سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 25

سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي موٽائي ڏني ٿي ڃي يا نھ ٿي ڏني وڃي، تنھن جي ڪل تھ ڪنھن کي بھ ڪانھ آھي، پر ھندستان جي حڪومت تھ تبديل ٿي چڪي آھي. لارڊ رپن وڃڻ وقت سر چارلس کي يقين ڏياريو ھو تھ جيڪو ڪجھھ ھن ڪيو آھي تنھن کي ھن منظور ڪري ڇڏيو آھي. ھن پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو ھو تھ سر چارلس جيڪي تڪليفون ڪيون آھن ۽ جيڪا بھ محنت ڪئي ھئي، تنھن کي ھن تسليم ڪيو ھو ۽ سندس شڪريو ادا ڪيو ھو. وڌيڪ اھو بھ چيو ھئائين تھ، ھن جيڪي عوامي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن سي تعريف جوڳيون آھن.“

ھي لفظ ان ماڻھوءَ جي واتان چيا ويا آھن، جنھن ھميشه سر چارلس جي دشمنن جي مدد ڪئي ھئي ۽ ھر گھڙيءَ انھن جي ھمت افزائي ڪئي ھئي ۽ سندس انھن ڪمن کي نديندو رھندو ھو، جن جي ھو ھاڻ ساراھھ ڪري رھيو آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ لارڊ رپن پنھنجو ھر ڪم ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي حڪمن مطابق ڪندو رھيو ھو. سر چارلس سندس خط جو جواب ھن ريت لکيو آھي:

”مون کي اوھان جو خط مليو، جيڪو اوھان جولاءِ ۾ لکيو ھو. ان لاءِ مان اوھان جو شڪريو ادا ڪندي ڄڻ فخر محسوس ڪري رھيو آھيان. اوھان مون ڏانھن ھي خط لکي صحيح احساسن واري ماڻھوءَ کي، مايوسين جي اوڙاھھ ۾ اڇلي ڇڏيو آھي. توھان پنھنجي خانگي خط ۾ ڏاڍي رحمدليءَ جو اظھار ڪيو آھي، تنھن لاءِ اوھان جو احسانمند آھيان. پر اوھان جڏھن بورڊ آف ڪائونسل جا پريزيڊنٽ ھئا تھ، مان اوھان کي انصاف ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي ھئي. پر اوھان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ھو. اوھان انھن مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو آھي جن کي مان سنڌ ۾ منھن ڏئي رھيو آھيان. پر مان جيڪي سڀ کان وڌيڪ روحاني اذيت ڏٺي ۽ سٺي آھي سا تھ ڏني ئي اوھان آھي جنھن جو تعلق ميجر آئوٽرام سان آھي پر مان پنھنجي دل تي پٿر رکي توھان جي ھر حڪم کي اکين تي رکيو. اھڙو حڪم خاموش رھڻ جو ھو، جيڪو مون ڏانھن ۽ ميجر آئوٽرام ڏانھن لکيل ھو. مان تھ ماٺ رھيس، پر ان ميجر کي ھر ڳالھھ ڪرڻ جي ھشي مليل ھئي ۽ اوھان جي خاموش رھڻ ڪري،ھن کي سرڪاري اخبارن ۾ مون کي بدنام ڪرڻ ڄڻ تھ ٽيڪ ملي وئي ھئي. ان کان سواءِ ھن ھڪ ڪتاب[1] ۾ مون کي گھڻو بدنام ڪيو ھو. مون کي سر ھينري ھارڊنج ٻڌايو آھي تھ توھان اڄ کان گھڻو اڳ اھو پڪو پھھ ڪري چڪا ھئا تھ سرڪار منھنجي ڪنھن بھ قسم جي مدد نھ ڪري.

”منھنجا سائين، مونکي ھيءَ گستاخي بھ معاف ڪندا تھ جيڪڏھن منھنجي سنڌ ۾ ھلت چلت مھاراڻي، پارليامينٽ، بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۽ اوھان جي مرضيءَ مطابق ھجي تھ ان کي عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسڻ گھرجي پر پوءِ بھ مون کي اوھان وٽان بي انصافي کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ پلئھ ڪونھ پيوس.“

سر چارلس خط ۾ لارڊ رپن کي ڇنڊ تھ پٽي ھئي، پر کيس اھو بھ پتو پئجي ويو ھو تھ ھن جي بدليءَ ڪري سندس جاءِ تي ممبئي طرفان ڪو سول اعلى عملدار مقرر ڪيو پيو وڇي. ان کان سواءِ کيس ھيءَ معلومات پڻ ملي ھئي، تھ لارڊ رپن جي جڳھھ تي سر جان ھوڊ ھائوس گورنر جنرل مقرر ٿي آيو آھي. ھن کيس ترت معلومات ڏيڻ لاءِ ھڪ خط لکيو ھو. انھيءَ لاءِ جيئن ھن کي حقيقت کان آگاھھ ڪري سگھجي. تنھن ڪري ھن ڏانھس ھڪ يادداشت نامو موڪليو ھو. جيڪو ھن ڪم ڪار جي گھڻائي ھوندي بھ ٻھ ٽي ڪلاڪ ڪڍي لکي ورتو ھو. جنھن ۾ ھن پنھنجي حڪومت جو نقطئھ نظر پيش ڪيو ھو. سندس ھن ياداشت نامي مان سر چارلس جي ذھانت ۽ سوچ فڪر جو سولائيءَ سان پتو پئجي سگھي ٿو.

”ماڻھن جي حالت:

سنڌ جا ماڻھو جھنگلي ۽ اڻ پڙھيل آھن. جھيڙاڪار بھ چوٽ جا آھن. سندس تعلق ھڪ معزز نسل سان آھي. پر ھيءَ ھڪ اھڙي قوم آھي جنھن کي قوميت جو ڪو احساس ڪونھ آھي. جيڪڏھن اھڙن ماڻھن کي قوم سڏي سگھجي ٿو تھ پوءِ ھي ماڻھو ضرور ھڪ قوم آھن. ھي ماڻھو مختلف قبيلن ۾ ورھايل آھن. جن مان ڪي قبيلا ڳوٺ ٻڌي ھڪ جاءِ تي ويھي رھيا آھن. جڏھن تھ ڪجھھ قبيلا لاڏائو آھن. سندن ڌنڌو ڌاڙا ھڻڻ ۽ ماڻھن کي قتل ڪرڻ آھي. جيڪڏھن اھو ڪم سندن ڌنڌو آھي تھ اھي ماڻھو ان ڌنڌي کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪونھ ڄاڻندا آھن. اھا ڳالھھ فقط ايتري ڪانھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ٽالپر حڪمرانن وٽ ڪو قانون تھ موجود ڪونھ آھي. تنھن ڪري ھنن ماڻھن مان ھر ڪو ڇڙواڳ آھي ۽ کين جيڪو وڻندو آھي، سو ڪري ڇڏيندا آھن. ھنن ماڻھن جي ڦرلٽ ۽ ڌاڙن ھڻڻ وارن ڪمن ۾ ٽالپر پاڻ بھ شريڪ ھوندا ھئا. ھتي ڪجھھ اصول ضرور موجود ھئا، جيڪي ھڪ غلط تاثر جي پيداوار ھئا جن کي قانون سڏڻ ڄڻ قانون کي گار ڏيڻ ھو. اھڙيءَ ريت اھو قانون بلوچن، سنڌين ۽ ھندن لاءِ الڳ الڳ ھوندو ھو. ھنن ٽنھي سماجن مان بلوچ مسلمان آھن. فتح تائين اھي ماڻھو سنڌ جي اڇي ڪاري جا مالڪ ھئا. باقي ٻن سماجن جا ماڻھو سندن غلام ھئا. بلوچ نسل جا ماڻھو سنڌين کي نيچ سمجھندا ھئا جيڪي سندن غلام ھئا. اھا بلوچن جي مرضي ھوندي ھئي تھ سنڌين کي جيئرو رھڻ ڏين يا قتل ڪري ڇڏن ۽ بلوچ پنھنجي ھن طاقت کي ڏاڍيءَ سخاوت سان ڪتب آڻيندا ھئا. حقيقت اھا آھي تھ ھتي انڌير ننگري ۽ چرٻٽ راجا ھو. ھر قبيلي کي بچاءَ ڪرڻ جو ھڪ نرالو طريقو ھوندو ھو. جنھن جو ھيٺ بيان ڪجي ٿو:

مثال طور ”الف“ نالي ھڪ قبيلو آھي جيڪو بک کان ڇتو ٿي، ”ب“ نالي ھڪ قبيلي کي ڦري لٽي ناس ڪري ويو. پر مختلف حالتن مطابق ماٺ رھيو. ليڪن مناسب موقعو آيو تھ قبيلي ”ب“ وڃي قبيلي ”الف“ کي چيو تھ تون اسان کي ڦري لٽي تباھھ ڪري ڇڏيو، اھو ڏوھھ اسان توکي ھن شرط سان معاف ڪنداسون تھ تون اسان جي مدد ڪر تھ گڏجي قبيلي ”ث“ کي ڦريون لٽيون. اھڙيءَ ريت ٽئين قبيلي کي ڦرڻ لاءِ انھن (ٻن) دشمن قبيلن ۾ ٺاھھ ٿي ويندو آھي. ان کانسواءِ ھي قبيلا زبردستي قرض کڻندا ھئا. يعني ھو تلوار کڻي وڃي ھڪ ھندوءَ مٿان بيھندا ھئا تھ ھيترا يا ھيتر ھزار قرض ڏي، نھ تھ قتل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃ. اھڙيءَ ريت جيڪڏھن قبيلائي ڦرلٽ دوران ڪو تجارتي قافلو گذرندو تھ ان جا مسافر جيڪڏھن قضا سان قتل ٿيڻ کان بچي ويا تھ کين ڪير ڦرلٽ کان بچائي ڪونھ سگھندو آھي. ڪي قبيلا قافلن کان راھداري جو ڀتو وصول ڪندا آھن ۽ جيڪو قافلو اھڙو ڀتو ادا نھ ڪندو آھي تھ سلامتيءَ سان گذري ڪونھ سگھندو آھي. جن علائقن ۾ قافلا ڀتي جي ادائگي ڪندا آھن تھ اتي جا رھندڙ ڪنھن بھ شيءِ جا محتاج ڪونھ ھوندا آھن. ھنن قبيلن جو وڏي ۾ وڏو سردار بھ ھڪ تڏي جي ڇانو ۾ آرام سان ستو پيو ھوندو آھي. جيڪي وڻن مان ڪپيل اڻ گھڙئي ڪاٺ جي آڌار تي رکيل ھوندا آھن. اھا بھ حقيقت آھي تھ دولتمند ھندن کي شھرن ۾ گھر ھوندا آھن. جيڪي ڪچا ۽ ڏسڻ ۾ بھ نھ جھڙا ۽ بي ڊولا ھوندا آھن. اھي صرف ڏيکارڻ لاءِ ھوندا آھن تھ جيئن اھي ھندو غريب لڳن. ڇاڪاڻ تھ ٽالپر حڪمران شاھوڪار ھندن کان تلوار جي زور تي قرض وٺندا آھن. جيڪو وري موٽائي ڪونھ ڏيندا آھن. اسان لاءِ اھو طريقو بھ ڌاڙي ۾ شمار ٿيندو آھي، پر ھتان جي ٽالپرن لاءِ ھڪ عام رواجي ڳالھھ آھي. زبردستيءَ ورتو ويندڙ قرض کڻي ڪيترو بھ وڏو ھجي پر ھندوءَ کي ٻڙڪ بھ ٻاھر ڪڍڻي ڪانھ آھي ۽ نھ وري اھڙن ڌاڙيل قبيلن لاءِ ڪنھن کي ڪجھھ چوڻو آھي. ھتي ھڪ قبيلو ٻئي مان شادي ڪري ڪونھ سگھندو آھي، انھيءَ مقصد سان تھ جيئن نسل خالص رھي.

جيتري قدر قتل جو سوال آھي تھ ان لاءِ ڪوبھ قانون ڪونھ آھي. جنھن تي سوچي سمجھي ۽ پابنديءَ سان عمل بھ ڪيو ويندو آھي. جيڪڏھن ھڪ قبيلي جو مرد ٻئي قبيلي جي عورت سان ڏاڍائي ڪري ٿو تھ ٻنھي کي ڪارو سمجھي قتل ڪيو ويندو آھي. ان کان پوءِ انھن ٻنھي قبيلن ۾ دشمني پيدا ٿي پوندي آھي ۽ ٺاھھ ٿيڻ تائين ٻنھي قبيلن جا ڪيترا ئي ماڻھو قتل ٿي چڪا ھوندا آھن.

جيڪڏھن ”الف“ قبيلي جي مرد ”ب“ قبيلي جي عورت سان جنسي ڏاڍائي ڪئي آھي، جنھن دوران عورت کي ڪاري ڪري قتل ڪيو ويو آھي پر مرد بچي ويو آھي. ان کان پوءِ ٻنھي قبيلن ۾ جھيڙي جي ابتدا ٿي ويندي آھي. ان قبيلي جي ماڻھوءَ جي جرم ڪري عورت قتل ٿي وئي آھي. پر جيڪڏھن ”الف“ قبيلي جو ڪوبھ ماڻھو ”ب“ قبيلي وارن قتل ڪري ڇڏيو تھ ٻنھي قبيلن ۾ ٺاھھ ٿي سگھي ٿو.

جيڪڏھن ڏوھي قبيلي جو ڪوبھ ماڻھو ھن قسم جي دشمنيءَ ۾ قتل ٿي ويندو آھي، ان جي ڪٽنب جا ماڻھو ڪنھن قسم جو اعتراض نھ ڪندا آھن، تھ پوءِ اھو ماڻھو ان جرم جو ڏوھي ھجي يا نھ ھجي ۽ اھڙيءَ ڳالھھ کي انصاف سمجھيو ويندو آھي. پر قاتل کي ڳجھيءَ ريت تاڙ ۾ رکيو ويندو آھي. پوءِ ان ماڻھو يا ان جي ڪٽنب جي ڪنھن ماڻھوءَ کي پلاند ۾ قتل ڪيو ويندو آھي ۽ جيستائين ٻنھي قبيلن ۾ قتل ٿيل ماڻھن جو تعداد ھڪ جيترو نھ ٿيندو آھي تھ اھڙيون ڪارروايون ورھين تائين جاري رھنديون آھن. اھڙيون قبيلائي دشمنيون ھر الزام کان آزاد ھونديون آھن ۽ جيڪڏھن ماڻھو مخالف ڌر جو پلاند ۾ قتل نھ ڪندو آھي تھ ان کي بي غيرت سمجھيو ويندو آھي. اھڙيون دشمنيون ڪيترين پيڙھين تائين ھلنديون رھنديون آھن. دشمني جو اھڙو مثال برفت نومڙين ۽ چولا نومرين جي وچ ۾ پيدا ٿيو ھو. پھرين ذات وارا انگريز سرڪار جي رعيت آھن. جڏھن تھ ٻي ذات، انگريز سرڪاري جي پاڙيسري آھي. کين خبر ھئي تھ مان کين وڙھڻ ڪونھ ڏيندس. تنھن ڪري ھنن ٻنھي ڌرين مون کي امين بڻايو ھو. حقيقت اھا آھي تھ ھي ٻئي ڌريون ھڪ نسل سان واسطو رکن ٿا. پر اٽڪل ھڪ صدي اڳ ھو ھڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيا آھن. سندن دشمني ان دور کان وٺي لڳاتار ھلندي پئي اچي. مان سندن ٺاھھ ڪرايو. ٻنھي ڌرين منھجي روبرو ھڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتو ۽ کير کنڊ ٿي ويا. فيصلي مطابق چولا نومبڙين اڳتي وٺي برفت قبيلي جي سردار کي وڃي ڀاڪر پاتو جيڪو ٻنھي قبيلن جو سردار ھو. مان ٺاھھ ڪرائڻ مھل کين چيو ھو تھ ”منھنجي تلوار ھنن جي تلوارن کان وڌيڪ تيز آھي تنھن ڪري جيڪو حڪم مان ڪريان ٿو تنھن تي ضرور عمل ڪيو وڃي.“ جڏھن ھن قسم جا فيصلا ٿيندا آھن تھ قاتل ڌر جو مجرم مقتول ڌر جي ان ماڻھو کي ڀيڻ يا ڌيءُ جو سڱ ڏيندو آھي، جيڪو مقتول جو ويجھو مائٽ ھوندو آھي. مون کي اھا خبر ھئي تھ مقتول جي ڌيءُ قاتل کي ڏني وئي ھئي. ھتان جي ڇوڪريءَ لاءِ اھا ڪا وڏي ڳالھھ ڪانھ ھوندي آھي پر اسان جي معاشري لاءِ اھا منفرد ڳالھھ آھي.

اھڙيءَ دشمني جي شروع ٿيڻ سان مقتولن جو حساب ڪتاب رکيو ويندو آھي. جيستائين ٻنھي ڌرين جي مقتولن جو تعداد ھڪ جيترو نھ ٿيندو آھي تيستائين ٻنھي ڌرين ۾ ٺاھھ ٿي ڪونھ سگھندو آھي، پر ڪڏھن مقتولن جي حساب ڪتاب ۾ سنمک ٿيڻ کان پوءِ بھ صلح ٿي ڪونھ سگھندو آھي. ھن قسم جي حساب ڪتاب ۾ انھن زخمن کي شمار ڪيو ڪونھ ويندو آھي، جو گھايل ماڻھو مرندو ڪونھ آھي. قتل جي معنى آھي مقابلي ۾ دشمن کي اڦٽ مارڻ. اسان ۾ بھ مقابلي ۾ مارڻ جي روايت آھي، جنھن کي قانوني تحفظ حاصل آھي. ٻنھي رواجن ۾ ڪنھن خاص قسم جو فرق بھ ڪونھ آھي. ٽالپرن جي زماني ڪنھن بھ قسم جو قانون ڪونھ ھو، نھ وري ڪو ٻيو تحفظ ھو. تنھن ڪري ڌاڙن ۽ قتلن کي اھڙي قسم جي قانون سان تحفظ ڏئي ڪونھ ٿو سگھجي.

چوريءَ چڪاريءَ جو ھتي نالو بھ موجود ڪونھ آھي. پر وڏن شھرن ۾ اھڙي ھٿ ڇوھائي موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿي. فوجي ڇانوڻيءَ ۾ چوريءَ جا ھلڪا سلڪا واقعا ٿيندا آھن. اھڙا ڏوھھ ممبئي جي ھيٺيئن طبقي جا ماڻھو ڪندا آھن، جيڪي فوج ۾ شامل آھن.

ھن نسل جي ماڻھن ۾ مٿي بيان ڪيل قسم جي تقسيم آھي جنھن ڪري اھو اڃا تائين ھڪ قوم بڻجي ڪونھ سگھيا آھن. ھنن قبائلي جو اڳين حڪمرانن سان بھ ڪو اصلي لاڳاپو ڪونھ ھو. مان ھتي آيو ھوس سڀ کريون خبرون پئجي چڪيون ھيون. فتح کان پوءِ مان سڀني جاگيردارن کي اھي جاگيرون واپس ڪيون جيڪي وٽن مياڻيءَ واري جنگ کان اڳ ھيون ۽ انھن جاگيرن تي سندن مستقل حق تسليم ڪيو ويو جيڪو ٽالپر دور ۾ کين مليل ڪونھ ھو. ان کان سواءِ مٿئين طبقي جي ماڻھن کي بھ اھڙا حق ڏنا ويا، جيڪي ميرن جي زماني ۾ کين مليل ڪونھ ھئا. مان مختلف ڪليڪٽرن کان اھڙي معلومات حاصل ڪندو رھندو آھيان تھ انھن جاگيردارن ۽ مٿين طبقي جي ماڻھن انگريز سرڪار لاءِ ڪھڙو نقطئھ نظر آھي. خاص ڪري حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن رٿبورن کان بھ اھڙو حال احوال پڇندو آھيان. ھي ھڪ ذھين انگريز عملدار آھي.

حڪومت جو طريقو:

ھن قسم جي سرڪش ماڻھن مٿان راڄ ڪرڻ لاءِ حڪومت جو طريقو ھي آھي تھ مان مٿئين طبقي جي ماڻھن کي پنھنجون اصلي جاگيرون واپس ڪري ڇڏيون آھن. انھن مان ڪنھن بھ ماڻھوءَ جاگير وٺڻ کان انڪار بھ ڪونھ ڪيو ھو. ھي حڪمت عملي انھيءَ لاءِ اختيار ڪئي وئي آھي تھ جيئنءَ سندن اعتماد حاصل ڪري سگھجي. منھنجو ٻيو مقصد اھو ھو تھ ھتان جي اصلي رھاڪن سنڌي مسلمانن ۽ سنڌي ھندن کي بھ ڪجھھ اختيار ملڻ گھرجن. جيڪي ٽالپرن جا غلام ۽ رعيتي رھيا آھن. ھنن ماڻھن کي غلام تھ ڪونھ سڏيو ويندو آھي پر ھنن ماڻھن جا حال غلامن جھڙا آھن. ٽالپرن وٽ آفريڪا جا شيدي غلام ھئا. ھندستان سرڪار انھن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو، جيڪو ٽالپرن لاءِ پھريون ڪاپاري ڌڪ ھو. ان کانپوءِ ٻيو قدم اھو کنيو ويو ھو تھ غريب ماڻھن جو انگريز عملدارن ٽالپرن ۽ بلوچن خلاف ھر قسم جون شڪايتون ٻڌيون وڃن. ھنن قدمن کڻڻ ڪري اھو يقين ويھي ويو ھو تھ انگريز سرڪار ھر صورت ۾ غريبن کي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪندي. اھڙيءَ طرح ٽيون قدم ھي کنيو ويو ھو تھ سردارن طرفان موت جي يا ٻي سزا ڏيڻ جا سڀ اختيار کسيا ويا ھئا ماڻھن کي مشورو ڏنو ويو ھو تھ ھو ھر ڪنھن بھ مجرم خلاف انگريز مئجسٽريٽ وٽ پڪارن، جيڪو انصاف ڪندو. ھي اھڙو قدم ھو جنھن وسيلي ھڪ سردار جي عزت ۽ وقار عام ماڻھوءَ جي نظر ۾ گھٽجي ويو ھو، چوٿون قدم اھو کنيو ويو ھو تھ چنگي محصول جي پراڻي ھندستاني طريقي کي ختم ڪيو ويو ھو. محنت کي وڪري لاءِ بازار ۾ آندو ھو. انھيءَ ڪري اجوري ۾ واڌ اچي وئي ھئي ۽ جا ڏھاڙي ٽي کان چار پينس ٿي وئي ھئي، نھ تھ ھن کان اڳ جبري پورھيو ھوندو ھو. جنھن جو معاوضو ڪونھ ڏنو ويندو ھو يا نالي ماتر اجورو ڏنو ويندو ھو. ھن جي ٻين نھ پر خود انگريزن مخالفت ڪئي ھئي. ھيءَ ڳالھھ ٻڌائيندي اچرج بھ ٿئي ٿو تھ ان قانون کي نافذ ڪرڻ ۾ اڃا تائين مڪمل سوڀارو نھ ٿيو آھيان. مان اھو بھ ٻڌو آھي تھ ھندستان جي ڪيترن علائقن ۾ محنت تي اڃا بھ محصول مڙھيو پيو وڃي. مون کي شخصي طور اھا خبر ئي ڪانھ ھئي تھ ھتي ويچاري پورھيت سان ايترو ڏاڍ ڏمر ٿي رھيو آھي. اھا ڳالھھ ٻڌي مون کي ويساھھ ئي ڪونھ پئي آيو. مان ھي سٺو قدم کڻي غريبن جي حالت سڌارڻ ۽ سندن احساسن  اتساھن کي آڏ ۽ آڌر ڏني آھي. تنھن ڪري مون کي پڪ آھي تھ انگريز سرڪار سنڌ وري ٽالپرن حوالي ڪانھ ڪندي. جيڪڏھن کين سنڌ حوالي ڪئي وئي تھ ڇھن مھينن اندر رڌي پڪي ۾ پاڻي پئجي ويندو ۽ ساري ڌرتي رتو ڇاڻ ۾ ڳاڙھي ٿي ويندي.

مان سردارن کان سواءِ عام ماڻھن کي ھٿيار کڻي ھلڻ تي پابندي ھڻي ڇڏي آھي. منھنجو ھي حڪم بھ ائين تسليم ڪيو ويو ھو جيئن ٻيا اھڙا حڪم مڃيا ويا ھئا، جيڪي سردارن جي عزت ۽ احترام لاءِ منفي ھئا. جيڪڏھن مان ساڳي پابندي سردارن تي ھڻان ھا تھ سڀئي سردار مڙي مٺ ٿي وڃن ھا ۽ سڀئي ويڇا وساري منھنجي خلاف ناراضگيءَ جو اظھار ڪن ھا. پر مان لاٽ ڪوٽ کي ھٿيار کڻي گھمڻ کان منع ڪري رڳو سردارن کي موڪلي ڏني آھي. تنھن ڪري ھي ھمراھھ ھوا ۾ اڏامڻ شروع ٿي ويا آھن ۽ ڪنھن کي پاڻ جھڙو تھ سمجھن ئي ڪونھ ٿا. جيڪڏھن سردارن جي نوڪرن چاڪرن کي ھٿيارن پائڻ جي منع ڪئي وئي آھي تھ کين اھڙو احساس ڪونھ ٿيندو. پر جڏھن سردار کين ڪاوڙ ڏياريندا تھ انھن ھٿيارن جي عدم موجودگيءَ جو ضرور احساس ٿيندو ۽ جيڪڏھن انھن کي ڪاوڙ ايندي تھ انھن ھٿيارن کي پنھنجي نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا. اھڙيءَ ريت منجھن سڀني حڪمن کي دل سان تسليم ڪيو ويو ھو. ھن کان اڳ سنڌي مسلمان ۽ ھندوءَ کي ھٿيار ٻڌي ھلڻ جي موڪل ڪانھ ھوندي ھئي. ھاڻي جڏھن بلوچ بھ بنا ھٿيارن گھمڻ لڳا تھ ھنن جي اھميت وڌي وئي ھئي. اھو ڏسي کين ڏاڍي خوشي ٿيندي ھئي تھ ھاڻي ظالم ماڻھو بھ ھنن وانگي بي ھٿيار ٿي ويا آھن. جيڪي اڳي مٿن ڪيس ۽ قھر ڪندا ھئا. يعني ھاڻي بلوچن کي ٽنگن کان جھلي ھيٺ آندو ويو آھي. جڏھن تھ سنڌي ھندن ۽ مسلمانن کي مٿي ڇڪيو ويو آھي ۽ سندن عزت افزائي ڪئي وئي آھي. ھاڻي بلوچ مٿن خنجر اولاري کين ڊيڄاري نھ سگھندا. اڳي تھ ٿوري گھڻي ڳالھھ تان تلوار جي مٺيئي ۾ کڻي ھٿ وجھندا ھئا ۽ وار ڪندي بھ دير ڪونھ ڪندا ھئا. کين آڪڙ ۽ وڏائي بھ ايڏي ھوندي ھئي جو سندن پير ڌرتيءَ تي تھ ڄڻ کپندو ئي ڪون ھو. ھاڻي لاوا لسا سڀ ھڪ جھڙا آھن. سنڌي بھ ايترو معزز ۽ شريف آھي جيترو بلوچ رئيس آھي، پر سنڌين کي اڃا بھ غلاميءَ جو احساس آھي ۽ اھو ڏاڍ جي ڊگھي دور جو نتيجو آھي. آزاديءَ کان پوءِ غلاميءَ جو احساس جلدي ۾ ختم ٿي ڪونھ سگھندو آھي، پر غلامي جي احساس جو مٿن اڃان بھ غلبو رھندو. ڇاڪاڻ تھ ڪن اياڻين اخبارن وٺي اجايا افواھھ اڏايا آھن تھ انگريز سرڪار سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي موٽائي ڏئي رھي آھي. اھڙيون خبرون ٻڌي ويچارن سنڌين جا تھ ڇيھھ ئي ڇڄي پيا آھن.

اڳئين ڪرسمس جي موقعي تي قيدي ٽالپرن وٽان خط پھتو ھو جنھن ۾ ھنن لکيو ھو تھ ھنن ڏانھن لارڊ آشلي خط ۾ ھي احوال موڪليو آھي تھ، کين سنڌ جي سرحد ڀرسان معزز شھرين وانگي رکيو ويندو. پر مون کي اھا خبر ڪانھ آھي تھ ھن قسم جي خط ۾ ڪھڙي قسم جو راز رکيل آھي. باقي ھن خط جو ٻڌي ھندو ھپاڻجي ويا آھن ۽ ڊڄ کان پنھنجا پئسا ڏوڪڙ مسقط ۽ ممبئيءَ ڏانھن موڪلي رھيا آھن ۽ سنڌ ڇڏي وڃڻ لاءِ واٽون نھاري رھيا آھن. اھڙو پھريون اطلاع وڏي رتبي واري ھڪ ٽالپر بھ موڪليو آھي، جيڪو قيدي ميرن سان گڏ آخري وقت تائين اسان سان وڙھندو رھيو ھو. مان بھ کيس پنھنجي خاندان سان ڏاڍو وفادار ڏسي، کيس پنھنجي اصل جاگير بھ موٽائي ڏني ھئي. ھيءُ اھو ماڻھو آھي جنھن اسان کي مياڻيءَ ۾ مڙسي سان مھاڏو ڏنو ھو. دٻي واري جنگ ۾ دليريءَ سان وڙھيو. ٿر ۾ بھ جڏھن ٻنھي ڌرين ۾ پاڻي ٿيو تھ ھن پنھنجي جوش ۽ جرئت جا جوھر ڏيکاريا ھئا، پر جڏھن شير محمد سنڌ ڇڏي ھليو ويو تھ ھي منھنجي پيرن ۾ پنھنجي تلوار رکي پيش پيو ھو. ھيءُ ھڪ ذھين انسان آھي. ھي اٿڻ ويھڻ ۽ ھلت چلت ۾ ڄڻ تھ انگريز ٿي ويو آھي. ڏسڻ ۾ بھ مھذب نظر اچي ٿو،  زمين کي سڌارڻ ۾ لڳو پيو آھي. سندس چوڻ آھي تھ ھو تباھھ ٿي چڪو ھو ۽ ھن سان گڏ ٻيا ماڻھو بھ تباھھ ٿي چڪا ھئا. اھا ھڪ حقيقت آھي. جيڪڏھن قيدي مير ھتي آيا تھ اسان انھن سان گڏجي انگريزن خلاف بغاوت ڪنداسون. موٽ ۾ انگريز اسان کي تباھھ ڪري ڇڏيندا. خدا جي واسطي اوھان پنھنجي حڪومت کي ٻڌايو تھ اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏين. اسان ڏاڍو خوش آھيون ۽ سکيا ستابا ٿي ويا آھيون. جيڪڏھن اوھان ٻين ٽالپرن کي اسان سان ملڻ جي موڪل ڏني تھ گڏجي انگريزن خلاف بغاوت ٿيندي. اھي مير اسان جا سردار آھن. انھن کي سنڌ جي سرحد وٽ رھائڻ سٺو ڪونھ آھي.

جيڪڏھن سچ ۾ مير سنڌ آيا تھ وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي. اھو رت عام ماڻھن جو نھ پر سردارن جو ھوندو، جيڪي پنھنجي خاندان جي اڳئين عزت کي ڏسي گھڻو متاثر ٿيندا. ھن مير جي لکيل خط مطابق تھ ٽالپر تباھھ ٿي ويندا. سندس خط مان لڳي رھيو ھو تھ ھو ڏاڍو جذباتي آھي. ھن وڌيڪ لکيو ھو تھ پھرئين ڀيري سر چارلس کيس بھادر سمجھي وڏي عزت ڏني ھئي ۽ سمجھيو ھئائين تھ مان بھ ھڪ وفادار فوجي آھيان ۽ ڏکي وقت ۾ سندن تمام گھڻي مدد ڪري سگھان ٿو. ان کان پوءِ ھن مون کي نھ رڳو پنھنجي اصلي جاگير، پر ان کان بھ وڌيڪ ايراضي ڏني. پر جڏھن مان ھاڻي ھن جي خلاف جنگ ڪندس تھ مون کي غدار سمجھيو ويندو ۽ مون کان ساري جاگير کسي ويندي. ان کان پوءِ مان کيس پنھنجي جاگير موٽائي ڏيڻ لاءِ عرض بھ ڪري ڪونھ سگھندس.“ ھن اھڙيون ڳالھيون ڪئپٽن رٿبورن سان بھ ڪيون ھيون. ھي ٽالپر سردار ڏاڍو جذباتي پئي لڳو. ھن جڳ مان پاڻي جو گلاس ڀريو ۽ چيائين تھ ”اوھان انگريز ڏاڍا قديم انسان آھيو. اوھان سنڌ فتح ڪئي. اسان سان بھ سٺو برتاءُ ڪيو ۽ سنڌ سٺائيءَ سان ائين ڀريل آھي، جيئن ھي گلاس پاڻي سان ٽمٽار. پر اوھان اھو پاڻي پيئڻ بدران ھينءَ ھيٺ ھاري رھيا آھيو، ائين چئي ھن گلاس وارو پاڻي ھيٺ ھاري ڇڏيو. سندس اشارو ميرن جي واپس اچڻ ڏانھن ھو.

ھٿيار پائي ھلڻ کان منع سبب ماڻھن ۾ شرافت اچي وئي ھئي. انھيءَ ڪري قتل بھ گھٽجي ويا جيڪي اوچتيءَ ڪاوڙ ڪري ٿي پوندا ھئا. گرم موسم ۾ اھڙا واقعا گھڻا ٿيندا ھئا.

ڍل محصول جي وصوليءَ جو طريقو:

مان سنڌ کي وڏن ٽن ضلعن ۾ ورھايو آھي جن تي ٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا آھن. سندن سھائتا لاءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ٻيو ماتحت عملو آھي. اھي عملدار انگريز آھن، ھي مئجسٽريٽ طور بھ ڪم ڪري رھيا آھن. پر سزا ڏيڻ لاءِ کين محدود اختيار ڏنا ويا آھن. ڍل محصول جي وصولي لاءِ وٽن اھو ساڳيو عملو آھي جيڪو ٽالپر دور ۾ ڪم ڪندو ھو. اخلاقي مجرمن کي سزا بھ اھو ھيٺيون عملو ڏيندو آھي. ٽالپر حڪمران سزا ڏيڻ جي معاملي ۾ ڪڏھن بھ دخل اندازي ڪونھ ڪندا ھئا. ليڪن ھنن جي نظر ۾ وڏي ۾ وڏو مجرم اھو ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو سندن حڪم نھ مڃيندو ھو. اھڙن حڪمن جا مقصد فقط ٻھ ھئا ھڪ دولت گڏ ڪرڻ ۽ ٻيو زنا ڪاري. پوئين قسم جي ڏاڍ جو شڪار ماڻھن جو ھڪ خاص طبقو ھوندو ھو. پھرئين ڏاڍ، ڪيس ۽ قھر جا درواز کولي ڇڏيا ھئا. بي انصافي ۽ اذيتن ساري ملڪ کي اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيو آھي. اھڙي ڏاڍ ڏمر لاءِ ڪاردارن جا رسا نڪتل ھوندا ھئا. ھر ڳوٺ جو الڳ ڪاردار ھوندو ھو. جنھن جو ڪم ڍل محصول اوڳاڙڻ ھو، جيڪو ڳوٺ جو چڱو مڙس بھ ھوندو ھو. ٻين عملدارن کي ’ان بردار‘ سڏيو ويندو ھو جن جو منصبي فرض حڪمرانن جي حصي جو اناج سنڀالڻ ھوندو ھو. ھو ’ڪاردار‘ ۽ ’ان بردار‘ وٽ ڌار ڌار عملو ھوندو ھو. جيڪو سندن حڪمن جي پوئواري ڪندو ھو. اھڙا حڪم ڪھڙا ھئا، تنھن جو سارو دارومدار ڪاردار جي شخصيت تي ھوندو ھو. جن مان عام طور ھي حقيقتون ظاھر ٿينديون ھيون: جڏھن اناج جو اگھھ چوٽ تي چڙھيل ھوندو ھو تھ ٽالپر کين حڪم ڪندا ھئا تھ ھنن جو اناج بازار واري اگھھ کان سھانگو وڪرو ڪيو وڃي. ڪاردار ۽ ان بردار اھي ساڳيا حڪم وري پنھنجي ماتحت عملي کي ڏيندا ھئا. کين اھو بھ حڪم ھوندو ھو تھ اھي پئسا وٺي، بنا دير سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا وڃن. ڪاردار ساري علائقي جي دولتمند واپارين کي سڏي ھڪ جاءِ تي گڏ ڪندا ھئا. کين چيو ويندو ھو تھ ٽالپرن جو اناج بازار جي اگھھ کان مھانگو خريد ڪن ۽ پئسا بھ اک ڇنڀ ۾ ادا ڪيا وڃن. واپارين کي ھن اناج جي خريديءَ مان ڪنھن بھ قسم جو فائدو ڪونھ ھوندو ھو. جيڪڏھن ڪو واپاري اھڙي مھانگي اناج کي خريدڻ کان انڪار ڪندو ھو تھ کيس ڪام ۾ ابتو ٽنگيو ويندو ھو. ان کان پوءِ لوھھ جي سيخ گرم ڪري سندس سٿرن جي وچ تي رکي ويندي ھئي. ٽالپرن جي محصول گڏ ڪرڻ جو طريقو اھو ھو. ساڳيءَ ريت زميندارن کي مھانگو اناج ڏنو ويندو ھو. جيڪي وري ورھائي رعيتي (سنڌي) ملاحن ۽ پورھيتن کي ڏيندا ھئا. ھي ماڻھو مسڪين ۽ ڪنگال ھوندا ھئا. جيڪي لس لنگھڻ تي ويٺا ھوندا ھئا. جيڪڏھن اھي ماڻھو مذڪوره مھانگي اناج کي وٺڻ کان انڪار ڪندا ھئا تھ اھي بھ لوھھ جي گرم سيخن جي ڏنڀن کان بچي ڪونھ سگھندا ھئا. اھو مھانگو اناج ڪاردارن کي بھ ڏنو ويندو ھو. جيڪي پاڻ ڪڇي ڪونھ سگھندا ھئا، پر وٽن اھڙا موقعا ضرور ھئا جو اھي پنھنجي ڀڀ ڀرڻ لاءِ بھ جبري وصولي ڪندا ھئا. مان انھن ڪاردارن ۽ ان بردارن کي مئجسٽريٽن جي عملي ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي. جن جو ڪم انھن ماڻھن جي نالن جون فھرستون جوڙڻ آھي. جيڪي فتح جي فائدي ۾ آھن. ھي ماڻھو ابتدائي دور ۾ انگريز عملدارن کي ڦري وٺندا ھئا. جن کي ھتان جي محصول جي وصوليءَ جي طريقي جي خبر ڪانھ ھوندي ھئي. ھاڻي تھ ڪليڪٽر سندن ساري ڪم کي سمجھي ويا آھن. ھي ماڻھو فوجي طريقي سان اٿندا ويھندا آھن. کين ماڻھن کي سمجھڻ جو وسيع تجربو بھ آھي. تنھن ڪري ھنن اھڙي ڪم کي منظم طريقي سان ھلائڻ شروع ڪيو آھي. ماڻھو محنتي آھن. سندن ڪوشش ڪري پيداوار ۾ حيرت انگيز اضافو ٿيو آھي. ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ڊائري لکندا آھن. جيڪي ھفتيوار مون ڏانھن موڪليون وينديون آھن. تنھن ڪري مون کي پتو پئجي ويندو آھي تھ ھر ضلعي ۾ ڇا ٿي رھيو آھي. اھي ڊائريون حڪومت جو سيڪريٽر ڪئپٽن برائون مون کي پڙھي ٻڌائيندو آھي، جيڪو ڏاڍو ذھين انسان آھي. مان ھن وٽان گھڻيون ڳالھيون سکيون آھن. تنھن ڪري ھي ماڻھو منھنجو ماتحت نھ پر ھڪ مددگار دوست آھي.

پوليس:

ھي ماڻھو انھيءَ مقصد سان رکيا ويا آھن تھ جيئن ملڪ جو امن امان قائم ڪري سگھجي. ٻيو مقصد اھو بھ آھي تھ جيئن فوج کي منفرد حيثيت ملڻ گھرجي. جيڪڏھن فوج کان پوليس وارو ڪم وٺبو تھ عام ماڻھن سان رلي ملي ويندي. انھيءَ اسان جي طاقت جو خوف ماڻھن جي دلين مان نڪري ويندو. انھيءَ مقصد سان مان ٻھ ھزار چار سو پوليس وارا مقرر ڪا آھن. جيڪي ھٿياربند آھن. کين ڊرل جي سکيا بھ ڏني وئي آھي. ھنن کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آھي. جن مان ھڪ حصو شھرن ۾ ڪم ڪندو. باقي ٻھ حصا ٻھراڙيءَ ۾ پنھنجو منصبي فرض ادا ڪندا. پھريون حصو پيادل ھوندو. باقي رھندڙ ٻن حصن جي پوليس پيادل بھ ھوندي ۽ گھوڙيسوار بھ ھوندي. ھنن کي ٻھراڙيءَ جي پوليس سڏيو ويندو. اھي ڪم تھ ڪليڪٽر جي چوڻ مطابق ڪندا.، پر سندن اعلى عملدار جدا ھوندو. اھڙي ريت پوليس کي ڪاردارن مٿان نظرداري ڪرڻ جو ڪم بھ سونپيو ويو آھي. جڏھن کين معلوم ٿيندو تھ ڪاردار ۽ ان بردار ڪنھن معاملي ۾ ٺڳي ڪري رھيا آھن تھ اھڙو اطلاع اسان کي ڏنو ويندو. پر جيڪڏھن پوليس وارا غلطي ڪندا تھ ڪاردار، ان بردار ۽ زميندار اسان کي ٻڌائيندا تھ اھي منصبي فرض کان لاپرواھھ ٿي ويا آھن. اھڙيءَ ريت اھي ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي تي نظر رکنديون آھن. اھي ٻئي کاتا غريبن جي واھر ڪندا آھن. پر ھنن کي انسان ذات سمجھي ھمدردي ڪانھ ڪندا آھن، پر کانئن نفرت ڪندا آھن. ھنن ٻنھي کاتن جي قيام جو مقصد سرڪار جي پيداوار وڌائڻ آھي. جڏھن تھ ھاڻي غريب ماڻھو ھنن ٻنھي کاتن جي عملدارن کي پنھنجو تحفظ سمجھندا آھن. جڏھن پوليس غريب رعيتي ماڻھوءَ لاءِ آزار بڻجي ويندي آھي تھ ھو وڃي ڪاردار وٽ دانھيندو آھي ۽ جڏھن رعيتي ماڻھو ڪاردار جي ظلم جو شڪار ٿيندا آھن، تھ پوليس وٽ شڪايت ڪندا آھن. اھي پوليس وارا ۽ ڪاردار سنڌ جي ڪليڪٽرن ۽ منھنجي لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويا آھن. ڪليڪٽرن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي مدد لاءِ سب ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا آھن. کين ايترا اختيار ڪونھ آھن جو پنھنجي ماتحت عملي جا معاملا نبيري سگھن. پر اھو انتظام ٿوري وقت لاءِ ڪيو ويو آھي. اسان وٽ ڪيترائي سياڻيا ۽ سچيت ماڻھو آھن جيڪي پنھنجا منصبي فرض ڏاڍي بھتر طريقي سان سرانجام ڪري سگھن ٿا. پوليس نھ رڳو چور جھلڻ جو ڪم ڪندي آھي پر ضرورت پوڻ تي فوج وارو ڪم بھ ڪندي آھي. ھنن ماڻھن مقرر ٿيڻ سان وڃي ڌاڙيلن سان منھن ڏنو ھو، جن کي ھنن ماري ڀڄائي ڇڏيو ھو. پر ھاڻي اھڙا ڌاڙيل موجود ڪونھ آھن.

عدالتي کاتو:

عدل ۽ انصاف کي قائم رکڻ لاءِ ھڪ جج، ائڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو پنھنجي ڪم ۽ تجربي ڪري ھن شعبي جو ماھر آھي. کيس فوجي قانون جي بھ ڄاڻ آھي. جنھن کي لارڊ ايلنبرو پاڻ موڪليو ھو. سندس نالو ڪئپٽن ڪيٿ ينگ آھي، جيڪو ڏاڍو سنجيده، سچو ۽ بردبار ماڻھو آھي. ھي ماڻھو پنھنجي ھن عھدي تي ڏاڍو سٺو لڳي رھيو آھي. ھن جي مدد لاءِ ٻھ ٻيا عملدار مقرر ڪيا ويا آھن. جن مان ھڪ حيدرآباد ۾ ۽ ٻيو شڪارپور ۾ ڪم ڪري رھيو آھي. ھر ضلعي جا مئجسٽريٽ انھن فوجداري معاملن جون رپورٽون جج، ايڊووڪيٽ جنرل ڏانھن موڪليندا آھن، جن جي نبيرڻ جو اختيار وٽن ھوندو ھو. قتل ۽ ڌاڙن جھڙن وڏن ڏوھن جون ابتدائي ٻڌڻيون مئجسٽريٽ ڪندا آھن ۽ قسم تي شاھديون قلم بند ڪري سارو معاملو جج ايڊووڪيٽ جنرل ڏانھن موڪليو ويندو آھي. جيڪو وري فيصلي لاءِ گورنر ڏانھن روانو ڪندو آھي. گورنر جنرل جڏھن مناسب سمجھندو آھي تھ اھو معاملو ملٽري ڪميشن لاءِ موڪليندو آھي، جنھن ۾ ھڪ فيلڊ آفيسر ۽ ٻھ ڪئپٽن ھوندا آھن. پر جيڪڏھن ائين فوجي عملدار موجود ڪونھ ھوندا آھن. اھڙي ڪم لاءِ اھڙي سب آلٽرن کي مقرر ڪيو ويندو آھي. جنھن جي ملازمت ستن سالن کان گھٽ نھ ھوندي آھي. اھڙي معاملي جي ڪارروائي ڊپٽي جج ايڊووڪيٽ جنرل ھلائيندو آھي. گورنر اھڙي فيصلي کي بحال ڪندو آھي ۽ تعميل جو حڪم جاري ڪندو آھي. جيڪڏھن ڪورٽ ۽ جج، ايڊووڪيٽ جنرل جي فيصلي ۾ اختلاف ھوندو آھي تھ ان صورت ۾ گورنر جو فيصلو آخري سمجھيو ويندو آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو انصاف جا معاملا جلدي اڪلائي سگھجن ٿا. ان لاءِ مان يقين وارو ماحول پيدا ڪندو آھيان پر پوءِ بھ انصاف ايترو جلدي ڪونھ ٿو ملي جيترو ھجڻ کپي. منھنجي اھا بھ مرضي آھي تھ مجرم کي انصاف ڏيڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڪورٽون ھجڻ گھرجن. جن معاملن تي مون کي فيصلو ڏيڻو ھوندو آھي. تن جو مان نھايت گھرائيءَ سان مطالبو ڪندو آھيان، پر جن معاملن جو فيصلو ڦاسي يا ڪا ٻي سخت سزا ھوندي آھي تھ ان جو وڌيڪ گھرائي سان مطالعو ڪندو آھيان. اھڙي سزا ڏيڻ لاءِ مان ٻن کان ست ڏينھن ويچاريندو رھندو آھيان. ننڍا معاملا ڊپٽي ڪليڪٽر تڪڙ ۾ ھلائي، مٿي ڪليڪٽر ڏانھن موڪليندا آھن. جيڪو ڊپٽي ڪليڪٽر جي ڏنل سزا بحال يا رد ڪندو آھي. پر ٻنھي حالتن ۾ اھو معاملو جج، ايڊووڪيٽ جنرل ڏانھن موڪليو ويندو آھي. ڪن اھم معاملن ۾ ھن جي فيصلي کي آخري سمجھيو ويندو آھي. ڪجھھ معاملا وري اھڙا بھ ھوندا آھن. جن جي اپيل گورنر کي ڪئي ويندي آھي. ھن کان سواءِ ڪي سول معاملا بھ ھوندا آھن. جن کي پئنچاتي معاملا سڏيو ويندو آھي. مان ھن قسم جي معاملن ۾ ٿوري تبديلي ڪئي آھي. ھن کان اڳ اھڙن معاملن جي ھلائڻ وارن کي ڪجھھ بھ ڪونھ ملندو ھو. پر ھاڻي اھڙن ماڻھن کي ڏھاڙيءَ مطابق ڀتو ملندو آھي. اھي ماڻھو اسان جي جيوري وانگي آھن يا ٽياڪڙيءَ جون ڪورٽون آھن. پاڻ ھنن کي فقط سول معاملن تائين محدود رکيو آھي. پر فوجداري معاملا يورپي ماڻھن جي حوالي ڪيا ويا آھن. ان کان سواءِ مان ٽرائبيونلس جي اختيارين کي ايئن وڌائڻ جو قائل آھيان جھڙيءَ ريت مان يونان ۾ ڏٺا ھئا. اھڙا ٽرئوبيونلس مشرق ۾ بھ موجود آھن ۽ انگريزن جي جيوري انھن مان ھڪ آھي. يونان ۾ ھن کي ڪورٽ آف ويچيارڊ سڏيو ويندو آھي يعني Court of Ancients ھندستان ۾ ھن جو نالو پئنچائت آھي. پر انھن جا اختيار ھر ملڪ ۾ ۽ مختلف حالتن ۾ مختلف ھوندا آھن. ليڪن سنڌ ۽ ھندستان ۾ سندن اختيار اڃا بھ محدود آھن، پر انھن جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ پئنچات کي وڏا اختيار مليل ھئا. مان سمجھان ٿو تھ ھن موضوع تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان ماڻھن کي پنھنجي ملڪ جي حڪومت سان گڏ ھلڻ جو نادر موقعو ملي ويندو. پر مان سوچي رھيو آھيان تھ بورڊ آف ڊائريڪٽرس ائين ڪرڻ ڪونھ ڏيندو.

اھو نھايت سولو طريقو آھي جنھن فيصلي سان سنڌ ۾ انصاف ملي سگھي ٿو. مئجسٽريٽن ۽ ملٽري ڪميشن ۾ سدائين اختلاف راءِ موجود ھوندو آھي. منھنجي نقطئھ نظر مطابق گونر ۽ جج، ايڊووڪيٽ جنرل آزاد سوچ جا جج ھوندا آھن. انصاف جو اھو طريقو عام ماڻھوءَ لاءِ سخت نھ پر نرم ھوندو آھي. خاص طور جج، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ منھنجي ڪوشش اھا ھوندي آھي تھ قانون ۾ اھڙي ترميم ڪرڻ گھرجي. ماڻھن کي ملندڙ سزائون انھن جي احساسن مطابق ھجڻ گھرجن. پر اھڙيون سزائون نھ ڏنيون وڃن جن ڪري ھو مايوس ٿي وڃن. پر مان ھتي ھڪ ڳالھھ چوڻ چاھيان ٿو تھ مان گھڻو وقت اڳ ھن اجازت لاءِ ھندستان سرڪار کي لکيو ھو تھ ھتان جي مجرمن کي عدن ڏانھن نيڪالي ڏني وڃي. جيڪڏھن منھنجي ھيءَ ڳالھھ قبول ڪئي وئي تھ ماڻھو وڏيءَ سزا کان بچي سگھن ٿا. انگريز سرڪار اتي قلعا تعمير ڪري رھي آھي ۽ ھن مقصد لاءِ کين سستو پورھيو ملي ويندو. ڪاري پاڻيءَ جي ھن سزا ڪاٽڻ کان پوءِ ھي ماڻھو پنھنجي ملڪ موٽي ايندا. ڊبلن جو آرچ بشپ ھن قسم جي مجرمن کي وڏي بڇڙائي سمجھندو آھي، تن جي آزار کان بچي سگھجي ٿو.

پيداوار:

سنڌ جي سڀني ٽالپر حڪمرانن جي مجموعي پيداوار پنجٽيھن کان چاليھھ لک رپيا ھوندي ھئي. منھنجي حڪومت ۾ اھا پيداوار نون لکن کان ايڪٽيھن لکن تائين پھتي آھي. ھن حقيقت ۾ ڪنھن بھ شڪ شبھي جي گنجائش ڪانھ آھي تھ ٻئي سال اپريل تائين پيداوار پنجٽيھن لکن تائين پھچي ويندي. ڇاڪاڻ تھ 1846-47ع جو مالي سال اپريل ۾ پورو ٿيندو. ڪليڪٽرن جي عام راءِ آھي تھ 1848ع ۾ اھا پيداوار چاليھن لکن تائين پھچي سگھي ٿي. اھا ھر سال وڌندي رھندي. ڇاڪاڻ تھ تجارت ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي. ان کان سواءِ زمين جي وسيع ايراضي پوکي راھيءَ ھيٺ اچي چڪي آھي. تنھن ڪري ھن خط ۾ بيان ٿيل سڀ ڳالھيون حقيقتون آھن. محض اندازا ڪونھ آھن. مون کي چيو ويو آھي تھ سنڌ جي فتح ڪري ممبئي حڪومت جي پيداوار تمام گھڻي وڌي وئي آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ اڳي پورچوگيزن جي ڪالوني ڊمائون، ھر چيز جي سمگلنگ ٿيندي ھئي جيڪا ھاڻي ختم ٿي وئي آھي. مان اوھان جو ھڪ ڳالھھ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ چاھيان جنھن کي transita duty يا راھداري جو محصول سڏيو ويندو آھي. جنھن مان ٽالپرن کي تمام گھڻي آمدني ٿيندي ھئي. ھن کان سواءِ علي مراد کي سبزل ڪوٽ ۾ ڀونگ ڀڙا جي پيداوار ملندي ھئي، جيڪي بھاولپور ۾ شامل آھن. پر انگريزن جي اچڻ کان پوءِ اھا راھداري يا transit duty ختم ڪئي وئي آھي. ان کان سواءِ يقين آھي تھ پيداوار ٽالپر دور جي پيداوار کان گھڻو وڌي ويندي. ھن محصول کان سواءِ مان ڪيترا ٻيا محصول بھ معاف ڪري ڇڏيا آھن. تنھنڪري منھنجي دور جي پيداوار سان انھن محصولن واري رقم بھ شامل ڪئي وڃي، جيڪي مان معاف ڪري ڇڏيا آھن. اوھان کي معلوم ٿي ويندو تھ ڳرن محصولن وڏيءَ پيداوار کي روڪي ڇڏيو ھو.

تجارت:

يورپ جي تيار مال جي درآمد 1843ع کان 1845ع تائين ساڍن چئن لکن کان وڌي نون لکن تائين پھتي آھي. جڏھن تھ 1846ع جي پھرين ڇھن مھينن دوران ڏھن لکن جي درآمد ٿي آھي. سنڌ جي واپارين جي ٻاڪار متل آھي تھ تجارتي لڏ پلاڻ لاءِ آگبوٽن جي اشد ضرورت آھي، جيڪي سندن واپاري وکر سنڌو جي اتر واري پاسي ۽ ستلج کان مٿي کڻي وڃن. ھنن ماڻھن موڏانھن بھ خط لکي ساڳيون گذارشون ڪيون آھن تھ مان گورنر جنرل کي گذارش ڪريان تھ اھو چار جنگي آگبوٽ سنڌوءَ ۾ ھلائڻ جي اجازت ڏئي جيڪي فقط تجارتي مقصدن لاءِ ھجن ۽ ائين سنڌ سرڪار جي نظرداريءَ ھئڻ کپي. ھي آگبوٽ پنھنجو خرچ پاڻ ڪڍندا ۽ ضرورت وقت جنگ جو ڪم بھ ڏيندا. ائين ٿيڻ سان تجارت گھڻي وڌي ويندي، ڇاڪاڻ تھ سندن رفتار تيز آھي ۽ تجارتي مال بھ تيز رفتاريءَ سان پھچندو ۽ روانو ٿيندو رھندو. اندازو اھو آھي تھ ڪڏھن ست وڏا ٻيڙا سال جي خاص موسم دوران سنڌوءَ وسيلي ھيٺ ايندا ھئا، انھن مان ڇھھ تھ صفا تباھھ ٿي ويا آھن. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ ھتان جا ٻيڙا معياري ٺھيل ڪونھن، ۽ ٻيڙائت بھ سچيت ۽ سياڻا ڪونھ ھوندا آھن. انھيءَ ڪري تجارت ختم ٿي وئي آھي. پر ھن وقت تائين سنڌوءَ ۾ ھڪ بھ آگبوٽ تباھھ ڪونھ ٿيو آھي. جيڪڏھن چار آگبوٽ سنڌ سرڪار کي ڏنا ويندا تھ اھي تجارتي مال سان ڀرجي مٿي ھاڪاريندا. اتان مال سان سٿجي ھيٺ ايندا رھندا. ائين ٿيڻ ڪري تجارتي ڪمپنيون بھ جلد ئي جڙي وينديون ۽ تجارتي آمدرفت ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪنديون.

ھتان جي واپارين تي ڪنھن بھ قسم جو ڀروسو ڪري ڪونھ ٿو سگھجي ڇاڪاڻ تھ کين جون خواھشون ٺڳيندڙ رھيون آھن. پر آگبوٽن جو مطالبو ضرور ڪيو وڃي ٿو. ان لاءِ مان بھ چوندس تھ سندن اھڙو مطالبو ضرور پورو ڪيو وڃي ۽ اھڙو بندوبست ضرور ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ ڪراچي کان وٺي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي تائين بھ آگبوٽن جي آمد رفت جي ضرورت آھي. اھڙي سروي مان پاڻ ڪئي آھي تھ آگبوٽ ڇوڙن منجھان مٿي ھاڪاري سگھن ٿا. اھڙو سامونڊي ڪناري ڀرسان ھلندا رھن ۽ خراب موسم دوران اھي جھٽ اچي ڪناري سان لڳي سگھن ۽ ھر قسم جي جوکي کان آجا ھوندا. پر سال جي پنجن مھينن دوران آگبوٽن واري آمد رفت رڪجي ويندي. ليڪن اھو پتو ڪونھ آھي تھ سنڌوءَ جي چاڙھھ واريءَ رتِ ۾ آگبوٽ انھيءَ سامونڊي رستي سان ھاڪاري سگھندا الائي جي نھ. باقي لاٿ کانپوءِ آگبوٽ پنھنجو رستو پاڻ جوڙي وٺندا. واسطيدار عملدارن کي پڪ آھي تھ تجارتي مقصدن لاءِ آگبوٽن جو استعمال ڪامياب ثابت ٿيندو. جيڪڏھن سنڌوءَ جو ھڪ مستقل طور تي ڪراچيءَ وٽ قائم ٿي وڃي ٿو تھ پوءِ سنڌوءَ جي چاڙھھ دوران بھ آگبوٽن جي آمد رفت ھلندي رھندي ۽ ٻين ڇوڙن جيان بند ڪانھ ٿيندي جيڪڏھن آگبوٽن جي ھي آمدرفت ڪامياب ڪانھ ٿي ٿئي تھ پوءِ آگبوٽ سنڌوءَ سان مٿي وڃي پنجن درياھن جي ڇوڙن تائين ايندا ويندا رھن.


[1]  ڶۑضڎ آیۆخڎإڶ ضۑ ڵڦۑڵ ڥجإب ”ښڷډ ضۑ ڢجق“ ڊإڷێڷ إڛإڎۆ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org