سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحفة الڪرام

ڀاڱو پهريون

صفحو ؛ 6

 

]باب نائون[

ترخان گهراڻو

جيئن پهرئين جـُـلد ۾ بيان ٿيل آهي، حـضرت صاحبقران امير تيمور 18 سالن جي ڄمار ۾ هڪ دفعي شڪار ڪندي رستو ڀـُـلجي ويو. سخت سيارو ۽ اونداهي رات هئي، جنهن ڪري همراهن سميت مرڻ لاءِ تيار ٿيو، ته اوچتو ٻه ٽي ڪارا گهر ڏسڻ ۾ آينِ. جڏهن ويجهو پهتا ۽ ڏئن جي روشنائيءَ ذريعي تنبن جي درن وٽ آيا، تڏهن اهي ماڻهو کين چور سمجهي، وڙهڻ لاءِ ٻاهر نڪتا، پر نيٺ سڃاڻي گهر ۾ اندر وٺي ويا ۽ زمين تي وهاري، باهه ٻاري، پنهنجي طاقت کان مٿي خدمت ڪري کين راضي ڪيائون. صاحبقران 34 ورهين جي عمر ۾ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، ته وهڻ سان انهن ماڻهن کي گهرائي، مٿن ڏاڍيون نوازشون ڪري، کين  ”تَـرخان“  يعني  ’نوڪريءَ کان معافي ڏنل‘  جو خطاب ڏنائين. ترخان قوم انهن جي اولاد آهي. ڪن جو چوڻ آهي، ته سندس وڏا ڪنهن لڙائيءَ ۾ رتو رت ٿي آيا هئا، تنهن ڪري انهن کي  ”ترخون“ (1) لقب مليو، جو رفتي رفتي  ”ترخان“  ٿي پيو.

مرزا عيسيٰ ترخان

”مرزا عيسيٰ“ ولد مرزا محمد بن مرزا عبدالعلي ترخان پهرين جمادي الاول 962 هجريءَ تي حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هن سپاهين خواهه رعيت کي سهڻي نموني سان راضي رکيو. ڪيبڪ، فرخ ۽ تيمور جهڙا ارغوني امير، باوجوديڪ پاڻ کيس حڪومت لاءِ چونڊيو هئائون، اڪثر شراب پي نشي جي حالت ۾ سندس حويليءَ تي ڪاهي ايندا هئا، ۽ رڪيب مان پير سندس گلم تي اچي ڪڍندا هئا. اهڙو ڪو به ڏينهن ڪونه گذرندو هو، جنهن ۾ هن جي دروازي کي نيزن ۽ ڪهاڙين سان ڪٽي، مرزا (شاه حسن) جي ڇڏيل خزاني مان حـصو نه گهرندا هئا، مگر هو دانائيءَ سان همدردي ڪري کين چوندو هو، ته ”خزانو توهان جي ملڪيت آهي، پر اسان ڌارئي ملڪ ۾ آهيون ۽ ]اسان کي[ خزانو ضرور گهرجي، جو ڏکئي وقت ڪم اچي: جيڪڏهن توهان کڻي ويندا، ته شراب ۽ معشوقن تي صرف ڪري ڇڏيندا“. ]هوڏانهن[ حڪم ڪندو هو، ته هر هڪ ارغون جنهن محلي ۾ رهندو هو، انهيءَ محلي مان کيس سڏ ٿيندو هو، انهيءَ حيلي سان پاڻ کي انهن جي شر کان بچائيندو ايندو هو. نيٺ هوريان هوريان سندس پٽن: مرزا محمد باقي، مرزا محمد صالح، جان بابا ۽ غالب(1). ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ هر هڪ ملا بهبود، شبرنگ خان(2)، ملا صالح، فتح خان ۽ ٻين ڪمائتن ماڻهن جي سرداريءَ هيٺ اهڙو، ته منظم ۽ تيار ٿيو، جو ارغون ]خود[ ريسون ]65[ ڪرڻ لڳا. هاڻي مرزا پنهنجي حويليءَ جي چوڌاري هڪ ننڍڙو قلعو اڏايو ۽ پٽن کي پنهنجي ڀرسان رهايائين. نيٺ سندس پٽن ميان محمد باقي ۽ محمد صالح ۾ مخالفت پيدا ٿي پئي. مرزا صالح وڏو بهادر هو ۽ مريد ڪوڪہ بن مراد ڪوڪہ وغيره جهڙا مرزا ڪامران جا ڪوڪا ]وٽس رهندا هئا[، تنهن ڪري نهايت شان شوڪت پيدا ڪري، پيءُ کي بيدخل بنائي وهاري ڇڏيو هئائين. هن مرزا باقيءَ کي جلا وطن کري ڪڇ ڏانهن ڪڍي ڇڏيو. هوڏانهن مرز جان باب، سميجن جي جهنگ ۾ ڀٽڪندو رهيو. مرزا باقي ناواقفيت سببان ڪڇ ۾ پهريائين ڏاڍيون تڪليفون ڏٺيون.

نقل - مير طاهر، مرزا مظفر ولد مرزا محمد باقي ترخان جي واتان نقل ڪيو آهي، ته ڪجهه بکن ڪڍڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن مرزا ساٿين کي چيو، ته ”سخت بک لڳي اٿم، ڪا شيءَ پيدا ڪريو“. سنگتين کي ڪا به شيءَ هٿ ڪانه لڳي، مگر قاضي خميسو ٿورا ڪتي جا اوباريل ڪچا چانور کڻي آيو، جن تي مٿان ڪتي قيءِ پڻ ڪئي هئي. مرزا فرمايو، ته ”ڳالهه نه ڪر، هڪدم ڌوئي وڃي پچاءِ ته ڪم اچن“. پچائڻ کان پوءِ پهريائين پاڻ کاڌائين. ٿوري وقت کان پوءِ سندس ساٿين ٻڪري چورائي ڪباب ڪئي، ٻڪريءَ جي مالڪ پتو ڪڍي، کين چورن وانگيان پڪڙي، وڃي راڻي کنگهار وٽ حاضر ڪيو. ڇاڪاڻ ته سڀڪنهن ڏک کان پوءِ سک آهي، سو هن ذريعي سان راڻو کنگهار سندس واقف ٿي پرداخت ڪرڻ لڳو. صاحب سمي نالي ]هڪ[ جاڙيجي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ کيس ڏنو، جنهن مان مرزا مظفر پيدا ٿيو.

مرزا محمد باقيءَ جي مرزا محمد صالح سان جنگ

ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن مرزا محمد باقي ڪڇ ۾ ]رهي[، لشڪر تيار ڪيو ۽ صاحب سمي پڻ سندس مدد ۾ هڪ راجپوتن جو لشڪر سنباهيو، تڏهن هو ]اتان روانو ٿي[ اچي  ’بدين‘  جي پاسي پهتو. مرزا صالح، مغلن، ٺٽي ۽ ٻين راڄن جو لشڪر پاڻ سان وٺي، کيس سامهون ٿيو. ٻه ٽي ڏينهن لشڪر جي مقدمن ۾ ڪجهه جهڙپون ٿيون ۽ آخرڪار جنگ جون صفون ٻڌيون. راجپوت گهڻوئي سر ڏيڻ جو فيصلو ڪري، بهادري ڏيکاري، گهوڙن تان لهي چادرون هڪ ٻئي سان ٻڌي، ]ميدان ۾[ ثابت قدم رهيا، پر مغلن تيرن ۽ تفنگن سان مٿن زمين تنگ ڪري، کين ڀڄائي ڪڍيو، ۽ هو جنهن واٽ کان آيا هئا، انهي ئي واٽ سان واپس ويا. مرزا صالح سوڀارو ٿي، ٺٽي موٽي آيو. مرزا باقي زال ۽ ٻار ٻچا ڪڇ موڪلي، پاڻ بکر وڃي سلطان محمود کان مدد گهري. سلطان محمود چيس، ته ”اسان ۽ مرزا عيسيٰ جو هڪ ٻئي تي ڪاهه نه ڪرڻ جو عهدنامو آهي. تون هت رهي پؤ ۽ ڏس ته غيب جي پردي مان ڇا ٿو ظاهر ٿئي؟“. هوڏانهن سلطان محمود خان، مرزا صالح سان صلاحڪار ٿي، مرزا باقيءَ کي قيد ڪري هندستان موڪلڻ ٿي گهريو(1). ايتري ۾ انهيءَ دربدر ٿيندڙ لاءِ هڪ غيبي لطيفو ظاهر ٿي پيو.

نقل - چون ٿا، ته مرزا باقيءَ جي همراهن مان هڪ هندو، شام جي وقت، روهڙيءَ جي ٻاهران دريا جي ڪناري تان ٿي ويو، ته هڪڙيون ٻه مهاڻيون ڏائڻيون قضا حاجت لاءِ ويٺل ڏٺائين. انهن مان هڪڙيءَ ٻيءَ کي چيو، ته ”سلطان محمود خان، مرزا باقيءَ کي ٻـَـڌي، اڪبر بادشاهه ڏانهن موڪلڻ گهري ٿو، مگر تقدير ۾ هن جو اوڏانهن وڃڻ لکيل ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪالهه ٻپهريءَ وقت مريد نالي هڪ بلوچ، مرزا صالح کي ڪاتي هڻي ڪڍي آهي: ٽن ڏينهن کان پوءِ هن جو رت ڀريل چولو اچي مرزا باقيءَ کي ملندو.“  اتفاقاً کيس (مرزا باقيءَ کي) به مرزا صالح جي موت جي خبر ساڳئي انهيءَ نموني تي ملي.

ڳالهه ٿا ڪن، ته مريد بلوچ پنهنجن مائٽن ۽ پيءُ، جن کي مرزا صالح قيد ڪري ڪـُـٺو هو، جي وير وٺڻ لاءِ دم هنيو هو، ته ”جيستائين پيءُ جو وير نه وٺندس، تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندس.“  انهيءَ ارادي سان ڪاتي هٿ ۾ کڻي شهر ۾ آيو ۽ چرين وانگيان گهٽين ۽ سيرن ۾ ڦرندو چوندو ٿي رهيو، ته ”هان! ڪاتي! تو ۾ ڪم اٿم، ڪندينءَ يا نه؟ هان، اي دل، دلير ٿيءُ!“ ٻارن کيس چريو سمجهي سندس پويان اهي حرف وري وري ٿي چيا ۽ ننڍن خواهه وڏن انهيءَ کي بڪوات ٿي سمجهيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن ]جڏهن[ مرزا صالح سوار ٿي پنهنجي محلات ڏانهن وڃي رهيو هو، تڏهن هيءَ ڪاتي ڪاغذ ۾ ويڙهي، فريادين وانگيان ”فرياد! فرياد!“ ڪندو، سندس اڳيان آيو. خدمتگار گهڻوئي ڪاغذ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا، پر هن چيو، ته ”آءٌ پاڻ ڏيندس، زباني احوال پڻ عرض ڪندس.“ جنهن تي مرزا کيس پاڻ وٽ سڏايو. هو پهچندو ويو، ۽ ڪاتي سندس پيٽ ۾ ٽنبيندو ويو. آخر کيس (مرزا صالح کي) اتي جو اتي ٺاري ڇڏيائين. پوءِ ته هن (مريد خان) کي به ذرا ذرا ڪري ڇڏيائون.

قصو ڪوتاهه، مرزا محمد باقيءَ جي ڀيڻ، جا هميشہ پيءُ ۽ ڀاءُ کان چوريءَ، پيسا، انهن دٻن ۾، جيڪي هندو تيل خريد ڪرڻ لاءِ انهيءَ پاسي موڪليندا هئا، وجهي موڪليندي رهندي هئي، تنهن رت ڀريل پيراهن پڻ ڀاءُ کي پهچايو. هاڻي مرزا عيسيٰ، سلطان محمود خان کي، هن (مرزا باقي) جي ٺٽي موڪلڻ لاءِ لکيو ۽ هن جي ٺٽي پهچڻ تي مرزا عيسيٰ کيس پنهنجو ولي عهد بنائي، پوين ڏينهن ۾ سلطان محمود خان کان هن جي لاءِ نئون عهدنامو وٺڻ گهريو.

فرنگين جي قتل عام جي حقيقت

جڏهن مرزا عيسيٰ اهو ارادو رکي ٺٽي کان نڪتو، تڏهن سلطان محمود خان اچي پنهنجي ڳڻتيءَ ۾ پيو، ته متان هن اچڻ ۾ مرزا عيسيٰ جو ڪو ٻيو مقصد هجي. در حقيقت مرزا عيسيٰ جو اندروني مقصد درٻيلي پرڳڻي کي پڻ سيوستان ۾ داخل ڪرڻ جو هو. هو سيوستان کان اڳتي وڌيو، ته سلطان محمود خان تدارڪ جو ويچار ڪري، سامهون ٿيڻ لاءِ ڊوڙيو. ايتري ۾ فرنگي  ’گوا‘  بندر کان  ’لاهري‘  بندر تي آيا. ملڪ کي مالڪ کان خالي ڏسي، شهر ۾ گهڙي پيا ۽ جمعي جي ڏينهن نماز وقت جامع مسجد فرخ ۽ ٻين جاين تي ڏاڍي خونريزي ڪيائون. بازار امير بيگ ۽ جامع فرخ جي ڀر وارو شهيدن جو گنج خواه ٻين متفرق جاين تي جيڪي شهيدن جون مزارون آهن، سي انهيءَ واقعي جون ]نشانيون[ آهن. مرزا عيسيٰ هيءَ خبر ٻڌي ملڪ جون حدون محمود خان جي حوالي ڪري، ٺٽي روانو ٿيو(1). ڪي چون ٿا، ته فرنگين کي هن پاڻ واهر لاءِ گهرايو هو ۽ هنن هتي پهچي، کيس نه ڏسي ائين ڪيو هو.

بهرحال فرنگي، مرزا عيسيٰ جي اچڻ جو ٻڌي، ٺٽي جي شهر کي ڦري، گهٽين ۽ سيرن ۾ بارود وجهي باهه ڏيئي، بچي نڪري ويا. مرزا عيسيٰ اچي پنهنجي حويليءَ واري قلعي کي وڌيڪ محڪم ڪيو ۽ شهر جي چوڌاري شهر پناهه ٺهرائي. جنهن صورت ۾ لاهري بندر واري کاريءَ کان لاهري بندر جي دِڪي تائين، کاريءَ مان نڪرندڙ  ’نارقي‘  واهه(1) ڪشادو ۽ اونهو هو، جنهن مان وڏا ٻيڙا کاريءَ کان دڪي تائين بيڌڙڪ پهچي سگهيا ٿي، تنهن ڪري ڄاڻن جي صلاح سان ]انهيءَ واهه کي[ وڏن پٿرن سان ڀرڻ جو حڪم ڪيائين، جيئن ڪوبه ڌاريو، رهبر کان سواءِ، اوچتو اندر نه اچي سگهي. دڪي ۽ بندر جي وچ ۾ بندر جي سردار جي رهڻ لاءِ هڪ ننڍڙو مضبوط قلعو ٺهرايائين. آخر ارڙنهن سال حڪومت ڪري سنہ 980 (هجريءَ) ۾ گذاري ويو. هو هن گهراڻي ۾ سنجيدگيءَ، مضبوط ويچار ۽ سهڻن وصفن ۾ ممتاز ۽ نرالو هو. ننڍي درجي هوندي به وڏن وڏن ارغوني اميرن کان بهادريءَ ۽ جوانمرديءَ ۾ گوءِ کڻي ويو هو. مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي.

مرزا محمد باقي

مرزا عيسيٰ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ارغون سردار، جي مرزا عيسيٰ جي حڪومت تي پشيمان ٿيا هئا، مرزا محمد باقيءَ جي گاديءَ تي وهڻ جا مخالف ٿي بيٺا. هن حڪمت عمليءَ سان هڪڙي ارغوني ٽولي کي احسان جي واعدن ۽ وڏين مهربانين ]جي انجامن[ جي وسيلي پنهنجو ڪيو، ۽ ٻين کي خزاني ورهائي ڏيڻ جي اميد سان ٺڳيو. اهڙي طرح ارغون سردار ٻن حصن ۾ ورهائجي، پنهنجي صلاح مشوري ۾ هن (مرزا باقي) جي روڪڻ جو ڪو به واضح رستو پيدا ڪري نه سگهيا. نيٺ مرزا پنهنجي مراد موجب، حڪومت جي تخت تي ويهي، فساد جي پاڙ پٽڻ جو فڪر ڪرڻ لڳو. جنهن صورت ۾ ارغون سردار گذريل مرزا (مرزا عيسيٰ) جي ڏينهن کان هن نوجوان رئيس تي غالب پيل هئا، تنهن ڪري هيءُ اٽڪل سان پنهنجو انتظام ڪري رهيو هو، ۽ جلد ئي ڳجهو توڙي ظاهر هڪ لشڪر گڏ ڪري، ٺـَـڳـِـي رٿي، ارغون سردارن کي خزاني ورهائي ڏيڻ جي بهاني سان مٿي ماڙيءَ تي گهرايائين. هوڏانهن هڪ هڪ صندوق ۾ ٻه ٻه هٿيار بند مرد ٺاهي وهاري، هڪ ٻئي دستي کي وقت جي انتظار ۾ ڇڏي، چيائين، ته ”توهان سردار هميشہ خزاني جي طلب ڪندا ٿا اچو. ]اگرچ[ مان ۽ منهنجو پيءُ اهو خزانو ضرورت جي وقت لاءِ سنڀاليندا ٿي آياسون، پر جنهن صورت ۾ توهان انهيءَ کان دست بردار نٿا ٿيو، تنهن ڪري لاچار توهان جي حوالي ڪريان ٿو. مگر خيال ٿو ٿئيم، ته متان توهان جو پاڻ ۾ تقسيم تي تڪرار ٿي پوي، تنهن ڪري جيڪڏهن توهان اجازت ڏيو، ته مان لهي وڃي هيٺ ويهان، ۽ هيءُ خزانو توهان ڀلي پاڻ ۾ تقسيم ڪري کڻو“. اهو فيصلو ڪري پاڻ لهي اچي ڪم جو بندوبست ڪيائين. ]مٿي[ هڪدم هٿيار بند مردن صندوقن ۽ ڪنڊن ڪڙڇن مان نڪري انهن سڀني کي تلوار جو کاڄ بنائي ڇڏيو، ۽ پاڻ هيٺ ننڍن وڏن کي پورو ڪرايائين، بلڪ سندن حويلين تي لشڪر موڪلي ]منجهائن[ ڪوبه چـُـرندڙ ڪونه ڇڏيائين، حتيٰ ڪه ٻارن کي پيٽن مان ڪڍي، گاهه وانگيان ڪاٽيائون! ڪي ٿورڙا ساهه بچائي هيڏي هوڏي نڪري ويا. انهيءَ کان پوءِ مرزا محمد باقي خود مختيار ٿي  ”انا ولا غيري“  جو نغارو وڄائڻ لڳو.

 

مرزا جان بابا جي شورش

مرزا جان بابا، جو پيءُ جي ڏينهن ۾ مرزا صالح جي هٿان دربدر ٿي، سميجن سان مائٽي ڪري وڃي اُتي رهيو هو، تنهن کي سلطان محمود، پڻس جي فاتحہ خوانيءَ جي موقعي تي پاڻ سان وٺي، ٺٽي پهتو. هن، تعزيت جي رسمن بجا آڻڻ کان پوءِ سلطان محمود خان جي ذريعي، پيءُ جي ورثي ۽ ملڪ جي حـصي جي گهـُـر ڪئي. مرزا محمد باقي جو ڪاروبار نهايت منظم ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سلطان محمود خان کي چيائين، ته ”بابي جي وقت کان وٺي توهان ۽ اسان جي وچ ۾ پڪو عهدنامو ٿيل آهي، توهان جهڙي طرح منهنجي ۽ مرزا صالح جي وچ ۾ دخل نه ڏنو هو، ساڳي طرح اڄ پڻ وچ ۾ نه اچو. مال ملڪيت ورهائڻ واپاري ٻچن کي ئي سونهي ٿو، حڪومت خدائي ڏات آهي. جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ راضي ٿي مون وٽ رهي پوندو، ته آخر ڀاءُ آهي، سندس خدمت چڱيءَ طرح ڪندس، باقي کيس علحدو پرڳڻو ڏيئي، پنهنجي ڪـُـک ۾ ڪان ڪونه هڻندس. مون ملڪ لاءِ ڪيترا نه ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن!“ سلطان محمود خان هيءُ ٻڌي وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو ۽ موٽڻ جي موڪل ورتائين. جان بابا، انهيءَ ڊپ کان، ته متان سندس ڀاءُ کيس مارائي ڇڏي، موٽي وڃي سميجن وٽ رهيو، ۽ شاهه قاسم، علي شير ۽ انهن جهڙا ٻيا باقي بچيل ارغون، جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، گڏ ڪري، ڀروسي جهڙو لشڪر ٺاهي، ٺٽي تي ڪاهيائين. هوڏانهن محمد باقيءَ سپاهين ۽ خاصخيلين ]68[ کي چيو، ته ”ڏينهن اڄوڪو آهي، جيڪڏهن کٽيوسون، ته ملڪ اسان جي ملڪيت آهي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ اڳيان ڏجها ڏٺل آهن ۽ آرام سان گذارڻ لاءِ ٻي ڪا جاءِ ڪانه آهي“. بس پوءِ ته مڪليءَ جي مقام ۽ شهر جي وچ تي زبردست لڙائي لڳي. ملا بهبود، جنهن کي مرزا باقي پنهنجين محلاتن مان هڪڙيءَ ۾ رهايو هو، قتل ٿي ويو. مرزا محمد باقيءَ جي لشڪر زبردست حملا ڪري، جان بابا کي شڪست ڏني. جان بابا، ڪڪرالي جي حاڪم ڏيسر وٽ مدد لاءِ ويو، پر خالي هٿـئين موٽي، وڃي پنهنجن مائٽن سميجن وٽ پهتو. ٻئي ڀيري وري هڪ وڏو ڪٽڪ سنباهي، مرزا باقيءَ تي ڪاهيائين. هوڏانهن مرزا باقي پڻ کيس سامهون ٿيڻ لاءِ ندي ڏيئي روانو ٿيو.

شاهه قاسم ارغون جي راتاهي جو بيان(1)

جڏهن مرزا محمد باقي، خان بابا جي سامهون پهتو، تڏهن سندن فوج اڳينءَ فتح جي غرور ۾ جابجا دلجاءِ سان ڪئمپ لڳائي ويهي رهي. خود مرزا جنگ ڪرڻ کان سواءِ ڀاءَ جي ڪم پوري ڪرڻ جون رٿون رٿي رهيو هو، ته اوچتو هڪ رات شاهه قاسم ارغون وڏو لشڪر وٺي راتاهو هنيو. مرزا جو لشڪر، جو غافل سـُـتو پيو هو، ڀڄي ڇڙوڇڙ ٿي ويو شاهه قاسم، جو پنهنجي وقت اندر بهادريءَ ۾ بي نظير ۽ مشهور هو، تنهن پاڻ مرزا باقيءَ جي ٻيڙيءَ تي پهچي ڀائرن جو انتقام وٺڻ چاهيو. مرزا باقي پنهنجي حرم سان ڪوٺيءَ ۾ اندر ننڊ ۾ محو هو. هو (شاهه قاسم) دروزاي تي پهتو، ته سندس (مرزا باقيءَ جي) گهر واريءَ کڻي ٻنهي هٿن سان دروازو بند ڪيو. مرزا باقي ساهه جي خوف کان، ٻئي دروازي مان نڪري، وٺي درياءَ ۾ ٽپو ڏنو، ۽ هن مردن جي مٽ شير عورت شمع جي ٿالهي کڻي، شاهه قاسم جي منهن تي اهڙي ته زور سان هنئي، جو مرندي گهڙيءَ تائين انهيءَ جو نشان باقي هئس. آخر شاهه قاسم اونداهيءَ ۾ انهيءَ عورت کي مرزا باقي سمجهي ڪـُـهي ڇڏيو، ۽ سڄي لشڪر کي ڦري لٽي خوار خراب ڪيو. هوڏانهن مرزا باقيءَ جي درياءَ ۾ ڪرڻ وقت، خليل خدمتگار، جو پڻ ساهه جي خوف کان پاڻيءَ ۾ لڪو ويٺو هو، کيس سڃاڻي، مراديي ميربحر سان ڳالهه ڪري، ڊونڊي وٺي آيو، جنهن تي چڙهي هو ڪناري تي پهتو. نغارو هٿ نه لڳن، سو علي پوٽن جي ڳوٺ مان دهل گهرائي، ڇڙوڇڙ ٿيل لشڪر کي گڏ ڪرڻ لاءِ وڄايائون. دشمن مرزا جي خير سلامتيءَ ۽ لشڪر جي وري گڏ ٿيڻ جي خبر ٻڌي پوئتي هٽي ويا، ۽ هيءُ سندن تعاقب ڪري، کين پوريءَ طرح ڀڄائي، ڪاميابيءَ سان ٺٽي موٽي آيا. خليل هن خدمت جي بدلي ۾ لشڪر ۽ نوڪرن جو سردار ۽ خاص مهردار مقرر ٿيو ۽ مراديي کي درياءَ جي سرداري عطا ٿي.

قصو ڪوتاهه - جڏهن مرزا محمد باقي جان بابا کي شڪست ڏئي(1) آرام سان ٿي ويٺو، تڏهن پنهنجي ننڍي ڀاءُ غالب(2) کي پڻ فنا جو دڳ وٺائي، ڀائرن جي نگرانيءَ ۽ ڌڙڪ کان سواءِ، ظلم ۽ ناحق شروع ڪري، بزرگن جي حياتين وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. انهن مان شيخ ڀرڪي لنگ، جنهن جي تعريف اڳتي بيان ٿيندي، کي ڳجهه ڳوهه ۾ قتل ڪرائي، شيخ ميرڪ عبدالوهاب پورائي(3)، جو اُتي جو پير هو ۽ آيو ويو، سندس سخا جي دستر خوان تان فيضياب ٿيندو رهندو هو، لاءِ ]صرف[ انهيءَ وهم تي، ته هن کي ٻاهرين ماڻهن جي معرفت حڪومت حاصل ڪرڻ جي خواهش آهي، ]قتل جو[ حڪم ڏنائين، جنهن تي قاضي خميسي، عيد جي ڏينهن عيدگاهه کان موٽندي، کيس سندس سواريءَ تي قتل ڪري ڇڏيو. باوجوديڪ مٿئين شيخ سندس تخت نشينيءَ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ خليفي سيد عبدالوهاب عباسيءَ کي، جنهن جا عام ماڻهو معتقد هئا، خليل مهردار جي هٿان  ”ولدار الاخرة ]و ابقيٰ[“ (بيشڪ آخرت جو گهر ڏاڍو چڱو ۽ جٽادار آهي) ]69[ ڏانهن روانو ڪيائين.

چون ٿا، ته قتل ٿيندڙ خليفي جي پٽ صادق نالي پيءُ جي قتل ٿيڻ تي ]غصي ۾ اچي[ خليل کي ترار هڻي، سندس نڪ صفا ڪپي ڇڏيو، ۽ هو جيستائين جيئرو هو تيستائين ميڻ جو نڪ تيار ڪري ]نڪ جي جاءِ تي لڳائي[، عيب ڍڪڻ لاءِ اکين تي، اکين اٿيل ماڻهوءَ وانگيان، ڦڪي رنگ جو ڪپڙو وجهون وتـندو هو. انهيءَ (صادق) کي به پيءُ وارو رستو وٺارائي ڇڏيائون. ]هن جو[ ٻيو پٽ محمد هاشم نالي گهوڙي ۽ هٿيارن سوڌو وڃي درياءَ ۾ پيو، ۽ سندس ڪو به پتو نه مليو. هن (مرزا باقي) بزرگن جي خانه خرابيءَ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ شهر جي ننڍن خواهه وڏن کي شهر کان ٻاهر رهائي، چيائين، ته ”اسان جي حڪومت جا بدخواهه اسان جي شهر ۾ نه رهڻ گهرجن“. سيد علي شيرازيءَ جي فرزند جناب سيد جلال کي، جو سندس ڀاءَ مرزا صالح جو ناٺي هو- پڻ شهر ۾ رهڻ نه ڏنائين. ڪنهن ٻاهران آيل کي جيڪڏهن ملاقات جو لائق سمجهندو هو، ته گهرائي، ظاهر ۾ سندس ڏاڍي آجيان ڪري، مرادئي ميربحر کي، کيس ٻيڙيءَ تي چاڙهي درياءَ جي سير ڪرائڻ جو حڪم ڪندو هو. جنهن تي هو کيس نهايت پر تڪلف ٻيڙيءَ ۾ وهاري، سندس حياتيءَ جي ٻيڙي وڃي اجل جي ڪن ۾ اڇليندو هو. اهو سڀ ڪجهه انهيءَ لاءِ ڪيو ويندو هو، ته جيئن ڪو ماڻهو ملڪ جي حالت جي خبر ٻاهر نه کڻي وڃي، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي ملاقات جو لائق نه ڏسندو هو، تنهن جو ڪم ٻاهران ئي ٻاهران پورو ڪري ڇڏيندا هئا. جنهن وٽ ڪا به شيءَ ڏسندو هو، ته انهيءَ کان زوريءَ کسي وٺندو هو. اناج قلعي ۾ اندر گڏ ڪندو ويندو هو. اگرچه اناج پيو سڙندو ۽ ضايع ٿيندو هو، ته به ڪم نه آڻيندو هو. سڄو ملڪ خالصو(1) ڪري فصل لهڻ وقت اناج تي ڪاراوا مقرر ڪندو هو. هڪ ڏينهن سندس وڪيلن کيس عرض ڪيو، ته ”قلعي ۾ اناج رکڻ جي جاءِ ڪانه رهي آهي، ۽ پراڻي ان مٿان نئين اناج ڀرڻ ڪري گهڻو حصو سڙي وڃي ٿو: جيڪڏهن اجازت ملي، ته ڪجهه حصو تقاويءَ طور ڏنو وڃي، جيئن فصل تيار ٿيڻ وقت انهيءَ مان پورو فائدو حاصل ٿئي“. چيائين، ”انهيءَ جو جواب رات وٺجو“. رات جو سندس چوڻ تي ڪي مانيون مٽيءَ جون ٺاهي، انهيءَ سڙيل اناج جي مانين سان گڏ رکي، انهن ماڻهن کي دسترخوان تي گهرايائين. مٿين ماڻهن دسترخوان جو اهو حال ڏسي سڙيل اناج جي مانين ڏانهن هٿ وڌايو. ]مرزا باقي[ چيو ”مٽيءَ جون مانيون ڇو نه ٿا کائو؟“ هنن وراڻيو ”مٽيءَ جون مانيون ماڻهو ڪيئن کائيندؤ!“ تنهن تي ]مرزا[ چيو: ”جڏهن وقت تي ههڙو اَن به ڪم اچي سگهي ٿو، تڏهن مون کي انهيءَ جي اڇلائڻ جي تڪليف ڇو ٿا ڏيو؟ شايد همايون ]بادشاهه[ جي اچڻ وارو وقت توهان کان وسري ويو آهي!“ جنهن ڪاموري تي ڪاوڙبو هو، ته انهيءَ کي بازيون بازيون ڪري خونچن ۾ رکي سندس گهر موڪليندو هو. اهڙي طرح، سندس ظلم جي هٿ دنيا ۾ ڇا نه ڪيو هو؟

ٿوري وقت کان پوءِ معلوم ٿيس، ته مجاهد خان نالي هڪ امير، جلال الدين اڪبر بادشاهه جي طرفان بکر تي ڪاهيو آهي. جهٽ پنهنجي نياڻي سيد جلال شيرازيءَ هٿان انهيءَ بادشاهه جي ٻانهپ ۾ ڏياري موڪليائين، جيئن انهيءَ حيلي سان پاڻ کي بچائي سگهي. اتفاقاً بادشاهه انهيءَ سان هڪ صحبت ڪري، فرمايو، ته ”هيءَ باقي خونيءَ جي ڌيءُ آهي، هن کي حرم کان ٻاهر رهايو“.  ارغون جيڪي دربدر ٿي وڃي اُتي رهيا هئا، تن خانداني ننگ جو خيال رکي، سفارشون ڪرائي، کيس موٽائي پيءُ ڏانهن موڪليو. مرزا باقي سندن ڏاڍو ٿورائتو ٿيو، ۽ کين پاڻ وٽ گهرائي عزت تعظيم ڏنائين.

]هوڏانهن[ مجاهد خان، سلطان محمود خان کي گهيري ۾ آڻي، فوج جو هڪ دستو بکر کان سيوستان موڪليو. ]هيڏانهن[ مرزا محمد باقي پنهنجي ]وڏي[ پٽ پائنده مرزا کي سندس پٽ جاني بيگ ۽ شمس ڪشميريءَ سان گڏي، سيوستان تي مقرر ڪيو. مرزا ]70[ جاني بيگ ننڍيءَ عمر هوندي به وڏن جهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ انهيءَ پاسي جو جوڳي حفاظت ڪئي. هو ]مرزا باقي[ پنهنجي ]ٻئي[ پٽ شاهه رخ کي علي شير ڪوڪہ سان گڏي نصرپور ۾ وهاري، ٽئين پٽ مظفر ترخان کي علي خان ڪوڪہ سان گڏ بدين ۽ چاچڪان جو پرڳڻو ڏيئي، مرزا محمد ترخان ۽ قاسم علي سلطان ساربان کي نيرون ڪوٽ وارو پاسو حوالي ڪري، پاڻ ٺٽي ۾ ويهي رهيو، ۽ بندرن تي اعتماد جوڳا ماڻهو وهاري، سمجهدار جاسوس مقرر ڪري، اهڙو انتظام رکيائين جو اميرن، پٽن ۽ رعيت جي روش جو حال احوال کيس هر هفتي پهچندو رهندو هو.

چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ هڪڙو ايلچي اڪبر بادشاهه جو نشان ۽ ڪي جوڙا ڪبوترن جا کڻي وٽس آيو، تنهن تي وزيرن کي چيائين، ته ”ڪبوترن جي جوڙن موڪلڻ مان مراد آهي، ته هـُـن مون کان هنن جي داڻي جي تنخواهه جي گهر ڪئي آهي“. ٿوري وقت کان پوءِ ايلچيءَ کي عزت ۽ احترام سان موڪل ڏيئي، ڪوڻيءَ جي ٻج ۽ موٺن جي پاڙن جهڙا ڪي پاڻهي پيدا ٿيندڙ ڏٿ، ڳوٿرين ۾ وجهي، موڪلي، ڏاڍيءَ عاجزيءَ ۽ نياز سان عرض ڪيائين، ته ”حـضرت اعليٰ ڪبوترن جا چند جوڙا عنايت فرمائي، مون جهڙي ضعيف جهرڪيءَ کي شهباز جو مرتبو عطا ڪيو آهي، پر هاڻي مان انهن جي داڻي جي ڳڻتيءَ ۾ حيران آهيان، ڇاڪاڻ، ته هن زمين ۾ جيڪي پيدا ٿئي ٿو، سو انهن جي داڻي جي لائق نه آهي، جيئن نظر انور جي گذارش هيٺ ايندو، تنهن ڪري ]توهان جي[ بنده نوازيءَ مان اهائي اميد آهي، ته هن کان پوءِ حـضور اعليٰ خاص توجهه فرمائي، هن غيرآباد ڪنڊ ڏانهن ڪنهن قوت گذران جهڙيءَ شيءِ جي نوازش فرمائيندا!“

مير محمد طاهر، پنهنجي تاريخ ۾ مولانا جمال الدين کان، جو مرزا جي مقربن مان هو، نقل ڪيو آهي، ته ”هڪ ڏينهن روزنامچو منهنجي نظر تي چڙهيو، ]جنهن ۾ ڏٺم[ ته مولانا مير، مرزا جو بخل ڏسي، گهوڙن جي لڏ مان سڄي نڪرندڙ اَن جي عيوض سئسن تي سڀ ڪنهن فصل ۾ ڪي خرار ان مقرر ڪيو هو. هن خدمت جي عيوض مرزا جي مٿس خاص مهرباني ٿي ۽ ڪن هزارن توبچين ۽ توبخاني جو سردار بنجي  ’آتش خان‘  جو لقب لڌائين.“

مطلب ته سندس برن ڪمن جون کنڌيون آهن، ٻڌندڙن کي ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايون! ]هو ملڪ جي[ حدن جو بندوبست رکي، آرام سان پنهنجي آڏو ملڪ جي آمدنيءَ ۽ خرچ جو دفتر رکي، ويهي رهيو. ڪو به ڏينهن ڏاڙهيءَ پٽڻ، نڪ ۽ ڪن ڪپڻ ۽ هاٿين جي پيرن ۾ ٻڌي گهٽين ۽ بازارين ۾ گهمائڻ جي سزائن کان خالي نه هوندو هو، جنهن ڪري ماڻهن جا هٿ آسمان ڏانهن کڄڻ لڳا ۽ ڦٽيل دليون خدا کي ٻاڏائڻ لڳيون. اوچتو سندس پٽ شاهه رخ جي موت جي خبر آئي، تنهن تي محل جي زالن جي سٿڻن ۾ ٻليون وجهارائي، سندن ببا وڍارائي ڇڏيائين ۽ مردن کي هاٿين جي پيرن سان ٻڌارائي گهٽين ۽ بازارن ۾ گهمايائين، چي:  ”هنن منهنجو پٽ مون کان جدا ڪيو هو!“  نيٺ سڙي سڙي سندس جاءِ تي ]شاهه[ قاسم ارغون کي نصرپور موڪليائين(1).

آخر دلين جو دونهون آسمان تي وڃي تهه ڄمائي بيٺو ۽ اجل جي تيرن جي بارش مٿس وسڻ لڳي، ته هن کي ساهه جي خوف ورتو. پاڻيءَ ۽ مانيءَ تي سندس خاص معتمد ملڪ احمد جي مهر ٿيندي هئي. هن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر جنهن صورت ۾ تقدير پنهنجو ڪم ڪري چڪي هئي ۽ هڪ جهان جو خون سندس حياتيءَ جي شريان ۾ نشتر جيئن لڳي چڪو هو، تنهن ڪري هڪ رات، بي اختيار پلنگ تان اٿي، شمع وسائي، پنهنجي خاص ترار مياڻ مان ڪڍي، سندس چهنب پيٽ تي ۽ قبضو دريءَ جي طاق تي رکي، اهڙو ته زور ڏنائين جو ڦٽيلن جي دعا جي تير جي مدد سان ]71[ سندس پٺيءَ کان ظاهر ظهور نڪري آئي. پنهنجو ڪم پاڻ پورو ڪري، آنڊا هٿ ۾ جهلي، ديوانخاني ۾ ٻٽي قدم هلي ڪري پيو، ۽ گذاري ويو. هن جي نامعلوم موت ]جي سلسلي[ ۾ ڪي ئي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو تهمت هيٺ اچي گرفتار ٿيا. هيءَ پڻ سندس ظلم جي نشاني آهي، جو موت کان پوءِ به انهيءَ کان نه رهيو. اهو ]واقعو[ سنہ 993 هجريءَ ۾ ٿيو.

سندس قبر مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي مشهور معروف رانئڪ ۾ آهي. سندس حڪومت جو عرصو 13 سال هو.

اميرن صلاح ڪري سندس وڏي پٽ پائنده بيگ کي حڪومت لاءِ چونڊيو، پر هو پاڻ جنهن صورت ۾ چرٻٽ هو ۽ سندس پٽ جاني بيگ هڪ عقلمند جوان هو، تنهن ڪري انهيءَ کي قانوني صلاحڪار مقرر ڪري، ملڪ جو ڪاروبار سندس نگرانيءَ هيٺ تجويز ڪرڻ کان پوءِ، ٻنهي کي سيوستان کان گهرايائون. هيڏانهن مرزا ظفر خان به هڪ ڏينهن ۾ بدين کان اچي پهتو، اميرن کيس شهر کان ٻاهر ترسايو، جيستائين ٽئين ڏينهن پائنده بيگ ۽ جاني بيگ به اچي پهتا.

مرزا جاني بيگ

مرزا جاني بيگ جڏهن خليل مهردار، خسرو چرڪس، ملڪ محمد فراخي، شمس الدين سلطان، ملڪ جمال الدين ۽ ٻين اميرن جي فيصلي موجب، پيءَ جي زندگيءَ ۾ ئي حڪومت جي ڪاروبار جي ٻڌ ڇوڙ جو مالڪ ٿيو، تڏهن سياسي طور، خودڪشي ڪندڙ مرزا جي خون جي تهمتين کي دربار ۾ گهرائي، دريائي آبدار کي ٽوئن ۾ ويڙهي ساڙايائين، توشا خاني جي سنڀاليندڙ جي بدن ۾ ڪرٽ وجهي، مٿي کان پيرن تائين ٻه ٽڪرا ڪرائي، هر هڪ اڌ کي ذرا ذرا ڪرائي، بازار ۽ گهٽين ۾ اڇلارايائين، ڪن هندن کي سنگسار ڪرائي، ملڪ احمد کي بازار ۾ وهاري، پيرن کان مٿي تائين کـُـل لهرائي، سندس جسم ٻوٽيون ڪرائي، ڪتن آڏو ڦٽو ڪرايائين.

آفرين آهي ملڪ احمد جي بهادريءَ تي، سندس کل پير جي ننهن کان لاهي، مٿي جي کل سوڌو وات تائين آندائون، پر هن اف به ڪانه ڪئي ۽ نه پنهنجي جاءِ تان چـُـريو!

مرزا مظفر، جو شهر کان ٻاهر عاليجان ]جي ڪپ[ تي لٿو پيو هو، سو انهيءَ سياست کان ڊڄي پنهنجي وڪيل علي خان کي، جنهن تخت نشينيءَ لاءِ گهوڙي جي ڇمڪي (قمچي) ساڻ آندي هئي، پاڻ سان وٺي، اهڙو تڪڙو بدين هليو ويو، جو سندس ڪيترو سامان ۽ گهر جو فرش فروش اُتي ئي رهجي ويا. هو بدين وڃي ڪاهه ڪرڻ جي تياريءَ کي لڳي ويو.

مرزا جاني بيگ جي پنهنجي چاچي مظفر ترخان تي ڪاهه(1)

مرزا جاني بيگ ٻڌو، ته سندس چاچو بدين ۾ ڪاهه ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي، تڏهن اميرن کي چيائين ته اسان کان جيستائين هيءُ فساد بند نه ٿيندو، تيستائين حڪومت هلائڻ مشڪل آهي. آخر انهيءَ مهم جو تدارڪ سوچي روانو ٿيو. هوڏانهن مرزا مظفر، علي خان ڪوڪہ سان گڏ جنگ جي صلاح ڪري وڌيڪ ڪم صبحاڻي، تي ڇڏيو هو، ته رات جي پيٽ ۾ مرزا جاني بيگ بدين جي مغلن کي لکي موڪليو، ته  ”جيڪڏهن مرزا مظفر ڪامياب ٿيندو، ته ضرور پنهنجن مائٽن، ڪڇي راجپوتن کي توهان سڀني تي ترجيح ڏيندو ۽ انهن جي رهڻ ڪري توهان جي زندگي زهر ٿيندي. هيءُ وقت ]توهان جي[ خدمت ڪرڻ جو آهي، ]باقي پوءِ[ انشاءَ الله تعاليٰ اسان جي طرفان توهان جون سڀ اميدون پوريون ٿينديون. جيڪڏهن ]هن وقت[ هن کان ڇنڻ چڱو نٿا سمجهو، ته صبحاڻي جنگ جي وقت پنهنجن خاص ماڻهن سميت پاسو ڪري وڃجو“ . اهڙي طرح پڪن انجامن سان ]72[ انهن ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪيائين.

ٻئي ڏينهن جنگ جي نوبت وڳي ۽ ٻنهي طرفن کان لڙائيءَ جي باهه جون ڄـِـڀيون بلند ٿيڻ لڳيون، تڏهن مرزا جاني بيگ جي لشڪر، مرزا مظفر جي ماڻهن کي، جي اڪثر ڪڇ جا راجپوت هئا، اچي تلوار جي هٿئون هٿ لڙائيءَ ۾ سوڙهو ڪيو. مرزا مظفر بدين جي مغلن کي لڙائيءَ تي ڏاڍو همٿايو، پر ڪارگر نه ٿيو. آخر [پنهنجي]  لشڪر جو نفاق ۽ مرزا جاني بيگ جي فوج جو غلبو ڏسي پنهنجي ماڻهن کي چيائين ته  ”جنگ ۾ مشغول رهجو، ته مان پنهنجي والده ۽ تعلقدارن کي پنهنجي سامان سميت اڳڀرو ڪري ٿو اچان“ . ]ائين چئي[ پاڻ تڪڙو تڪڙو ڀڄي وڃي ڪڇ جي راهه ورتائين. مرزا جاني بيگ جي چوڻ تي سندس خواه سندس همراهن جو سمورو سامان، جو ماڻهن جي گهرن ۾ رهيل هو، پڻ وهٽن تي لڏي سندس پويان موڪليائون، ۽ پاڻ قلعي ۾ داخل ٿي مغلن تي مهرباني جو هٿ رکي، انجام کان وڌيڪ نوازشن سان نوازي، سندن جاگيرون وڌايائين، ۽ رعيت جي، مرزا جي زماني وارن اڳوڻن، ڦٽن تي نوازشن جي مرهم رکيائين. مرزا مظفر وڃي ڪڇ جي والي بهاري راءِ وٽ پناهه ورتي.

مرزا جاني بيگ سوڀ ڪري، ٺٽي موٽي اچي مرزا باقيءَ جو سمورو گڏ ڪيل خزانو، لشڪر، اميرن کي بخشي، سارو حقدارن تي خرچ ڪيو، جنهن ڪري مرزا باقي جي زماني وارا ماڻهن جا ڦٽ ميٽجڻ لڳا ۽ سندس سخا ۽ احسان جي هير کان ماڻهو ائين ٽڙڻ لڳا، جيئن باغ بهار جي هير کان ٽڙندو آهي. عرب ڪوڪہ، يعقوب علي ڪوڪہ، رستام بيگ جهڙن پنهنجن ڪن خاصخيلين کي نهايت وڏن درجن سان نوازيائين. ملا گدا علي ولد مهتر علي کي ڀائي خان جو لقب ڏيئي پنهنجو وزير بنايائين.

چون ٿا، ته ٺٽي ۾ هن کان اڳ ضربخاني جو رواج ڪو نه هو، اڪثر فرنگي مهر واري اشرفي، تنگي ۽ ڊگهي لاري مروج هئي، مگر مرزا عيسيٰ ٽامي جو پيسو ايجاد ڪيو هو، جنهن کي  ”عيسائي“  سڏيندا هئا. جاني بيگ انهيءَ کي گهٽائي  ”ميري“  نالو ڏنو. ان جي ماڻ ۾ پڻ ڪمي ڪيائين. هن مان داناءَ ماڻهن بدفال ورتي ۽ ائين ئي ٿيو.

 

صادق محمد خان جو اچڻ

جڏهن مرزا باقيءَ جي موت، مرزا پائنده بيگ جي تخت تي وهڻ ۽ سندس پٽ مرزا جاني بيگ جي مدارالهاميءَ جي خبر، هندستان جي مالڪ جلال الدين محمد اڪبر جي حضور ۾ عرض ڪئي ويئي، تڏهن هڪ فرمان جاري ٿيو، جنهن جو مضمون هيءُ هو:  ”جنهن صورت ۾ پراڻي زماني کان اسان جو خطبو پڙهڻ لازمي ٿا سمجهو، تنهن ڪري بهتر آهي، ته اڄ کان پوءِ سڪو، لائق تحفا ۽ سوکڙيون موڪلڻ پڻ شامل ڪري پنهنجو نالو غلامن ۾ داخل ڪرايو“ . انهيءَ فرمان جي پويان صادق محمد خان زبردست فوج سان هن علائقي تي مقرر ٿيو. مرزا جاني بيگ جواب ۾ لکيو، ته ”اسان قديم کان غلام آهيون، جيئن خطبي کي پنهنجي فخر جي چهري جي رونق سمجهون ٿا، تيئن سـِـڪو پڻ پنهنجي سرفرازيءَ جو سرمايو سمجهنداسون، باقي رهيو نذرانو، سو پڻ غلامن جي لاءِ اعتماد جو سامان آهي، پر ڪيترن سالن کان ملڪ ڏيي کان خالي هو، نوازش فرمائي ٿوري مهلت ڏيندا، ته جيئن هڪ غلام کي جڳائي، لائق تحفا هٿ ڪري، پنهنجي ڀاءُ مرزا شاهه رخ جي هٿان حضور ۾ پهچائيندس“ .(1)

ايتري ۾ صادق محمد خان اچي سيوستان جي قلعي کي وچڙيو. بلبل خان، کهوريو راءِ وغيره جيڪي ماڻهو قلعي ۾ رهندڙ هئا، تن اهڙي ته جنگ ڪئي جو ايندڙ ڪڪ ٿي، صفن جي لڙائي ڪامياب ٿيندي نه ڏسي، شهر جي گهرن جي پويان کاٽ هڻڻ جو حڪم ڪيو، ۽ ڀانيائين ٿي، ته اندرين ماڻهن کي ڪابه خبر ناهي، پر اندرين رڳو ڳالهه ٻڌڻ تي ]اڳينءَ ڀت[ کان به وڌيڪ مضبوط نئين ڀت کڻي ڇڏي. جنهن ڏينهن ]73[ صادق محمد خان کاٽ ۾ باهه ڏياري ۽ ٻاهرين ڀت اچي پٽ پيئي، ته انهيءَ کان به قوي نئين ڀت ظاهر ٿي. هن قلعي وارن جي عقل تي آفرين ڪري، قلعو فتح ڪرڻ طاقت کان ٻاهر سمجهيو ۽ جڏهن مرزا جاني بيگ انهيءَ پاسي آيو، تڏهن ته پوريءَ طرح مايوس ٿي تڪڙو تڪڙو پوئتي موٽيو، ۽ تعاقب جي خوف کان بکر وڃي ساهه کنيائين(2). مرزا جاني بيگ، مرزا شاهه رخ کي لائق تحفا ڏيئي ]شهنشاهه اڪبر[ جي حضور ۾ موڪلي، دلجاءِ ڪري غافل ٿي ويهي رهيو.

نواب خان جو اچڻ

حضور جلال الدين محمد اڪبر، صادق خان جي واپس اچڻ کان ڪاوڙجي، سنہ 999 هجريءَ ۾ عبد الرحيم خان خانان ولد بيرم خان کي مقرر فرمايو(1). مرزا جاني بيگ هيءَ خبر ٻڌي خشڪي خواهه دريائي لشڪر وٺي اچي نصرپور تعلقي جي بوهري ڳوٺ ۾ اونهي کاهي کوٽائي، هڪڙو ننڍڙو مضبوط قلعو ٺهرائي ويٺو. رستم بيگ کي ٻي فوج ساڻ ڏيئي سيوستان موڪليائين، ته وڃي اهو قلعو مضبوط ڪري، ۽ قلعي کان ٻاهريان گهر ڊاهي ميدان ڪرائي. اگرچه هيءُ سڀڪجهه ڪيائين، پر لڪيءَ جو جبل، جو شهنشاهه جي فوج جو لڪ هو، تنهن ڏانهن ڪو توجهه ڪو نه ڪيائين، بيشڪ! جڏهن زوال ايندو آهي تڏهن هوش حواس پراگنده ۽ عقل خطا ٿي ويندو آهي.

مرزا خان خانان لڪيءَ جي جبل وٽ پهچي، انهيءَ وڪڙ واريءَ جاءِ کي، جتان هڪڙو سوار به سخت مشڪل سان ٿي لنگهي سگهيو، ۽ جيڪڏهن انهيءَ کي ٿورو مضبوط ڪن ها، ته هڪڙو ماڻهو رڳو پٿرن ۽ ڀترن سان به هزارن جو مقابلو ڪري ها، ڏسي، عجب کائي، چيو، ته ”جڏهن دشمنن ههڙو گهـَـٽ اسان لاءِ کليو ڇڏيو آهي، تڏهن انشاءَ الله سندس ڪم جلد پورو ٿيندو“. پهريائين سيوستان جو قلعو فتح ڪرڻ گهريائين، پر پوءِ اهو خيال ڪري، ته جيستائين ملڪ جو مالڪ جو تختگاهه هٿ نه آيو آهي، تيستائين هن مٽيءَ جي ڍير مان ڇا ورندو؟ پهريائين ملڪ جي مالڪ ۽ تختگاهه کي تابع ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيائين، پوءِ هڪ دستو سيوستان جي قلعي کي گهيري ڪرڻ تي مقرر ڪري، انهيءَ وڪڙ واريءَ جاءِ مان ساري لشڪر سوڌو ٽپي، مرزا جاني بيگ تي ڪاهيائين. مرزا جاني بيگ انهيءَ لڪ ٽپڻ تي ڏاڍو افسوس کاڌو، پر ڪم هٿ کان نڪري چڪو هو، ]افسوس مان[ ڪهڙو فائدو؟ مرزا خان خانان ڪامياب ٿي ٿوري ئي وقت ۾ ڏاڍي شان شوڪت سان اچي مرزا جاني بيگ جي قلعڙي جي سامهون ڇانوڻي هنئي.

چون ٿا، ته جڏهن خان خانان هن ڏکي مهم کي سرانجام ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو هو، تڏهن هو صادق خان جي ]ناڪامياب ٿي[ موٽي اچڻ ڪري، ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو هو، ۽ جتي به ڪو اهل الله ٿي ڏٺائين، تنهن کان پنهنجي فتح لاءِ دعا جي درخواست ٿي ڪيائين، هڪ بزرگ کان نقل آهي، ته ڪنهن اهل الله کيس ٻڌايو، ته ويجهڙائي ۾ جناب ڪرامت ماب شيخن جو شيخ مخدوم نوح هالا ڪنڊي (هالائي) عليه الرحمته، هالا ڪنڊي (هالن) ۾ گذاري ويو آهي، جيڪڏهن انهيءَ جي فاتح خوانيءَ لاءِ توهان اڳ ۾ پهتا ته توهان ڪامياب ٿيندا، پر جيڪڏهن مرزا جاني بيگ اڳ ۾ پهتو، ته پوءِ اهو اڳرو ٿيندو. الله پاڪ جي تائيد جو اتفاق ڏسو، جو جاني بيگ ايتري ويجهڙائيءَ هوندي به انهيءَ رحماني بخشش جي خزانن جي ڪـُـنجي (مخدوم نوح) جي فاتح خوانيءَ جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا پهتوئي ڪين هو، ته (خان خانان) وچان گوءِ کڻي ويو.

جنگ جي ڪيفيت

جڏهن ٻئي لشڪر اچي هڪ ٻئي جي پاسي ۾ لٿا، تڏهن ڪيترا مهينا سندن وچ ۾ خشڪي خواهه پاڻيءَ تي اهڙي ته سخت لڙائي هلندي رهي، جنهن کان شينهن جو پتو پاڻي ٿي ٿيو، ]47[ ۽ ٻنهي طرفن کان ڪارائتا ماڻهو ڪم ايندا (قتل ٿيندا) ٿي رهيا. آخر فيصلا ڪـُـن لڙائيءَ جي ]هڪ ٻئي کي[ دعوت ڏنائون. ٻنهي طرفن کان لشڪر تمام گهڻو هو، تنهن ڪري امتياز خاطر هندستانين پٽڪن ۾ تير چڀايا هئا، ۽ سنڌين وونڻن جون سايون ٽاريون لڳايون هيون. آخر اهڙي جنگ لڳي، جنهن جي ڪميت ۽ ڪيفيت جي اندازي لڳائڻ کان عقل جي تارازي عاجز آهي. هٿئون هٿ لڙائي شروع ٿي، ته مرزا جاني بيگ جو پاسو تمام چڙهندو ڏسڻ ۾ آيو. خان خانان پنهنجي لشڪر جي شڪست ڏسي، الله پاڪ جي حضور ۽ شهنشاهه جي اقبال جي امداد ڏانهن رجوع ڪيو، ۽ الله پاڪ ۽ شهنشاهي بخت جي تائيد سان، مرزا (جاني بيگ) جي لشڪر جي عين غلبي وقت، هڪ مست هاٿي لشڪر جي اڳيان ٽهي فوج کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو، تنهن سان گڏ وري سندس سامهون سخت واءُ گهلڻ لڳو، جنهن ڪري اوچتو ٽاڪوڙو پئجي ويو ۽ عين غلبي جي حالت ۾ مغلوب ٿي وٺي ڀڳا، ۽ آيت ڪريمہ  ”يَوْمَ يَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ“  (1) جي مصداق ظاهر ٿي. پندرهن ماڻهن کان سواءِ، مرزا جاني بيگ اڳيان ڪو ڪونه رهيو. مرزا سـِـر سـَـٽ ۾ ڏيئي بيهي رهيو، پر شاهه قاسم ارغون نهايت زور سان کيس اتان ڪڍي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو. مرزا جي فوج هن پريشانيءَ ۾ گهڻي تلف ٿي ويئي. ٻپهريءَ جي قريب مرزا انڙپور پهتو، جنهن صورت ۾ ڪو به بيلدار هٿ ڪونه آيو ۽ زمين وارياسي هئي، تنهن ڪري تڏا هڪ ٻئي سان سبي، واريءَ سان ڀري، سانجهي تائين ماڻهوءَ جي قد جيتري پناهه کڙي ڪيائون. هوڏانهن خان خانان پڻ تعاقب ڪري، ڊوڙي اچي خندق هڻي ويٺو ۽ رسد جي آمد رفت جو رستو بند ڪري ڇڏيائين. جاني بيگ پيءُ کي لکيو، جو شهر کي لڏائي، ويران ڪري، وڃي ڪلان ڪوٽ جي قلعي(1) ۾ ويٺو، جنهن جي ههڙي ڏينهن لاءِ مرمت ڪرائي ويئي هئي. ساڳيءَ طرح هر هڪ ڳوٺ ۽ ديهه جي ويران ڪرڻ جو حڪم ڏيئي، پاڻ ٿورو لشڪر گڏ ڪري، سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو.

چون ٿا، ته هڪڙو مهينو ٺٽي ۾ ڏاڍي بربادي رهي. هيڏي ساري عاليشان شهر کي باهه ڏيئي ڇڏيائون. ماڻهن جو پوريل مال ڦورو کوٽي کڻي ٿي ويا. اٺ جي ڪرايي ۾ سامان جو اڌ ورتو ٿي ويو.

خان خانان هي حال ڏسي چؤطرف صوبيدار موڪليا، جن نيرون ڪوٽ جو قلعو محمد امان ترخان ۽ قاسم علي وڪيل کان ڇڏايو. ٻئي طرف شاهه بيگ خان، ابو القاسم ارغون جي هٿان شاهه ڪرهه (ساڪرو) کسيو، تنهن کان سواءِ چاچڪان جو پرڳڻو پڻ اُتي جي ماڻهن کي امان ڏيئي ضابطي هيٺ آندائون. هيڏانهن وري مرزا جاني بيگ جو پيءُ پائنده بيگ ۽ پٽ ابو الفتح عمر ۽ ملڪ جو سرمايو برباد ڪيو (مري ويا). مرزا جاني بيگ هيءُ سڀ ڳالهيون ٻڌي، باوجوديڪ خان خانان جي لشڪر، مورچا سندس قلعي سان ويجها ڪري، ڳالهه هن حد کي پهچائي هئي، جو ٻنهي طرفن جا سپاهي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ هڪ ٻئي تي پٿر ۽ لٺيون اڇلائيندا هئا- مردانگيءَ جو ڪو به دقيقو پوئتي نه ڇڏيو ۽ ساڳيءَ طرح جانبازيءَ واري قدم تي قائم رهندو آيو.

 


 

 

]باب ڏهون[

مغل سلطنت ۽ ان جا گورنر

صلح ۽ ملڪ فتح ٿيڻ جي حقيقت

خان خانان ڏٺو، ته جاني بيگ ۾ جيستائين جان آهي تيستائين، هو پنهنجي ننگ ۽ ناموس کان پوئتي نه پوندو، ۽ سندس سرويچي خبر ناهي، ته کيس ڪهڙا ڏينهن ڏيکاري؟ تنهن ڪري بهتر آهي، ته کيس پڪن وعدن جي دام ۾ ڦاسائي صلح جي رستي تي آڻجي. اهو خيال ڪري، هڪ هوش وارو ايلچي، مرزا جاني بيگ ڏانهن موڪلي پيغام ڏنائينس ته  ”توهان ۽ اسان اصل ۾ هڪ گهراڻي يعني صاحبقران جا غلام آهيون، ۽ هڪ ئي گهراڻي جا ٻانها آهيون، ]75[ جيڪڏهن آسماني تقديرن کان هڪ ٻئي کان درو ٿياسون، ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانه آهي. هنن جنگين ۾ تو جهڙي بي نظير بهادر جي هٿن ۽ دل جيڪا بهادري ڏيکاري آهي، سا زماني ۾ يادگار رهندي، ليڪن معلوم هجڻ گهرجي، ته ٻئي طرف هندستان جي چئني طرفن جي مالڪ شهنشاهه جو لازوال اقبال آهي، جنهن جي بندگي وقت جي بهادرن ۽ رستمن جي نام و ننگ جو سرمايو آهي. جنهن حڪومت هن درگاهه ]جي چائنٺ تي[ سر نه رکيو، تنهن تي انيڪ مصيبتون آيون. هن کان وڌيڪ، خلق جي خونريزيءَ جي ڪوشش ڪرڻ، پنهنجي پياري ساهه، کان هٿ ڌوئڻو آهي، ۽ جيڪڏهن زمين و زمان جي وارث (شهنشاهه اڪبر)، جو وقت جو اولو الامر(1) آهي، جي بيفرمانيءَ جي آوه ۾ پياري جان هڄي ويئي، ته پوءِ عزت ۽ ناموس، شان ۽ شوڪت، جي سڀ انهيءَ مقصد جا مقدما آهن، ڪٿي رهندا؟ توهان جي وقار ۽ اعتماد لاءِ آءٌ ضامن آهيان، تنهن ڪري بهتر آهي، ته هٿان ويل ڪم کي وري هٿ آڻيو“ .

چون ٿا مرزا جاني بيگ جو جيڪو ٿورو لشڪر وڃي بچيو هو، تنهن جي تنگي ۽ تڪليف جي هن وقت حد ٿي چڪي هئي، ۽ سڀئي مئلن جي ماتم ۾ ڪپڙا نير ۾ رڱي، ماتم جا  ڪپڙا پهري، سر تريءَ تي رکيو ويٺا هئا. خود مرزا پڻ پيءُ، لشڪر ۽ ملڪ جي برباد ٿيڻ جي غم ۾ ڇا ٻڌايان ته ڪهڙي حال ۾ ويٺو هو؟ پر جڏهن ايلچي آيو، تڏهن ڏيکاءُ لاءِ اهڙو، ته ٺاهه ٺوهه ظاهر ڪيائين، جو خان خانان کي پڻ ٻڌي تعجب ٿيو. آخرڪار سوال جواب کان پوءِ محمد علي ڪابليءَ کي ايلچي سان گڏي خان خانان ڏانهن موڪليائين.

چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ مرزا جي لشڪر جي ڪجهه حـصي، ڳجهه ڳوهه ۾ خان خانان ڏانهن امان طلبيءَ جون عريضيون لکيون هيون. بهرحال پڪن انجامن وٺڻ کان پوءِ، اهو فيصلو ٿيو، ته هڪ ٻئي ڏانهن سوکڙين پاکڙين جو رستو کليل رهڻ ڏجي، سپاهي پڻ هڪ ٻئي سان ميل ميلاپ ۽ آمد رفت جو رستو رکي، دلين مٿان دشمنيءَ جي ڪـَـٽ لاهين، ۽ مرزا پنهنجن ماڻهن کي هر هنڌان گهرائي، قلعن جون ڪنجون حوالي ڪري، جيئن خان خانان جا ماڻهو وڃي ]انهن تي[ قبضو ڪن، تنهن کان پوءِ ٻنهي اميرن جي ملاقات انهيءَ واهه تي ٿئي، جو ٺٽي علائقي جو وچ آهي.

چون ٿا، ته مٿين شرطن پوري ٿيڻ کان پوءِ، پهريائين مرزا، پويان خان خانان، ٺٽي روانا ٿيا. فيصلي موجب، واهه وٽ، ڪن جي چوڻ موجب، سواريءَ جي حالت ۾ هٿ ملايائون، ۽ ڪن جي چوڻ موجب، پيادا ٿي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پاتائون، ۽ ٿوري ويهڻ کان پوءِ وري سوار ٿيا. مرزا حضور ۾ حاضر ٿيڻ جي تياري ڪرڻ لاءِ تغلق آباد ]ويو[، ۽ خان خانان رعيت جي دلجوئي ڪرڻ لاءِ ٺٽي ۾ ويٺو. مٿين صلح جو واقعو سنہ 1000 هجريءَ ۾ ٿيو.

مرزا جاني جي والد مرزا پائنده بيگ جي حياتيءَ جو عرصو، تخت نشينيءَ کان وٺي هن واقعي تائين، ست سال هو ۽ مرزا جاني پيءُ کان پوءِ ]صرف[ يارنهن ڏينهن خود مختيار رهيو، انهيءَ کان پوءِ ملڪ هٿان نڪري ويو، جيئن بيان ٿيو. هن طبقي جي سموري حڪومت 38 سال رهي، تنهن کان پوءِ (مغل) اميرن جي سلسلي ۾ شامل ٿي ويا.

رعيت جي دلداري ۽ ملڪ جي پوريءَ طرح بندوبست ڪرڻ کان پوءِ، خان خانان جي دل ۾ ٿورو سمنڊ جي سير ڪرڻ جو خيال جاڳيو، تنهن ڪري مرزا جانيءَ کي پاڻ سان ]76[ وٺي وڃي لاهري بندر جي کاريءَ تان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو. اتي سندس دل ۾ وهم پيدا ٿيو، ته  ’مون ڪهڙو نه برو ڪم ڪيو آهي جو پاڻ کي دشمن جي هٿان ههڙي جاءِ تي آندو اٿم!‘  مرزا دانائيءَ سان سندس تغير جو اثر معلوم ڪري، چيو، ته ”خان کي دلجاءِ ڪرڻ گهرجي، اسان ماڻهو ٺڳي ڪرڻ وارن مان نه آهيون“. خان خانان اُتان جلدي موٽي آيو.

چون ٿا، ته هڪڙي ڏينهن خان خانان، مرزا کي چيو، ته ”ڏٺئي، توکي ڪيئن نه حيلي سان هٿ ڪيم؟“ مرزا وراڻيو، ته ”بيشڪ، پنهنجي حيلي جا پاڻ اقراري ٿيا آهيو، الحمد الله  جو اسان جي طرفان ڪو حيلو ڪو نه ٿيو“. نقل آهي، ته خان خانان چوندو هو، ”مرزا جي جواب کان جهڙو شرمندو ٿيس، تهڙي شرمندگي ڪڏهن ڪانه ٿيم“.

خان خانان جو مرزا جاني بيگ کي ساڻ وٺي شهنشاهه جي حـضور ۾ وڃڻ

خان خانان جڏهن ڏٺو، ته مرزا پنهنجي سفر جي تياري ڪئي آهي، ۽ پاڻ به ملڪ جي ]ڪاروبار جي[ دلجاءِ ڪيائين، تڏهن بادشاهي حڪم موجب، دولت خان لوڌيءَ کي ٺٽي جي حڪومت تي ڇڏي پاڻ حضور ڏانهن روانو ٿيو، اگرچ مرزا، خان خانان سان چڱيءَ طرح گهرو ٿي ويو هو، تڏهن به هميشہ ڳڻتي هوندي هيس، ته ]اڪبر بادشاهه[ جي حـضور مان ڇا پيش ايندو؟ پر بلند بخت جي اتفاق سان جڏهن آستان بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيائين، تڏهن دنيا جي شهنشاهه مٿس مهربانيءَ جو پاڇو ڪري، ٽن جاين: سيوستان، ضربخاني ۽ لاهري بندر کان سواءِ سڄو ملڪ کيس موٽائي ڏنو. هو پاڻ حـضور ۾ رهڻ لڳو. هوڏانهن لوڌي خان کي حڪم ٿيو، ته سڀني اميرن جي دستور موجب، مرزا جي حرم کي پڻ نوروز جي ڏينهن درگاهه ۾ حاضر ڪري. مرزا تي اگرچ ڏاڍيون نوازشون ٿيون هيون، تاهم هيءُ حڪم ٻڌي مـُـنجهي پيو. خان خانان کيس دلاسو ڏيئي چيو، ته ”هي اسان اميرن جو فخر آهي“. مرزا وراڻيو، ته ”اسان اڄ تائين هيءَ رسم نه ڏٺي آهي. اسان هڪدم ڪيئن ههڙي، مستورات جي دور دراز پنڌ تان اچڻ جي، بدناموسي برداشت ڪري سگهنداسون؟ شايد پاڻ کي مارڻو پوندو!“  تنهن تي خان خانان حـضور ۾ عرض ڪيو، ته ”نوروز ويجهو اچي پيو آهي ۽ مرزا جي قبائل اچڻ لاءِ ڊگهو عرصو گهرجي، جيڪڏهن هن ڀيري ملتوي ڪيو وڃي، ته مناسب آهي“ . بادشاهه ڪمال مهرباني فرمائي انهيءَ خيال کي درگذر ڪيو، ۽ حڪم ٿيو، ته مرزا جاني بيگ ملڪي ڪاروبار ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽ ڏانهن وڪيل موڪلي. جنهن تي شاهه قاسم ارغون، خسرو خان چرڪس، ڀائيخان، عرب ڪوڪہ ۽ جمال الدين ديوان، مرزا غازي بيگ، جو اڃا ننڍو هو، جي خذمت ۾ روانا ٿيا، ۽ حرمن کي به بکر کان واپس موٽائي، ٺٽي پهچي اچي ملڪ جي ڪاروبار کي لڳا.

مرزا جاني سنہ 1008 هجريءَ تائين اٺ ورهيه شهنشاهه زمين و زمن جي خذمت ۾ رهي، نمايان ڪم ڏيکاري، گذاري ويو. بادشاهه جي حڪم موجب، خواجہ محمد قوربيگ سندس لاش ٺٽي کڻائي اچي مڪليءَ تي مشهور رانئڪ ۾ دفن ڪرايو.

مرزا غازي بيگ

بادشاهي حڪم موجب، مرزا غازي بيگ پيءُ کان پوءِ خودمختيار ٿي تخت تي ويٺو. اميرن جو کيس ننڍپڻ ۾ ڏٺو هو سو، سندس ڪا به عزت نٿي ڪيائون. سندس ڀاءُ مرزا ابو الفتح جي زندگيءَ ۾، هڪ ڏينهن هيءُ سڀ سوار هئا ۽ هن ]78[ (ابو الفتح) جي تعظيم خاطر هن کي پوئتي ڇڏي ڏنو هئائون. انهيءَ ننڍپڻ جي وقت چيو هئائين ته ”جيڪڏهن مون کي حڪومت ملي، ته هنن بد باطن ٻه اکيائي ڪندڙن سان ڇا نه ڪندس!“ جيئن ته الاهيءَ تقدير موجب، مرزا ابو الفتح اڳڀرو وفات ڪري ويو هو، جهڙيءَ طرح بيان ٿي آيو، ۽ هن وقت هي ملڪ جو والي ٿي ويٺو، تنهن ڪري پنهنجي ڪاروبار ڏانهن توجهه ڪرڻ لڳو ۽ هو پڻ ظاهر داري ڪرڻ لڳا. يعقوب علي ڪوڪو منڊو، استاديءَ واري وقت ۾ ڏاڍي تڪليف ڏيندو هئس، ۽ مرزا جنهن به ماڻهوءَ کي سروپاءِ بخشيندو هو، ته پرپٺ انهيءَ کان کسي، هزارين حيلا هلائي، انهيءَ کي ]مس مس[ انعام جي ڏهين پتي ڏيندو هو. پهريائين ٻين جي عبرت واسطي انهيءَ جي جاگير ملا يعقوب کي، جو ننڍي هوندي سندس مڪتب جو پيش امام هو، ڏنائين. ظاهر ۾ پيءُ جي وڪيلن تي مهرباني ۽ انهن جي خاطرداري ڪندو آيو، پر ]اندروني طور[ پنهنجن خاص ماڻهن تي هٿ رکڻ لڳو. عرب ڪوڪہ ۽ ڀائيخان هن کي خيال ۾ ئي نه آڻيندا هئا، نادانن ائين نٿي ڄاتو، ته ”بزرگي به عقل است نه بسال“ (بزرگي عقل تي آهي نه عمر تي). پوءِ ته انهيءَ بلدن فطرت صغير پنهنجي حالت کي روز بروز تقويت ڏيئي، پهريائين شهبازيءَ کي، جو ڪتن ۽ ڪبوترن جي سنڀال ڪندو هو، نوازي، شهباز خان جو خطاب عطا ڪري، مدار المهام بنايو. پر جيئن سمجهيو هئائين تيئن نه ٿيو، تنهن تي احمد بيگ کي عام مختيار بنائي، مولي نالي هڪ هندو نوڪر کي  ’دولتراءِ‘  جو لقب ڏيئي، ماليات ان جي حوالي ڪيائين. احمد بيگ اڳين سڀني وڪيلن کي نظر انداز ڪري، ڏاڍي دور انديشيءَ سان ملڪ جي آمدني مان، جنهن تي اميرن ۽ وڏن ماڻهن قبضو ڪري، مرزا کي هڪ هڪ ويلي جو محتاج بنائي ڇڏيو هو، لکين رپيا وڌيڪ پيدا ڪيا. هاڻي جڏهن مرزا کي دل گهريو وڪيل ملي ويو، تڏهن هن رعيت ۽ سپاهين تي رعايت جو هٿ رکي، سڀني جا مواجب ۽ پگهارون وڌائين کين راضي ڪيو، ۽ خود پرست اميرن کي دل تان وساري بيڪار ڪري ڇڏيو. سندس جاگيرون هوريان هوريان وٺي، خالصه ڪري ان جي عيوض کي نقدي مواجب مقرر ڪري ڏنا. قصو مختصر، ته ننڍي ڄمار هوندي به پنهنجو ڪاروبار بلند درجي تي پهچائي، ٿورن ئي ڏينهن ۾ جيئن گهرجي تيئن خودمختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو. احمد بيگ کي  ’احمد سلطان‘  جو لقب بخشيائين.

ابو القاسم سلطان جو باغي ٿيڻ

مرزا جي ڪاروبار مٿئين نموني سان استقلال ورتو، ته پهريائين محمد علي سلطان ڪابلي، جنهن جو پٽ محمد معين پنهنجي مامي نالي سيور علي(1) سميت، ]مرزا غازي جي[ پيءُ وارن ڏينهن ۾، مرزا غازيءَ جي ڪچهريءَ ۾ شطرنج بازيءَ تان ڪاوڙجي، نديم ڪوڪہ ۽ قاسم علي ڪوڪي کي ڦـَـٽي،ڪچهريءَ مان نڪري ويو هو، ۽ ٻئي ڄڻا پنهنجي حويليءَ جي در تي قتل ٿيا هئا، سو ]فقط[ هڪ مست هاٿيءَ ڪاڻ، جنهن جي گهرائڻ لاءِ مرزا پنهنجو خاص ماڻهو جهنگلي شاهه موڪليو هو، بغاوت جو دم هڻي، لڙائي لاءِ تيار ٿي بيٺو. مرزا هي ٻڌي چيو، ته  ”هيءُ سارو ڪم خسرو خان چرڪس جو آهي، پهريائين انهيءَ کي هٿ آڻڻ گهرجي“ . هو مرزا عيسيٰ خان جو دلي دوست هو، تنهن کيس خبر ڏيئي، واقف ڪيو. اتي مرزا غازيءَ سمجهيو، ته خسرو خان کان به مرزي عيسيٰ جو ڪم ]پورو ڪرڻ[ مقدم آهي، جنهن تي هو ڀڄي وڃي پنهنجن ناناڻن سميجن ۾ ويٺو، ۽ چوڻ لڳو، ته  ”ٺٽي ۾ اڄ سڀاڻ فساد ٿيندو، جنهن ۾ اسان به ڪانه ڪا ڪنڊ هٿ ڪنداسون“ . مرزا غازيءَ جو بخت زور هو، نه ته مرزا باقيءَ جو پٽ مظفر ڪڇ ۾، ۽ مرزا عيسيٰ ترخان سميجن ۾ ڪي گهٽ نه هئا.

ايتري ۾ ]78[ ابو القاسم سلطان ولد شاهه قاسم خان ارغون، جو ڊگهي عرصي کان نصرپور جي پرڳڻي جو حاڪم هو ۽ بهادريءَ ۾ سندس مثال ڏنو ويندو هو، مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾، سوڍن کي ڪڍي، ڪيترا ڏينهن عمر ڪوٽ جي قلعي تي متصرف رهيو هو، ۽ آخر سندس پيءُ کيس پنهنجي صوبي ۾ موٽائي آيو هو، سو، باوجوديڪ سندس ڀيڻ مرزا جانيءَ جي گهر ۾ هئي، ۽ پنهنجي ڌيءَ پنهنجي ڀاڻيجي مرزا ابو الفتح سان مڱائي هئائين، جا هن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ مرزا غازيءَ جي نالي ڪئي هئائين، چوڻ لڳو، ته ”مرزا غازي ڪير آهي، جو منهنجي هوندي سندس ملڪ تي نوان نوازيل ماڻهو اقتدار ڄمائين!“  ]ائين چئي[ اول انهن واپارين کي ڦريائين، جي ٺٽي کان اوڏانهن وڃي رهيا هئا.

مرزا جي انهيءَ باري ۾ لکڻ تي جواب ڏنائين ته  ”توهان ۽ اسان جي وچ ۾ هيءُ  ’بارگاهه واهه‘  حد آهي، توهان کي پنهنجين حدن جو فڪر ڪرڻ گهرجي، ۽ هيڏانهن جي نيڪيءَ بديءَ جو نالو نه کڻو. ٻيءَ صورت ۾، اسان پنهنجي حد  ’عاليجان‘  جي ڪناري تي ڪنداسون“ . اهو خط لکي، اهڙوته فساد برپا ڪيائين جو خشڪي خواهه پاڻيءَ جون اچڻ وڃڻ جون سموريون واٽون بند ٿي ويون. هن واقعي تي اڳوڻا ترخان ۽ ارغون امير خوش ٿيڻ لڳا، ته خود سر مرزا اجهو ٿو برباد ٿئي. هوڏانهن بزرگ فطرت مرزا، ظاهر ۾ انهن تي نوازشون ڪري کانئن مدد جو طلبگار ٿيو، ۽ باطن ۾ پنهنجن نون نوازيلن کي نئين انتظام سان نوازڻ لڳو، ته جيئن منافقن کان باخبر رهي، ڪو اهڙو ڪم ڪري ڏيکارين جو دشمن جي برباديءَ جو سبب ٿئي.

مرزا غازيءَ جو ابو القاسم سلطان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرڻ

مرزا، دشمن جي بيخ ڪنيءَ کي ملڪ جي پائداريءَ جو سبب سمجهي، لشڪر وٺي ٺٽي کان نصرپور تي ڪاهيو. رستي ۾ دشمنن جي راتاهي جي خوف کان هر هنڌ کاهيون کوٽيندا، ]رهندا[ اچي ڪاتيار ۾ پهتا. اتي کاهي کوٽي، ڇانوڻي هنيائون. ابو القاسم سلطان، ڪي چالاڪ جوان ساڻ وٺي، اچي پيادو کاهيءَ ٻاهران بيهي آواز ڏنو، ته  ”فلاڻو (ابو القاسم) دعا سلام چئي پڇي ٿو، ته  ’توهان جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟‘  ابو القاسم اهڙو هيڻو ناهي جو توهان جي ڪاهه کان ڊڄي، راتاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري. دلجاءِ ڪري صفن جي جنگ جي تياري ڪريو“ . هيڏانهن جواب ڏنو ويو، ته  ”هو پنهنجي سر ۽ ساهه جو دشمن ٿي بيٺو آهي، جيسين اهي برباد نه ڪندو تيسين ]آرام سان[ نه رهندو“ . قصو ڪوتاهه، مرزا اتان نڪري، ساڪري جي سامهون منزل ڪري، مورچا قائم ڪيا.

چون ٿا ته، ابو القاسم جوانيءَ جي مستيءَ ۽ هٺ ۾ ڀرجي قلعي جي ڀت تي چڙهي، سپاهين کي پئي چيو، ته  ”مرزا جانيءَ جي والده پنهنجي پيءُ کي ڏيندس، محمد باقي ۽ سڀني ترخانن جون ڌيئرون اوهان کي ورهائي ڏيندس، هن جي نوڪرن جون جاگيرون پڻ توهان کي عطا ڪندس!“  پر غافل کي اها خبر نٿي پيئي، ته تقدير کيس ڪهڙا ڏينهن ڏيکاريندي، ۽ کيس نمڪ حراميءَ جو ڇا نتيجو ملندو؟

صلح جي حقيقت

ابو القاسم سلطان جي والد شاهه قاسم، دور انديشيءَ ۽ عقلمنديءَ کان ڪم وٺي، دل ۾ چيو، ته ”سندس پٽ هيءُ ڪم برو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي مربيءَ سان فساد هميشہ  جي خواريءَ جو سبب آهي، خصوصاً اهڙي ملڪ جي مالڪ سان جو روءِ زمين جي بادشاهه جو مقرر ڪيل آهي، مخالفت ]79[ ڪرڻ، پنهنجي بدبختيءَ جي نشاني آهي. بهتر ائين ٿيندو، ته مرزا جي خدمت ۾ پٽ جي جان بخشي ۽ گناهن جي معافيءَ جي درخواست ڪري، هن ]قصور[ جو تدارڪ ڪيو وڃي“ . ڀائيخان، انهيءَ خيال کان، ته هن فساد بند ٿيڻ کان پوءِ مرزا جي دربار ۾ سندس عزت نه رهندي، صلح کان روڪيندو ٿي آيو. مرزا جي فدائين کيس (مرزا کي) اها ڳالهه دل تي وهاري، ڪاري نالي نوڪر جي هٿان ڀائيخان کي زهر ڏياريو(1). هو بيمار ٿيڻ کان پوءِ موڪل وٺي ٺٽي روانو ٿيو، ۽ گهر ۾ پهچڻ سان گذاري ويو. انهيءَ روڪ دفع ٿيڻ کان پوءِ، ابو القاسم سلطان پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ مقيم سلطان جي معرفت مرزا جي خذمت ۾ حاضر ٿي، ٿوري وقت کان پوءِ موڪل وٺي موٽي ويو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ڏينهن آمد رفت ڪندو رهيو.

بو القاسم سلطان کي انڌي ڪرڻ جي حقيقت

چون ٿا، ته ابو القاسم سلطان ڏاڍو سخي ۽ مـُـخير هو، پر ريل جي درويشن جو چوپايو مال ڦريو هئائين، سو اُهي هڪ ڏينهن ڏاڍا رنج ٿي گڏجي ويهي چوڻ لڳا ته  ”انهيءَ بدلي وٺڻ لاءِ غيب جي بٿيءَ مان تير ڪڍي، هن ظالم کي هڻڻ گهرجي.“  تنهن تي هڪڙي چيو،  ”احسان ۽ سخا ڪرڻ ڪري سندس سڀ عضوا ]خدائي[ حفاظت جي زرهه ۾ محفوظ آهن، مگر سندس اکيون انهيءَ کان خالي آهن، جيڪو انهن کي نشان بنائي سگهي، ته ڀلي ڪري.“  اتفاقاً انهيءَ ويجهڙائيءَ ۾ هوڏانهن اهو واقعو ٿيو، ۽ هيڏانهن مرزا پنهنجن خاص ماڻهن کي چيو، ته  ”ابو القاسم تي اعتبار ڪونه اٿم، ۽ سندس جان بخشيءَ جو قسم کڻي چڪو آهيان، تنهن ڪري کيس اکين جي نور کان محروم ڪري بيخوف ٿيڻ گهرجي“ . اهو ٺهراءُ ڪري، هڪڙي ڏينهن ڊونڊيءَ جو سير مقرر ڪري، انهيءَ واهه مان لنگهي، جو سندس (ابو القاسم) جي ديري جي سامهون هو، درياءَ جي ڪناري تي ساوڪ ۾ وزيرن سان مجلس قائم ڪيائين، ۽ فيصلو ٿيو، ته سڀڪو هٿيارن ۽ ماڻهن کان سواءِ حاضر ٿئي. اتي ويهي، ابوالقاسم سلطان ڏانهن ماڻهو موڪليائين ته ” ’چنيسر نامہ‘  پاڻ سان کنيو اچج، ته هن تفريح گاهه ۾ انهيءَ شغل ۾ مشغول ]رهون[.“  هو ڏاڍي شوق سان اهو ڪتاب کڻي، جو سندس نالي تي تصنيف ٿيو هو، دستوري شان شوڪت سان سوار ٿيو. اڌ واٽ ۾ کيس محمد علي سلطان ڪابليءَ جو خط مليو، جهن ۾ کيس خبردار ڪيل هو، پر ڇاڪاڻ ته تقدير سندس ڪم پورو ڪري چڪي هئي، تنهن ڪري اهو خط بنا پڙهڻ جي کڻي کيسي ۾ وڌائين. مرزا جي دربار ۾ لهڻ کان پوءِ دربان کيس ٻڌايو، ته  ”مرزا ڪن ٿورن وزيرن سان هن ڀر سير ڪري رهيو آهي، توهان اڪيلا تشريف وٺي وڃو.“  هو غرور ۽ تڪبر وچان سڀ ماڻهو ديوان خاني ۾ ڇڏي، فقط هڪ ماڻهوءَ سان وڃي ڊونڊيءَ ۾ چڙهيو، جنهن ۾ مرزا جا ڪي ماڻهو ويٺل هئا. جنهن وقت وچ واهه ۾ پهتا، تڏهن بابا علي دل جو نهايت قداور ۽ سـَـگهو مڙس هو، تنهن ٽپو ڏيئي کڻي سندس ٻئي هٿ پٺيان محڪم ڪري جهليا. پوءِ ته هڪڙي سندس پڳ لاٿي ۽ ٻئي ترار ۽ جمدر کسيا، ۽ مضبوط ٻڌي مرزا ڏانهن خبر موڪليائون. حڪم ٿيو، ته  ”اتي ئي سيخون تپائي، سرائيءَ وانگيان سندس اکين ۾ گهمايو“ ، جنهن کان هن جا ٻئي تارا واسدانيءَ وانگيان جهانجهرا ٿي پيا. بس پوءِ ته کيس پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي، سندس ديري جي لـُـٽڻ تي ماڻهو ڇڏيائون. سندس رفيق، جي سڀ بهادريءَ جي دعوا ڪندڙ هئا، نهايت برباديءَ سان لـُـٽجي ويا. سندس عزيز جعفر علي ارغون ڪجهه ڌڪ هنيا، پر گرفتار ٿي پيو، ۽ ٻيا ماڻهو امان وٺڻ لاءِ وڃي مرزا جي ماڻهن جي چادرن ۾ لڪا. ديري کي ڦـُـري لـُـٽي، لشڪر ساڪري وڃي سندس سمورو مال ]80[ هٿ ڪيو، پر هن جي تعلقدارن کي ڪو به ايذاءُ نه ڏنو. تنهن کان پوءِ ابوالقاسم ۽ جعفر عليءَ کي ٻيڙيءَ ۾ وجهي، عرب ڪوڪي جي نوڪر دريا خان هٿان، ٺٽي موڪليائون. محمد علي سلطان ڪابليءَ لاءِ حڪم ٿيو، ته  ”توبچي بندوقن جي قنداقن سان سندس ڪلهن جا هڏا چٿين“ ، ۽ مٿس پٽهنس جي هاٿيءَ نه ڏيڻ جي تهمت رکي، کيس آتش خان جي حوالي ڪيو ويو. مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي ڳڻتيءَ ۾ ]شهنشاهه اڪبر جي[ حـضور ۾ ڀڄي ويو. هاڻي مرزا ]غازي[ دلجاءِ ڪري اچي ٺٽي ۾ ويٺو.

چون ٿا، ته اڪبر بادشاهه جي دربار جو ايلچي بابا طالب، هنن ڏينهن ۾ مرزا جي وٺڻ لاءِ آيو هو ۽ اهي سڀ واقعا سندس اکين آڏو ٿيا هئا. اگرچ مرزا جي حضور ۾ پهچائڻ لاءِ هر روز تاڪيد ٿي رهيو هئس، پر ملڪ ۾ هيءُ فساد ڏسي ڍُڪندو ٿي رهيو. کيس زبردستيءَ کڻي وڃڻ جيترو هن کي زور به ڪونه هو. آخر پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٻن سالن جي عرصي ۾ ملڪ جو پورو پورو انتظام ڪري، رعيت ۽ سپاهين کي عطائن ۽ انصاف سان پنهنجو گرويده بنايائين. راتين جو چمڙا پوش ڪري، شهر ۾ چڪر ڏيئي رعيت جو پورو پورو احوال معلوم ڪرڻ، سندس دستور هو.

ڪڪرالي جي حاڪم ڄام ڏيسر جي پٽ ڄام هالي، مرزا جي ڪنهن جاگيردار کي سندس حدن اندر ڪـُـهي فساد کڙو ڪيو، جنهن جي وير وٺڻ لاءِ مرزا مٿس حملو ڪيو. بخت جي زور هجڻ ڪري، ڄام هالي جو هڪ مائٽ ڄام داُد سندس لشڪر جو سونهون ٿي پيو، ۽ دشمن کي ملڪ مان هڪالي ڪڍيائين، جنهن ڪري اهو ملڪ مرزا جي هٿ ۾ آيو.

ڄام داؤد ملازمت جو شرف حاصل ڪري، پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ مرزا کي ڏيئي، انهيءَ ملڪ جي زمينداريءَ جي درخواست ڪئي. هن جي حسن خدمتيءَ جي مدنظر تي ]اها درخواست[ قبول پيئي، ۽ مٿئين ملڪ کي ٽي حـصا ڪري، هڪ حـصو ڄام داؤد کي ڏيئي، باقي ٻه حـصا خالصه ڪري ڇڏيائون. ڄامن جي هيءُ مائٽي مرزا غازيءَ جي خصوصيت آهي، ڇاڪاڻ ته اڳيان ارغون ۽ ترخان انهيءَ لاءِ ڏاڍي ڊڪ ڊوڙ ڪري ويا، پر ڪجهه نه وريو.

قصو ڪوتاهه - هاڻي خبر پهتي، ته ]اڪبر جي[ حـضور مان مرزا جي آڻڻ لاءِ، نواب سعيد خان مقرر ٿيو آهي. هيءُ خبر ٻڌي، اميرن کي گڏ ڪري چيائين ته  ”جيڪڏهن زر ۽ خزانو هجيم ها، ته هڪ دفعو وري به بابي وانگيان زور آزمايان ها، ٻيءَ صورت ۾، پوءِ صلح پري ڪونه هو، جيئن اسان جو رعب تاب زائل نه ٿئي ها، ۽ پهريائين لـَـڪيءَ جي جبل وٽ آمد رفت جو رستو بند ڪري، هڪ مضبوط ننڍڙو قلعو ٺاهيون ها. پر خزاني جو هٿ اچڻ ڏکيو آهي، تنهن ڪري بهتر آهي، ته نواب سعيد خان، جو لشڪر ۽ طاقت ۾ خانخانان کان وڌيڪ ٿو ٻڌجي، جي اچڻ کان اڳ حـضور ڏانهن روانا ٿيون“. اهو فيصلو ڪري، خسرو خان چرڪس، عرب ڪوڪہ ۽ آله قلي ديوان کي اعتماد جوڳي لشڪر سان ٺٽي ۾ ڇڏي، احمد بيگ سلطان، لطف الله سلطان، خواجہ امير بيگ بخشي ۽ خسرو خان جي پٽ ڀائيخان کي ٻين مقربن سميت پاڻ سان رکي، فتح باغ ۾ ويهي، حـضور ڏانهن روانگيءَ جي تياري ڪرڻ لڳو.

مرزا ابوالقاسم سلطان جو قيد مان ڀڄڻ ۽ وري گرفتار ٿيڻ جو واقعو

جنهن وقت ابو القاسم سلطان، عرب ڪوڪہ جي حويليءَ ۾ هن جي خدمتگار دريا خان جي نگرانيءَ هيٺ قيد ۾ ٿي رهيو، تڏهن ساڻس ايتري، ته رعايت روا رکي ٿي ويئي جو کاڌي پيتي کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن زال يا لاسڙياٽ ڇوڪريءَ جي گهر ٿي ڪيائين، ته به کيس ڪنهن نٿي روڪيو. ]هن انهيءَ آزاديءَ جو غلط فائدو وٺي مرزا[ غازيءَ جي نڪري وڃڻ کان پوءِ، پنهنجي ڀيڻ سان صلاح ڪئي، جنهن کاڌي جي خونچي ۾ سندس لاءِ هڪ ڪمند ]81[ موڪلي، هوڏانهن واهه تي ٻيڙي تيار رکي، ٻئي ڪپ تي ٻه اُٺ بيهاري ڇڏيا. آخر هڪ رات، اکين جي نور نه هوندي به، انهيءَ وڏيءَ حوليءَ مان، جنهن کي بادگير کان سواءِ ٻاهر نڪرڻ جو ٻيو ڪو به رستو نه هو، چؤڪيدار جي ننڊ پوڻ کان پوءِ اٿي، اڪيلو ئي اڪيلو سمهڻ واري کٽ سڌي بادگير هيٺان ڀت سان رکي، بادگير مان مٿي چڙهي ويو، ۽ ٽه طبقي حويلي لتاڙي، هڪ سوڙهيءَ دريءَ مان، ڪمند محڪم ٻڌي، ايڏي تڪليف سان، جو سندس بدن جي اڪثر کل لهي وئي هئي، پاڻ کي زمين تي پهچايائين، ۽ ٻيءَ حويليءَ مان جعفر عليءَ کي پاڻ سان وٺي، ٻيڙين تي واهه ٽپي، اُٺن تي چڙهي، کڻي شورن جي ڪوهستاني قوم وارو رستو ورتائين. صبح جو چؤڪيدار کي خبر پيئي، تن هر طرف سوار خواهه پيادا ماڻهو ڊوڙايا. مرزا غازي فتح باغ ۾ اهو واقعو ٻڌي، ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، ته متان اهو رستم ڪو لشڪر وٺي راتاهو ڏئي. دريا خان خانه خرابيءَ جي خوف کان هر گهاٽ ۽ گهيڙ تي انهن جو ڏس پڇندو رهيو. آخر ساموئيءَ جي ڳوٺ ۾ ٻڌائين، ته اتان صبح جو ڪن سفيد پوش ماڻهن سان ڀريل ٻيڙي لنگهي هئي، تنهن کان پوءِ معلوم ٿيس، ته چار ماڻهو ٻن اُٺن تي، جي ڪالهه هتي پئي چريا، سوار ٿي ڪجهه ماڻهو ساڻ ڪري جبل جو رستو وٺي ويا، سو انهيءَ ڏَسَ تي ڊوڙي وڃي کين پهتو. پيادا جهنگ ۾ لڪي ويا، باقي ٻئي اُٺ سوار: ابوالقاسم ۽ ٻيو جعفر علي، دريا خان جي اکين چڱيءَ طرح سڃاتا. پوءِ ته هڪدم پرواني وانگيان اڪيلوئي اڪيلو وڃي جعفر عليءَ تي ڪڙڪيو. هن به گهوڙي جي ٻوٿ تي ڌڪ هنيو. هڪ ٻئي سان ٻه ٽي دفعا ڌڪا ڌڪي ڪرڻ کان پوءِ، آخر ٻـيا پيادا ٿيا، ۽ ڪجهه مارڪٽ کان پوءِ نيٺ جعفر علي قتل ٿي ويو. ابوالقاسم سلطان اُٺ تان لهي ٿورا پٿر پاڻ وٽ گڏ ڪري هڻڻ لڳو. دريا خان چيس ته  ”جيستائين منهنجو ٽڙيل پکڙيل لشڪر گڏ ٿئي، تيستائين اتي ويٺو رهج، چرندين ته ڪنڌ لاهي ڇڏيندو سانءِ!“  چوڻ ڪاڻ ته اهي الفاظ چئي ويو، پر ساڻس ڪو به همراهه ڪونه هو، تنهن ڪري ماڻهن جي ڳولا ۾ اتان کان پوئتي موٽي آيو، ۽ اهو وقت ابوالقاسم سلطان کي اتي ڇڏي ڏنائين. درياخان ويجهڙائيءَ واري هڪ ڳوٺ جو وڏيرو ۽ هڪ ٻيو ڳوٺاڻو هٿ ڪري، پاڻ سان رفيق ڪيو، پر ڇاڪاڻ ته بيخود ٿي ماڻهن جي ڳولا ۾ ڊوڙندو ٿي وتيو، تنهن ڪري اها جنگ واري جاءِ ڀلجي ويو، ۽ ان جي پتي ڪڍڻ کان عاجز ٿي بيهي رهيو. هو وڏيرو ڪارائتو ماڻهو هو، تنهن چيو، ته  ”جتي ماڻهو قتل ٿيو هوندو اتي ضرور ڪانو پهتا هوندا، تنهن ڪري جاچڻ گهرجي، ته ڪانو ڪا جاءِ ڏيکارين ٿا يا نه؟“ . آخر انهيءَ پتي تي جاءِ هٿ ڪري، جعفر عليءَ جو سر وڍي نيزي تي چاڙهي، ابو القاسم، جنهن کي ٻڌي اُٺ تي ڪڙيو هئائون، جي سامهون رکي، شهر ۾ کڻي آيا، ۽ سڄو شهر ڦيرائي وڃي کيس قيد ڪيائون.

نقل آهي، ته جعفر عليءَ جي ڪـُـتي ڏاڍي وفاداري ڏيکاري. جيڪي ٻه ڏينهن سندس مالڪ جو سر بازار ۾ لڙڪيل هو، ته انهيءَ کان جدا نه ٿيو، ۽ دفن ڪرڻ کان پوءِ به ڪيترو وقت ماڻهو هن کي قبر تي ڏسندا رهيا.

مرزا غازيءَ، ابوالقاسم سلطان جي لڀڻ جي خبر ٻڌي عرب ڪوڪہ جي لاءِ گهوڙو ۽ سروپا، ۽ دريا خان لاءِ سروپا ۽ مواجب جي اضافي ]جو حڪم[ موڪليو.

مرزا غازي بيگ جو حضور ۾ پهچي سرفرازي حاصل ڪرڻ

مرزا، ابوالقاسم جي ڪم جي دلجاءِ ڪري، فتح باغ کان اڳتي روانو ٿيو. بکر جي شهر ۾ نواب سعيد خان سان ملاقات ڪري کيس نياز واريءَ زبان سان دير جا سبب ٻڌايائين. مٿئين نواب، سندس حال تي ڏاڍو توجهه ڏنو، ۽ پنهنجي پٽ مرزا ]82[ سعد الله کي چيائين ته ”هن جوان جي پيشانيءَ ۾ بخت جا نشان ظاهر آهن، ۽ توکي هن جو ڀاءُ بنايان ٿو، تنهن ڪري هڪ ٻئي سان ظاهري خواهه معنوي برادري قائم ڪريو، جيئن دلگير نه ٿئي.“ هو ٻئي گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان گڏ پولو راند يا شڪار ۾ مشغول رهندا هئا. آخر مقرر منزلن طئي ڪرڻ کان پوءِ، 1013 هجريءَ ۾ دار الخلافت آگري ۾ اعليٰ حضرت جي قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪري، پيءُ واري منصب سان سربلند ٿي سنڌ جو پرڳڻو جاگير طور وٺي، حضور ۾ رهڻ لڳو. ٿورن مهينن گذرڻ کان پوءِ، تقديراً بادشاهه جو قضيو ٿي پيو، ۽ جهانگير جي حڪومت جو ستارو سلطنت جي مٿان چمڪيو. انهيءَ حالت ۾ ڪن بدخواهن جي صلاح تي، مرزا مخفي طور آگري کان ٺٽي ڀڄي آيو. مرزا جي ٺٽي ۾ پهچڻ تي، نور الدين محمد جهانگير بادشاهه جي طلب جو فرمان به اچي پهتو، تنهن سان گڏ مودي خان کي موقوف ڪري، مير عبدالرزاق معموريءَ کي ملڪ جو امين ۽ سيوهڻ، لاهري بندر ۽ ضربخاني جي نگرانيءَ ۽ انتظام جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. مرزا غازي بيگ گهرائڻ تي هڪدم اعليٰ حـضرت جي بساط بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو، ۽ انهن حاسدن جي مرضيءَ جي برخلاف، جن پر پٺ سندس باري ۾ ڪي ڳالهيون عرض ڪيون هيون، اڳئين کان به وڌيڪ سرفراز ٿيو.

چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ بادشاهه کي شهزادي خسروءَ جي مهم درپيش هئي، ۽ ان جي دفع ڪرڻ لاءِ اميرن سان صلاح ڪري رهيو هو. مرزا حـضور ۾ پهتو، ته اميرن کي چيائين ته ”غازي مرزا کان پڇڻ گهرجي، ته هن باري ۾ سندس راءِ ڪهڙي آهي؟“  اميرن وراڻيو، ته ”هو نوجوان ناتجربيڪار آهي، بادشاهي معاملات جي کيس ڪهڙي خبر؟“ بادشاهه فرمايو، ته ”آخر ملڪ جي واليءَ جو پٽ آهي، سندس راءِ ڪنهن به حالت ۾ غلط نه هوندي.“ بس پوءِ ته مرزا کي سڏڻ لاءِ ماڻهو پهچي ويو. زمين بوسيءَ جي شرف حاصل ڪرڻ کان پوءِ، بادشاهه فرمايو، ته ”غازي مرزا، هن مهم ۾ تون ڇا ٿو چوين؟“ وراڻيائين، ”جيڪا راءِ، عاليءَ جي تقاضا هوندي، اهائي صحيح هوندي.“ فرمايائين، ”آخر ڪجهه ته ٻڌاءِ تنهنجي دل ۾ ڇاٿو اچي؟“ عرض ڪيائين ته ”دين ۽ دنيا جا قبلا، جڏهن هن ڪمترين غلام کي هن خصوصيت سان مخصوص فرمايو ٿا، تڏهن جيڪي منهنجي دل ۾ آهي، سو انهيءَ وقت عرض ڪندس، جڏهن هڪڙو پير مبارڪ رڪيب ۾ وجهندا“ ظاهرن بادشاهه جي راءِ پڻ پنهنجي سر وڃڻ تي هئي. هن جو مقصد معلوم ڪري، اميرن کي فرمايائين ته ” آخر شهزادو آهي، جيڪي چوي ٿو، اسان جي صلاح به اهائي آهي“ ۽ انهيءَ روانگيءَ جي ڪري، خسروءَ جو تدارڪ عنقريب دل گهرئي نموني تي ٿي ويو.

خسرو خان جي شورش جي حقيقت

جڏهن مرزا غازي بيگ حضور ڏانهن ٿي ويو، تڏهن احمد بيگ سلطان کي ٺٽي ۾ رهائڻ ٿي چاهيائين، ۽ خسروخان چرڪس کي، جنهن کان اطمينان ڪونه هئس، پاڻ سان گڏ وٺي ٿي ويو. خسرو خان کيس اتي ڇڏي وڃڻ لاءِ ماڻهو سفارشي آندا. هوڏانهن احمد بيگ سلطان پڻ چيو، ته ”ملڪي ماڻهو خسرو خان سان ٺهيل آهن، تنهن ڪري منهنجي هت رهڻ جو ڪو به وزن نه ٿيندو“، تنهن ڪري هن دفعي کيس پاڻ سان وٺي، جڏهن حـضور ۾ حاضر ٿي نوازشن سان سرفراز ٿيو، تڏهن حـضور جي حڪم سان هن کي وري ٺـٽي موڪلي، خسرو خان کي فوجداري ]معاملات[ کان سواءِ ماليات ۾ دخل نه ڪرڻ بابت لکيائين. احمد بيگ سلطان جي اچڻ کان پوءِ، خسرو خان، قطب عالم شيخ بهاؤ الدين ملتانيءَ جي اولاد شيخ ڪالي، جو سندس ناٺي هو، ۽ قاسم چرڪس سان صلاح ڪري، فيصلو ڪيو، ته هڪ دفعو احمد بيگ کي بيحرمت ڪري ]83[ سندس مالڪ ڏانهن موڪلڻ گهرجي، جيئن وري ٻيهر حڪومت جي خواهش نه ڪري! اهو فيصلو ڪري، ارغون جماعت کي گهرائي چيائين ته ”صبحاڻي (سڀاڻي) جيئن مرزا احمد بيگ، مرزا غازيءَ جي والده بيگم جو سلام ڪري ديوان عام ۾ ويهي، تيئن توهان سندس بيعزتي ڪجو.“ صبح جو احمد بيگ اهو معاملو معلوم ڪري، جيڪي ماڻهو ساڻ آندا هئائين تن سان تڪڙو تڪڙو پنهنجي حويليءَ ۾ گهڙي ويو، ۽ اتان شاهه ابوالقاسم ارغون جي مدد سان، جو نصرپور کان اچي پهتو هو، عمر ڪوٽ جي رستي، حضور ڏانهن روانو ٿيو. ارغونن جو ٽولو خسرو خان جي چوڻ تي گهڻوئي سندس پٺيان پيو، پر هو حقيقي حافظ جي حفاظت ۾ سندس شر کان محفوظ رهي، وڃي حـضور ۾ حاضر ٿيو.

مرزا جو پهريون دفعو قنڌار ۾ وڃڻ

سنہ 1015 هجريءَ ۾ شاهه بيگ خان جي ملازم حيدر جي نمڪ حراميءَ ڪري خراسان جو لشڪر، قنڌار تي ڪاهي، پورو سال شاهه بيگ خان تي گهيرو ڪري ويٺو. دار الخلافت مان مرزا قره خان، جنهن کي انهيءَ صوبي جي سرداري عطا ٿي هئي، ]هن مهم کي سر ڪرڻ لاءِ[ مقرر ٿيو. مرزا (غازي) پڻ انهيءَ سان شامل ڪيو ويو. بخت جي تائيد ڏسو، جو قره خان رستي ۾ گذاري ويو. هن جي وڪيلن سندس ڇڏيل سامان ۽ لشڪر سندس پٽ وٽ پهچائڻ چاهيو، جو بکر ۾ رهندو هو. مرزا، لشڪر جي بخشيءَ (خزانـچي يا سيڪريٽري) کي چيو، ته  ”قره خان جي موت ڪري هن مهم کي دير ڪرائڻ، ۽ سندس لشڪر کي سندس پٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ بادشاهه جي خيرخواهي ڪانه آهي. اسان سڀ بادشاهه جا ملازم آهيون، سندس بخت اسان جو سردار آهي، تنهن ڪري بهتر آهي، ته جنهن صورت ۾ منهنجو لشڪر ۽ خزانو منهنجي ملڪ ۽ جاگيرن مان اڃا مون وٽ نه پهتو آهي، توهان هي ]سڀڪجهه[ منهنجي حوالي ڪريو، ته الله تي توڪل رکي هن مهم کي منهن ڏيان.“  بادشاهي امير هن باري ۾ ويچار ڪرڻ لڳا، ته هوڏانهن مرزا ڪوچ جو نعارو وڄائي، ٻاهر نڪتو. لاچار سڀيئي هن جي مخالفت نافرمانيءَ جو سبب سمجهي، سندس پويان لڳا. حسن اتفاق ۽ بخت جي تائيد اهڙي ٿي، جو هي اڃا قنڌار کان ٻه ٽي منزلون پري پهتائي ڪين، ته خراسان جو لشڪر واپس ڀڄي ويو، ۽ ”فتحنامو“ مرزا جي نالي لکيو ويو.

چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ قنڌار ۽ انهيءَ جي آسپاس اناج تمام مهانگو ٿي ويو هو، جنهن ڪري مرزا جا گهڻا ماڻهو زيان ٿيا ۽ ڪيئي سوار پيادا ٿيا. مرزا پنهنجي تنگيءَ جو احوال حضور ۾ عرض ڪيو، جتان بکر موٽي وڃي پنهنجو تدارڪ سوچڻ، ۽ هن کان بعد سندس لاءِ جيڪو ٻيو حڪم صادر ٿئي، تنهن جي تعميل ڪرڻ جو ارشاد ٿيو. مرزا حڪم موجب، اتي پهچي تياريءَ کي لڳي ويو، ته هيڏانهن سندس بخت جي بدخواهه حاسدن، بادشاهه کي عرض ڪيو، ته ”مرزا وري پنهنجي ملڪ مان موٽي حضور جي قدمبوسيءَ لاءِ حاضر ڪونه ٿيندو.“ انهيءَ خبر کان متاثر ٿي، بادشاهه سندس گهرائڻ جو فرمان موڪليو. جيئن ته هي اڳيئي تيار ۽ منتظر ويٺو هو، تنهن ڪري فرمان پهچڻ شرط حضور ڏانهن روانو ٿيو، ۽ جنهن وقت بادشاهه ڪابل کان لاهور وڃي رهيو هو، تنهن وقت قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪري، چغلن جو منهن ڪارو ڪيائين، ۽ شاهي نوازشن، عهدي ۽ جاگير جي ترقي ۽ قنڌار جي بالاستقلال سرداريءَ سان سرفراز ٿيو.

مرزا غازيءَ جو ٻئي دفعي قنڌار ڏانهن (مغل) سردار جي

حيثيت ۾ روانو ٿيڻ

جڏهن مرزا سنڌ تي سيوستان ۽ ملتان جي ڪجهه حصي جي اضافي سان گڏ قنڌار جي سرداريءَ سان سرفراز ٿي، لاهور کان ملتان ]84[ پهتو، تڏهن پهريائين، ڪنهن ٻئي کي پنهنجي پاران نائب مقرر ڪري اوڏانهن (قنڌار) موڪلڻ گهريائين. اول محمد امان ترخان کي هاٿي، جهنڊي ۽ ٻين نوازشن سان سرفراز ڪري ]موڪلڻ جي[ صلاح ڪيائين، پر هن بدبخت چيو، ته  ”ننڍڙو پٽ ساڻ اٿم، انهيءَ کي ٺٽي پهچائڻ جو موقعو ڏيوم، پوءِ جيڪو حڪم فرمائيندا انهيءَ تي تعميل ڪندس“، تنهن ڪري هن جي موقوف ٿيڻ تي احمد بيگ سلطان هن نعمت سان سرفراز ٿي،  ’اعتماد خان‘  جو لقب وٺي، اچي قنڌار پهتو، ۽ ملڪ جو ڌارئي لشڪر جي اچڻ ڪري دربدر ٿي ويو هو، تنهن کي اڳي کان اڳرو آباد ڪيائين. مرزا به ملتان کان بکر اچي، پنهنجي وڏيءَ والده کي ملڪ جي ڪامورن سميت گهرائي، ملڪ جي ڪاروبار جو انتظام درست ڪري، هر هڪ ملازم ۽ لاڳاپيدار کي درجي آهر نوازي، ڪن کي موڪل ڏيئي ۽ ڪن کي پنهنجي همرڪاب رکي، سيويءَ ۽ گنجابه(1) جي رستي کان قنڌار ويو. اتي وڃي، سرخرو خان جي پٽ ڀائيخان ۽ لطف الله کي افغانن تي چاڙهي موڪليائين، ۽ راءِ کهورئي جي پٽ راءِ ماڻڪچند کي مٿئين حيدر فساديءَ جي مٿان مقرر ڪيائين، جن هرهڪ جي ]دماغ مان[ وڏائيءَ جو واءُ ڪڍي سندس پاڙ پٽي ڇڏي. مير عبد الله سلطان کي  ’مير خان‘  جي لقب سان سرفراز ڪري، ايران جي واليءَ شاهه عباس ڏانهن ايلچي ڪري موڪليائين، جنهن لائق تحفا ساڻ کڻي وڃي پاڻ ۾ جيڪو جهڳڙو هو تنهن کي بند ڪيو. پوءِ آرام سان حڪومت جي گاديءَ تي ويهي مرادون ماڻڻ لڳو.

چون ٿا، ته مرزا ٺٽي، سيوهڻ ۽ ملتان جي ڪجهه حـصي جي جاگير ۽ پوري قنڌار هوندي به، گهڻيءَ سخا ۽ عطا سببان، هميشہ سڃائيءَ ۽ بي خرچيءَ جي حالت ۾ گذاريندو هو. هڪ ڏينهن خرچ جي وڪيل کيس چيو، ته  ”ڇهه مهينا گذري ويا آهن، جو توهان آمد ۽ خرچ جا ڪاغذ معائنو نه فرمايا آهن. خرچ آمدنيءَ کان زياده ٿي ويو آهي. مهرباني فرمائي ڪا گهڙي متوجهه ٿي، ٻه ٽي پرت مطالع ڪريو“ . ]ڇا ڪيائين جو[ ڪاغذ وٺي ڦاڙي، چوڻ لڳو: ”منهنجي والد بزرگوار وٽ جيڪي هو سو سڀ خرچي، منهنجي لاءِ ڪجهه نه ڇڏيو هئائين، تڏهن به رازق مطلق مون کي شهنشاهي دولت جي دروازي تي خصوصيت عطا فرمائي آهي، جا بخت جي تائيد سان روز بروز واڌاري ۾ آهي. الحمد لله، رزق کان خالي ناهيان. جهڙيءَ طرح هيءُ سڄي عمر گذري آهي، باقي پڻ گذري ويندي، تنهن ڪري مون کي هن ڳڻتيءَ ۾ نه وجهو.“

ٻئي دفعي وڪيلن عرض ڪيو، ته ”ٺٽي ۾ خسرو خان سموري ماليات تي متصرف آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو وڃي اتي جي مالي ڪاروبار جو مطالعو ڪري اچي ٻڌائي، ته اها ڳالهه مصلحت کان ٻاهر نه ٿيندي“. هن موجب راءِ کهوري جي ناٺيءَ سائين ڏني کي ”هندو خان“ جو خطاب عطا ڪري، خزانچي بنائي ٺٽي موڪليائين. هن خسروخان جو سمورو غبن ظاهر ڪري اچي پيش ڪيو، جنهن تي مرزا مجلس وارن کي حڪم ڪيو، ته سندس پٽ ڀائيخان کي تڪليفون ڏيندا رهن.

خسرو خان جي غلبي جو احوال

چون ٿا، ته جڏهن خسرو خان کي ٺٽي ۾ استقلال حاصل ٿيو، تڏهن پنهنجن ڏهٽن کي ملڪ جون واڳون ڏيئي، مرزا غازيءَ کي ملڪ جو مالڪ نٿي سمجهائين. انهن مان سندس ڏهٽو محمد بيگ ولد رستم بيگ، نيرون ڪوٽ جو حاڪم، گهڻو ڪري ارغونن ۽ ترخانن تي ظلم ڪندو هو، ۽ جيڪو به ايندو هو، ته هٿ ]85[ جي بدران پير ڊگهو ڪري ڏيندو هو، ۽ سندس پٽ ڀائيخان جي پٽ فتح  الله ، مرشد خان کي، جنهن کي مرزا سندس پيءُ ڀائيخان کان وڌيڪ عزت ڏيندو هو، سندس جاگير تان گهرائي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏنو. شيخ ڪالي جي پٽ شيخ عبدالباقيءَ هندن جي هڪ وڏيءَ مجلس ۾ هڪ کٽيءَ کي اشارو ڪيو، جنهن تي هن ڀريءَ مجلس مان هڪ عورت کنئي، پر هندن، جي هزارن جي تعداد ۾ هئا، بلوو ڪري هن کان کسي ورتي.

مطلب، ته ماليات جي غبن کان سواءِ، اهي مٿيون ڳالهيون سڀ مرزا جي گوش گذار ڪيون ويون، جنهن تي مرزا کي ڏاڍو غصو آهيو، ۽ هڪ ڏينهن کـُـليءَ مجلس ۾ چيائين ته  ”خدا گهريو، ته خسرو خان کي لڪڙي هٿ ۾ ڏيئي ٻانهين جو دربان بنائيندس، ۽ لطف  الله ، ڀائيخان جي پٽ فتح الله کي ڪؤنرو هٿ ۾ ڏيندس، ته پيءُ ۽ ڏاڏي جي روبرو پنهنجن نوڪرن جا هٿ ڌئاري، ۽ محمد بيگ کي گهنڊڻيون چيلهه ۾ ٻڌي، شاطرن (ڪنجڪين) وانگيان، گهٽ ۾ گهٽ غلام جي رڪيب سان ڊوڙائيندس!“ پر کيس تقدير جي خبر ڪانه هئي، ته پنهنجي هن تمنا کان اڳ پاڻ ڪٿي وڃي پهچندو؟

قصو  مختصر، ته خسرو خان کي ڏهٽن، پوٽن، مال ملڪيت ۽ ننڍن وڏن چرڪسن سميت وٺي اچڻ لاءِ، راءِ کهورئي جي ناٺي راءِ سائين ڏني کي، جنهن کي هندوخان جو لقب مليل هو، سردار مقرر ڪري، سندس سالي راءِ ماڻڪچند ۽ شهباز سان گڏ ٺٽي تي مقرر ڪيائين.

هندو خان جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيل واقعن جو بيان

هندوخان مٿين سردارن سان گڏ نصرپور جي حد ۾ پهچي، پهرين ٻاهرين معاملن کي سڌو ڪري پوءِ ملڪ ۾ اندر قدم رکڻ چاهيو، ته ايتري ۾ خسرو خان جي اشاري تي مقيم سلطان ڀائرن هم صلاح ٿي کڻي سڀني کي نصرپور جي قلعي ۾ بند ڪيو. ابو القاسم سلطان، جو خسرو خان جي سفارش تي مرزا جي اجازت سان آزاد ٿيو هو، ڀائرن ۽ مددگارن کي قلعي ۾ بند ٿيلن جون واهون بند ڪري، رسد جو رستو روڪڻ جي ترغيب ڏني. هوڏانهن ماڻڪچند کي کـُـٽيءَ کنيو، سو ميرڪ محمد سلطان بن قاسم علي سلطان کي پاڻ سان کڻي، مقيم سلطان کي تسلي ڏيئي، هندوخان سان متفق ڪرڻ لاءِ سندس گهر لنگهي ويو، ڳالهين ۾ نه ٺهڻ ڪري، هو مجلس کان اٿيو، ته ٻاهر هڪ ارغون کيس قتل ڪري ڇڏيو. مٿئين ميرڪ حملو ڪرڻ گهريو، پر اهو به ڪـُـسي ويو. اها خبر ٻڌي، ماڻڪچند جو پٽ راءِ سنگهه هيئن چئي ٻاهر نڪتو، ته ”انتقام وٺڻ کان اڳ پيءُ جو لاش نه ساڙيندس“، ۽ زوردار حملو ڪري، شاهه قاسم ارغون جي ناٺيءَ شير بيگ کي چونڊ ماڻهن سميت قتل ڪري، سندس هاٿي ۽ ٻيو سامان حڪما حڪميءَ پڪڙي کين لادعويٰ ڪري اچي پيءُ جو لاش ساڙيائين، تنهن کان پوءِ، سوڀ جو نغارو وڄائيندو مرزا جي حـضور ڏانهن روانو ٿيو. هندوخان ۽ سندس ڀاءُ نارائڻداس، جنهن کي شجاعت خان(1) جو لقب مليل هو، هن جي پيءُ جي پرچاڻي تي اچي، کيس گهڻوئي پرچائي پوئتي موٽڻ جا زور ڀريا، پر هن هڪ نه ٻڌي. مرزا سندس هيءُ جرات ڏسي کيس پڻس کان به وڏو درجو ڏنو.

هيڏانهن هندو خان پنهنجي مٿين ساٿين سميت ٺٽي پهچي، خسرو خان کي بيدخل ڪيو. خسرو خان ڳجهه ڳوهه ۾ گهڻوئي زميندارن کي برغلايو، پر مرزا جي بخت جي برڪت سان سندس ڪوشش بارآور نه ٿي. ]86[ هندوخان جي خودمختيار ٿيڻ کان پوءِ، خسرو خان پٽن سميت هاله ڪنڊي (هالا) جي ڳوٺ ۾ پهچي، قنڌار وڃڻ ٿي گهريو، ته ايتري ۾ مرزا غازيءَ جي فوت ٿيڻ جي خبر پهتي.

مرزا غازي بيگ جو فوت ٿيڻ

معتبرن کان روايت آهي، ته مرزا جڏهن قنڌار ۾ انهيءَ بند مرتبي کي پهتو، ۽ سندس بخت روزبروز ترقي ڪندو ٿي رهيو، تڏهن سندس عزيزن مان ڪي سندس بخت جا بدخواهه هن اقبال جي ٻوٽي کي فنا جي جهولي سان پاڙان پٽڻ (کيس مارڻ) لاءِ آماده ٿيا. نيٺ سنہ 1021 هجري ۾ عبداللطيف نالي هڪ خانه زاد غلام جي هٿان، هڪ قول موجب، گهٽو ۽ ٻئي قول موجب، زهر ڏياريائون. سندس تاريخ متعلق هڪ شاعر چيو آهي: ”زدستِ غلام گل برون رته، دريغ!“ (ضايع ٿيو غلام هٿان هاءِ هاءِ گل!). سندس لاش ٺٽي آڻي پڻس جي ڀرسان هڪ قبي ۾ دفن ڪيائون. شعر عمدو چوندو هو. ”وقاري“ تخلص هوندو هئس.  ’طالب آملي‘  پهريائين وٽس ملازم هو.  ’ملا مرشد يزجردي‘ (1) ۽  ’شمس‘  پڻ مدتن جون مدتون هن وٽ رهيا.

چون ٿا، ته  ’وقاري‘  تخلص سان قنڌار ۾ هڪ ٻيو شاعر به پيدا ٿيو، جنهن کي ڳري رقم، گهوڙو ۽ سروپاءِ ڏائي اهو تخلص بند ڪرايائين.

ترخان گهراڻي جي حڪومت خير سان هتي ختم ٿي، مگر جهانگير جي پوين ڏينهن ۾ مرزا عيسيٰ ترخان ٿورا ڏينهن هن ملڪ جي حڪومت سان سرفراز ٿيو هو.

نقل آهي، ته مرزا ۽ سندس پيءُ موسيقي (راڳ جي علم)، خاص طرح  ’ٽوڙي‘  راڳڻيءَ جا وڏا ماهر هئا. سيد لطف الله شيرازيءَ جي پٽ مير عبدالولي جي زبانان نقل ڪندا آهن، ته جيڪو ماڻهو هن پيءُ ۽ پٽ جي قبي ۾ ڪنهن ڪم لاءِ مٿين راڳڻي ڳائيندو، ته ٿورن ڏينهن ۾ سندس ڪم ضرور پورو ٿيندو.

جنهن صورت ۾ اولاد ڪونه هئس، ۽ هندوخان کي وري خسرو خان ختم ڪري بي اعتداليءَ جو رستو وٺي بڇڙا پير کڻڻ لڳو، تنهنڪري جهانگير بادشاهه ٺٽي جو ملڪ پڻ ٻين ملڪن وانگيان سندس حضور مان مقرر ٿيندڙ اميرن جي حوالي ڪيو، جيئن ارغوني ۽ ترخاني ڏينهن جي ڪن اميرن جي احوال بيان ڪرڻ کان پوءِ ذڪر ٿيندو (انشاءَ الله تعاليٰ)

ارغوني ۽ ترخاني ڏينهن جا امير

اگرچه هنن ٻنهي گهراڻن، جن کي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان اتحاد ۽ گهڻن لاڳاپن سببان درحقيقت هڪڙو گهراڻو شمار ڪرڻ گهرجي، جا امير گهڻا آهن، پر لکندڙ انهن مان ڪن ٿورن جو، جي نهايت مشهور آهن، مختصر طور بيان لکي ٿو:

سلطان محمود خان

سلطان محمود خان بن مير فاضل ڪوڪلتاش بن عادل خواجہ اصفهاني، سندس وڏا اصفهان جي حسن ضلع جي خورسکان ڳوٺ ۾ رهندا هئا. انهيءَ پاسي جا ماڻهو سرڪش هئا، تنهن ڪري صاحبقران امير تيمور گورگان مٿن ڪاهه ڪرڻ لاءِ هڪ فوج موڪلي هئي. عادل خواجہ جو پيءُ احمد خواجہ، ذوالنون جي پيءُ حسن مصريءَ کي هٿ لڳو، جنهن کيس پنهنجو پٽيلو بنايو. احمد خواجہ ٽينءَ پيڙهيءَ کان پوءِ ملڪ محمد خان سان ملي ٿو، جو اصفهان جي شهر ۾ نهايت سخي مشهور هو، ۽ ارڙهين پيڙهيءَ ۾ عدي بن حاتم جو اولاد آهي. سلطان محمود خان جي والده  ’شال‘  مستنگ جي ڪاسي پٺاڻن مان هئي. هن چوڏهن سالن جي عمر ۾ خوب حملا ڏيکاريا، تنهن ڪري شاهه بيگ کي پسند اچي ويو. سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، ڪنهن به امير بکر جي نگرانيءَ جو ذمو نٿي کنيو. هن قبول ڪري اتي جي چڱيءَ طرح حفاظت ڪئي، ۽ اڪثر لڙاين ۾ شاهه بيگ ۽ ]87[ شاهه حسن سان گڏجي ڏاڍا ڪم ڏيکاريا. مرزا شاهه حسن کان پوءِ، جيئن مٿي گذري آيو، بکر جي ملڪ جو بالاستقلال وارث ٿيو. سنہ 965 هجريءَ(1) ۾ شاهه طهما سپ صفويءَ وٽان  ’خانيءَ‘  جو خطاب، علم، نغارو، تمن - طوغ(2)، ڪپڙا ۽ ٻيون ڪيتريون نوازشون عطا ٿيس. ٻروچن جي انتقال ڪري وڃڻ سببان ملا محب علي سنڌي سندس لاءِ اڪبري دربار مان اُچ، ڀٽي ۽ ]ججو[ واهڻ جي پرڳڻن جي حڪومت جو پروانو کڻي آيو(1). 979 هجريءَ ۾ شاهه طهماسپ جو ايلچي حق بردي بيگ دوباره نوازشون کڻي آيو، ۽ هتان وري مير ابو المڪارم هديا ۽ نذرانا کڻي مٿئين ايلچيءَ سان گڏجي ويو. حق بردي بيگ ٽيون ڀيرو به  ’خان خاني‘  جو خطاب ۽ قسمين قسمين انعام کڻي آيو. سنہ 981 هجريءَ ۾ مبارڪ خان کان ماٿيلي جو قلعو ورتائين. انهيءَ ئي سال اعتماد خان، اڪبر بادشاهه لاءِ سندس نياڻيءَ جو سڱ گهرڻ لاءِ قيمتي وڳو، ڪمربند، ۽ جڙاؤدار تلوار، هني ۽ لغام سوڌو گهوڙو، ۽ چار هاٿي پاڻ سان وٺي آيو. هن انهيءَ ئي سال پنهنجي نياڻي خاص ماڻهن هٿان رواني ڪئي، ۽ انهيءَ عرصي ۾ حڪومت جي زوال جا سبب پيدا ٿيا، جن جو بيان ڊگهو آهي. محب علي خان ۽ مجاهد خان، سندس ئي نمڪ حرام ماڻهن جي مدد سان، کيس قلعي ۾ سوڙهو ڪيو. باوجوديڪ، سندس نياڻي پهچڻ کان پوءِ شاهي فرمان، قسمين قسمين نوازشن سان پهتو، پر مٿيان خان انهيءَ تي عمل پيرا نه ٿيا. اتفاقاً کيس استسقا (جلندر) جي بيماري ٿي پئي، جا ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي. آخر سندس پاڪ روح جسم جي قيد خاني مان ٻاهر نڪري ويو. اهو واقعو سنہ 982 هجريءَ ۾ ٿيو.  ”در بهشت آسود“  هن جي تاريخ آهي(2).

امير شاهه قاسم بيگلار

امير شاهه قاسم بيگلار(1) بن ابرڪ بيگ بن چوچڪ بيگ، فريد بيگ بيگلار جو ڀائيٽو، بيگلار گهراڻي مان، جو حضرت علي رضي الله عنه جي اولاد جي سلسلي ۾ داخل آهي. اصل سمرقند جو هو. بيگلار جو ڏاڏو سيد علاؤ الدين علي خواجہ ولد سيد نظام الدين ملڪ بن سيد بهاؤ الدين عمر بن سيد علي بن سيد احمد بن سيد عبد الله بن سيد جعفر بن سيد عبد الله  بن سيد نظام الدين اعليٰ، جو ترمذ کان سمرقند ۾ آيو، جنهن جي اچڻ تي ملڪ الشعر سوزنيءَ چيو هو:

  سـمـرقـند يثرب شـد و مـکـہ ترمذ    ز مــکــہ بــيــثـــرب خـــرامــيـد سـيـد

]سمرقند يثرب ۽ مڪو ٿيو ترمذ     ٽليوواه!  مڪي کان يثرب ڏي سيد[

بن سيد ابو القاسم بن سيد زين العابدين بن سيد شمس الدين محمد بن شرف الدين حسين، پنهنجي زماني جي سيدن جو سردار ۽ جعفر الحجة (امام جعفر صادق جهڙي حجت رکندڙ)، بن سلطان العارفين (عارفن جو بادشاهه) پنهنجي وقت ۾ سيدن جو سردار عبد الله الاعراج بن سيد حسين الاصغر بن امام زين العابدين، زماني جي حادثن کان ترڪستان ۾ آيو، ۽ انهيءَ ملڪ ۾ سندس اولاد ترڪن سان ملي جلي ويو، جنهن ڪري بيگلار جو ارغونن سان تعلق پيدا ٿيو. مير شاهه قاسم، شاهه حسن جي ڏينهن ۾ سمرقند کان سنڌ ۾ پهچي ڏاڍيون نوازشون لڌيون. جهيجن جا پرڳڻا جاگير ۾ مليس، عمر ڪوٽ جي راڻي ورسه جي ڀاڻيجيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان 947 هجريءَ ۾ ابوالقاسم پٽ ]88[ پيدا ٿيس. هو ويجهڙائيءَ ۾، همايون بادشاهه واريءَ پهرينءَ جنگ ۾ گذاري ويو آهي، جا 952 هجريءَ(2) ۾ لڳي هئي. سندس قبر تورڪيءَ جي ڳوٺ ۾ آهي.

ابو القاسم خان زمان

مير ابو القاسم خان زمان ولد شاهه قاسم بيگلار، پيءُ کان پوءِ ٽن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ماءُ، راڻي ورسه جي ڀاڻيجيءَ، سان پٽپن ۾ رهڻ لڳو. اتفاقاً انهيءَ ديهه تي جوڻيجن حملو ڪيو، ۽ هن جنگ ۾ کيس منهن تي زخم رسيو، ۽ انهيءَ حالت ۾ هن کي شاهه حسن وٽ وٺي آيا، جنهن سندس تربيت جي ڏاڍي ڪوشش ورتي، ۽ گاجيءَ جو ڳوٺ انعام ڏنو، سندس اقبال جو ستارو روزبروز ترقي ڪندو رهيو. شاهه حسن کان پوءِ مرزا عيسيٰ وٽ ]رهڻ لڳو[. انهيءَ کان بعد، ارغونن جي قتل جي واقعي کان پوءِ مرزا باقيءَ کان ڀڄي وڃي جان بابا سان مليو، ۽ انهيءَ وٽ جيڪي ڪارناما ڏيکاريائين، تن مان ڪي ٿورا بيگلارنامي ۾ لکيل آهن. آخر مرزا باقيءَ وٽ موٽي آيو. هن کان پوءِ مرزا جانيءَ وٽ رهي، چونڊ اميرن جي سلسلي ۾ داخل ٿيو. جڏهن خان خانان مرزا جاني بيگ کي حضور ۾ وٺي ويو، ته هي ساڻس گڏ هو. پهرين ملاقات ۾ اڪبر بادشاهه پڇيو، ته  ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“  هو جواب ڏيڻ ۾ هو، ته جاني بيگ جواب ڏيندي چيو، ته ”ٻاونجاهه سال.“ بادشاهه پڇيو، ”ولادت ڪٿي ٿي؟“ هن پاڻ جواب ڏنو، ته ”عمر ڪوٽ ۾“. بادشاهه ]ٻڌي[ فرمايو، ته ”منهنجو ۽ سيد جو ڄمڻ جو هڪڙو هنڌ آهي.“ بادشاهه، مرزا جاني بيگ کي نوازيو، ته امير خسرو خان ۽ خان زمان هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته ”بادشاهه اسان تي سروپاءِ جي نوازش نه ڪئي، ته پوءِ ڪهڙو منهن وٺي سنڌ ڏانهن وينداسون؟“  اُها گفتگو ٿي رهي هئي، ته ٻنهي اميرن کي بادشاهه سڏايو. هي ويا، ته بادشاهه اندر هو، ۽ ٻاهر ٻه گهوڙا هڪ نيلو ۽ ٻيو شبرنگ (مشڪي) بيٺا هئا. خان زمان، خسرو خان کي چيو، ته ”ڪيئن ٿو ڀانئين، جيڪڏهن هي ٻئي گهوڙا اسان کي عطا ٿين!“ جيئن ته اها خوشطبعيءَ جي ڳالهه هئي، تنهن ڪري هن وراڻيو، ته ”ها، توکي ته گهوڙي کان سواءِ هڪ هاٿي به عنايت ٿيندو“، گويا ٻنهي اميرن جي ڳالهه ٻولهه تقدير ]جي فيصلي[ مطابق هئي.

ٻئي گهوڙا ٻنهي کي ڏنائون، ۽ خان زمان جي گهر پهچڻ تي هڪ هاٿي پڻ سندس لاءِ آيو، ۽ ٻئي مرزا غازيءَ جي خدمت ۾ سنڌ ۾ مقرر ٿيا. سندس نشانين مان مرگ منارو، جو گهوڙي تي ٺاهيو هئائين، اڃا تائين باقي آهي.

چون ٿا، ته انهيءَ گهوڙي ۾ عجيب وصفون هيون. هڪ ڀيري جنگ  هلندي سندس ٻه جاني رفيق زمين تي ڪري پيا، هڪڙو مئل هو ۽ ٻيو زخمي. مئل کي گهوڙي جي پٺيءَ تي ۽ زخميل کي پنهنجي پٺيءَ تي ٻڌي، ٽي ڏينهن ڀاڄڙ جي جنگ ۾ انهيءَ تي سوار هو. گهوڙو انهيءَ بار، ٽن ڏينهن جي بک، جنهن ۾ پاڻي ۽ گاهه ڏنو ڪونه هئائين، ۽ سخت زخمن کائڻ جي باوجود به تيستائين اصلي نه ڪريو، جيستائين مالڪ کي ڪنهن ]محفوظ[ هنڌ نه پهچايائين. هو جڏهن ]سلامتيءَ واري[ جاءِ تي پهتو، تڏهن هڪدم ساهه ڏنائين.  ’مرگ‘  جي معنيٰ هرڻ آهي. سندس ٻيو نشان سانکره جي ڪناري تي، شاهڪره (ساڪري) جو قلعو آهي، جنهن جو هن وقت فقط نالو وڃي رهيو آهي.

مير ابو القاسم سلطان

مير ابو القاسم ولد خان زمان مٿيون، جنهن جو ڪجهه احوال اڳئي ذڪر ٿي چڪو، نهايت بهادر ۽ سخا هجڻ سان گڏ، شعرگوئي ۽ شعر فهميءَ ۾ سندس وقت ۾ سندس جهڙن همعصرن مان ساڻس ڪوبه مٽ ڪونه هو. ”بيگلر“ تخلص ڪندو هو. سندس ولادت 969 هجريءَ ۾ ٿي هئي. اد راڪي بيگلار، جو اڳتي مذڪور ٿيندو، ]89[  ”چنيسر نامہ“  سندس نالي ]منسوب[ ڪيو. هي جيڪي جو  ”منتخب التواريخ“  جي مصنف ۽ مير طاهر اهو ڪتاب سندس تصنيف ڪيو آهي، انهيءَ تحقيق ۾ انهن غلطي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته لکندڙ (مير قانع) اهو نسخو پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي، ۽ انهيءَ جو مصنف اهوئي ادراڪي بيگلار آهي، ۽ هي سندس ممدوح (آهي).

مقيم سلطان

مقيم سلطان ولد خان زمان، ابوالقاسم سلطان جو ڀاءُ پڻ ارغون ۽ بيگلار قوم ۾ نهايت شاندار ٿي گذريو آهي.

مسڪين ترخان

مسڪين ترخان، شاهه بيگ ۽ مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ شان مان ۽ عزت وارن اميرن مان هڪڙو هو. مرزا شاهه حسن وٽ سندس مقرب ۽ معزز هجڻ جو اهوئي دليل ڪافي آهي، ته هن (مرزا) جڏهن ملتان ورتو هو، تڏهن ملتان جي حاڪم سلطان محمود لانگاهه جو پٽ ۽ نياڻي خاص هن جي فرزنديءَ ۾ ڏنا هئائين.

فرخ ارغون

مرزا شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي نامي گرامي اميرن مان نهايت بهادر ۽ مشهور بزرگ هو. سندس نشاني عاليشان ]مسجد[ جامع فرخ يادگار آهي، جنهن جي شاهه جهان جي ڏينهن ۾ دوباره تعمير ٿي. ٻن تازن ٽڪرن کان سواءِ، هاڻوڪي عمارت پڻ اڳوڻي ساڳي صورت تي ظاهر آهي(1).

مير يونس ارغون

پهريائين همايون بادشاهه ۽ محمد زمان مرزا جي ملازمت ۾ هو، تنهن کان پوءِ مرزا شاهه حسن جي اميرن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو. پڇاڙيءَ ۾ سلطان محمود خان سان وڃي مليو ۽ آخر گوشہ نشيني اختيار ڪيائين. سنہ 985 هجريءَ ۾ گذاري ويو. پنهنجي وفات کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي تاريخ،  ’رستم از قيد اين و آن اي دل‘  (هـِـن ۽ هـُـن جي قيد کان اي دل ٿيس آزاد مان!) معلوم ڪئي هئائين.

شاهه حسن تڪدري

مرزا شاهه حسن جي تڪدري اميرن جي لسٽ ۾ داخل هو. طبع جي تيزي، ذهن جي عمدگي، سهڻي اخلاقن ۽ وڻندڙ ادب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو وقت جي علماءِ جو سردار ۽ تاريخ جي فن ۾ خاص ڪمال جو مالڪ هو. ”روضة السلاطين“ سندس تصنيف آهي.

مير عليڪ ارغون

شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي اميرن مان ڪمال بهادري ۽ نهايت دانائيءَ ۾ مشهور هو. جيئن ته همايون بادشاهه جي اوج وارن ڏينهن ۾ مرزا شاهه حسن هن کي ڪنهن موقعي تي موڪليو هو، جتان هو جيئن بيان ٿي چڪو بنا اجازت هليو آيو، ۽ اچي چيائين ته ”بادشاهه جو اهڙو نمونو ڏٺو اٿم، جو عنقريب ڪو ماڻهو سندس برخلاف بغاوت ڪندو“، حالانڪه (انهيءَ وقت) هيءَ صورت ڪنهن جي خواب خيال ۾ به ڪانه هئي. اتفاقاً ٿوري ئي وقت ۾ (هو جبل) جيڏو بادشاهه شيرخان جي هٿان دربدر ٿيو.

غضنفر بيگ ارغون

مرزا باقيءَ هن کي ٺٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، ۽ هو ڪڇ جي سرزمين ۾ رلندو ٿي وتيو. آخر مرزا جانيءَ جي ڏينهن ۾ خسرو خان جي سفارش سان واپس اچي مقرب بڻيو، ۽ خان خانان واريءَ جنگ ۾ سيوهڻ جي آس پاس مردانا ڪارناما ڏيکاري قتل ٿي ويو.

مرزا بيگ عادل خان ترخان

ڀائرن جي دشمنيءَ ڪري مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ وڃي اڪبري دربار ۾ داخل ٿي، جهانگير جي ڏينهن ۾ قنڌار جو حاڪم ٿيو، پر جنهن  صورت ۾ قزلباش لشڪر جو مقابلو نه ڪري سگهي، تنهن ڪري مرزا غازي بيگ وڃي، جيئن بيان ٿي آيو، سوڀارو ۽ سندس قائم مقام ٿيو. هو نڪته سنج ۽ صاحب طبع هو. مير طاهر، ”تاريخ طاهري“ سندس لاءِ تصنيف ڪئي هئي.

ملا بهبود

مرزا عيسيٰ جي خاصخيلين مان هو. مرزا باقي کيس محلات ]جي ٻانهين مان[ هڪ ڏني، جنهن مان مير علي نالي پٽ ڄائس. پاڻ مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ جان بابا سان جنگ ڪندي سخت حملن ڪرڻ کان پوءِ ڪم آيو، ۽ سندس پٽ پاڻ کي ارغون گهراڻي مان سمجهي، مرايم علي سلطان جي لقب سان سڏجڻ لڳو.

قاضي خميسو

اصل ۾ هڪ رول ماڻهو]90[ هو. قاضيءَ جو لقب، ”برعڪس نهند نام زندگي ڪافور“ (کڳي کي يقين شاهه اڄ ڪلهه چون ٿا) جي قسم مان آهي. شايد هن جو بنياد قاضي گهراڻي مان هجي. مرزا باقيءَ جي دربدريءَ واري وقت ۾، سندس رفاقت ۽ بخت جي ياوريءَ جي برڪت سان نالائق هوندي به، مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ سندس ڀاءَ مرزا صالح جون جاگيرون هٿ ڪري، ساري ملڪ جو وڪيل مطلق ۽ مدار المهام ٿيو. سندس اوج هن حد کي پهتو، جو هزارين گهوڙن ۽ نوڪرن سان نڪرندو هو. سندس انسانيت اجها هن نقل مان ظاهر ٿئي ٿي:

چون ٿا، ته هڪڙي ڏينهن سيد علي شيرازي ۽ شيخ عبدالوهاب پوراني اڪثر عالمن، مکيه ماڻهن ۽ وڏيرن سان گڏ ڪنهن ضروري ڪم جي فيصلي لاءِ وٽس ويا. هن حقارت طور چيو، ته ”اچو اي ملؤ!“ هن جماعت ۾ قاضي نعمت الله ڏاڍو تيز طبع هو، تنهن هٿن مان نڪري پڇيو، ته ”قاضي صاحب، ملا جي معنيٰ ڇا آهي؟“ جيئن ته هو معقوليت جي علم کان نهايت بي بهره هو، تنهن ڪري انهيءَ سوال جي جواب ۾ آڱر سان هڪ گول ليڪو ڪڍي، چيائين ته ”هي ڪهڙي شڪل آهي؟“ سڀني وقت جي فيلسوفن ۽ ڪماليت جي صاحبن هيءَ لا يعني شڪل ڏسي، حيرت ۾ پئجي چيو، ته ”اسان کي هن عجيب و غريب شڪل جو پتو نه ٿو پوي، توهان پاڻ اٿي (اسان کي) سيکاريو“. وراڻيائين، ”هيءَ شڪل اهڙي نه آهي جو هيڏيءَ بزرگيءَ هوندي انهيءَ ۾ منجهي پو!“  وري ٻيو هڪڙو ور وڪڙ ليڪو ڪڍي، چيائين ته چڱو هيءَ (هـُـن کان) وڌيڪ آسان آهي، انهيءَ جو جواب ڏيو. هنن جواب ڏنو، ته ”هيئت، حڪمت، هندسہ، ڪيميا، سيميا، توحيد ۽ تسخير جا مسئلا گهڻائي پڙهياسون، پر ههڙي شڪل ڪٿي به نظر ڪانه آئي؟ توهان، جو عقل جي وڻ جي ٽاري آهيو، جي رشن دل کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به خيال ۾ نٿي اچي سگهي“. چيائين ”اي نادانو! باوجود هيڏي همه دانيءَ جي دعويٰ جي، هن صورت ۾ اچي ايڏا سخت منجهيا آهيو، جا هڪ هاريءَ جي ڍڳي جي پيشاب جي صورت آهي“ بزرگ ههڙي صحبت ڏسي، پنهنجي مطلب ظاهر ڪرڻ کان سواءِ ئي اٿي کڙا ٿيا. جڏهن ڏٺائين ته بزرگن کي ڏاڍو ڏکويو اٿم تڏهين معافي وٺي، جنهن ڪم لاءِ تشريف آندي هئائون، سو ڪم پورو ڪري ڏنائين. هيءَ سڀ حاڪم جي بدتميزي آهي، جو ههڙي بيوقوف کي مدار المهام ڪيو اٿس. تنهن کان پوءِ ضرورت هوندي به انهن بزرگن مان ڪو به وٽس ڪونه ويو.

خواجہ خليل

پهرين ته ڳڻ ۾ ڪونه هو، پر جيئن مٿي گذري آيو، مرزا باقيءَ کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۾ مدد ڪرڻ جي خدمت جي بدلي ۾ وڏي عهدي تي سرفراز ٿي مهردار ٿيو. پنهنجي سر سٺو ماڻهو هو. سندس رانئڪ مڪليءَ تي مشهور آهي. چون ٿا، ته هن رائنڪ ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ، وصيت ڪيائين ته ”جنهن صورت ۾ هن جي تعمير حڪومت جي ڏينهن ۾ ٿي آهي، ۽ متان ڪنهن مزدور سان ناحق ٿيل هجي، تنهن ڪري انهيءَ ۾ دفن نه ڪجو“، انهيءَ ڪري کيس انهيءَ کان ٻاهر اڱڻ ۾ هڪ عليحده گنبذ ۾ دفن ڪيائيون.

خسروخان چرڪس

چنگيز خان جي اولاد مان چرڪس خان ڏانهن منسوب آهي، جو قبچاق جي پـَـٽ تي حڪومت ڪندو هو. ابتدا ۾ ملا جاني بندري وٽ هو، جنهن کان مرزا عيسيٰ وٺي ڪؤنرو کڻندڙ بنايو، ۽ سندس ذاتي جوهر ڏسي کيس عنقريب ]ڪن[ پرڳڻن جي عملداري عطا ڪيائين. مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ ترقي ڪري، مرزا جانيءَ جي ڏينهن ۾ هڪ وڏي اعتماد وارو امير ٿي پيو. جهڙس توفيق ۽ خير جو صاحب ٻيو ڪو هن سر زمين تي پيدا ڪونه ٿيو. جيتريون سندس نشانيون ]91[ باقي آهن، ڪنهن به امير يا بادشاهه کي انهن جي ڏهين حـصي جي به توفيق ڪانه ٿي. ٺٽي، مڪلي، ۽ شهر جي گرد و نواح ۾ ٽي سؤ سٺ مسجدون، رائنڪون، پليون، کوهه ۽ تلاءَ ٺهرايائين، جن مان هرهڪ تي ڪافي رقم خرچ ٿي هوندي. هن سڄي توفيق جو سبب هي هو، ته هڪ ڏينهن پنهنجي حويليءَ جي ڀت تي چڙهيو، ۽ سندس نظر اوچتو پاڙيسريءَ جي زال تي وڃي پئي، جا غسل ڪري رهي هئي. هن اها اک ڪڍي ڇڏڻ گهري، پر عالمن کيس منع ڪئي. پوءِ اهي سڀ خيراتون، انهيءَ جي ڪفارت ۾ ڪيائين.

ڪنهن ڪشف جي صاحب، کيس فوت ٿيڻ کان پوءِ خواب ۾ ڏسي، احوال پڇيو، جواب ڏنائين ته ”دنيا ۾ جيڪي ثواب جا ڪم ڪيا هيم، سي سڀ نانءُ نيڪيءَ جي باعث ٿيڻ (رياءُ) سببان منهنجي ڪم ڪونه آيا، مگر هڪ ڏينهن لکڻ ۾ مشغول هئس ته هڪڙي مک مس چوسڻ لاءِ اچي هڪ حرف تي ويٺي، جنهن تي مان پنهنجي اختيار سان مک جي اٿڻ تائين قلم کي لکڻ کان جهليو، انهيءَ جانور جي دل خوش ڪرڻ جي بدلي ۾ مون کي بخشيائون“.

هو هڪ نامور ترخاني امير هو، ۽ جيئن ذڪر ٿي آيو، غازي بيگ جي نگرانيءَ واسطي ڪن ٻين سردارن سان ]دهليءَ کان[ ٺٽي آيو هو. مرزا جاني بيگ کان پوءِ جڏهن مرزا غازي ]اڪبر جي[ حضور ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن ڪيترو عرصو خود مختيار رهي حڪومت هلايائين. سندس ]حڪومت جي[ ڏينهن ۾ چرڪس ماڻهن ۽ سندس ڏوهٽن ڏاڍيون اراڏيون ڪيون، تنهن ڪري مرزا غازي بيگ جي دل تان ڪري پيو، ۽ هن سندس موقوفيءَ جو حڪم ڪري، سندس جاءِ تي هندوخان رکيو، پر جئين ته جلد ئي مرزا غازي گذاري ويو ۽ سندس ڪو اولاد ڪونه رهيو، هيڏانهن هن جي ارڏائي بادشاهه جي حـضور ۾ عرض ڪئي ويئي، تنهن ڪري ملڪ تيموري (مغل) اميرن جي قبضي ۾ آيو. هڪڙي روايت موجب، هو ٺٽي کان لاهري بندر ڏانهن وڃي اتان ايران هليو ويو، ۽ ٻئي قول موجب، هتي گذاري ويو. سندس سجع خسرو دهلويءَ جي هيءَ مصرع هوندي هئي: ”خسرو از تو پناهه مي طلبد“.

ڀائيخان

لطف الله نالي مٿئين خسرو خان جو پٽ ]بادشاهه جي[ حضور، خواهه قنڌار ۾ غازي بيگ سان گڏ هو. قنڌار مان پٺاڻن جي تڙڻ ۾ نمايان ڪم ڏيکاريائين. سندس پٽ فتح الله ڏاڏي جي حڪومت ۾ مرادون ماڻي، چاچڪان جي پرڳڻن ۾ خود مختيار ٿي رهيو.

هاڻي قطب الاقطاب شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جا پوٽا، شيخ ڪالي خان جو اولاد، مٿئين خسرو خان جا ڏهٽا، جيڪي قريشي قبيلي سان مشهور آهن، سندس حويليءَ ۾ رهن ٿا، جا فقط زمين وڃي رهي آهي.

مـُـلا محمد علي

مرزا جاني بيگ جو وزير ۽ مغل گهر جو ناٺي هو. ٺٽي ۾ هڪڙو محلو سندس نالي تي مشهور آهي. سندس پٽ: محمد قاسم، شاهه جهاني وزير جعفر خان جي خدمت ۾ منشي هوندو هو. کيس ٻه پٽ محمد مقيم ۽ محمد عارف نالي ٿيا. محمد مقيم پيءُ کان پوءِ، ساڳيءَ سرڪار جو منشي ٿيو، ۽ محمد عارف شهزادي ڪام بخش وٽ منشي هوندو هو. ٻنهي جو اولاد دهلي لڏي ويو، ۽ ٺٽي ۾ سندس ڏوهٽا، جن جو بيان اڳتي ايندو، اڃا تائين موجود آهن.

مـُـلا گدا علي  ’ڀائيخان‘

ملا گدا علي  ’ڀائيخان‘  ولد مهتر عسل، مرزا جاني بيگ جي اميرن مان هو ۽ مرزا غازي بيگ سان گڏ زهر کائي گذاري ويو. ڀائيخان جو محلو سندس نالي تي مشهور آهي.

محمد امان ترخان

جاني بيگ جي اميرن مان هو. عام طور کيس ”ملک امان“ چوندا هئا. ”چوڪ ملڪمان“ الف جي تخفيف سان سندس نالو مشهور آهي.

امير بيگ

باقي رهيل ارغونن مان آهي. ]92[ مرزا جانيءَ جي لشڪر جو بخشيل هو، ۽ ساڻس گڏ ]شهنشاهه جي[ حـضور ۾ پڻ ويو هو. امير بيگ جي بازار انهيءَ ڏانهن منسوب آهي.

مير احمد بيگ مزنگ

مرزا جانيءَ جو خاص ماڻهو هو. مرزا غازيءَ کيس  ’سلطان‘  جو لقب عطا ڪري وڪيل ڪل بڻايو ۽ جڏهن قنڌار جو صوبو مليس، تڏهن امان خان مٿئين جي عذر پيش ڪرڻ ڪري انهيءَ جي تجويز رد ڪري، هن ]احمد بيگ[ کي  ’اعتماد خان‘  جو لقب ڏيئي، پنهنجي پاران اڳ ۾ موڪليو هئائين. سندس پٽ منعم بيگ ۽ پوٽو مير شرفو، ٺٽي ۾ مشهور و معروف هوندا هئا. پير پٺي جي درگاهه جي ڏاڪڻ، جا کٽي جي لقب سان مشهور آهي، مير شرفوءَ جو يادگار آهي. سندس اولاد مان مير منون ۽ مير چتن ٺٽي جا ناليرا بزرگ هئا. هڪڙو وڏو محلو سندس رهڻ جي جاءِ هو، جتي هاڻي امير خاني رهن ٿا، ۽ هن جي گهراڻي مان، انهيءَ اولاد کان سواءِ، جن جو ذڪر اڳتي ايندو، ڪوبه ڪونه رهيو آهي.

 


(1) ”ترخون“  (تر = ڀريل + خون = رت) = رت ۾ ڀريل.

(1) بيگلارنامي (ص 13) موجب مرزا عيسيٰ جي چوٿين پٽ جو نالو”مرزا ابراهيم“ هو. پنجون پٽ به هئس،  ”مرزا جوهر“، پر هو ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويو هو، مرزا ابراهيم به پيءُ جي جيئري گذاري ويو هو (ترجمو سنڌي ”بيگلار نامہ“)

(2) نسخو ”ن“: نيرنگ خان

(1) مير قانع جو هي بيان مير معصوم جي بيان جي صريح مخالف آهي. مير معصوم، ته پنهنجي تاريخ (ص208) ۾ لکي ٿو: ”مرزا محمد باقي هندستان وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سلطان محمود،  هن خيال کان ته متان هندستان مان ڪو لشڪر وٺي اچي، ۽ جنهن صورت ۾ انهي لشڪر کي بکر وٽان ئي لنگهڻو پوندو، تنهن ڪري سندس حڪومت جي انتظام ۾ خلل پوندو، کيس هندستان وڃڻ نه ڏنو“.

(1) مير قانع پنهنجي عادت موجب اختصار جي ڪوشش ڪندي، مرزا عيسيٰ خان ۽ سلطان محمود خان بکريءَ جي وچ ۾ پيدا ٿيل واقعات کي پاڻ ۾ گڏي، منجهائي ڇڏيو آهي. اصل حقيقت، جا تاريخ معصومي (ص 207-210) مان معلوم ٿئي ٿي، هن طرح آهي، ته مرزا شاهه حسن جي وفات کان پوءِ، مرزا عيسيٰ ترخان سنہ 962 هجريءَ ۾ تخت تي ويٺو. هڪ سال کان پوءِ يعني سنہ 963 هجريءَ ۾ ارغوني سردارن جي برغلائڻ تي وڏو لشڪر وٺي، اچي بکر جي سامهون لٿو. پندرنهن ڏينهن لڙائي جاري رهي، ته فرنگين وارو ٺٽي کي ڦرڻ جو واقعو ٿي پيو، جنهن ڪري مرزا عيسيٰ گهيرو ڇڏي تمام تڪڙو ٺٽي موٽي ويو. ٻيو دفعو وري سنہ 70-971 هجريءَ ۾ مرزا ۽  ارغونن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي، جنهن ڪري ڪي ارغون سردار ڀڄي سلطان محمود خان وٽ آيا، جن سان گڏجي سلطان محمود خان جي ماڻهن وڃي سيوهڻ جي قلعي کي گهيرو ڪيو، مگر ڪجهه ڪري نه سگهيا. آخر سانوڻ جي موسم ۾ مرزا عيسيٰ اچي کين اتان ڀڄائي ڪڍيو. رفيان وٽ سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ سلطان محمود خان جا چڱا چڱا ماڻهو قتل ٿي ويا. مرزا عيسيٰ اچي درٻيلي وٽ ديرو دمائي ويٺو. نيٺ شيخ عبدالوهاب ۽ ماه بيگم جي وچ ۾ پوڻ تي ٺهراءُ ٿيو.

(1) اصل متن ۾  ”نالـہء نار“  لکيل آهي، مگر تاريخ طاهري (ص157) ۾ لکيل آهي، ته هن واهه کي ٺٽي جا ماڻهو  ”نارقي“  سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته تاريخ طاهري، تحفة الڪرام کان آڳاٽي ۽ انهي جو هڪ ماخذ آهي، تنهن ڪري اسان انهي تي اعتماد ڪري ترجمي ۾  ”نارقي واهه“  لکيو آهي.

(1) هن راتاهي جو بيان، مير معصوم پنهنجي تاريخ سنڌ (ص212) ۾ هن طرح ڏنو آهي: ”نيٺ جان بابا ترخان سميجن ۽ سوڍن جا راڄ گڏ ڪري، مرزا محمد باقيءَ تي راتاهو هنيو. مرزا محمد باقيءَ ٻيڙيءَ جي پاڇل تان پاڻ کڻي درياءَ ۾ اڇلايو ۽  اتان وڃي هڪ ڊونديءَ تي چڙهيو. سميجا ٻيڙيءَ ۾ گهڙي آيا ۽ رائجہ بيگم (مرزا محمد باقيءَ جي بيگم) کي قتل ڪري ڇڏيائون“. پر هن باب ۾ مير علي شير قانع جو بيان وڌيڪ صحيح آهي. هيءُ راتاهو شاهه قاسم ارغون هنيو هو، جنهن کي  ’خان زمان‘  جي لقب سان سڏيندا هئا. هيءُ واقعو سن جي ڀرسان لاکن جي ڳوٺ ۾ ٿيو هو، جتي مرزا محمد باقي ڇانوڻي هنيو ويٺو هو. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”بيگلار نامو“، سنڌي ترجمو، ص67-74)

(1) جان بابا جي قتل جو واقعو تاريخ معصوميءَ (ص213) ۾ هن طرح بيان ٿيل آهي: ”مرزا جان بابا“ يادگار مسڪين پهرئين ئي حملي ۾ ڪڪرالي ڏانهن نڪري ويا، جو سمنڊ جي ڪناري تي ڄام مهر (ڄام ڏيسر) جي رهڻ جو هنڌ هو ... مرزا محمد باقي ٺٽي جي هڪڙي وڏي پير، سيد علي ]شيرازيءَ[ کي وچ ۾ آڻي، مرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين کي صلح سان هٿ ڪري، قتل ڪري ڇڏيو،“: بيگلار نامي (ص 78، 79) به تقريباً ساڳي طرح لکيو آهي. ياد رکڻ گهرجي، ته جنهن جنگ ۾ جان بابا ”يادگار مسڪين شڪست کائي ڪڪرالي ڀڄي ويا هئا، انهيءَ جنگ جو بيان مير قانع ڪونه ڪيو آهي. اها جنگ ماهه بيگم، جنهن کي بيگلار ناميءَ جو مصنف حاجي بيگم سڏي ٿو،  جي سرڪردگيءَ هيٺ 977 هجريءَ ۾ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي لڳي هئي، جنهن ۾ ماهه بيگم قيد ٿي پيئي، جان بابا ۽ يادگار مسڪين ڪڪرالي ڀڄي ويا ۽ مرزا محمد باقيءَ جي فتح ٿي. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: بيگلار نامہ، سنڌي ترجمو، 76-79، ۽ تاريخ معصومي“ ص 212-213)

(2) مرزا عيسيٰ جي پٽ مرزا غالب جو ذڪر تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪونه ٿو ملي،  البت جيئن مٿي صفحي جي حاشئي ۾ بيگلار نامي جي حوالي سان ڏيکاري آيا آهيون، مرزا عيسيٰ کي ابراهيم ۽ جوهر نالي ٻه پٽ هئا، پر اهي پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويا، مرزا صالح به،  جيئن مٿي بيان ٿي آيو،  پيءُ جي جيئري مارجي ويو هو، تنهن ڪري مرزا عيسيٰ کان پوءِ فقط سندس ٻه پٽ مرزا باقي ۽  جان بابا بچيا هئا. والله اعلم

(3) هن بزرگ جو نالو تاريخ معصومي (ص114-215) ۾ ميرڪ عبد الرحمان لکيل آهي ۽ سندس شهادت جو سبب هن طرح ٻڌايل آهي: 992 هجريءَ ۾ سلطان خواجہ جو ڀاءُ شاهه خواجہ حج کان موٽڻ وقت هرمز جي رستي کان ٺٽي آيو ۽  اچي شيخ عبدالرحمان ولد شيخ ميرڪ جي گهر لٿو. ميرڪ عبدالرحمان کان جيترو ٿي سگهيو اوترو شاهه خواجہ جي مهمانيءَ ۽ خوش آمديد ۾ مبالغو ڪيائين. شاهه خواجہ، عالم پناهه جي دربار ۾ پهچڻ کان پوءِ مٿئين ميرڪ ڏانهن نوازش ڀريا خط موڪليا ۽ اهائي ڳالهه هن بزرگ زادي جي شهادت جو باعث ٿي“ .

(1) خالصو : خلاصو يا نجو. پراڻي اصطلاح ۾  ’جاگير‘  جي ضد طور استعمال ٿيندو آهي.  ”هيءُ پرڳڻو خالصو آهي“ ، معنيٰ  ’خلاصو ملڪ جي واليءَ جي هٿ هيٺ آهي ۽ ڪنهن جي به جاگير ناهي‘.  هتان معلوم ٿو ٿئي، ته مرزا محمد باقيءَ سڀني جاگيردارن کان جاگيرون کسي پنهنجي هٿ ۾ رکيون هيون.

(1) نهايت تعجب جهڙي ڳالهه آهي جو ههڙي ظالم جي،  جنهن جي ظالم هجڻ تي ميرقانع ۽ مير معصوم ٻئي متفق آهن، بيگلارنامي جو مصنف ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. لکي ٿو:  ”مرزا محمد باقي داناءُ، عاقبت انديش ۽ انصاف وارو حاڪم هو. هو هلندڙ حالتن مان ايندڙ حالتون جاچي سگهندو هو. ملڪ جي انتظام رکڻ ۾ بي نظير هو. هن جي حڪومت ۾ ماڻهن امن امان ۽ آسودگيءَ ۾ گذاريو. ڪوبه ڌاريو ماڻهو هن جي ڏينهن ۾ سنڌ تي ڪاهي نه آيو هو. فقيرن ۽ درويشن ۾ گهڻو ويساهه هوندو هئس. ساداتن ۽ عالمن جي گهڻي عزت رکندو هو. مذهبي اڳواڻن ۽ طالب علمن کي طرحين طرحين انعام ۽ بخششون ڏيندو هو. رعيت کي ڪا به گذران ۽  پيسي جي تنگي ڪا نه هئي. لشڪر کي پگهار ۽ کاڌو خوراڪ باقاعدي ملندو هو. ملڪ جي پوک ۽ آباديءَ تي خاص طرح ڌيان ڏيندو هو. سمجهه ۽ گهڻيءَ سجاڳيءَ سان هو پنهنجو ملڪ هلائيندو هو“ . (بيگلار نامہ، ترجمو سنڌي، ص14)

(1) بيگلار نامي (ص133-135) موجب، مظفر ترخان کي بدين ۾ شڪست، شاهه قاسم ارغون عرف خان زمان ڏني هئي، وڌيڪ تفصيل اتي ڏسڻ گهرجي.

(1) هي  ”شاهه رخ“  شايد مرزا پائنده بيگ جو پٽ ۽ جاني بيگ جو ڀاءُ ٿو ڏسجي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪٿي به ڪونه آيو آهي. مٿي جنهن  ”شاهه رخ“  جو ذڪر صفحي 66 تي ٿي آيو آهي، سو مرزا باقيءَ جو پٽ هو ۽ اهو مرزا محمد باقيءَ جي ڏينهن ۾ گذاري ويو هو، جيئن بيان ٿي چڪو.

(2) مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص248-249) ۾ لکي ٿو، ته: ”سيوهڻ کي گهيرو جاري هو، ته مرزا جاني بيگ بـَـري ۽ بحري فوج وٺي سيوهڻ کان ڇهن ڪوهن جي پنڌ تي اچي مهراڻ جي ڪپ تي لٿو. محمد صادق خان گهيرو ڇڏي مرزا جاني بيگ ڏانهن متوجهه ٿيو. لڪي جبل جي برابر اچڻ تي مرزا جاني بيگ جي غرابن محمد صادق خان جي لشڪر جي سامهون اچي توبون ۽ گولا ڇوڙڻ شروع ڪيا. ڪيترا ڏينهن ڌريون هڪ ٻئي جي مٽو مٽ رهي لڙائي جي ڪوشش ڪري رهيون هيون، ته ايتري ۾ بادشاهه جو فرمان پهتو، ته  ”مرزا جاني، درگاهه ۾ لائق تحفا پيش ڪري، عاجزي، نياز ۽ سچائي ظاهر ڪئي آهي“ . تنهن ڪري محمد صادق خان بکر موٽي آيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ عالم پناهه جي درگاهه ڏانهن روانو ٿي ويو.

خبر نٿي پئجي سگهي، ته مير معصوم، جو اڪبري دربار جو هڪ امير هو، نمڪ جو حق ادا ڪندي، هن طرح هڪڙي اڪبري نواب جي پيشانيءَ تان شڪست جو داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، يا مير قانع ٺٽوي هجڻ ڪري ويهي خواهه مخواهه ٺٽي جي نواب جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن، ۽ کيس ٻڏايو آهي. بيگلار نامي جو مصنف، مير قانع جي تائيد ڪري ٿو (ص137).

(1) مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص250) ۾ اڪبر بادشاهه جي ڪاوڙجڻ جو ٻيو سبب ٻڌايو آهي،  اهو هي آهي، ته جڏهن بادشاهه لاهور ۾ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن مرزا جاني بيگ، مرزا شاهه حسن جي نقش قدم تي هلي، فرمانبرداريءَ جا شرط پوريءَ طرح بجا نه آندا هئا، ۽ خود مختياريءَ جو دم هڻي رهيو هو، تنهن ڪري بادشاهه نواب خان خانان کي ٺٽي جي ملڪ فتح ڪرڻ ۽ ٻروچن کي ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ مقرر فرمايو.

(1) سڄي آيت: يَوْمَ يَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ وَأُمِّهِ وَأَبِيهِ وَصَاحِبَتِهِ وَبَنِيهِ لِكُلِّ امْرِئٍ مِنْهُمْ يَوْمَئِذٍ شَأْنٌ يُغْنِيهِ (اهو ڏينهن اهڙو، ته سخت هوندو جو آدمي پنهنجي ڀاءُ، ماءُ، پيءُ، زال ۽ پٽن کان بيزار هوندا، هر هڪ ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندو).               (سورة عبس: 34 تا 37)

(1) هي ڪوٽ ڄام تغلق اڏايو هو، هن کي تغلق آباد به چوندا هئا. (ڏسو ڄام تغلق جي بيان ۾)

(1) قرآن شريف جي آيت: أَطِيعُوا اللَّهَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ وَأُوْلِي الْأَمْرِ مِنْكُمْ (تابعداري ڪريو الله جي، رسول الله جي، ۽ پنهنجن حاڪمن جي)

(1) نسخو  ”ن“ :  ”سيوم علي“

(1) اصل متن ۾  ”در  ’فلونيا‘  زهرش واردند“  لکيل آهي.  ’فلونيا‘  جي معنيٰ سمجهڻ کان اسان قاصر آهيون، تنهن ڪري ترجمي ۾ نٿا لکون، مطلب صاف آهي.

(1) نسخو  ”ن“  :  ”کنجاره“

(1) نسخو  ”ن“  :  ”شجاعت راؤ“

(1) نسخو  ”ن“  :  ”يزد جردي“

(1) نسخو  ”ن“ : خمس وسبعين وتسعماة،  يعني سنہ 975 هجري.

(2) ”تمن،  طوغ“  (تمن = ڏهه هزار ماڻهو، طوغ = جهنڊو) = اهڙو جهنڊو، جو ڏهن هزارن ماڻهن جي سرداريءَ جي نشاني هجي.

(1) هتي اصل متن جي عبارت منجهيل آهي، لکيل آهي، ته  ”ملا محب علي سندي براي وي از درگاهه اکبري تفويض رياست حدود اوچه و آهن وبتي از انتقال بلوچان آورده“ . خود مصنف جي هٿ اکر لکيل نسخي ۾ به عبارت ائين  آهي. تاريخ معصومي (سنڌي ترجمو، ص 266) ۾ لکيل آهي، ته  ”سنہ 965 هجريءَ ۾ ملا محب علي، درگاهه عالم پناهه ۾ ايلچي ٿي ويو، ۽ بلوچن جي انتقال ڪري وڃڻ سبب اُچ، ججو واهڻ ۽ ڀٽي واهڻ، سلطان محمود جي جاگير مقرر ٿيا.“  اسان تاريخ معصوميءَ جي روايت تي اعتماد ڪري، پنهنجي ترجمي ۾  ’آهن‘  کي  ’واهڻ‘  سان بدلايو آهي، ۽  ’]ججو[ واهڻ‘  ڪري لکيو آهي.

(2) سلطان محمود خان جي مفصل احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ڏسو تاريخ معصومي (سنڌي ترجمو، ص 259،  281)

(1) ”بيگلار“  معنيٰ شهزادو،  ”بيگلار بيگي“  معنيٰ شهزادن جو شهزادو.

(2) نسخو  ”ن“ : 950 هجري.

(1) هتي اصل متن جي عبارت ۾ خلل آهي. متن جي عبارت هن طرح آهي: ”وبناي حال شعر دو قطع اساس زمان قريب هم ازان قرار صورت ظهور دارد“ . اسان جي خيال ۾  ’شعر‘  لفظ ڪاتب جي غلطي آهي، سندس جاءِ تي  ”باستشناءِ“  لفظ هوندو. اسان پنهنجي ترجمي جو بنياد انهيءَ درستيءَ تي رکيو آهي. والله اعلم بالصواب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org