه جي حڪم سان سفير کي خلعت ڍڪائيندا هئا. پوءِ ساڳيا درٻاري هن کي ٻانهن کان جهلي درٻار تائين وٺي ويندا هئا. جيڪڏهن بادشاهه سفير کان راضي ٿيندو هو ته کيس خلوتگاه ۾ شرف باريابي بخشيندو هو، نه ته ٻيءَ صورت ۾ سفير کي ويٺي ورهيه گذري ويندا هئا. کيس کاڌو بادشاهه پاران باقاعدي ملندو رهندو هو. مٿيون بيان ايلفنسٽن پنهنجي ڪابل جي سفرنامي ۾ ڏنو آهي.

(1) H. Pottinger: Travels in Baluchistan and Sindh. P. 371

(1) B. D. Basu: Rise of the Christian Power in India, Vol. V. P. 160.

(2) سنه 1695ع ۾ اوڙيسا جي هڪڙي افغان ڌاڙيل رحيم خان هوگليءَ کي لٽيو هو، جنهن ڪري بنگال جي مغل نواب، فرنگي واپارين کي سندن بچاءَ لاءِ قلعن تعمير ڪرائڻ جي اجازت ڏني هئي. جنهن بعد ڊچن چنشورا ۾، فرينچن چندر نگر ۾ ۽ انگريزن ڪلڪتي ۾ قلعا تعمير ڪرايا، جتي سندن گورنر رهندا هئا.

(3) هندستان اندر انگريزن فرينچن جو زور گهٽائي ڇڏيو هو، فقط ڪي فرينچ عملدار ڏيهي رياستن جي فوجن ۾ نوڪر بيهي، رياستن جي فوجن کي ولايتي نموني تي قاعدا سيکاريندا هئا. ان سبب ڪري انگريزن، ميرن سان ڪيل نئين معاهدي جي چوٿين فقري موجب فرينچن کي سنڌ کان ٻاهر رکڻ لاءِ شرط وڌو. ڊيوڊسن، ميرن سان جيڪو معاهدو ڪيو هو، تنهن ۾ فرينچن جو ذڪر ڏنل ڪونه هو، تنهن ڪري به انگريزن کي هن نئين معاهدي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي.

(1) هينري ايلس رپورٽ ۾ فرينچن جي ارادي ۽ ڪاهه متعلق جيڪو بيان ڏنو آهي، سو غلط آهي. ان ۾ شڪ ناهي ته بوناپارٽ جو جنرل گارڊ 1808ع ۾ توبخاني سميت تهران پهتو هو. ان وقت هندستان جي گورنر جنرل پاران برگيڊيئر جنرل سر جان مالڪوم، فتح علي شاه قاچار جي درٻار ۾ پهتو هو، مگر ساڳئي وقت روسين، ايران جي علائقي قفقاز تي ڪاهه ڪئي ۽ فرينچ، روسين جي قدم کي روڪي نه سگهيا، جنهن ڪري فتح علي شاه مجبور ٿي 12 مارچ 1809ع ۾ انگلينڊ جي سفير سر هار فورڊ جونس سان معاهدو ڪيو، جنهن ۾ ايران وعدو ڪيو ته ڪنهن به ٻي يورپي قوم کي ايراني بندرن تي اچڻ ڪونه ڏبو.

Augu Hamiltan: Problem of the Middle East, P. 69, London, 1909.

(1) Kalichbeg Furidunbeg: History of Sindh, Vol. II, PP. 231-214

(1) J. Malcolm: History of Persia, Vol. II, PP. 213-214.

(1) نوٽ: سنڌي علمائن مان ٽن ڄڻن کي انگريزي راڄ ۾ ’شمس العلماءَ‘ جو لقب مليو. پهريون عالم سيد پير شاه مردان هو، جنهن کي 1900ع ۾ ’شمس العلماءَ‘ جو خطاب مليو، ٻيو مرزا قليچ بيگ ولد مرزا فريدون بيگ کي 1905ع ۾ مٿيون خطاب مليو ۽ ٽيون علامه دائودپوٽو آهي، جنهن جو وجود مبارڪ سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهي.

(1) ڪوه نور هيرو، جو هينئر برطانيا جي شاهي تاج جي زينت آهي، سو مير جملي کي سنه 1656ع ۾ دکن جي ڪولر جي کاڻين مان هٿ لڳو هو. مٿيون کاڻيون ڪرشنا نديءَ تي مسلپيٽم ۽ گولڪنڊيءَ جي رستي تي آهن. سنه 1739ع ۾، نادر شاهه محمد شاهه کان ڪوه نور ڦري ايران ڏانهن کڻي ويو. سنه 1751ع ۾ اهو غازي احمد شاه جي هٿ چڙهي ويو، سنه 1839ع ۾ شاه شجاع کان رنجيت سنگهه ڦري ورتو. سنه 1849ع ۾ پنجاب فتح ٿيڻ کان پوءِ لارڊ لارينس ڪوه نور راڻي وڪٽوريا کي ڏنو. 1851ع ۾ ڪوه نور پهريون دفعو انگلينڊ جي هڪ نمائش ۾ پيش ڪيو ويو. 1852ع ۾ راڻي وڪٽوريا هيري کي ائمسٽرڊام جي هڪڙي ڪاريگر کان صاف ڪرايو. صفائيءَ تي اٺ هزار پائونڊ خرچ لڳو هو.

’تاريخ آگره‘ ۾ لکيل آهي ته جڏهن بابر دهلي ۽ آگرو فتح ڪيا، تڏهن آگري ۾ گواليار جي راجا وڪرما جيت جا ٻار ٻچا رهندا هئا، جن سان همايون فياضانه نموني ۾ پيش آيو، جنهن ڪري راڻيءَ خوش ٿي همايون کي ٻين هيرن سان گڏ ڪوه نور به ڏنو هو. ان وقت هيري جو وزن اٺ مشقال ۽ ٽي سؤ ويهه رتيون هو. ٽئورنير هڪڙي فرنگي واپاري اورنگزيب کي هيري جي قيمت 880،000 پائونڊ ٻڌائي هئي.

(1) B. D. Basu: Rise of The Christian Power in India, Vol. IV, PP. 93-100

(1) لارڊ ڪارنوالس به آمريڪا ۾ شڪست کائي هندستان جو گورنر جنرل ٿي آيو هو. هن پنهنجي گذريل بدناموسيءَ کي مٽائڻ لاءِ ٽيپو سلطان سان جنگ ڪئي هئي.

(2) Lord Minto in India, From 1807-1814, P. 62 London, 1880.

(3) B. D. Basu: Rise of Christian Power in India, Vol. IV. P. 93

(1) ڪرنل جان بيلي وڏو مڪار هو. سنه 1814ع ۾ هن نواب سعادت علي خان کي زهر ڏياريو. سندس اشاري تي لارڊ هيسٽنگس 1814ع ۾ ائوڌ جي نواب وزير غازي الدين حيدر کي ’بادشاه‘ جو قلب ڏنو. اڳ ائوڌ جا نواب ’وزير‘ سڏبا هئا. ان موقعي تي خوشيءَ ۾ نواب غازي الدين گهڻو خزانو ۽ جواهر لٽايا. مٿينءَ پاليسيءَ مان اها مراد هئي ته جيئن مغل شهنشاه جو وقار گهٽجي وڃي. تاريخ ادب اردو: راءِ بابو سڪسينا، ذڪر نواب غازي الدين حيدر. آب حيات: مولانا محمد حسين آزاد، ذڪر مير انشاءَ.

جنرل آڪٽولوني ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي، سول ۽ فوجي کاتن ۾ پنجاهه ورهين تائين نوڪري ڪئي هئي، مگر بدقمستيءَ سان پهرين برما ويڙهه وقت لارڊ ائمهرسٽ جي ڏينهن ۾ هن اڳرائي ڪري ڀرتپور سان جنگ ڇيڙي، جنهن تي لارڊ ائمهرسٿ مٿس ناراض ٿي، کانئس استعفيٰ لاءِ گهر ڪئي، 1825ع ۾ هن استعفيٰ ڏني.

(1) ڪرنل جيمس ٽاڊ 17 ورهين جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. وڏو چالاڪ هو. سنه 1815ع ۾ هن وچ هندستان ۽ راجپوتانا جو نقشو تيار ڪيو ۽ 1823ع تائين راجپوتانا ايجنسيءَ مٿان ريزيڊنٽ ٿي رهيو. هن راجسٿان جي تاريخ جا ٻه ضخيم جلد تيار ڪيا. ملازمت کان پوءِ پنهنجي وطن اسڪاٽلينڊ ڏانهن ويو، جتي 1835ع ۾ مئو. هي پهريون انگريز عملدار هو، جنهن سنڌ جي تحقيقات به ڪرائي هئي.

(1) ميواڙ ۽ مارواڙ جي جنگ جو سبب هن ريت هو ته اڌيپور جي راجا ڀيم سنگهه جي ڌيءُ ڪشن ڪماري نهايت حسين هئي، جا جوڌپور جي راجا ڀيم سنگهه سان مڱيل هئي. سنه 1804ع ۾ جوڌپور جي راجا جي بيوقتي موت ڪري مان سنگهه جوڌپور جي گاديءَ تي ويٺو، هو ڪشن ڪماريءَ جي ٻانهن لاءِ گهر ڪرڻ لڳو، مگر اڌيپور جي راجا پنهنجي ڌيءَ جي شادي جئپور جي راجا جڳت سنگهه سان ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. ان سبب ڪري راجپوت رياستن جي پاڻ ۾ جنگ لڳي. نتيجو هن ريت نڪتو جو امير خان پٺاڻ جي چوڻ تي اڌيپور جي راجا پنهنجي 16 سالن جي معصوم حسين ڌيءَ کي بي گناهه زهر ڏياري ماري ڇڏيو. ان حادثي کان پوءِ راجپوتانا جون رياستون انگريزن جي غلاميءَ هيٺ اچي ويون. ڏسو وقائع راجسٿان: مولوي نجم الغني جلد_’1، ص_ 206_207.

(2) J. Tod: The Annals & Antiquities of Rajasthan, Vol. II, PP. 729-737.

(1) J. Malcolm: A Memoir of Central India, Vol. I, P. 315 London, 1832.

J.C. Marshan: A bridgement of The History of India, P. 335.

(1) H.H. Wilson: History of British India, Vol. II, Chp. XI, PP. 315-316

(1) J. Burnes Dr: A Narrative of A Visit of the Court of Sind, P. 194

(1) بلاري ڪڇ جي رڻ جي سرحد تي سنڌ جي حد اندر قلعو هو. مانڊوي ۽ ڀڄ کان جيڪو رستو ونگي ڏانهن ويندو هو، سو بلاريءَ وٽان لنگهندو هو. (ڏسو ليفٽيننٽ جنرل سر جان ڪين جو سنڌ جو نقشو)، ابن حوقل جي نقشي ۾ پڻ ڏيکاريل آهي. اڳ سنڌ جو بندر هو، جڏهن ڪڇ جو رڻ سمنڊ هو.

(2) H. H. Wilson: History of India, Vol. II, Chp. V, PP. 123-124

(1) ڊاڪٽر جيمس برنس ۽ سندس ڀاءُ اليگزينڊر برنس ٻئي اسڪاٽلينڊ جا رهاڪو هئا. ڊاڪٽر جيمس برنس جو سفرنامو سنه 1831ع ۾ ايڊنبرا مان شايع ٿيو. ان مان ان زماني جي حيدرآباد درٻار ۽ ميرن جو حال معلوم ٿي سگهي ٿو.

(1) بمبئي جو گورنر مائونٽ اسٽيورٽ ايلفنسٽن، ڪمپنيءَ جو تجربيڪار عملدار هو. ديسي زبانن کان واقف هئڻ ڪري، لارڊ ويلزلي کي گهڻو پسند هو. هو پهريائين پوني درٻار جي انگريزي ريزيڊنٽ ڪرنل ڪلوز جو نائب مقرر ٿيو. وري جڏهن ڪرنل لوز دکن جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، تڏهن ايلفنسٽن پوني ۾ پيشوا باجي راءِ جي درٻار ۾ ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، سنه 1803ع ۾ هو ڪابل ڏانهن ايلچي ٿي ويو. 1819ع کان 1827ع تائين، هو بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. سندس چوڻ هو ته ’انگريز سياستدانن لاءِ سنڌ هڪڙي دلچسپ مشغولي آهي.‘ سندس ڪابل جو سفرنامو ۽ هندستان جي تاريخ جا ٻه جلد مشهور آهن.

(1) امير خان پٺاڻ جو ڏاڏو طالع خان اصل نبير جو افغان هو ۽ مغل شهنشاه محمد شاه جي ڏينهن ۾ رامپور جي روهيلي نواب علي محمد خان جي سپهه سالار ڊونڊي خان وٽ اچي نوڪر بيٺو هو. جڏهن محمد شاه جي لشڪر رامپور تي ڪاهه ڪئي، تڏهن طالع خان جان بچائي سنڀل پهتو، جتي هن وفات ڪئي. سندن پٽ محمد حيات خان ڊونڊي خان وٽ نوڪر بيٺو. ڊونڊي خان جي مرڻ کان پوءِ، محمد حيات خان زمينداري پيشو اختيار ڪيو ۽ 1764ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس پٽ امير خان پهريائين نواب غلام قادر روهيلي وٽ نوڪر بيٺو، جتان ترقي ڪري 1806ع ۾ جستونتراءِ هولڪر جو سپهه سالار ٿيو. مرهٽن جي شڪست کان پوءِ سنه 1817ع ۾ هن انگريزن جي آڻ مڃي، جن کيس گذران لاءِ ٽونڪ جي رياست ڏني. سنه 1150هه (1834ع) ۾ وفات ڪيائين.

وقائع راجسٿان: جلد_2، ذڪر ٽونڪ.

(2) جوڌپور جي راجا سنه 1807ع ۾ عمرڪوٽ تي قبضو ڪيو هو ۽ سنه 1817ع ۾ ٽالپرن مٿس قبضو ڪيو. سنه 1835ع ۾ جوڌپور جي راجا عمرڪوٽ تي قبضي ڪرڻ لاءِ انگريزن سان عهدنامو ڪيو، جنهن موجب انگريزي فوج پاڻ وٽ رکڻ جي عيوض هن هڪ لک پندرهن هزار رپيا انگريزن کي ڏيڻا ڪيا. ساڳيءَ طرح جيسلمير جي راول گج سنگهه به انگريزن سان عهدنامي ڪرڻ وقت شاه ڳڙه، گرسيا ۽ ڪوٽڙه جي قلعن لاءِ گهر ڪئي هئي، جيڪي سهراباڻي سرڪار جيسلمير کان کٽيا هئا، هن شرط موجب راول، انگريزن سان وعدو ڪيو هو ته جڏهن انگريز سنڌ تي ڪاهه ڪندا، تڏهن رياست کين اُٺن جي مدد ڪندي.

(1) نواب منصور علي خان شڪارپور جو پنجٽيهون افغان نائب هو. شڪارپور شهر کي انهن ڏينهن ۾ عالم پناه ڏنل هئي، جنهن کي اَٺ دروازا هئا: (1) لکي، (2) هزاري، (3) هاٿي، (4) خانپوري، (5) ڪرن، (6) واڳڻو، (7) سيوي ۽ (8) نوشهرو. دروازن جون چاٻيون نوابن وٽ رهنديون هيون.

Selections From Records of Bombay Govt. No. XVII, Shikarpur.

(1) J. W. Kaye: Selections From the Papers of Lord Metcalfe (1819-1820), PP. 46-48.

(1) Ludlow. J. Malcolm: History of British India, Amberst London, 1859.

نوٽ: نواب آصف الدوله جي وفات کان پوءِ وزير علي ۽ سعادت علي خان تخت هٿ ڪرڻ لاءِ ڪشمڪش کي لڳي ويا. نواب سعادت علي خان انگريزن جي مدد سان گادي هٿ ڪئي، پر اڌ ملڪ انگريزن جي حوالي ڪيائين. پوءِ لنڊن تائين درخواستون ڪرڻ لڳو، انگريزن کانئس 17 ڪروڙن رپين لاءِ گهر ڪئي. وري جڏهن نواب رقم گڏ ڪئي ته ريزيڊنٽ کيس زهر ڏياري مارائي ڇڏيو. هي واقعو 1814ع ۾ ٿيو.

(1) R. Hughes-Buller: Makran, "Currency".

(1) نوٽ: سر جام مالڪوم ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوجن ۾ ميجر هو. پوءِ گورنر جنرل پاران وچ هندستان جي رياستن ۾ ايجنٽ ٿي رهيو. پارسي زبان جو اديب هو، تنهن ڪري ايران ڏانهن گورنر جنرل پاران سفير ٿي ويو. سنه 1827ع ۾ ايلفنسٽن جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ بمبئي جو گورنر مقرر ٿيو. سنه 1830ع ۾ رٽائر ٿي ولايت ڏانهن ويو. سندس ’تاريخ ايران‘ ايلفنسٽن جي ’تاريخ هند‘ وانگر مشهور آهي.

(1) Pre Mutiny Records of The Commissioners in Sind, "Sindh Mission".

(2) ماڻڪاڻي ميرن جو شاهي قبرستان چٽوڙي ۾ آهي، جو مير پورخاص کان 16 ميل اتر طرف آهي.

(1) نوٽ: سيد احمد بريلوي 19 صديءَ جو هندستان جو مجاهد، سيد مير قطب الدين شيخ عبدالقادر جيلانيءَ رحه جي ڀاڻيجي جي اولاد مان هو. امير قطب الدين، ناصرالدين قباچه جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيو هو ۽ ڪڙه مانڪپور فتح ڪري اتي وفات ڪئي هئائين. سيد احمد سنه 1786ع ۾ بريلي ۾ تولد ٿيو، پوءِ امير خان پٺاڻ جي فوجن ۾ ننڍو عملدار مقرر ٿيو. اتان ملازمت ڦٽي ڪري، شاه عبدالعزيز جو مريد ٿيو. سنه 1822ع ۾ ڪلڪتي کان حج بيت الله ۽ زيارت ڪرڻ لاءِ مڪي پهتو، جتي مشهور عبدالوهاب نجديءَ جي وهابي تحريڪ کان واقف ٿيو. وري جڏهن شاه عبدالعزيز ۽ شاهه عبدالحي پنهنجي فتوائن ۾ هندستان کي ’دارالحرب‘ ظاهر ڪيو، تڏهن سيد احمد بريلويءَ ۽ شاه اسماعيل شهيد گڏجي جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو. سندن مقصد هو ته سر زمين هندستان مان سکن ۽ انگريزن کي تڙي خلافت رشده جي بنياد تي خيبر کان وٺي هندستان جي ڇيڙي بنگال تائين اسلامي حڪومت قائم ڪجي.

سيد احمد ۽ شاه اسماعيل وانگر نثار علي چاندپوريءَ بنگال ۾ انگريزن خلاف جهاد شروع ڪيو. نثار علي سنه 1831ع ۾ انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿيو. انگريز سيد احمد ۽ سندس ساٿين کي چند مولوين جي مدد سان وهابي مشهور ڪري، پروپئگنڊا جي ذريعي بدنام ڪرڻ لڳا، جيئن پهرينءَ عالمگير جنگ جي موقعي تي هنن شريف مڪي جي فائدي ۾ ترڪن خلاف مولوين کان فتوائون حاصل ڪيون هيون. اسلام جي ديني تفوق کي مٽائڻ لاءِ مسيحي مبلغ هرڪا ڪوشش وٺڻ لڳا هئا.

Aspects of Shah Ismail Shaheed, PP. 63-84, Lahor, 1943.

(1) سنه 1831ع ۾ هندستان جي ڪمانڊر انچيف سر جئسپر نڪولس لنڊن جي دارالعلوم جي چونڊ ڪاميٽيءَ اڳيان هندستان جي ديسي سپاهين جي تعريف ڪندي تقرير ۾ ڄاڻايو هو ته هندستاني سپاهي وفادار هئڻ ڪري هر وقت انگريزي عملدارن جي حڪم مڃڻ لاءِ منتظر رهن ٿا. ڪمانڊر انچيف ميمبرن کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته ديسي پنج سؤ سپاهي هڪ هزار انگريزي سولجرن جي مٽ آهن، ڇاڪاڻ ته اهي وڌيڪ جفاڪش ۽ بيحد محنتي آهن.

J. W. Kaye: History of Sepoy War, Voll. I, P. 268, London, 1870.

(1) Journal of the Asiatic Society Bengal, May 1836, P. 33, Calcutta.

(1) J. C. Marsham: A bridgement of the History of India. P. 356

(2) تمدن عرب: ڊاڪٽر گستاؤلي بان، ص_ 190، ذڪر روضه تاج محل.

نوٽ: انگريزي ريزيڊنٽ جي لچائين ۽ گورنر جنرلن جي ناانصافين کان تنگ ٿي، دهليءَ جي شهنشاه راجا رام موهن راءِ کي پنهنجي طرفان وڪيل ڪري لنڊن ڏانهن روانو ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته انگريزن  شهنشاه جو وظيفو گهٽائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري سندن گذران تنگ هو. اهڙيءَ طرح ائوڌ جي نوابن، ريزيڊنٽن جي بدمعاشين ۽ سازشن کان تنگ ٿي، ڊوبوئس نالي هڪڙي فرينچ کي پنهنجو وڪيل ڪري لنڊن ڏانهن مڪو هو. انهن انگريز ريزيڊنٽن پيشوا کي به تنگ ۽ بدنام ڪيو هو. ميواڙ ۽ مارواڙ جي راجائن جي نااتفاقيءَ مان فائدو وٺي انگريزن سانڀر جي مشهور ڍنڍ تي قبضو ڄمائي ورتو. انگريز ريزيڊنٽ سڌا سنوان گورنمينٽ جي سيڪريٽريءَ جي ماتحت هئا. کين رياستن جي اندروني معاملن ۾ دخل ڏيڻ لاءِ هدايتون مليل هيون. حڪومت جاچ ڪرڻ کان سواءِ سندن رپورٽن کي وزن ڏيندي هئي. نوابن ۽ راجائن کان سواءِ زميندار ۽ هاري به انگريزي حڪومت کان تنگ هئا. 1857ع واري بلوي جا اهي مکيه سبب هئا.

J.C. Catton: Rulers of India, "M. Elphinstone" PP. 167-170

(1) Moorecraft: Travels in the Punjab, Kashmir, etc. Vol. II, P. 338, London, 1851

(1) Burnes Alexander: Travels into Bokhara. Vol. I, P. 4, London, 1834.

(1) اليگزينڊر برنس، ڊاڪٽر جيمس برنس جو ڀاءُ، پهريائين هندستان جي ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي دفتر ۾ ڪم ڪري چڪو هو، لاهور وڃڻ کان اڳ ڪڇ جي ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر جو نائب هو. هندستان اچڻ کان پوءِ سندس اها مرضي هئي ته ڪو اهڙو ڪارنامو ڪجي، جيئن هندستان جي تاريخ ۾ سندس نالو يادگار رهي. هن 1828ع ۾ لارڊ وليم بينٽڪ کي سنڌو نديءَ جي ماپ وٺڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي. مگر اها رد ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته ان وقت انگريزن وٽ ڪو بهانو ڪونه هو. هينئر بمبئي گورنر جي سيڪريٽريءَ وٽان کيس لاهور وڃڻ لاءِ خفيه خط پهتو هو، جو هن خوشيءَ سان قبول ڪيو هو. لاهور پهچڻ کان پوءِ گورنر جنرل جي حڪم سان هن گهوڙن جي واپاريءَ جي لباس ۾ ڪابل، بخارا ۽ تاتار تائين سياحت ڪئي هئي. سندس سفرنامو ٽن جلدن ۾ سنه 1834ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. هو پهرين افغان ويڙهه ۾ ڪابل هٿ ڪرڻ کان پوءِ انگريزي سفير مئڪناٽن جو نائب ٿي رهيو، جتي نيٺ پٺاڻن هٿان مارجي ويو.

J. W. Kaye: Lives of Indian Officers, Vol. II, PP. 224-227, London, 1851

(2) منشي موهن لعل ڪشميري انگريزن جو ڇاڙتو پارسي زبان دهليءَ ۾ سکيو هو. هن پنجاب، ڪابل، بلخ، هرات، ترڪستان، بخارا، جرمني ۽ انگلينڊ تائين سياحت ڪئي هئي. سندس سفرنامو 1846ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. سندس تصنيفات مان امير دوست محمد خان جي سوانح عمري مشهور آهي. هو ڪابل جي پهرينءَ ويڙهه وقت، انگريزي سفير مئڪناٽن جو مير منشي هو. تازو ڊاڪٽر هريرام گپتا، موهن لعل جي سوانح عمري لکي، لاهور مان شايع ڪرائي آهي.

(1) ڏسو جيمس برنس جو سفرنامو، جلد_ 2، ص_ 25.

E. Thornton: History of British India, Vol. II, P. 267, London, 1845.

(2) C. Masson: Narratiuvse of Various Journeys in Baluchistan, Afghanistan & the Punjab (1826 to 1838), Vol. II, P. 9, London, 1842.

(1) J. W. Kaye: Lives of Indian Officers, Vol. II, P. 228

H.T. Prinsips: The Origin of the Sikh Power in the Punjab, P. 156 Calcutta, 1831.

(1) History of Alienations of the Province of Sind, Vol. II, PP. 139-148.

(1) فتح محمد خان غوري خيرپور  جو وڏو وزير غوري خاندان مان هو. سندن پيءُ معلم هو. فتح محمد طالب علميءَ جي زماني ۾ وطن ڇڏي علم حاصل ڪرڻ جي لحاظ سان اچ شريف پهتو، جتي جي درگاه جو مريد ٿيو. پوءِ نواب بهاول خان دائودپوٽي وٽ نوڪر بيٺو، جتي ترقي ڪندي سپه سالاريءَ جي عهدي کي پهتو. سبزل ڪوٽ واريءَ جنگ ۾ هن طاهر خدمتگار کان شڪست کاڌي. نواب سعادت خان جي ڏينهن ۾ وزارت جي عهدي کي پهتو. پوءِ ڪنهن ڳالهه تان اتان نوڪري ڇڏي، ملتان جي نواب مظفر خان وٽ نوڪر بيٺو. ملتان تي خالصن جي قبضي ٿيڻ کان پوءِ هو ديري غازي خان رستي خيرپور پهتو ۽ مير سهراب خان جو وزير مقر رٿيو. عبرت ڪده سنڌ، سيد محمد ضامن ڪنتوري، ص_ 257_259، مطبع شمسي، حيدرآباد دکن، 1903ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org