سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو ماٿر جي سڀيتا

باب:

صفحو: 2

اهڙِي طرح مصر جي قديم تاريخ بابت اسان جي سڄي ڄاڻ  علم الاثار جي ئي وسيلي اسان کي ملي آهي. اڄ ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته چوڏهين صدي عيسيءَ جي برطانيه بابت اسين ايتري سٺي ۽ ڀروسي جهڙي معلومات ڪا نه ٿا رکون جيتري چوڏهين صدي قبل مسيح جي مصر بابت رکون ٿا (1). ڪريٽ، بابل، اسيريا، نينوا، سميري، هِٽي ۽ ايران جي سوُسا ۽ تخت جمشيد جون تهذيبون پڻ انهيءَ ئي طرح دنيا ۾ نروار ٿيون. خود سنڌوماٿريءَ جي تهذيب پڻ علم الاثار جي ماهرن جي ئي کوٽائيءَ، کوجنا ۽ تحقيق جو نتيجو آهي.

        هيءُ سوال به اُٿي ٿو ته هي قديم يادگار زمين هيٺ ڪيئن لُٽجي ويا، ۽ انهن کي نئين سر کوٽي ڪڍڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. هيترا سارا گهر ۽ جايون ۽ سڄي جون سڄيون بستيون ڪيئن دفن ٿي ٿيون وڃن! دراصل هي دفن ڪو نه ٿيون ٿين، بلڪه زمين يا مٽيءَ جي سطح اوچي ٿي ٿي، انهن کي ڍڪي ٿي ڇڏي. هي ڪرشمو روزانو اسان جي چوطرف عمل ۾ايندو ٿو رهي، ۽ ايترو ته عام آهي، جو اسين ڪڏهن ان بابت سوچڻ  جي ضرورت به محسوس ڪو نه ٿا ڪريون. اڄ  به لاهور،  ٺٽي، اُچ،  سيوهڻ ۽ ملتان جون بستيون سندن قديم بستين جي آثارن مٿان اڏيل آهن،  ۽ هتي قديم عمارتن جا دفن ٿيل آثار آسانيءَ سان ڏسي سگهجن ٿا. پراڻي زماني ۾ جڏهن ڪا جاءِ ڪرندي هئي ته نئين جاءِ لڳ ڀڳ انهيءَ ئي بنياد تي، اڳي کان ڪجهه مٿڀرو ڪري اَڏي ويندي هئي، ۽ پراڻيءَ جاءِ جو ڀنجهو سنوت ۾ ويهاري، نئينءَ جاءِ جي فرش ۾ آڻي ڇڏبو هو. هيءُ عمل لاڳيتو هلندو پيو ايندو هو—ايستائين، جوڪڏهن ڪڏهن جيتري ڀت زمين جي مٿان بيٺل هوندي هئي، اوتري ئي زمين جي اندر پوريل هوندي هئي. مشرق قريب ۾ جتي گهڻو ڪري ڪچين سرن جون ڀتيون اڏيون وڃن ٿيون ۽ جن جي موڪر ڪافي وڏي رکي وڃي ٿي،  اُتي هيءُ عمل وڌيڪ تيزيءَ سان واقع ٿيندو رهي ٿو.

        جڏهن هي ڀتيون ڪرن ٿيون، تڏهن انهن جو ڀنجهو تمام گهڻو گڏ ٿي وڃي ٿو، جنهن کي کڻي ٻئي هنڌ ڇڏڻ مشڪل ٿو ٿئي. انهيءَ ڪري مٽيءَ کي انهيءَ ئي جاءِ تي ويهاري، سنوت ۾ آڻي، مٿان نئين جاءِ تعمير ڪئي وڃي ٿي. انهيءَ طرح زمين جو تهه اوچي کان اوچو ٿيندو رهي ٿو. شام ۽ عراق ۾ اڪثر ڳوٺ، اِنهيءَ نموني پنهنجي ئي بنايل دڙن تي، اڄ آباد آهن ، ۽ منجهن ڪن هنڌن تي قديم ترين آباديءَ جا آثار تقريبن سئو سئو فوٽ زمين جي هيٺ به ملي سگهن ٿا. اِئين هي دفن ٿيل ڀتيون پوءِ وڌيڪ ڀُرڻ ڀڄڻ کان بچيو وڃي.

        انهيءَ طرح جيڪي بستيون برباد ٿي وڃن ٿيون يا خالي ڪيون وڃن ٿيون، وقت جي گذرڻ سان انهن جون ڀتيون ۽ ڇتيون ڀڄِي ۽ ٽُٽي زمين تي ڍڳن جا ڍڳ ٿي پون ٿيون،  جن کي تکيون هوائون ۽ طوفان مٽيءَ ۽ واريءَ جا ڪڪر کنيو آهستي آهستي  ڍڪيو ڇڏين. مينهن جي وسڻ سان اُها مٽي آلي ٿي هيٺ ويهندي رهي ٿي ۽ آهستي آهستي اسن تي سُڪي ٺوٺ ٿيندي ٿي رهي ۽ پوءِ هزارن سالن جي گذرڻ کان پوءِ ههڙن دڙن جي کوٽائي ڪري جڏهن پراڻين بستين کي نروار ڪيو وڃي ٿو، ته ائين ٿو معلوم ٿئي گويا زمين جي هيٺان ڪو دفن ٿيل شهر کوٽي ڪڍيو ويو آهي!

        ڪڏهن ڪڏهن اَجهل ۽ اوچتن سبب، مثلاـ" ٻوڏين، وبائن، باهين يا ٻاهرين حملن ڪري ماڻهو هڪڙيءَ بستيءَ کي ڇڏي ٻئي هنڌ وڃي آباد ٿين ٿا. پوئتي ڇڏيل گهر ڀڄِي ڀري، ڪري پون ٿا، ۽ انهن جي مٿان مٽيءَ جو تهه ڄمي وڃي ٿو. ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ انهيءَ ساڳئي هنڌ تي وري هڪ بستي آباد ٿي وڃي ٿي، ۽ اهڙي نموني گهڻا ڀيرا آباد ٿيڻ ۽ ويران ٿيڻ سان تهن مٿان تهه بنجي وڃن ٿا. اهڙن تهن جي وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته هي تهه مختلف دورن ۾  ٺهن ٿا  ۽ هر هڪ تهه هڪڙي خاص دور يا زماني جي نمائندگي ڪري ٿو.  تَههَ ڪنهن هنڌ جي مختلف دورن جي مقرر ڪرڻ ۽ هر دور جي ٻئي دور سان هڪجهڙائيءَ يا تفاوت جانچڻ ۽ انهن جي ترقيءَ ۽ تنزل کي سمجهڻ ۾ ڏاڍي مدد ڏين ٿا.

        علم الاثار جي اهميت ۽ ان جي ڪم جي طريقي جي هن مختصر خاڪي جي روشنيءَ ۾ سنڌوماٿري‎ءَ يا ڪنهن ٻيءَ اهڙيءَ قديم تهذيب جي ٽڙيل پکڙيل ۽ ڏسڻ ۾ بي قيمت باقيات منجهان تڏهوڪي انساني تمدن ۽ معاشرت جا نقشا مرتب ڪيا وڃن ٿا.

انڪشاف جو داستان

        دنيا جون سڀ پراڻيون تهذيبون دريائن جي ماٿرين ۾ پيدا ٿيون ۽ وڌيون ويجهيون. نيل نديءَ جي ماٿريءَ جي تهذيب، يا دجله ۽ فرات جي ماٿرين جي تهذيب، يا ڏاکڻي ايران جي قارون درياءَ جي تهذيب- اهي سڀ دريائي ماٿرين جون تهذيبون آهن. اهڙِيءَ طرح سنڌو درياءَ جي ماٿريءَ ۾ به اُهي سڀيئي صلاحيتون هيون، جي ڪنهن وڏيءَ تهذيب کي جنم ڏيئي سگهن. پر ڪجهه سال اڳ تائين، انهن علم الاثار جي ماهرن، جيڪي گهڻي وقت کان ، مصر ۽ ايران جي جائزي وٺڻ ۾ مصرورف هئا، هن حقيقت کي نٿي مڃيو ته ڪو مهراڻ جي ماٿريءَ ۾ به هڪ سڌريل ۽ سنواريل زندگيءَ جا اُهڃاڻ دفن ٿي سگهن ٿا. هند ۽ سنڌ جي قديم تاريخ پراڻن ڪتبن، سڪندر اعظم جي حملن جي احوال، ٻاهرين سياحن، جهڙو ڪفاهيان ۽ هوان سانگ وغيره جي سفرنامن، ۽ مقدس ويدن جي مبهم تشبيهن ۽ استعارن سان ڀريل آکاڻين جي اَڌار تي جوڙي ويندي هئي. تنهن ڪري اسان کي فقط اها ئي خبر رهي ته  آرين کان اڳ هتي هڪ وحشي ۽ اڻ سڌريل قوم آباد هئي، جنهن جو ڪو به ڌرم ڪو نه هو، جنهن جي چمڙي ڪاري ۽ نڪ ننڍڙا، اصل نه هجڻ جي برابر هئا، ۽ جن کي آرين  اچي، فتح ڪري، کين ”داس” يعني غلام جو لقب ڏنو هو. ننڍي کنڊ هند – پاڪ جي موريا گهراڻي کان اڳ جي تاريخ نٿي ملي. ايتري قدر جو 1905ع ۾ مشهور مورخ ونسٽ سمٿ هن ملڪ جي تاريخ بابت چيو هو ”هندستان ۾ ڪُٽ“ (ڪنجهو) (1) جو زمانو نٿو ملي. يعني هندستان تهذيب جي انهيءَ دور مان ڪڏهن ڪو نه گذريو آهي، جنهن ۾  ڪُٽ مان ٺهيل اهڙا اوزار هجن، جيڪي عام طور موجوده دور ۾ ڏسجن ٿا (1). جيتوڻيڪ اها ڳالهه سراسر غلط آهي، پر انهيءَ ۾ مسٽر سمٿ يا ٻين محققن جو ڪو به ڏوهه ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ننڍي کنڊ هند-پاڪ ۾ محڪمئه آثار قديمه جو بنياد ئي سن 1902ع ۾ پيو ۽ باقياتي کوجنائن جو ڪم ان کان به گهڻو پوءِ شروع ٿيو.         

باقياتي کوجنائون

        باقياتي کوجنا جي شروعاتي دور ۾ ، انهن حوالن جي آڌار تي ، جي تاريخي دستاويزن ۽ سفرنامن ۾ موجود آهن، ٻڌ ڌرم جي آثارن ۽ عبادت گاهن جي تلاش ٿيندي رهي، ۽ اها اڻٿڪ ڪوشش ٽئڪسيلا، پاتلي پتر، نالندا، سانچي ۽ سارناٿ وغيره جهڙن اهم هنڌن جي ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي. ٻڌ ڌرم جي مَٺَن ۽ عبادت گاهن جي ڳولا ۾ سن 1923ع ڌاري لاڙڪاڻي کان ڪجهه پري هڪ اِسٽُوپا (ٺلُ Stupa=) جي کوٽائي ڪندي، ڪي اهڙا حجرا ظاهر ٿيا، جي ٻوڌي مَٺَن جي چئن پاسن کان ٺهيل هوندا هئا. هڪ حجري مان ڪجهه سڪا پڻ مليا، جي ڪُشان گهراڻي جي راجا واسديو جي ڏينهن جا هئا. کوٽائي اڃا جاري هئي، ته اِسٽوپا جي بنيادن ڀرسان هڪ اهڙي مُهر پڻ ملي، جا شڪل صورت ۾ هڙاپا جي انهيءَ تصويري رسم الخط واريءَ مُهر سان ملي ٿي آئي، جا پنجاهه سال اڳ سر اليگزينڊر ڪَنِگهم (2) دريافت ڪئي هئي ۽ جنهن جو  ذڪر هن سن 1875ع واري پنهنجي رپورٽ ۾ ڪيو هو. سن 1912ع ۾ ڊاڪٽر فِلِيٽ کي به اهڙي قسم جون مهرون مليون هيون (1). پر انهيءَ پراڻيءَ تهذيب تان اِئين پردي هٽائڻ وارن کي اها سُڌ ئي ڪا نه هئي ته انهيءَ پردي پٺيان ڪا پَري لڪل آهي، جنهن جو روشن مکڙو تاريخ جي انهيءَ اونداهي دؤر کي پڻ روشن ڪندو.

        انهن ڏينهن ۾ هڙاپا ۾پڻ کوٽائيءَ جو ڪم چالو هو ۽ اتي به انهيءَ قسم جون مُهرون، چٽساليءَ وارا مٽيءَ جا ٿانو، پڪل مٽيءَ جا بوتا، ۽ ٻيون ڪيتريون شيون لڌيون ويون، جي هند-پاڪ جي ٻين سڀني علائقن مان لڌل باقيات کان بنهه ٻئي قسم جون هيون. سر جان مارشل انهيءَ وقت آثار قديمه جي کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل هو. تهذيب جي ”شِيرين“ جي ” فرهادن“ کي هنن ”ٽڪرن ٽاڪڻ “سان جيڪو باقياتي خزانو حاصل ٿيو هو، سو جڏهن سن 1924ع  ۾ هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو، تڏهن ان جي بي مثال هڪجهڙائي ڏسي، خبر پئي ته هيءَ ته ”موسيٰ کي باهه ملڻ بدران پيغمبري“ ملي آهي، ۽ اها ڳالهه پڌري ٿي ته هڪٻئي کان چار سو ميل پري، موهن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ ، اصل هڪ ئي تهذيب وارا ماڻهو رهندا هئا، ۽ انهن ٻنهي علائقن ۾ رهندڙن جي رهڻي ڪهڻي، انهن جي سماجي جوڙجڪ، انهن جي سڀيتا ۽ انهن جا عقيدا سڀ هڪجهڙا هئا.

        دريافت ٿيل باقيات جي اها حيرت ۾ وجهندڙ هڪجهڙائي، علم الاثار جي استادن لاءِ بيحد ڌيان ڇڪائيندڙ ثابت ٿي ۽ اُن سندن اڳيان غور ۽ فڪر لاءِ هڪ زبردست مسئلو ۽ تجربي لاءِ هڪ وڏو ميدان پيش ڪيو، ايتري قدر جو هنِ ڏس ۾ آئينده جي ڪوششن جي بنياد انهيءَ ڳالهه تي رکيو ويو ته ڏند ڪٿائن ۽ عام رواجي آکاڻين تي ڌيان نه ڏيئي، هن ننڍي کنڊ جي پراڻيءَ تاريخ کي صحيح سائنسي نموني تي ٺاهيو وڃي، چنانچه اُنهيءَ لاءِ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جو ڪم وڏي پيماني تي شروع ڪيو ويو هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي وچ ۾ چار سئو ميلن جو مفاصلو آهي ۽ ڪا به تهذيب هڪ جاءءِ تان ٻيءَ جاءِ تي ٽپو ڏيئي ڪانه پهچندي آهي! تهذيب جو اثر پسگردائيءَ جي علائقن تي پوندو، پکڙندو ۽ وڌندو آهي. تنهن ڪري اها ڳالهه تسليم ڪئي ويئي ته پراڻي زماني ۾، هنن چئن سون ميلن جي اندر هڪ ئي تهذيب موجود رهي هوندي. انهن هنڌن جي باقيات جي جڏهن اهميت معلوم ٿي، تڏهن اهڙن قسمن جي ٻين کنڊرن جي به ڳولا شروع ٿي. سن 1925ع ۾ موهن جي دڙي مان لڌل ڪجهه باقيات ۽ انهن جو احوال سنڌ جي مختلف ضلعن جي ڪليڪٽرن ڏانهن موڪليو ويو، ته هو پنهنجيءَ پنهنجيءَ حد ۾ انهن شين سان مشابهت رکندڙ  باقيات جو جتي جتي ڪو ڏس يا نشان معلوم ٿئي، ته ان جو محڪمئه آثار قديمه کي اطلاع ڏين. مسٽر اين. جي. مَجُمدار کي انهن علائقن جي باقياتي کوجنا جي ڪم تي مقرر ڪيو ويو، ۽ ان صاحب سن 1927ع -1931ع جي وچ ۾ چانهوءَ جو دڙو، غازي شاهه،  لوهري، علي مراد، آمري، جهڪر، ۽ جهانگر وغيره ۾ ڪُٽ واري زماني جي وڏين آبادين جا نشان ڳولي لڌا. سن 1938ع ۾ ان صاحب کيرٿر ٽڪرين جي ماٿريءَ ۾ پڻ ٻيا اهرا ڪيئي نوان هنڌ دريافت ڪيا. صاحب موصوف جي ٺاهيل رپورٽ (1) مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌوماٿريءَ جي اُن قديم تهذيب سان لاڳاپو رکندڙ علائقا اتر سنڌ ۽ ڏکڻ  سنڌ جي انهيءَ  قديم رستي آباد هئا، جيڪو لَڪيءَ(تيرٿ لڪي، لڪي شاهه صدر) جي ڀرسان سنڌو دريا سان وڃي ملي ٿو. بهرحال کوجنا سنڌو دريا جي ڪنارن تائين ئي محدود رهي. سن 1929ع ۾، مشرقي پنجاب جي ضلعي انبالا ۾ ڪوٽلا نهنگ، ۽ سن 1935ع ۾ ڪاٺياواڙ ۾ رنگ پور وٽ انهيءَ قسم جي تهذيبن جا مرڪز دريافت ڪيا.

        سن 1925ع تائين موهن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ جيڪا کوٽائي ۽ کوجنا ڪئي ويئي، ان مان جيڪي نتيجا حاصل ڪيا ويا، انهن کي سر جان مارشل ٽن جلدن ۾ شايع (ا) ڪرايو، جن مان پهرين ٻن جلدن ۾ دريافت ڪيل باقيات تي ڀرپور تبصرو ڪيل آهي ۽ ٽئين جلد ۾ باقيات جون تصويرون ۽ چَرٻا ڏنل آهن. سن 1927ع کان 1931ع تائين مسٽر اي. جي ايڇ مئڪي  موهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائي، ۽ پنهنجي تحقيقات کي جدا ڪتاب ۾ شايع ڪيو (2). سن 1926ع کان 1931ع تائين مسٽر ماڌو سروپ وٽس، هڙاپا ۾ وڌيڪ کوٽائي ڪرائي، ۽ جدا پنهنجي رپورٽ شايع ڪئي (3).

        سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو، سنڌ جي اولهه وارن علائقن ۾ خاص طرح مغربي پاڪستان جي مغربي سرحدن سان لاڳو ملڪن جي تهذيب مان تعلق هجڻ، هڪ وڏي اهميت رکي ٿو. ڇو ته سُميري ۽ بابلي تهذيبن جا دور مقرر ٿي چڪا آهن، جن جي مدد سان اسان هتان جي تهذيب جو زمانو يا ان جي تاريخ جو تعين ڪري سگهون ٿا. بلوچستان اُنهن ايراضين جي وچ ۾ واقع هئڻ سبب، هِنن تهذين جو گويا هڪ ڳانڍاپي جي حيثيت رکي ٿو ۽ اِنهيءَ ڪري ئي هِتي ڪافي ڪم ڪيو ويو آهي.  اُتر ۽ ڏکڻ بلوچستان جي پهاڙي علائقن ۾ سر آريول اسٽائن ۽ هارگريوز، وڏيءَ محنت ۽ ڪوشس سان، باقياتي کوجنا ڪئي آهي. مسٽر هار گريوز (1) سن 1925-1926ع ۾ ” نال“ وٽ هڪ اهم  قبرستان دريافت ڪيو، ۽ اهڙيءَ طرح سر آريول اسٽائن(2) به سن 1926-1928ع جي وچ ۾ گهڻيون ئي مکيه جايون لڌيون، جن ۾ ستگاجن دور، شاهي تمپ، ماهي، نُندر، دبر ڪوٽ، پيراڻو گندئي، مغل گندئي، شور ۽ جنگل قابل ذڪر آهن.

        سن 1931ع ۾، اقتصادي مشڪلاتن سبب کوٽائيءَ ۽ باقياتي کوجنا جو ڪم بنهه بيهي ويو، ۽ پندرهن سالن جي


وڏي عرصي بعد ڊاڪٽر سر آر. اي. ايم. وهيلر، 1946ع ۾ نئين طريقي سان کوٽائي شروع ڪرائي، ۽ هڙاپا جو مشهور و معروف ”شهر پناهه“ دريافت ڪيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ، ڊاڪٽر وهيلر، پاڪستان حڪومت جي محڪمه آثار قديمه جي صلاحڪار جي حيثيت سان، اِها ڳالهه ڄاڻن لاءِ ته موهن جي دڙي جي آبادي شهر پناهه جي اندر هئي يا نه؟ اُن شهر جا قديم ترين رهاڪو ڪير هئا، ۽ هِن تهذيب جو عروج  ڇا هو، ۽ ان جي زوال جي شروعات ڪيئن ٿي؟-- 1950ع ۾ هِن دڙي جي وڌيڪ ڪجهه کوٽائي ڪئي. پر  منزل اڃا پري آهي. هِن مهل تائين انهيءَ پراڻيءَ آباديءَ جي دڙي جو ڏهون حصو ئي مس صاف ٿي سگهيو آهي. هندستان ۾ مسٽر آجئي گهوش، 1951ع ۾، گهاگر درياءَ جي سڪل پيٽ جي تپاس ڪئي، ۽ جيسلمير ۽ بيڪالير جي ايراضين ۾ سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جي دور جون اٽڪل 25 نيون بستيون دريافت ڪيون.

        حڪومت جي ڪوششن سان گڏوگڏ ڪن تحقيقي ادارن ۽ علم الاثار جي ماهرن ذاتي طور به انهيءَ سلسلي ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي. چنانچه سن 1935ع کان 1945ع تائين مسٽر مئڪي جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ آمريڪي اداري جي مدد سان چانهوءَ جي دڙي جي، ضلعي نواب شاهه ۾ ، کوٽائي ڪرائي ويئي (1). مسٽر اي. جي. راس زوب ۽ لورالائيءَ جي علائقن ۾ قابل قدر باقياتي کوجنا ڪئي.1946ع ۾ اسٽوئرٽ پگٽ ڪوئيٽا ۾ نئين قسم جا مٽيءَ جا ٿانو لڌا ۽ پنهنجي کوجنا جو احوال پنهنجي ڪتاب ”پري هسٽارڪ انڊيا“ ۾ شايع ڪيو(2).

        سن 1950ع ۾ (3)، مس بي. ڊي، ڪارڊي، پاڪستان جي حڪومت جي مدد سان، بلوچستان ۾ کوجنا ڪئي، ۽ نوگائو جي ايراضيءَ ۾ اهڙا باقيات ڳولي لڌا، جن جي تاريخ هڪ هزار سال قبل مسيح کان 1200 قبل مسيح شمار ڪئي ويئي آهي، ۽ جي ٻئي سيالڪ دور (4) (ايران) ۽ سمير ۾ لڌل مٽيءَ جي ٿانون سان مشابهت رکن ٿا.  1951ع ۾ نيچرل هسٽري ميوزم، نيويارڪ، جي طرفان مسٽر والٽر فيرسروس(1) به بلوچستان ۾ باقياتي کوجنا ڪئي، ۽ هُن کي اُتي ڪِڙي گل محمد جي هنڌ تي پوئين پٿر واري زماني جي شروعاتي دور جا تهه مليا. اُنهيءَ دور جي ماڻهن کي مٽيءَ جا ٿانو ٺاهڻ ڪو نه ايندا هئا. اهڙيون بستيون عراق ۾ جرمو ۽ اُردن ۾ جريڪو جي هنڌن تي به دريافت ٿيون آهن.

        سن 1954ع ۾ ، هارورڊ يونيوسٽي (آمريڪا) جي پي. باڊي ميوزم جي طرفان ڊاڪٽر هينري فيلڊ ۽ محڪمهءِ آثار قديمه پاڪستان جي طرفان راقم الحروف گڏجي، ڏکڻ بلوچستان، پنجگور، ناگ، قلات، سراب ۽ ڪوئيٽا جي رستي کوجنائي سفر ڪيو، ۽ انهيءَ سفر ۾ ڪيچ ماٿري ۽ وچ مڪران جي 23 پراڻن دڙن تان باقيات جون شيون جمع ڪيون. هِن ساڳيءَ کوجنائي جماعت بهاولپور ۾ چولستان جي رڻ پٽ ۾ پراڻي درياءَ هاڪڙي جي سڪل پيٽ جي ڪنارن تي ڏهه نوان قديم هنڌ لڌا. هِن جماعت جي ڳولي لڌل باقيات تي محڪمه آثار قديمه پاڪستان جي ناظم ڊاڪٽر فضل احمد خان تحقيق ڪئي آهي، جنهن جي رپورٽ  آمريڪا ۾ شايع ٿي رهي آهي(2).

        افغانستان ۾ موسيو ڪزال ۽ موسيو راؤل ڪيوريل جي اڳواڻيءَ ۾ آثار قديمه جي فرينچ ماهرن جي هڪ جماعت قنڌار جي ڀرسان منڊي گاڪ وٽ کوٽائي ڪرائي، جتان سنڌوماٿريءَ جي باقيات سان مشابهت رکندڙ باقيات جون شيون مليون آهن. اهڙيءَ ريت سنڌوماٿريءَ جي باقيات جهڙا باقياتي نشان ايران ۾ پڻ لڌا آهن، جن تي پڻ ڊاڪٽر فضل احمد خان تحقيق ڪئي آهي.

        سن 1955ع ۾ هندستان جي آثار قديمه جي محڪمي، ضلعي احمد آباد(بمبئيءَ) ۾ لوٿل جي هنڌ تان اهڙيون باقيات جون شيون لڌيون آهن، جيڪي لوٿل ۽ سنڌوماٿريءَ جي گهاٽي لاڳاپي کي ظاهر ڪن ٿيون. اهڙيءَ ريت سن 1956ع ۽ 1958ع ۾ ، پاڪستان جي آثار قديمه جي محڪمي طرفان ڊاڪٽر فضل احمد خان ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ کوٽائي ڪرائي، جتان پڻ ڪيتري ئي قيمتي معلومات حاصل ٿي(1).

        مطلب ته گذريل  پنجاهه کن سالن کان هِن قديم تهذيب جي اصل صورت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ لاڳيتيون ڪوششون ٿي رهيون آهن. هن کوجنا ۽ تحقيق جي جدوجهد ۾ آثار قديمه جي ڪيترن ئي ماهرن حصو ورتو آهي، جن پنهنجي اورچ ڪوشش ۽ محبت وسيلي اسان جي گذريل زماني جي ڪيترين ئي گم ٿي ويل حقيقتن کان اسان کي واقف ڪيو آهي.

        سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جي دور ۽ زماني جي باري ۾ تفصيل سان ڳالهه ٻولهه يارهين باب ۾ ڪئي ويندي. پر اڳتي وڌڻ کان پهريائين ڪي ابتدائي ڳالهيون اسان جي رهنمائيءَ لاءِ ضروري آهن.


* Wooley- Sir Leonard, “Degging up the Past”

Pelican Series, P. 13.

 * (1) ٽامي ۽ قلعيءَ جو مليل ڌاتو.

* (1) Smith, V. A: (The Copper Age and Prehisotric Bronze Implements

        of India” Indian Antiquary XXXIV (1905), P. 229.

(2) Sir Alexander Cunningham

* Fleet, I. F ‘Seals From Harapa’  تفصيل لاءِ ڏسو

    J.R.A. S. 1912 P.699

* (1) Majumdar, N. G. – “Explorations in Sindh”

        M.A. S. I. No. 48, Delhi 1934

* (1) Marshall, Sir John, - “ Mohen-jo-daro and Indus Civilization”,

         Vols. 1-3, London, 1931

(2) Mackay- E.J. H. “ Further Excavatious at Mohen-jo- daro”, 2 Vols.

     Delhi, 1938

(3) Vats M.S. “ Excatations at Harappa”, 2 Vols.  Delhi, 1949

* )1) Hargreaves H- “ Excavations in Baluchistan” M.A.S.I. No.35.

        Delhi, 1927

(2) Stien, Sir, A.- (i) An Archaeological Tour in  Waziristan and

      Northern Baluchistan M.A.S.I. No. 37. Delhi, 1929

(ii) An Archaeological Tour in Gedrosia, M.A.S.I. No. 43, Delhi, 1931

* (1) Mackay, E.J.E.- “ Chanhudaro- Excavations”, 1935-36

  (2) Piggot Stuart – Prehistoric Indai, (Penguin Series)

       Middlerex , 1950

 (3) Miss B. de Cardi – “ On the Borders of Pakistan- Recent

      Exploration”, (Art and Letters, Royal India, Pakistan and Ceylon

      Society) No. 2. (1950)

 (4) Sialk ii

* (1) fairservis. W.A – “ Preliminary Report on the Pre- historic.

       Archaeology of Afghanistan – Baluch Areas” NOVITATES,

       American Museum of Natural History, No. 1587, (1952)

 

 (2) Khan, Dr. F. A. – “ Fresh Sidelights on Indus Valley and the

       Bronze Age”, orient Annual Report of the Institute of

       Archaeology, London, 1955, PP.55 -68.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org