سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: المڪتوب الحبيب

باب: --

صفحو : 2

 

نقل از ڪتاب مراح الارواح مورخه 972هجري

        الضعيف الخيف الراجي اليٰ رحمت الله العزيز العليم موسيٰ بن  بدارالدين في مدرسته مولانا واولانا وهوا الزاهد الزاهدين واعظ الملوڪ والسلاطين.

مولانا فريد الحق والملته والدين سلمه الله تعاليٰ و ابقاءِ اليٰ يوم الدين – شيخ الاسلام پرگنته الانام الموليٰ الفاضل ذوالهمنم نظاما مخدوما قاضي بن قاسم مدد الله عمره نفعنا بههِ اليٰ يوم الدين وسائر المبتدين من الطالب الذين في بلدته المبارڪه قبه الاسلام پاتر سلمه الله تعاليٰ و صانها لله من الافات و البليات و قدتم الڪتاب المسميٰ بمراح الارواح من شهر المعظم المبارڪ شهر رمضان اثنين و سبعون وتسمائه من الهجره النبويه عليه افضل الصلوات و اڪمل التحيات و قد ڪتبت لاجل نفسي و نفع غيري من ادعيٰ سواه بطل دعواه.

        جن ڏينهن ۾ حضرت بابا شاه جوڪه موجب لکيئي اولاد سندس معلوم ٿو ٿئي ته برهانپور مان پاڻ حضرت محدث پاتر ۾ پنهنجي ڀائٽي مخدوم حسن قاري پاتري قدس اسرار هم جاملافي هوا (10) تن ڏينهن ۾ ڪيترا ڪتاب معدوده به طريق هبه جي پنهنجي ڀائٽي مخدوم قاري ابن شيخ شهرالله ابن مسيح الاولياءَ عليه الرحمٰهم کي لکي ڏنا هوائون ورق آخرين شرح الموقف جيتي پر اتي نسب آباڻي قاري جو هن ريت سان لکيو اٿن:

 

نقل نشان خاتم عيسيٰ اَن يبعثک ربک مقاماَ محموداَ

        شجر مبارڪ به موهير علما و امرا هندستان شرح آنڪه هذه شجره اصلها ثابت وفرعها في السماءِ و ڪتبتها مطابق لا صلها ماثبت بمواهير المتدنين و سلمتها لا بن اخي الشيخ محمد حسن القاري ابقاءِ الله تعاليٰ و هوا ابن الشيخ رمضان و هو ابن ابي قطب الاقطاب الشيخ عيسيٰ الباتائي البرهانپوري و هو ابن الشيخ قاسم نورالله مرقده و هو ابن الشِخ يوسف.

باقي اڳتي نه لکيو ويو ڇو ته هن تقرير جي بناءَ اصل شجره ابن فلان ابن فلان تي نه ڳڻيل آهي سواءِ اهڃاڻن سڃاڻپ جي ٻيو غرض نه رکيو ويو آهي ۽ مخدوم حسن قاري جنهن جو ذڪر مٿي اچي ويو آهي. جو هن هنڌ  بابا شاه محدث جي اهڃاڻ ۾ وري ٿورو نشان مخدوم حسن قاري ڀائٽي سندس جو لکيو وڃي ٿو ته حضرت مخدوم حسن قاري ڪامل بزرگ علماءُ بيعدل حقيقي پوٽن مان مسيح الاولياءُ پاٽائي برهانپوري جي مان پاٽ جوئي پاٽ ۾ مشاهير العصر هو سندس برڪات خرقه عادات لانهايت- پرهت سبب اختصار جي لکٻڻ واجب نٿو ڄاڻجي.

جن ڏينهن ۾ مغلن حاڪمن ۾ وڳوڙ هو تن ڏينهن ۾ سندس وسيله سان صلح پيدا هو. ميرزا شاه حسن ابن ميرزا شاه بيگ حاڪم سنڌ سندن ارادت ۾ پيوند هو. جن ڏينهن ۾ ميرزا ڪامران حاڪم پاٽ ۾ بناه لدي ۽ ميرزا همايون بادشاه پاٽ ۾ پنهنجو خطبو پڙهايو هو ۽ ميرزا شاه حسن حاڪم جي ساڻن اڻونت ٿي رهي هئي. جنهن جو بيان وڏو آهي پر توصل مخدوم قاريءَ جي ايتري قدر جو اتفاق مغلن ۾ ناشي ٿيو هو جو ميرزا شاه حسن ڌيءَ معصومه پنهنجو سڱ پاٽ شهر م ميرزا ڪامران سان ڪري ڇڏي هو ۽ پيوندو منجهن پيدا هو سائر بلدان (سمورن شهرن) مان انهي طرف جي ۾ پاٽ جو پرڳڻو ايترو آباد هو جو قحط ساليءَ ۾ خاص ميرزا هندال حاڪم عساڪر جي خوراڪ لاءِ دانه انباري ۽ ميوجات باغن پاٽ جي مان رسد ڪرائي هئي پاٽ شهر جا  ذڪر گهڻن ڪتابن پر تاريخ معصوم ۽ تحفته الڪرام ۽ آئين اڪبريءَ ۾ به موجود رقم ڪيل آهن. المختصر اشارتاَ:

اهڃاڻ

هن وقت جي دور ۾ جيڪي قريب خويش جدي اسان جي مرشد جي مان پاٽ ۽ سيوهڻ ۾ موجود آهن تن جو ڏاڏو قريب القريب آبائي مان پاٽ جو پاٽ ۾ وطن مالوف مسيح الاوليا پاٽائي برهانپوري جي ۾ جيڪو مخدوم حسن قاري جي صلب کان- مسيح الاوليا جي پٺ کان پڌرا ٿي شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي ثاني ملتاني پاٽائي جي پٺ ۾ گڏجي عمر شهاب الدين سلطان المشائخ سهروردي صديقيءَ جي نسل ۾ متفق ٿي حضرت ابوبڪر صديق رضه جي پُٺ ۾ رلجي گڏجي صحيح النسب صديقي سهروردي تي سهگيا آهن. سي قريب ڏاڏو سندن حضرت مخدوم فخرالدين عبدالواحد ڪبير مفتي قدس اسرار هم هو جنهن جو لاڳاپو اولادي مسيح الاوليا سان شرعاَ ثابت ۽ تسليم وارو هئن ته حاڪمن ۽ عالمن هند ۽ گجرات ۽ دکن وغيره رهاڪن ۾ اولاد مسيح الاولياءَ سان پڌرو هليو آيو آهي.حتاڪ گهڻن فرمانن زر افشانن بادشاه اورنگزيب جي ۾ ڪي زمينون بشرط منصب افتاجي ۽ ڪي بلاشرط خاص فضل اولاديءَ مسيح الاولياءَ ۽ به جي طفيل ان جي ڪڻس جاگيرون معاف هيون ۽ هن وقت ۾ ڏيکاري ٿو فرمان زر افشان انهي عهد شاهد اسلام جي جو ته ڏهه هزار جريب جي زمين خاص طفيل اولياءَ مٿئين جي سنڌ پاٽ موضع رسول آباد ۾ متصل جاگير سندس سوٽ مولانا شيخ عبدالله جي امداد هئي. اهڙيون سندون لڪليون نه آهن هن وقت جي سرڪار بهادر جي دفتر ۾ داخل آهن ۽ فائدا قديمي آبروئي تي قديمي خانداني موجب مليا ويا آهن. بلڪه سندن نقل انگلش ۾ گزٽ تائين شايع آهن تصديقن مير صاحبن ۽ وڏن عملدارن هن سرڪار بهادر جي سان- سنه 1071هجري مقدس ۾ پاڻ يعني مفتي مخدوم عبدلواحد ڪبير چند علماءَ سنڌ جي سان درويشيءَ لباس ساڻ سياحت بلاد الله جي ۾ هوندا هئا. ڪن علمائن جي گڏجاڻي سان دهلي شهر ۾ سلامي بادشاه سان ٿي هين. ۽ ڪن عقدن مالاينحل مسائل فقه جي ۾ علمائن ٻين کان حل ڪرڻ ۾ سبقت ڪئي هوائون. جنهن ڪري بادشاه سندن شاگردي مڃي هئي. اورنگ آباد وارو صاحب سجاده بابا شاه جو مخدوم غلام جيلاني صديقي ساڻ سڏين ٿا اُتي مشهور آهي ته سنڌ ۾ مسيح الاولياءَ جي اولاد مان هوا ۽ اورنگزيب شاه سندن وطن سنڌ مان پڇيو هون. جواب ۾ چيائون ته پاٽ ۾ بادشاه تبسم ڪري ڪلام ڪيو ته عجب پاٽ جهڙي تنگ صحنڪ بارهاڪن اُتي جي ماپي سگهيا اهيو. ورندو مخدوم جواب ۾ پيش ڪيس ”اهو عجب نه آهي ته اسان جو بادشاه بدولت ۽ رعايا سميت ظرف ۽ ٿانو گلو دِليءَ ۾ ٿا ماپن اسين ته رعايا صحنڪ ڪشادي منهن ۾ ماپيل آهيون.

        بادشاه ڪڻن مفتي الاسلام پرگنه پاٽ جي تي معين فرمايو هو جو سنه 1072هجري کان منصب افتاجي جا هلائيندڙ هوا سندن مهر افتاجي ۾ هي نشان هو.

        جن ڏينهن ۾ شاهي حاضريءَ کان واندا ٿيا هوا بادشاه سندن حاضريءَ تي مختصر نامون لکي سندن نسب حضرت شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي ثاني پاٽائي تائين لکيو هو پوءِ اچي زائر روضه جد مبارڪ مسيح الاولياءَ جا برهانپور ۾ ٿيا هوا. اتي جي علمائن جهڙو حضرت عظيم الدين صاحب معز الدين صاحب وغيره نقل نسب شاهي خط جي جو پاڻوٽ رکيو هو ۽ پاڻ به پنهنجي مهرن سان سندن نالي کان ثاني شهاب الدين تائين نشان ڪري حوالي مفتي جي ڪيو هوائون جو هن ٽاڻي ۾ دستخط مهر افتا مخدوم عارف بالله سيوهاڻي جي اسان جي مرشدن جي قرابت اولاديءَ وٽ موجود آهي. غرض مفتي مٿيون حضرت مسيح الاوليا جي ستين پيڙهيءَ مان پڌرو هو. سندن تصنيفات ڪتاب ڪشف الاسرار فقه مسائلن ۾ مشهور آهي.

جناب مولوي صاحبا اوهان جي وقوفيت سبب تي لکيو وڃي ٿو ته انهي مفتي الاسلام عبدالواحد ڪبير جي اولاد مان حضرت نعمان ثاني محمد احسان مخدوم عبدالواحد صغير صاحب البياض واحدي قادري قلندري بمرتبه مرادُن طرق نقشبندي جا خلافت گزين ابن مفتي مخدوم دين محمد سيوهاڻي قدس اسرار هم جا هوا.

سندن والد علامه الدهر هو سندن حميد اوصاف جون سب ڳالهيون ڇڏي صرف هي نشان ٿو ڏجي ته انهي عهد ۾ ڪلهوڙن حاڪمن جي ۾ ٻيا به گهڻا علما هوا پر ڪلام الملوڪ الڪلام سند مهر داغ حاڪم خدايار خان ثاني ميان نور محمد خان سنه 1150هجري جي مان معلوم ٿو ٿئي. يعني لکن ٿا ته ابواب خير ۽ امر شرعي جا سنڌ ڏينهه ۾ پٽجن پر عالم بي يا ۽ سينگاريل امر شرع شريف جي صلاحيت سان ٿيڻ گهرجي ٿو. اهڙي صفت جا روشان ولايت پناهه مخدوم دين محمد جي حُليه مان پسنديده آهن غرض چند ايامن ۾ خدا آباد ۾ وزير نيڪ تدبير سان حاضر الوقت حاڪم سان هوندا هوا پوءِ مفتي دين و يقين پرڳڻه سيوهڻ جي ۾ شرعي دڳو هلائيندڙ هوا. سندن تصوف ۽ علم عرفان جي ۾ وڏو درڪ هو.

        حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه سندن سيوهڻ شهر ۾ ياراني حقاني جا مصاحب هوا. مخدوم توددجي پڳ شاه صاحب جي ارادي موجب نشاني ڪري ڏني هين شاه سونهاري به پنهنجي دستار مبارڪ پر مخدوم دين محمد فقط سندن جتي اشرف ڪري ورتي هئي ۽ گهري هئي.

        پٽس صاحب البياض سيوستاني مٿي ڏيکاريل جا لقب نعمان ثاني ۽ صاحب البياض ۽ آفتاب دين علمائن ۾ پڌرا آهن. آفتاب دين لقب مرشد کان مليل اٿن- بياض واحدي جمله يارهن جلد اُن مجموعي ۾ آهن، پر اطراف اڪناف ۾ سنڌ، هند، افغانستان ۾ ڪشمير ملڪ ڏانهن ۽ هندستان جي ڀاڱن ۾ منتشر آهن ڪن وٽ ٻه جلد ۽ ڪن وٽ ٽي ڪن وٽ ڪهڙا ۽ ڪن وٽ ڪهڙا.

        ڪن ڪن مسائل جي خل ۾ خاص رُشد پيغمبري حاصل هون جي اشارا ڪن اوراقن بياض جي متن ۾ موجود. اگرچه ڪن علمائن جهڙو ٽپٽائن بياض جي ڪن مسائل جي حل ٿيلن ۾ پنهنجا علم تي ڏيکاريا ۽ مخدوم صاحب جي تحرير جي تعريف ٿي ڪئي ناگاه پيغمبري تنبيه ٿين ته مڙس ٿي تبديلي ڪجو اهڙو اشارو دست ڪوتاهي جو عتاب طور ٿين پوءِ پنهنجي دست درازي ۽ مبادرت کان توبه جي در ۾ منهن رکيائون.

        اگرچه اطراف اڪناف جي وڏن وڏن علمائن ڪِيئي ڪتاب درست ڪيا آهن پر هن صاحب مخدوم سيوهاڻيءَ جي عرفيت قديمي مشائخن ۾ صاحب البياض لقب سان پيئي ڏسجي ۽ ٻڌجي ڪمالا يخفيٰ

        ڪتاب تصنيف گهڻا آٿن پر رش النوار جي ڪتاب ۾ پڇاڙيءَ ورقن تي لکيل آهي. صاحب البياض لقب جي عرفيت جو پيٽاندر اهو هن مهل مون کي ياد نه آهي تنهن ڪري متعد- ڪنهن علماءَ لکي ڇڏيو هو پر عاليشان مولوي صاحب اوهان گهڻا اوراق تڪليفي غير مڪلفي ڏٺا هوندا پر ڪي ذرو هيڏي به نهارجو به اُميد خيرو خوشي. اوهان صاحبن الاجي ڪهڙي الفاظن ۾ گلا گوئي حسب نسب بابت هن طرف جي ڪئي پر پٺ جي حالت ۾ جهڙيءَ طرح گلا سامع منهنجي مرشد جي مريد پڙهيل آزاد ٿي معتبر گفتار هلائي ٿي تڏهن ڇو نه ڪي اڃا وڌيڪ لکجي ته ظاهري اقرار صحت نسب ۾ ته اڃا ذڪر هلندا اچن پر ڪي ذرو هن موقع تي باطني صورت جو ايقان صحت نسب جي جو ڏسندي ڪو يقين رکندا. اگرچه مولوي صاحب! پوءِ به اوهان جي خوشي اوهان کي هي لکندڙ ايمان آڻڻ لاءِ هن نسب جي منٿائو نه آهي. اوهان کي شال اوتعاليٰ سڀ ڪنهن سوءِ نظيرات کان بچائي پر هڪڙي تعجب ڳالهه تي حيران ٿي ٿو لکجي ته اوتعاليٰ عزاسمه پنهنجي ڪلام ۾ ڪيئي قدرتي گفتار هدايت آثار ڪوڙن جي ايمان لاءِ نازل ڪيا پر ڪوڙا منڪر سيئي ڪوڙا اوتعاليٰ ٿو فرمائين ته ويل يومئذ للمڪذبين فبآئي حديث بعده يومنون.

        لکندڙ حيران آهي ته باوجود ”سچ“ ڪلام الهيٰ عزوجل جي هوندي به ڪيترو به هدايتي روايتون نازل ٿيون ته به اهڙا ڪي ازلي شقي جو ايتري ٻڌندي به بي ايمان. سو اصلي ڪو اهڙو سرشتي گماني حال ڪن ڪن جو آهي ٻيو وس ڪنهن جو ڪونه آهي. اوتعاليٰ عزاسمه فرمائيندي ۽ هنن نه ٻڌندي عاقبت فباي حديث بعده يومنون جي تنبيه ملين سو سائين شال ڪو انسان ڀلو ايمان جو هجي ۽ قلب سليم سان هجي نه ته پڄڻ جي جاءِ نه آهي. سچ کي ڪوڙ ڪن ڪوڙ کي سچ- ڪو ٻڌندو ته ٿوري ڪلام صحيح تي به دولت ايمان جي وڌائيندڙ ٿيندو ورنه سچي ڪلام الله عزوجل لاءِ به ٻوڙا ۽ بي ايمان پوءِ ٻيا ڇا؟

        جناب! صديقي به جنهن کي اوهين ڪريو ٻي ڪا کچ نه آهي جو هروڀرو بهشت ۾ ويهي کچ ڪندو يا هر ڪو لٺ ڀڃي بهشت ڏي هلندو صديقي بنجي. اها بشارت صديقين کي بهشت ملڻ جي نه آهي. گهر سيدارو گهر ڍيڍارو بهشت ۾ بس آهن. ٽيان صديقي پر اسان پارا ته الاجي ڪاٿي هوندا. اوتعاليٰ جي قسم! هٿيڪي ڳالهه ته سڀ انسان ڇئي ۾ آهن. پوءِ انسانيت ۾ سيد پير موچي ڪوري وغيره بشر آهن. باقي سڀني کي عمل موچارا ٿا ڪم اچن. سندس فضل سان. سو اسين ته عمل خير ئي ٿا پنون پوءِ جي اسان پارن کي ويهاري بهشت ۾ کچ ڪرائين يا دوزخ ۾ سندن مرضي پر اوهين صديقي سڏائي بهشت ۾ هلندا ته اسين اوهان جي پٺيان پر اسان جي ته توبه آهي.

ز مخدومي مراصد بار توبه- زپيري الف استغفار هردم

هروڀرو اجايو پيو مٿو هڻجي نه ته ڇا پيو ڪو گلا ڪري جي جيڏاسي تيڏا.

        برس مطلب ته مٿي لکيو ويو آهي ته باطني صورت سان به هن نسب جي صحت جي نهار ڪجو سو هلندڙ ذڪر مخدوم صاحب البياض سيوستاني قدس سره جي ۾ ٿو لکيو وڃي ته بصيره الابصار بزرگ ميان ولي محمد جي تصنيف ٿيل تان مختصر نقل اوهان صاحبن جي واقفيت لاءِ. لکن ٿا ته حضرت خواجه شاه صفي الله سرهندي فاروق صاحب حدوده قدس سره جي جڏهن شهر سيوهڻ ۾ تشريف ٿي هئي ته انهي شب اولين قدوم سندن جي ۾ عالم رويا ۾ مشاهدو ٿي هئي ته انهي شب اولين قدوم سندن جي ۾ عالم رويا ۾ مشاهدو ٿين ته حضرت صديق اڪبر رضه مخدوم صاحب البياض عليه الرحمته جي بازو وٺي حضرت خواجه صاحب جي هٿ ۾ سپاري فرمائي ٿو هذا مني و انت شيخه (گوهر افشاني حضرت صديق رضه) پوءِ صبح جو خواجه صاحب ياد ڪري مخدوم صاحب جي ملاقات ۾ مسرور تي همراز هميار تي حضرت قلندر نور مرقده جي روضه متبرڪ ۾ داخل ٿي بموجب شعور شبينه هٿ مخدوم جو هٿ قلندر جي ۾ سپاريو هو انهي مهل ۾ قلندي روح مبارڪ سان ٻنهين تنن جو روح قلندر جي گڏجاڻيءَ ۾ هو مراقبه جي صورت ۾. مدت کان پوءِ قلندري ارشاد ٿيو ته ”احسان پر بهي احسان هوا“ (گوهر افشاني قلندري) اهڙيءَ اشارت بشارت بعد دستار خلافت نقشبندي راه جو خواجه صاحب جي فرق مبارڪ تي سينگاري هيٺ لکيل جو مضمون ميمون جو اجازت نامون لکي مخدوم صاحب جي حواله ۾ ڏنو هو جنهن جو نقل صحيح هت لکيو وڃي ٿو:

 

نقل اجازت نامه

        خواجه شاه صفي الله قدس سره بدستگيري يار غار رضه اجازت العبد الله مخدوم عبدالواحد من عبدالله فقير صفي الله عليٰ اقتداءِ فعل رسول الله صلي الله عليه وسلم حيث فروض مفاتيح الحرم لمن ڪان يملڪ ها قبل فتح مڪه زاده الله تعاليٰ و جلشانه شرفاَ و تعظيما يحسب ما امره الله تعاليٰ و جلشانه ان تودي الامانات اِليٰ اهلها.

وڪذالڪ اَنا اودي الامانت اليٰ من هو اهلها- واجيز اجازته لمن هو حريءَ بذالڪ اعني الاخ فَي الله المخدوم المسطور وارجو منه ان تيقل عني ما اعرض عنه من الارشاد والاظهار نور الله في الناس.

        باقي ڪي اڳتي لکيل آهي پر زبون ٿيلن اکرن ڪري گهڻو ڪري سمجهه ۾ نٿا اچن ڇو ته آءٌ عربي علم ۾ ڄٽ ۽ نادان آهيان. عربي پڙهيل نه آهيان. جهڙو اٿم حال اهڙو قال- باقي گهران ٿو اوهان ڀلن جو ڀال ۽ افضال.

        جناب مولوي مشرفا لکن ٿا ته جن ڏينهن ۾ حضرت خواجه عليه الرحمته سيوهڻ ۾ هوا تن ڏينهن ۾ مخدوم صاحب ميان محمد ابراهيم صاحب مڏئي قدس سره به خواجه صاحب جي خدمت ۾ حاضر هوا پوءِ سيوهڻ مان منزل کڻي حج حاصل لاءِ روانا ٿيا هوا جڏهن حدوده ۾ رونق افزا ٿيا هوا تڏهن جنهن جهاز ۾ چڙهي جده ڏانهن روانا هوا جهاز ٽي ڀيرا ٿورو هليو هٽي آيو ٿي وريو وريو جدوده جي بندر تي- حضرت خواجه طبع نازڪ ۾ بيمزهد هوا. وقت نزع جي ۾ پئي فرمائون ته کسي هست که دستگيري کند- مخدوم صاحب مڏئي واري ٿي چيو ته بند حاضر چون ٿا ته ڪي قدر قرض جو خواجه صاحب تي هو جنهن جي ادائي لاءِ ذمون صاحب مڏئيءَ جي پاڻ تي کنيو هو حضرت خواجه جي وفات بعد مڏئ.يءَ وارا صاحب حج کان ٿي جڏهن وطن پنهنجي ۾ اچي مشرف ٿيا تڏهن عالم جي فطرت ۾ شايد ڪڻن رشڪ هو مخدوم صاحب البياض سيوهاڻي جي خلافت گزين مرادون منطل ڪري جي خليفا اولين خواجه صاحب جا دستار بند ٿيا هوا.

        صاحب مڏئيءَ واري گهڻي لکپڙهه ڪئي هئي صاحب البياض واري ڏي ته اوهان جي باقي امانت مرشداني اسان وٽ آهي سا اچي وٺي حاصل ڪري وڃو. حاصل ڪلام مخدوم صاحب جي تحريرات مان هن طرح ٿو معلوم ٿئي جنهن مڪتوب جو نقل انشا واحدي گڏ ڪيل سندن خاص مريد بزرگ محمد افضل سيوهاڻي جي مان اوهان جي واقفيت لاءِ لکيو وڃي ٿو ۽ جيڪو خواب خواجه صاحب شب اولين ۾ سيوهڻ ۾ مخدوم جي مراتبه ۾ ڏٺو هو ان جي صورت جو خط جواب ۾ سيد محمد شاه جي نالي تي به انشا واحديءَ ۾ موجود ٿو ڏسجي.

 

نقل مڪتوب انشا واحدي مخدوم صاحب البياض سيوستاني قدس سره

        مهربان مخلصان صلاحيت نشان ميان محمد افضل سلمه ربه بعد از سلام مڪشوف ميدارد رقيمه مرسوله رسيد حقيقت ميان ابراهيم جيو معلوم گرديده. بزرگ هستند اگر مامور باشند چر از انجا توجه نه نمايند و وعده وفا رسانند هرگاه نور القمر مستفاد من نور الشمس قمر باڪمال دوري در آسمان اول شمس که در چهارم فلڪ ست استفاده نمايد و شمس را مانع دوري از افاده نيست انسان که احسن تقويم ست و از شمس و قمر رتبه زياده دارد که بموجب نص و سخر لکم الشمس و قمر تسخير يزين دارد چرا دوري مکان مانع از افاده و استفاده در حق دي گردد ليکن قدرت اماده بايد که باشد در اَنوقت که از بندگان مرخص شده در کچهري آمده بودند اينجانب کي خود را در هيچ اعداد نمي ارد با ايشان ملاقي مدتي در مجلس بود هيچ توجه و ترقي مفهوم نشد اگر واعده مرشد بجامي آور دند در آنوقت بجا مي آور دند ليڪن هيچ اثر ظاهر نه شد الحال هم اگر قدرت باشد هيچ نرفته اوتعاليٰ حق فهماند والاسلام.

        بيشڪ زرکشا کار بامر پروردگار ست اما هر جا که شوره خوري ست خطبه خواني آنجا ست زياده چه گويم زر کارکند مرد افتخار ورزد پوين جي انڌير ۾ دستگيري يار سرور به اودر نظر نيست که دراجازت نامه حضرت خواجه صاحب چه ڪرشمه مدح بمقامات مخدوم صاحب پسر صديق اڪبر رضي الله عنه مرقوم فرموده رفت ٻيو به پاڻ قلندي مشرب جي بحر ۾ موجزن هوا.

يا رب به قلندرن دراگاه- از سر قلندري کني آگاه
در عشق خودم قلندري ده – تا غير رود بماندالله
عظم شانه -  ٻي هر ڪنهن ڳالهه جي مخبري حاصل هئي.

 

شهود ثاني عاقبيت آشڪار به نقل مشهور

        مير صاحب ڪرم علي خان حاڪم سنڌ هميشه پنهنجي شڪار گاه ڳوٺ ٻڌايل نالي ڪرمپور جي ۾ منزل ڪندو هو پر انهي هر وقت اچڻ ۾ حضرت قلندر جي زيارت بعد جماعت مخدوم صاحب جي ۾ اچي ملاقي مخدوم عليه الرحمه جو ٿيندڙ هو. ڪنهن ڏينهن ذڪر ۾ فضائل ائمه شريف ۽ اصحاب ڪبار جي ۾ مير صاحب موجود هو جڏهن نوبت فضل حضرت صديق اڪبر رضه جي ۾ تقرير هلي- مير صاحب ٻڌندي اچي درهم برهم ٿيو هو ناگاه  بزرگ جلالت مآب ميان مير حمد عباسي مشهور مخدوم لٺڙيائي يا ڌُڪائي سيوهاڻي جو اولاد مان پير شڪر گنج محمود سامتاڻي جي اولاد سرآمد هو، تنهن شديد ڪلامي سان مير صاحب کي منهن ۾ چيو ته اي مير حضرت صديق رضه جي عهد ۾ تون به وجود هجين ها ۽ هيڪر پر انوار سندس ڏسين ها ته هوند سنديس خدمتگاريءَ کان هڪدم پري نه رهين ها ۽ سنديس خاڪ نعلين جي سرمون ڪري اکين ۾ پائين ها پر يقين ڄاڻج ته هي به ڪرامت صديق اڪبر رضه جي اٿيئي ته تون هميشه دوزانو ٿيو اُن جي وڄام سندس جز مبارڪ آڏو منهن رکندو آهين. اهڙيءَ سخت ڪلاميءَ کان مير ڏمرجي اٿي ويو هو ۽ هن هيٺ لکيل بيت مخدوم صاحب صديقيءَ ڏي موڪليا هوائين.

 

 

نقل ابيات مير صاحب رحمه ربه

عاقبت يار يار خواهد شد- دل دشمن فکار خواهد شد
ميخروشي چراتو اي بلبل- موسم نوبهار خواهد شد
گرچه بلبل بياغ مي نازو- بسته زلف يار خواهد شد
جان من در قيامت صغرا- پيش مهدي نثار خواهد شد
نام مشڪل ڪشا علي ولي-روز محشر نثار خواهد شد
ڪرم از مهر مرتضيٰ به نجف- زائرآن ديار خواهد شد

 

        مخدوم صاحب جواب ۾ هن ريت سان بيت لکي موڪليس سندس حڪومت ۾.

عاقبت يار غار خواهد شد- دل دشمن فگار خواهد شد
چونکه دلدار در کنار آيد- هجر هم برڪنار خواهد شد

 

        پوءِ ستن بيتن کان هيٺ لکيل بيت شامل مٿين بيتن جي آهن مختصر سبب تي صرف غرض لکيو ويو.

هر که دارد سعادت ازلي- دوست چاريار خواهد شد
خاتم چار يار شاه نجف- از حوادث حصار خواهد شد
همه اصحاب يار يڪدگراند- دشمن ايشان خوار خواهد شد
روز محشر ڪه چون جناب شود- رافضي شرمسار خواهد شد
مير من گربراه راست رور- بيگمان رستگار خواهد شد
واحدي گرچه شعر مخفي گفت- عاقبت آشڪار خواهد شد

 

        مخدوم صاحب جي شعر ۾ پوئين مصرعه واحدي گرچه شعر مخفي گفت سا مصرعه مير صاحب واري بيتن جي

جان من در قيامت صغريٰ- پيش مهدي نثار خواهد شد

        جي جواب ۾ شامل آهي. يعني قيامت صغريٰ هڪڙو مشڪل اولين قبر جي عذاب سان تاويل آهي. جيسين مير صاحب هو تيسين انهي نتيجه ڏسڻ لاءِ جيڪي ٿيڻو هو تنهن منزل جي صورت مخفي هئي. عاقبت آشڪار تڏهن ٿي جڏهن هر ڪنهن ڏٺو ۽ ٻڌو لکندڙ به ٻڌي ڳالهه اڄ لکي. رَبَ ڪريم جلشانه جي در ۾ توبه آهي. ڪتابن ۾ ٿو ڏسجي ته بغض اصحاب ڪُبار جي عذاب باه جي کان ويچارو ابليس به پيو ڊڄي.

        چون ٿا ته پير صاحب ميان غلام محي الدين صاحب سرهندي حيدرآبادي دولت سر پنهنجي جي عيوض ڏيئي مير صاحب جي ماموني ورتي قبر جي ڀيڙجي.

        حضرت گدا مجدد سرهندي حيدرآبادي اڪمل اجل وَلي حيدرآباد ۾ هو سو اڪثر ڪن ڪن وقتن ۾ رافضين تي گهڻو ڏمريو هو علي اڪبر ايراني فوجدار حيدرآباد جو پير صاحب جي اهڙن گفتارن ڪري دل ۾ پير صاحب ڏانهن ڪپت رکندو هو پر ڪڻن ڪو پرواه ڪنهن جو نه هو. جن ڏينهن ۾ مخدوم صاحب حاجي ميان محمد سرمست لاڏلو قلندري اصل حقيقي مشرب قلندري واحدي جو سجاده نشين حرمين شريفين ڏانهن روانا ٿيا هوا تڏهن حيدرآباد ۾ پير مٿئين سان وڃي ملاقي ٿيا هوا. قيل قال کان بعد اچي رافضين تي پير صاحب ڪاوڙيو هو. حاضر الوقت حاجي عبدالله ۽ ميان احمد حڪاڪ سيوهاڻي نقل ٿي ڪيو ته مير صاحب ڪرم علي جي نسبت ۾ پير هر هر تڪرار سان پئي چيو هن طرح اَز غيرت يکي آل يار غار منڪر اصحاب گرفتار يعني از غيرت مخدوم صاحب سيوستاني صديقي واز ديگري آل يار مير رستگار. يعني از شفاعت حضرت غلام محي الدين صاحب فاروقي قدس اسرار هم مٿان پئي چيو هوائين ته عاقبت منڪر اصحاب چه شد که در بغض وي اميد واري داشت سو سائين مولوي صاحب جي مشائخ عالي دستگاهه حقائق آگاهه ۽ امراءِ نيڪ پيرا ۽ اڳيان پويان هوا سي اسان جي مرشدن جي حسب نسب جا هن طرح قائل ۽ مائل ۽ سندن وتد اشرف جا بخوبي واقف هوا پر جي خود ڪمين ۽ ڪمذات جي نه پاڻ کي سڃاڻن ۽ نه ٻين سچن کي سي زبون زائل دند جا هوندا جي اوهان کي شڪ شبهي ۾ وجهندا هوندا. تنهن ڪري جنابا اوهين سچ جو وزن ثقيل سمجهي اسفل هلڪن ڏي اصلي ڪن نه ڏيندا. آءٌ  هوند مير صاحب فتح علي خان رحمه ربه جي صداقت جا اصحابن ڏي رکندي مخدوم صاحب سان پيوندو ٿي رکيائين سو بيان ڪيترو لکي لکان. پر لفظ باطني رمز جي شاهدي ثاني جوڪ مشاهدو عجيب هن نسب جي اثبات ۾ جڏهن موجود تڏهن هن مهل ۾ ان کي به ويڙهي لڪائڻ نامناسب جيئن ته نقل ان جو هن دستور باشعور آهي.

 

نقل مڪتوب پير شهاب الدين نوشهرائي قدس سره

        جنهن عالم روياءِ ۾ سمورو مڪبوت لکي قلندر جي حضور ۾ ڏنو هو. مقامات باطني مخدوم محمد صالح سيوستاني برادر زاده صاحب البياض سيوستاني جي ۾ مشاهدو ڪيو هو جو مڪتوب راتوڪي خواب جو ظاهريءَ ۾ ياد ڪري مخدوم محمد صالح ڏانهن سيوهڻ ۾ موڪليو هو اڄوڪن مذبذبين ماڻهن جي ناس ڪرڻ لاءِ شايد نشانبر ڪري اسهيو هو.

 

مڪتوب بدستگيري يارغار رضه

بسم الله الرحمٰن الرحيم

سبحانڪ لا علم لنا اِلا ما علمتنا رايت مابين اليقظه والنوم حضرت سيد الاولين و اَلاخرين محمدن النبي الامي صلي الله عليه وسلم و معه ابي بڪر رضي الله تعاليٰ عنه وانت وڪان رجل من المشاهجدين بيده قدح احمر و عليه ثياب حمراءِ فيه شيءَ من العسل واللبن وقال ابي بڪر لرجل الجذوب المذڪور اعط هَذا القدح لا ولادي فاسقاڪ بحڪم النبي صلي الله عليه وسلم بيده فقلت له ما حَذا قال حصل له حڪم من الدنيا والاخره فقلت نعماهي.

تم رايت الناس من الرجال والنساءِ يطوفون حولڪ فقلت ما هٰذا- قيل تحبونه قلوب العباد والله اعلم بالمراد

والسلام عليڪم ربنا لا تواخذنا ان نسينا او اخطانا

مخدوم محمد صالح سيوهڻ ۾ هڪ عبادالله الصالحين مان هو سندس برڪت ۽ برڪات ۽ خرقه عادات جا وڏا پيٽاندر آهن هت فقط سندس گفتار جذب آثار مان هڪ شعر نشان ڪيو وڃي ٿو.

ازدو عالم غير ذات پاڪ حق درکار نيست
مست و هوشياريم مائل جز دل بيدار نيست
رايت راه قلندر دوش ارائيم و بس
تاج تقوي برسرم از خشن پوشي عار نيست
سرخوشم از جام وحدت مست ازرور الست
محو روي يار ميباشم بعالم کار نيست
از سر جوشِ جنون درراه مستي گامزن
هيچ حاجت از رفيق و مونس غمخوار نيست
از شراب شوق سرمستي محمد صالح ست
در دل و جانش طرب الفت ورائي يار نيست

 

فقط

شهود ثالث سيد امام الدين ۽ سيد محسن شاه کان

        هي ٻئي ڀائر سڳا زيب زينت ۽ شبهاهت ۾ هڪ جهڙا هوا حضرت غوث ملتاني قدس الله سره الاقدس جي درگاه جي زيارت جا اراتمند ويٺل ڌونرن هنڱورن جا سفر بست ٿي ملتان ڏي عزم فرما هوا راه ۾ جهن سيوهڻ شهر ۾ پهتا هوا تڏهن مخدوم عارف باالله سجاده نشين واحدي ۽ مشرب حقيقي جي مخبري جا مصلي نشين المشهور قاضي قلندري عليه الرحمه جي مجلس ۾ اچي مخدوم سان ملاقي ٿيا هوا. انهِيءَ ڏينهن سواءِ قال الله قال رسول صلي الله عليه وسلم جي ٻيو فڪر فند جو ذڪر ڪونه هليو هو. جڏهن سادات مجلس مخدوم صاحب جي کان موٽي آيا تڏهن هڪ ٻين کي حقارت طور گلا ڪيائون ته مخدوم  وٽ علم درويشي ڪونه ٿي ڏٺو انهي رات جو خواب ٿا ڏسن ته هڪ وڏو خيمه کڙو ٿيل آهي سردار عالم صلي الله عليه وآلهِ وسلم جي نالي سڳوري سان – انهيءَ خيمه جي دروازه تي ابي بڪر صديق رضه تنهن کان اوري شيخ شهاب الدين سهروردي ويٺل هوا اُتي جنهن کي شيخ شهاب الدين سهروردي ٿو موڪلي حضرت ابوبڪر صديق رضه ڏانهن اهو ٿو وڃي حضور ۾ سردار عالم صلي الله عليه وسلم جي ۾

        جڏهن نوبت اسان جي يعني نقل ڪندڙن جي انهن ٻنهين ساداتن جي وڃڻ لاءِ ٿي. تڏهن سهروردي صاحب اسان کي نه ڇڏيو. حضور ۾ سرور عالم صلي الله عليه وسلم جي سبب ظاهر ٿيو ته اوهين اسان جي اولاد جي تحقير ڪري آيا آهيو تنهن ڪري اوهان کي تاخير وڃڻ لاءِ پيو آهي.

        صبح جو اهي ٻئي سادات وري مخدوم صاحب جي مجلس ۾ حاضر ٿي معافي جا طلبگار ٿي سمورو نقل شبينه مخدوم جي پيش آنداءُ پاڻ فرمايائيون ساداتن کي ته الحمدالله – اهڙو رتبو اوتعاليٰ عطا ڪري.

        جنابا اسين ته بازاري مٺائي آهيون اوتعاليٰ اوهان سڳورن جي برڪت لائق ڪري.

شهادت رابع

        نقل ٿي ڪري مسمات ڦاڦل دائي ڌيءَ محمد فاضل حيدرآبادي. مسمات عابده ۽ پرهيزگار هئي ۽ پڻس شب خيز ورد وظائف ۾ ذڪر اسم پاڪ عزاسمه جي ۾ مشغول هوندو هو. مسمات ڦاڦل نقل ٿي ڪيو ته هڪ رات ۾ منهنجي والد محمد فاضل نقل ٿي ڪيو ته حضور سردار عالم صلي الله عليه وسلم جي دربان آهيان ته انهي مهل ۾ حضرت صديق اڪبر رضه جي تصوير نيڪ نظير جي زيارت نصيب ٿيم پاڻ فرمايائون ته فاضل اسين هاڻي اچي اوهان وٽ ويهنداسون مون پنهنجي اکين تي هٿ رکي صد شڪر ٿي ڪيا ٽن ڏينهن کان بعد مخدوم منهنجي مرشد ذالڪ فضل الله الواسع جو سوٽ ۽ ڀيڻوو حيدرآباد ۾ اچي مسمات ڦاڦل جي گهر ۾ برڪت وڌي. محمد فاضل ٿي چيو ته مون ڪڻان ذات شرعي جو پڇيو هو جواب ۾ چيائون ته اسان جي ذات صديقي اميرالمومنين صديق اڪبر رضه جي اولاد بنياد مان آهيون تڏهن اهو خواب پنهنجو سڄوئي بيان ڪري مريدي سندن ۾ پيوند ٿيو هو ۽ پنهنجي ڄمار ۾ ۽ سندس پويان مٿئين خاندان جا خدمتگار ٻئي به پئي ٿيندا آيا تا اليوم.

 

خواب حقير

        اضعف عبادالله جو والد ماجد حرمين شريفين روانو هو نگاه هڪ رات ننڊ ۾ ڏسڻ ۾ آيم ته جيڪي به هن اضعف نادان سان ملاقي پيا ٿين تن آڏو پنهنجي قبله کي بدشد پيو ڳالهايان پوءِ اُتي ڪنهن چيم ۽ ڏيکاريم هڪ پيالي ڪا شيءِ جي جنهن ۾ ڪارو داغ ٿورو پئي ڏٺو انهي ڏياکريندڙ پيالي جي رشد ڪيم ته چٽ داغ پياليءَ وارو جا پسماند حضرت صديق اڪبر رضه جي اٿيئي. مون پنهنجي دل و جان سان اُها پئي چٽي خواب ڏسڻ جي ٽئين ڏينهن جان محمد بواب ڪو مريد هو، مخدوم صاحب ميان حاجي محمد سيوهاڻي جو تنهن منهنجي والد جي وصال جي خبر لکي جو معلوم ٿيو ته چئن يارن جي کوهن جي منزل تي جان بحق سپاري مرقد پنهنجي قربن کوه حضرت صديق اڪبر رضه جي ڪيائين مون واري خواب جو تعبير ٿيو.

        ايندڙن هر ڪنهن آڏو بدشد ڳالهائڻ جو اهو مطلب ته هر ڪنهن ايندڙ سان تون دل جي سخت اندوه سان فاتحه پيو ڪرين ۽ پيالي مثل کوهه جي آهي جنهن ۾ داغ ڪارو نشاني موت جي آهي جا پسماند حضرت صديق اڪبر رضه جي آهي والد تنهنجو اولاد سندس آهي. توکي موت جي داغ سان سڌ ڏنائون تعبير صحيح آهي اڳتي ڄاڻي ڄاڻڻ وارو عزاسمه پر هي به روحاني قربيت سچي صديق رضه جي اولاد سچي ڏانهن چئبي.

        مولوي صاحب! وري ٿو لکان ته هن انقلاب ۾ هر ڪو پيو پاڻ ساراهي ۽ پنهنجي عزت حرمت قابو رکي پنهنجي تعظيم رکائڻ لاءِ مراسم نبوي صلي الله عليه وسلم هٿان وين ته ڇا ٿيو پر عمل موچارا ظاهري اهڙن جا به پيا ڏسجن ته به ڪو ڪنهن پير جو اولاد ٿي هر ڪو انهي نسبت تي پاڻ کي وڏو ڄاڻي ٻئي بني آدم تي نگاه نٿا آڻين. جهڙي اها ڳالهه ڪنهن نسبي کان مخفي نه، ته جي وڄا وارا ڪرامتي عملي هوا ۽ نسب بي اعتبار جو ڪو افتخار نه ٿي ڄاتائون تن جيڪا هن ڳڻيل خاندان جي عزت ٿي رکي ۽ حرمتي عبارتون ٿي لکيون جي هوند ڪيو ڏسي ته هوند فرق ٻيائي جو ڪونه ڏسي پر اڄوڪي وقت جي شڪور ڪهڙي ڪجي اوتعالي شال ان اڪرمڪم عندالله التقڪم جي چٺي ساڻ ڪنهن تقويٰ جي بحار مان هن متعطش کي جرعه ڏيني عبادت پرهيز ۾ سيراب ڪري آمين جنهن مان ڪو فائدو دارين جو ٿئي. پر جنابا جن خاندان جو شرعي عمل آهي اُهي جي ٻئي ڪنهن کي نظر ۾ نٿا سمائين ته اهڙن تورائين تڏهن ٻيا به ڪنهن ڀليري قبيلي جا ۽ ڀليرا حسب نسب جا ۽ ڪنهن معدن ذهب والفضته يعني ڪنهن اولياءَ جي نسل جا ڪهڙيءَ طرح نه نسب اشرف جي ڪنڌي سڳورا ٿي عزت نه وٺن انهن نسبي وارن کان- اها جاءِ انصاف جي ناهي. کڻي ڳالهه وچ ۾ ٿي وجهجي ته صديق اڪبري جن جو سلسلو ۽ پيوند صديق اڪبر رضه ساڻ اٿن ۽ ڪي انهن جي ڏاڏنگ مان وري مريد حضرت شِخ شهاب الدين سهرورديءَ جا ۽ انهي سلطان المشائخ سهروردي سان پيوند هون ۽ طرق شطار پاڪ عشقي ۾ اگرچه اهڙا ٻئي مشائخ شطاري کان راهه شطاريءَ ۾ گام زن پرتڏهن به بعضي اوقاتن ۾ ملفوظات راه شطاري جا صحيفا مسيح الاوليا کان حل ڪندي ساڻن محبت ياراني جي رکندا آيا پوءِ زماني نوبت ۾ مريدي اڳي پوءِ وقت انهي عهد آهر ڪو کڻي هجي ته ان جا پويان باوجود ڪنهن جا مريد به نه ته به اهڙا گڏيات پيا سمجهن ته هي اسان جو مريد  ۽ هو اصلي ويچارا نسبي سادات وغيره مرشد گهراڻي جا الوداع جي کنڌي تم بالخير- اگرچه انهي نسبت جا جي هن زماني جي هيٺ مٿانهين بابت آهن گهڻا ڪاغذ هوند ڪارا ڪجن پر سچ چوڻ ۾ وري به منذر رنج روح جو آهي دنيا درگذر-ڀلي ڪو پنهنجو ئي پاڻ کي ڏسي پر ويندو هر ڪوئي هتان هليو.

 

وه! ياد آيل خواب

        ڏٺل جو شرف هن موقعي تي ڇو لڪائجي ته لکندڙ کي البت نسبي ارمان ۾ هئي مٿين گفتارن جي بابت- ته ناگاه هڪ مسجد شريف عليشان ۾ وڏي جماعت نماز جي انتظار ۾ ويٺل آهي محراب سامهون وچ ۾ ساڄي ڏائي جي حضرت امام رباني مجدد الف ثاني قدس سره ويٺل ۽ لکندڙ پنجن ڇهن جماعتين کان پري ڏائي پاسي نماز لاءِ ويٺل ڏسان پيو. جڏهن تڪبير ٿي تڏهن سڀ اٿيا ۽ لکندڙ به- پر انهيءَ مهل ۾ حضرت امام رباني عليه الرحمه اشارو ڪيو هو. لکندڙ ڏانهن ته اڳي ٿي نماز پڙهاءِ لکندڙ لرزجي جواب پيش ڪيو ته آءٌ اوهان جي پيزار جي دز جهڙو هرگز نه سا مون کي ڪهڙي سگهه جو آءٌ اڳي ٿيان عاقبت وري پاڻ اڳي ٿي نماز پڙهايائون انهيءَ تعبير مان ايترو معلوم ٿيو ته صحيح النسب اولاد صديق اڪبر رضه جي تعظيم اڳواٽ حضرت قدس سره کي بيشڪ منظور هئي اولوالابصارن ۽ اولوالابدي وارن جا ته اجهي اهي حساب پاڪ آهن ٻيا ڇا ڄاڻندا جي صرف پاڻ پوڄائين. جناب مولوي صاحب معاف ڪندا گهڻي طول طويل کي نٿو لکان نه ته رموز باطني ۾ شهادت صحت هن نسب حسب جي لاءِ اڃا وڌيڪ گفتا ياد اٿم. پر هاڻي فقط ظاهري اهڃاڻ هن بساط ڪشادي جا وري ٿا لکجن ته جيڪي مسيح الاوليا جي قرابت مان پکڙجي هنڌ هنڌ تي، اولاد صديق اڪبر رضه جي مان مشهور آهن. پهريائين حضرت مسيح الاولياءَ جو چاچو بزرگ حضرت ناصر الملت قدوه الڪاملين مخدوم شيخ طاهر محدث ابن شيخ يوسف پاٽائي گجراتي قدس الله سره الاقدس.

        سندن مرقد مبارڪ شهر برهانپور ۾ ۽ سندن تصنيفات مان تفسير مجمع البحار پڌرو آهي سنه 950هجري کان پاتر ڳوٺ ڇڏي سياحت ڪندي گجرات ۾ پهتا آهن اهڙو حوالو وطن پاتر سوڌو گلزار ابرار ۾ موجود.

 

ضروري اعلان

        حضرت شيخ طاهر محدث پٽني اصل گجراتي مصنف مجمع البحار ٻيو آهي جنهن جي جنگ بواهير اقوام سان هئي ڪتابن جي مطالعي سان معلوم ڪندا خصوصي گلزار ابرار مان. جنهن جو مصنف حاضر ناظر انهي زماني ۾ ٻنهين ظاهرين سان ملاقي هو. حضرت طاهر سنڌي گجراتي سان برهانپور ۾ حضرت اسحاق قلندر سان گڏ شيخ طاهر پاٽائي مٿئين کان فيض گير هوا ۽ ٻيا به ذڪر سندن ڪتابن ۾ صفائيءَ سان لکيل موجود آهن ته هڪ طاهر اصل جو گجراتي بواهيري هو ۽ ٻيو محدث طاهر سنڌي ابن يوسف گجرات ۾ هو. پوين انڌي گهوڙي ڪل ۾ همنام طاهرين همزمان ۾ هڪ ٻين جا حال گڏ سڏي وايا آهن لکندا. رڳا جي تحقيق داخلا رکيو پنهنجي ڪتابن جي زيب زينت ڪندا ويا. بلڪ قديم ڪتاب گجرات ملڪ جي جو صاحب گلزار ابرارائين به ٿو ڄاڻائي ته جنگ بوهرن جي پت محمد طاهر اصلي گجرات جي سان هئي ۽ مجمع البحار به پٽس محمد جو درست ٿيل هو نه طاهر گجراتيءَ جو- ۽ اهو مجمع البحار جو علم حديث ۾ آهي. سنڌي طاهر محدث جو خاص تفسير مجمع البحار طاهري ٿا لکن مجمع البحار جي علم جي ٻي صورت آهي ان جو نقل سڄو به گلزار ابرار ۾ لکيل موجود پيو آهي يعني اهو تفسير مجمع البحار جو بلڪل لطائف قشيري جي اسلوب تي نطائف صوفيه قدس اسرار هم جي نڪات ۽ اشارات تي حاوي آهي ۽ هن شيخ طاهر محدث چاچي مسيح الاوليا جي تصنيف مان ڪتاب مختصر قوت القلوب ۽ منتخب مواهب لدينه ۽ ملتقط جمعي الجوامع سيوطي ۽ موجز قسطلاني جنهن کان وڏي ڪائي شرح بخاريءَ تي نه آهي وڏا وڏا ٻاره دفاتر ٻن لکن بيتن ۾ مختصر ڪيو اٿن ۽ تفسير مدارڪ جو پنهنجي ٻن فرزندن جي لاءِ مختصر ڪيو اٿن ۽ ان جي آغاز ۾ هن طرح لکيو اٿن قال ابو عبدالله طاهر بن يوسف عليه رحمه الله ۽ آسامي رجال صحيح بخاري هڪ شرح ڪرماني جي طور تي ۽ رياض الصالحين جنهن ۾ پهريون روضه انهن حديثن حسنه جي بيان ۾ آهن. جنهن جي اندر اُمت جي بخشش ۽ اميدون مرادون لهڻ جون خوشخبرين وارا آهن. ٻيو روضه وڏن وڏن مشائخن طريقت ناصحابه گفتار سان سرسبز آهن. ٽيون روضه ارباب توحيد ۽ وجدان ۽ اصحاب عشق ۽ عرفان جون عمديون عبارتون ۽ نمڪين اشارن سان تر ۽ تازه آهن.

        حاصل ڪلام اهو حضرت شيخ طاهر صديقي شهابي سهروردي پنهنجي مٿي پاٽ سنڌ کان گجرات ۾ مشاهير العصر هو مختصر.

        پٽ سندس ٻه هڪ عبدالله ۽ شيخ رحمته الله جي ٻئي سيوهڻ شهر ۾ ڄايا هوس. پوءِ آخر ۾ ٻئي عرب ملڪ ۾ مشهور هوا شيخين خطاب سان- انهن جو اولاد امجاد امير المومنين صديق اڪبر رضه جي نسل سان عربستان ۾ ۽ گجرات وغيره جاين تي پڌرا اوتعاليٰ عزاسمه ڪيا آهن پاٽ شهر جي اپت کان منهنجي مرشد ذالڪ فضل الله لواسع جنهن جي درگاه پاٽ نئين ۾ جاءِ زيارت عام خاص آهي انهيءَ حضرت عليه الرحمه جي آباءِ اجداد مان اوڏي بڪفو واحد پکڙيل آهن اها بساط صديقين جي انهيءَ اطراف اڪناف تي آهي. الحمد الله علي ذالڪ حضرت مسيح الاوليا جو ٻيو چاچو مبارڪ حضرت مخدوم عباس محدث پاٽائي هنڱورجائي قدس سره ابن يوسف جمال جلال.

        اهڃاڻ سندس تاريخ معصوميءَ ۾ ۽ گلزار ابرار ۽ تمسڪاتن وغيره ڪتابن ۾ موجود:

        هن جي قرابت سنگيڻي حضرت سرور پير مخدوم نوح صديقي هالڪنڊي قدس سره جي ڏاڏنگ ساڻ ڏهٽائي نسبت سان لکي ٿي،. حضرت نوح رحمه ربه جي آبائي قبيلي مان پاٽ ڳوٺ ۾ ساڪن هوا مخدوم فخرالدين پاٽ ڇڏي سيوهڻ ۾ اچي ويٺو هو ڪي انهن مان وڏي فخر الدين مان بوبڪن جي شهر ۾ وڃي متوطن ٿيا هوا اهو قبيلو سابقين ڪري لکن ٿا. تمسڪ 925هه جي ۾ حقيقت هيءَ لکيل ظاهر آهي.

        حضرت مسيح الاوليا جو ڏاڏو شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي ثاني بن نورالدين مٿي ذڪر ڪيل ۽ فخر الدين وڏو سو ڏاڏو هو حضرت مخدوم نوح عليه الرحمه جو – لکن ٿا ته فخر الدين ڪبير ڀاءُ هو حضرت شيخ عمر شهاب الدين صديقي سهروري قدس سره جو ۽ مسيح الاوليا شهابي سهروردي خاص اولاد مان سندس هو. جو سهروردي پيشوا طريقه سهرورد ۽ ويٺل به عجم سهرورد شهر جو هو ۽ ڪي ايام سهرورد جو حاڪم به هو اهو قبيلو لڏجي بوبڪن سيوهڻ لڪيءَ کان ڀاڻوٺ ۾ آخر هالن ۾ وڃي متوطن ٿيا.

        فخر الدين ننڍي جي اولاد مان محمد اسحاق هو جنهن جو پت مخدوم سان نعمت الله هالائي هو انهيءَ صلب کان حضرت مخدوم نوح نوَ لکي مرشد اوتعاليٰ مبعوث ڪيو هو ۽ جهان ۾ پڌرو ٿيو هو.

مسيح الاوليا جو ڏاڏو شيخ يوسف پاٽائي ۽ مخدوم نوح گڏ پڙهندا هوا پر شيخ مٿيون عمر ۾ ڪنان تڏهن وڏو هو.

        اگرچه ڪنهن شقاوت ڪري ماڻهو اهڙي ڀلي مخدوم جهان سهروردي صديقي نوح قدس سره جي نسب ۾ اعتراض ڪندا آهن. ڪي چوندا آهن ته حضرت مخدوم پير صاحب هلائي چوندا آهن ته حضرت مخدوم پير عبدالوهاب اڪمل اوليا جنهن جو قبو حيدرآباد جي قلعي جي اُتر تي شاه جي قدمن جي متصل آهي سو پٽ هو ميان مير جنهن کي مير پير سرور ڪري چوندا آهن. وڏو اولياءَ هو جو سيوهڻ مان لڏي ويو هو لاهور سفينه الاوليا وارو دارا شڪوه وري جيڪي لکي ٿو سوبر خلاف غرض انهن اختلافن کان ڪو ڪتاب خالي نه آهي بلڪه سنه 1886ع جي اخبار معاون مجمع محمدي ڪراچيءَ ۾ سيد فاضل شاه وري! ارمان!!! پنهنجو نقل ناڪام مخدوم صاحبن هالائن جي نسبت ۾ شايع ڪيو اٿس جو لکندڙ کي ناگوار هو اهڙي نقل احمقن جي شعائي جو آڻڻ سوئي اخبارن ۾ زيب نٿو ڏيکاري. اضعت عبادالله اهڙيون ڳالهيون لکي پڇيون هيون جناب سيد نور علي شاه مٽارڪي جي معرفت جو انهن ڏينهن ۾ انهيءَ طرف جو تپدار هو. جواب ۾ صفائي اها ٿي ته اوهان جو خط مخدوم صاحب سجاده نشين ۽ مجاورن درگاه جي ڏٺو هو. چونٿا ته شاه عبدالوهاب عليه الرحمه حيدرآبادي برابر اسان جو ڏاڏو آهي ۽ اوهان جيڪي سيوهاڻين مخدوم صاحبن جي نسب لکيو ته ڪو اُتي پيرن وٽ اهڙو حوالو نڪري ٿو پاٽ سيوهڻ بوبڪن وغيره پڊن قبيلي ساڪنن جو يا نه سوچون ٿا ته صحيح آهي هتي ڪتابن ۾ لکيل آهي گهڻو ڪري ڪتاب ۽ رساله وٽن موجود لکن ٿا جواب ۾ هن طرح به چون ٿا ته اوهان وٽ جي صحيح آهي ته ان کي به برخلاف نٿا چئون ۽ جواب مان معلوم ٿيو ته سيوهاڻين جو نسب صديق اڪبر رضه سان متفق هئڻ تي اسان جي وڏن تائين سڌ سماچار سمورن قبيلن ڪڙم سوڌي هئي ۽ انهيءَ باب ۾ لکندڙ کي ڪي وڌيڪ لکڻو پوي ٿو پر مختصر ڪيو ويو ته منهن جو مرشد پاٽائي مخدوم نوح صديقي قدس سره جي اولاد مان نه آهي پر پير سرور جو قبيلو آبائي جن سان منهنجي مرشد جي ڏاڏنگ جي نسبت قرابت ٿي لڳي سَيَ صحيح صديق اڪبر رضه جو اولاد هوا فخرالدين وڏي ۽ ننڍي منجهان- ۽ منهنجو مرشد جنهن جا بابا سڳورا وڏي ڀاءُ حضرت عمر سهروردي جي اولاد مان صحيح ٿيل آهن. تڏهن چئجي ٿو ته اها شاخ قبيلي سابقين فخرالدين صديقي جي به نشانبر پاڙيسري هن ڳڻيل نسب جي پنهنجي مٿي بڪفو واحد سنڌ ڏيهه ۾ هڪ ٻين تي شاهد مشهود آهن.

        پر مخدوم عباس محدث قدس سره مٿي ذڪر ڪيل (انهي حضرت جي قبر هنڱورجن ڳوٺ ۾ آهي) ان جي اولاد مان حضرت شيخ جنيد الله فرزند سندس حضرت شيخ مخدوم اسماعيل طائي جي ٻئي ولي اڪمل جن جي درگاه عاليجاهه ڳوٺ هالاڻين جي ۾ جاءِ زيارت عام خاص جي آهي ۽ مٿن ميلو لڳي ۽ سندن اولاد ديهه شيخاڻين تعلقه ڪنڊياري ۾ اڃا حيات ڪڙم قبيلي سوڌا هليا اچن.

سندن قبائل مان مخدوم نور محمد صاحب بمعه قبالئل اولاد احفاد ديهه ٿريچاڻي تعلقه لوهريءَ ۾ موجود. اهڙي حجت ٿا ڏيکارين هي به هڪڙي نڪه ڪفو واحد صديقين جي پاٽ جي زمين تان آباءَ اجداءَ سيوهاڻين ۽ پاٽاين مان منتشر ۽ اهي قبيلا حضرت عباس شهابي سهروردي مٿي ذڪر ڪيل جي مان اوڏي ظاهر.

مختصر نشان پڪو اهڃاڻ

        حضرت مسيح الاوليا جي والده ماجده جا چاچا سڳورا ۽ حضرت مسيح الاوليا جي چاچي حضرت شيخ طاهر محدث مٿي ذڪر آندل جا ڀائيٽا، حضرت شاه محمد معروف ۽ شاه عثمان ٻئي سڳا ڀائر انبان شيخ عيسيٰ سخي مشهور پاٽائي قدس اسرار هم جي ٻئي صاحب الاولياء اڪمل اهل پنجاب  جي صغير ڪبير جا مرشد ڪامل هوا. خادمن جي ڪمال ارادت کان وطن پنهنجي پنجاب ضلع مظفر ڳڙهه تحصيل علي پور شهر صيت پور ۾ اختيار ڪيائون سندن درگاه عاليجاه زيارتگاه عام و خاص اُنهي اُچ شهر شريف ستين صديقين جي ۾ معمور پرنور آهي. ڪتابن ۾ حوالات پر گلزار ابرار گجرات جيم ۾ موجود. ڏسڻ لائق اَٿو. انهي ملڪ ۾ اولاد مان صديق اڪبر رضه جي پڌرا ذالڪ فضل الله الواسع منهنجي مرشد جي آبائن مان- اهو قبيلو صديقين جو به اوڏي هو جيئن ته سندن آفتاب فيض جو پاٽ سنڌ کان ناشي ٿي اهل پنجاب تي وڃي چمڪيو هو. انهن حضرتن جي اولاد جي سگهه وڏي ٿي ٻجهي.

        جناب مولوي صاحب! الله جلشانه جي ڪا هدايت حاصل اوهان کي ٿئي آمين وري به ٿو چئجي ته ڪو حسد حقد ۾ جلي ايتريءَ بساط جي آفتاب کي تري نفاق جي سان ڍڪندو ته هرگز ڍڪجي نه سگهندا ڇو ته هڪ ٻه گهر نه آهي پر ڪو چمڙي طرح ڪور چشم ٿي جهلڪ آفتاب نه سهي سگهي ته هيڏي ڇا هر ڪو پاڻ ۽ پنهنجو اصل نسل سڃاڻي ۽ ڄاڻي.

پر ڪو سعادت ازليءَ جو يار هوندو ته صحيح سخن کي بلڪل آساني ساڻ سمجهي سگهي ٿو بشرطيڪ الا من اُتي الله بقلب سليم جي ڀاڱي ۾ هوندو ته پر جي اک ۾ اونداهه دل ۾ گلا خواه مخواهه مدعي ته سائين صاحب علم جا راهب انهي کي ته الله جلشانه رسي دشمن خواهه مخواهي جي نزد سڀ ڪي اونداهه ٿيو وڃي ٿي  پوءِ ان جي آڏو ڪهڙا ڏيا ٻاربا. چوندا آهن ته محب مڪرم جي دل ۽ اکه روشن جنهن کي اوتعاليٰ ٿو اولوالا بصار ڪري ڄاڻائي تنهن سان حال کڻي وڃجي پر دشمن آڏو حضرت سعدي رحمه ربه وانگي جو چوڻ ٿا وري تڪرار سان ته

هنر بچشم عداوت بزرگ ترعيب است
گل ست سعدي و درچشم دشمنان خار است

 

        اُهو جاڳي جواب ڏيندو ته به ڦوٽو اُهوئي سنگهه سان.

        جناب مولوي صاحب! حضرت آصف جاه نظام الملڪ مير محبوب علي خان صاحب بهادر حفصي شهابي سهروردي صديقي تخت نشين دارالخلافت حيدرآباد دکن ادام الله عزوجل مملڪته. جنهن جو منصبدار حضرت نواب محمد مسيح الدين خان شهابي سهروردي صديقي جو برهانپور مان حيدرآباد دکن ۾ اچي ويٺو هو. سندس ذڪر مٿي به ڏنل آهي جو اهو نواب بابا شاه مخدوم فتح محمد محدث برهانپوري جي اولاد مان هو، جنهن بابا شاه فتح محمد محدث جو مفتاح الصلوات سنڌ جي علمائن وٽ نشاني آهي. سو بابا شاه پٽ هو حضرت مسيح الاوليا مٿي ذڪر ڪيل جو، تنهن آصفجاه نواب مٿئين کي اشارو ڪيو هو ۽ نظام الملڪ جنهن جي ارادت حضرت مسيح الاولياءَ قدس سره طرف اڪمل هئي. تنهن بادشاه جي حڪم موجب نواب صديقي حضرت سجاده نشِن درگاه عاليجاه تي تڪليف رکي گڏ ڪرڻ اولاد مسيح الاولياءَ جي سنڌ هند گجرات وغيره جاين قريب بعيد جي لاءِ صاحب سجاده درگاه انهي غرض تي سياحت ڪندي آخر ۾ اچي سنڌ ملڪ ۾ تشريف رکي سيوهڻ ۽ پاٽ جي اولاد مسيح الاوليا تصنيف ڪري حيدرآباد دکن جي مطبع ابوالعلائي ۾ شيع ڪيو هو. حضرت نواب صاحب بابا شاهي اهو رسالو پيش نظر حضرت نظام الملڪ جي ڪيو هو جنهن تي شاهي نشان ڪري بعده ڪتب تواريخ شاهي جي ۾ داخل ٿيو هو. انهن ڏينهن ۾ طغياني پاڻي جي ڪري سخت ٻوڏ کان دارالخلافت جي رهاڪن ۽ رعيت کي نقصان پهتا هوا تنهنجي همدردي لاءِ حضرت سجاده نشين جي تائيد تي- هن سنڌ مان مسيح الاوليا جي اولاد گڏجي سهروردي خاندان جي عرفان تي حضرت نظام الملڪ ڏي تار رواني ڪئي هئي ورندو جواب مقبوليت جو شهابين سهروردين ڏانهن شاهي تار ۾ صادر ٿيو سنه 1908ع ۾ جنابا! اوهان جي دل ڦيرائڻ هن خاندان کان پر پٺ گلا آلود ڳالهه ٻڌي نه گهرجي مون اهڙيون حقيقتون اوهان جي وقوفيت سبب ظاهر ڪيون ته هن خاندان جو نسب حسب ڪنهن امير ڪبير ۽ مشائخ ڪرام ۽ علماءِ عظام اهل حسب نسب جي کان مخفي نه آهي ڏسو خط مير نصير خان حاڪم سنڌ ۽ پٽس مير محمد حسن علي خان ٽالپر اهل تشعه جي ۾ ته اهل سنت جماعت جي علمائن اولوالابصارن سيوهاڻين جو ڪيترو ادب رکيو اٿن ۽ ڪن هنيو اٿن اول مير نصير خان حاڪم سنڏ جي پنهنجي حڪومت ۾ جيڪا گذشته پيوسته معافي زمينات جي هئي تنهن کان سواءِ سٺ جريب زمين لائق آباد جي خلاصا ديهه باغ يوسف تعلقه سيوهڻ ۾ معاف ڪيا هوا.   

        ڪاردار شعه انهي هنڌ جي معافي نه ڄاڻي پنهنجي شعائيءَ جي پذيرائي مير صاحب شعه وٽ نمودار ڪري هڪ سو رپيا پوکه زمين مخدوم صاحب جي تي تاوان ذمه مخدوم جي ڪري ڇڏيا هوا. وڪيل مخدوم صاحب جي سيوهڻ مان هلي دارالامارت شهر حيدرآباد جي ۾ رسي حقيقت گذريل گوش گذار مير صاحب جي ڪئي هئي. پر پٺ جي صورت ۾ مير جو فرمان سنه 1248هه ۾ صادر ٿيو ته متان مخدوم جو مزاحم ٿين هن جو منصب ڪمالات دستگاهه ۽ فتوت درويشي آهي. اها سٺ جريب جي زمين به معاف سرڪار ڪئي اٿن. سنڌ جي جاري ٿيڻ کان پوءِ شعائي جي ٻيائي شرم آلودي ٿي اچي ڪاردار جي نهن ۾ داغ ڏنو هو.

تودستار صديق رضه اينجا سپار- جلال خدارا به سرهوشدار
        مير صاحب حسن علي خان جي شعائي جي ملت جا شرائط اوهان کان ڇو مخفي هوندا؟ ڇا؟ مير صاحب جي شعته جي قوت – وري ڇا؟ اُن جي آڏو سنت جماعت- دو ضدان لاءِ يجتمعان جي ڪهڙي لکجي حڪايت؟ جارڳي سنت جماعت جي وٽن هئي شڪايت 1281 هجري جي خط ۾ ڏسو کڻي. انهي هڪڙي مڪتوب مير صاحب جي جوهت نقل و جهان ٿو ته ڪنهن به معتبر اصحاب ڪبار جي اقرار جي ڪڻس دعوت نه ڪئي هئي. پر هر ڪو منهن ۾ شعة ملت جو قوي ٿيو مير صاحب جي ملت ۾ پذير ٿيو. سني به عليٰ هذا القياس ديا مير کان ٽڪا اڳاڙيندا. پر مخدوم حاجي سرمست الهيٰ عزوجل دعوت ڪيس اصحابن ڪبار جي مڃتا جي.

        ورندو مير صاحب جيڪي لکيو هو سو نقل ته ڏسو ته ڪهڙيءَ طرح سندن خاندان مڃتا ۾ هو.

        پاڻ پنجاه رپيا نذرانو قبول نه ڪيائونس فقط انهي سبب تي ته گڏي ڳالهه لکي اٿس ڀلن کان نه منهن موڙڻ جي ۽ ڇا بياض واري صاحب حڪومت عهد ۾ ڪرم علي خان جي ۾ ڪڻس جواب ۾ شعر لکي موڪليس انهن صاحبن جي مٿان يد الله فوق ايديهم ۽ دستگيري يار غار جي هوند نه چئجي سو ڇو؟ صديقي گهڻائي پر صديق رضه جنهن کي پنهنجو اولاد ڪري ڄاڻي.

نقل مڪتوب مير حسن علي خان صاحب 1281هجري

        مخدوم صاحب مهربان ولايت ڪرامت نشان غواص بحر عرفان دُر دريائي ايقان مخدوم ميان محمد ساکن حويلي سيوستان. خدا تعاليٰ جلشانه خاندان آن ولايت نشان ابدا بر فيض معمور فوموده است لهذا اميد واريم که درين وقت به توصل حضرت سيد قلندر لعل شهباز عليه الرحمه مدام مدد دعا خير و عافيت در حق انجانب ارزان فرمانيد.

        و مبلغ پنجاه روپيه در وجه خيرات نذارانه ارسال خدمت ست اميد که خواهد رسيد و به موجب اشارد آنولايت نشان هر انفاس متبرڪه را خدا تعاليٰ جلشانه مشرف آفريده ست ايجانب ازان روي تاب نيست خاطر ظمانيت دارند.

        از جانب احمد علي سلام دعا بدرجه اجابت رسند.

12     شعبان سنه 1281هه

        جنابا! ايترن اهڃاڻن صاحب ثقات جي هي سلسلو آبائي هن هنڌ جو مضبوط ٿيل پوءِ جي اوهين دانشمند به سچن موتين کي گلا سان غبار آلود ڪندا ته چئو ته ٻي ڪهڙي واٽ سان ڪير به صحيح النسب آهن؟ بيشڪ اڄ ڪو جبرئيلي پُٺ ته ڪو اسرافيلي- صرف وڃي هجت ڪوڙجي پڙهين ۾ تي آهي. انهي وچ ۾ ٿور پڙهيا ڪمذات به ڀائين ته ٻيا به ڪي ائين آهن جيئن اسين ٿيا آهيون هروڀرو پنهنجي ڪوڙ جي ڪروفر ۾ پاڻ کان مٿي ٻين سچن کي به نه ڪندا ويندا پر ائين ته نه آهي. انصاف سان امتياز گهرجي. ٻيا وري اهي جي فرعوني عون تي پاڻ کي لاشريڪ پيا ڄاڻن رڳو پنهنجي ئي سوٽاڻ ۾ ڌيءَ پنهنجي شادي ڪري نٿا ڏين.

        آءٌ چوان ٿو ته سردار عالم صلي الله عليه وسلم کان ۽ سندس اولاد کان ٻيو ڪير مٿانهين جو دم هڻي سگهندو جي  هڻندو ته اهو ڪوڙو دم اٿس تنهن سرور عالم صلي الله عليه وسلم به اهڙن لاشريڪي دم هڻندڙن جي ڏيکارڻ لاءِ رسم سنت پنهنجي مضبوط ڪرڻ جي سبب پنهنجا نور انور پرڻائي ڏنا تڏهن ٻيا ڇا؟ سو سائين! فرق عالم ۾ لاشريڪي جو افعال ٿو ڏيکاري نه ته پنهنجو سلسلو آبائي ڪنهن ثقات سان نٿا ڏيکاري سگهن رڳو دانه انباري جي زور تي ۽ پوشاڪ زري جي تي پاڻ کي اُچي ذات پيا ڄاڻن ۽ چوائين. منهنجي رهنمائن وٽ ٽوپي ڪيمخات، جي غير معتبر آهي ۽ باز ۽ شڪرا ۽ ڪتا ڌاري يا سٿڻ يا مڇ وڏيءَ جي ناز نخري ۽ ٽڪن جي ٿيلهي ساڻ ڪين ته مٽجي صديقي صحيح النسب ٿيا آهن ۽ نڪي بلبل جي ملهه وانگي ٽڪڻو ٽڪڻو جي آواز تي ٻيون بلبلون ڦاسائيندا آهن. قبا اطلس جي بي هنريءَ ۾ ڍڪي ڪين مرشد اٿيل آهن پر هنن کي پوشاڪ الهيٰ هنر سان واصل ڪرائڻ حق عزوجل جهي ڍڪيل آهي ۽ نڪي ويٺڻ گلم غاليچا يا محفه رکي پنهنجو هنر دل ڦرڻ جو وڌائين ٿا. بفحواي حديث شريف

ڪل تقي و نقي آل

        مرڪسي سڏ پيا ڪن هدايت جا ته جهليو ڏندن پنهنجي ۾ مضبوط راه سنت جي ففروا اليالهه – ماسوي الله

ٻيا ڌنڌ اڇڏائيندا ويا خاص مُلا ملئه حقيقي ٿي تابع طريق سنت جا آهن.

خدا وند مراگردان زملايان دينداران
که محڪوم اند براصل حدود الله نگهداران

        شال انهن ملن مان ڪري اُٿاري ۽ انهن ملن جي قدح ملئه جي مان ڪو ڍُڪ  انڃايلن کي پياري ۽ مڇ وڏي ۽ سٿڻ ڊگهي بازن ڪتن جي همراهي جي سونهن واري پيري رڳي دين دلپترائي جي کان مومنن کي رکي ۽ صحت نسبت صديقي وغيره ذات جي اهڙي آڏوڏائي سان شال ڌڻي نه صحيح رکي الفقر فخري جي چٺئي سان سچن جو سچ ڪيل اگهائي آمين.

       جناب مولوي صاحبا!

من نمي گويم که گلشن باش ويا خاشاڪ باش
هر چه باشي باش ليکن از دورنگي دور باش

        يڪدل يڪرنگ ٿيڻ تي اميد ملڻ ياريگاني جي اٿو. آءٌ خام نويس خادم العلماءَ اوهان پارن جو آهيان جيڪا گهٽ وڌ هن نادان جي تحرير تقرير اوهان جي دل کي ناگزير ٿئي ۽ کڻي گستاخي سمجهو ته معافيءَ جو طلبگار آهيان زياده ڇا چوان.

        للهم اجعل آخر ڪلامي

ااِلهَ اِلاالله محمد رسول الله ، صلي الله عليه وآله وصحبه وسلم

        بيد احقر عبادالله الصمد الاڪبر محمد قاسم ولد حاجي پريل غازياڻي ڀٽي حيدرآبادي حال هيڊ ماستر، سڪول ٽنڊو قيصر خان نظاماڻي بتاريخ 22 ربيع الاول سنه 1332 هجري تحرير يافت.

 

ضميمه

سلالته النجبائي العظام نقاوه العظام

        دودمان ڪرام جي عبارت شريف نسبي خانداني جي دلالت اِتانهين جانچڻو مخدوم صاحبن سيوهاڻين جي شام ۾ جا سندين نسبت حضرت مسيح الاولياءَ سان ۽ ان جي نسبت حضرت سلطان المشائخ شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي سان ان جي نست  حضرت صديق اڪبر رضه سان مستقيم ۽ متفق آهي. بخياء العظام اهيئي سڳورا پڌرا هوا ۽ انهيئي دودمان ڪرام جا برگزيده نقي ۽ تقي هوا.

        اِها مٿين عبارت نسب نما سڀ ڪنهن مڪتوبات صدق آيات حضرت خواجه شاه عبدالباقي ابن حضرت خواجه شاه صفي الله صاحب فاروقي سرهندي قدس اسرار هم جي مان ظاهرن شامل ٿي سگهي ٿي حضرت خواجه صاحب حدوده مغراليه قدس سره جي مشاهده مشهود بدستگيريءَ يار غار جي ساڻ جنهن جو حال هن مڪتوب جي متن ۾ مندرج آهي پر حسبي عبارت ڳڻيل خانداني جي شان ۾ مصعد ايوان نه طاق بلند مشڪل ڪشائي مخلوقات مستمند جي شرافت وقت بوقت اڳوڻا بزرگان عاليشان حضرت سرهندي صاحبان قدس اسرار هم قرار داد ڪندا به وصال الحق پهتا ويا.

        هاڻي اوهان ڀلارن مولوي صاحبن مٽارڪن جي مرضي تي محضر- وڻيو ته اهڙن سڳورن اڳوڻن حضرات اهل دين جي کي هروڀرو مڪلف دراز سمجهو، وڻيو ته اهڙن اشرفن اڳوڻن ڀلارن کي بيشڪ اهل دل، اهل يقين ۽ اهل سندمتين ۽ اهل ثقه عالم جا فيض رسان ۽ ڪار ساز سمجهو اگرچه خام نويس هروڀرو نفس امار. سڪاره جي متابعت ۾ نه آهي، نه آهي. پر هڪ چراغ مجلي بمعنيٰ اسرار معنوي اقرار سان اوهان جي ظلمت بغاوت آڏو سامهون ٿو جهلجي جنهن جي چمڪاٽ تي پنهنجي نفس ۾ نهار ڪجو ته اوهان جي بغاوت سڄي يا اهل ارشاد فيض رشاد جي سعادت سچي جي جهان ۾ فيض جا ڏيا ٻاريندي اسهيا هوا.

خاتمه بالخير و السعاده

        وبطلب هدايت الله و هوا الغفور الودود مع الحسن والرقاقت و السلام مڪرم ڳالهه يادگار حال نقل ڪيل مير محمد حسن علي خان ٽالپر اڳوڻو حاڪم سنڌ سنه 1294 هجري مقدس سنه 1877ع ۾ اضعف العباد اٽڪل 105 پروانا عهد مير صاحبن ۽ ڪلهوڙن ۽ پاتشاهن دهلي جي ساڻ بموجب تائيد سيد محمد علي شاه آغائي جي سفارش ۽ تصديق وٺڻ جي غرض تي ڪنه يوروپن آفيسر ڏانهن مير محمد حسن علي خان صاحب جي خدمت ۾ حاضر هو افسوس مير صاحب حضرت صديق اڪبر رضه جو نسب به اشاره صديقي مير فتح علي خان صاحب جي سندن ۾ لکيل ڏسي سڀ پروانا اُمالڪ اُڇلائي پري ڦٽا ڪري ڇڏيا هوا.

        سنت جماعت جي باب ۾ آغائي مٿي ساڻ گفتار ناهنجار ڪڍڻ لڳو هو. سائل صورت محل تي موقوف ڏسي اُتان بيغرض ٿي سڀ پروانه جمع ڪري في الحال خدمت ۾ مير محمد حسين علي خان جي ويخن حاصل ٿيو هو.

        هن ياد ڳالهه جي وچ ۾ ٿو لکجي ته هي ضعيف هاڻوڪي مير نور محمد خان جي پاران مير حسن علي خان جي ملت شئعائي بابت جج صاحب جي ڪورٽ ۾ انهي مٿئي هلت مير حسن علي خان جي ڪري شاهد هو.

        غرض مير حسين علي خان جي حاضر وقت ۾ بدستور شعور تعظم  خاندانن جي ويهي سڀ پروانا ملاحظه ۾ مير صاحب جي آندا. جو هڪ هڪ پروانو پڙهي مير صاحب جهان جي بي اثبات تي خدائي سبحان پڙهي هڪ وڏو تعظيمي پروانو تصديق ساڻ انگريز سرڪار ۾ لکي ڏنو هو، جو ميريويڌر ڪمشنر صاحب بهادر جي پيش هو.

        حاصل ڪلام پروانن ڏسندي جڏهن خلق خدا عزوجل جي اڳوڻن حاڪمن جي مٿڪئي کان خاص آزادي ملي. پاس خاطر مخدوم صاحب سيوهاڻي جي جو پروانو ڏٺائين تڏهن ٿي نقل ڪيائين ته سنڌ ڏيهه ۾ اڳوڻن سرڪارين ۾ خاندان قديم ٽن قسمن جا ڳڻيل هوا.

        پهرئين قسم جا وڏا عزير تراهوي هوا جن جي پاس تي ٻئا ٿي سرڪارين جي تڪليفن کان ڇٽا.

        قسم اول ۾ سي جن کي شان وارين عبارتن زمينون جاگيرون مٿان يومياءِ سڀ ڪا تڪليف مٿن معاف هوي ۽ اهڙن عزيزن خاندانن جي پرپٺ فقط سندن وڪيلن ايلچين جي چوڻ تي سرڪار مان سڀ ڪم جو پورائو پئي ٿيو ٻئي ۽ ٽئي قسم وارا بتدريج هڪ ٻين کان گهٽ عزت ۾ ۽ عبارات ۾.

        مير صاحب تي چيو ته مون سنڌ جي خاندانن پروانا ڏٺا گهڻا آهن. پر هنن پروانن کي ڏسي چئجي ٿو ته سيوهاڻين جو مخدوم خاندان به اڳوڻين سرڪارين ۾ اول درجه جو ڳڻيل ٿو ڏسجي. سڀ اول درجه جي خاندان جون ڪارروايون ٿيون ڏسجن اول درجه جي شانمند عبارتن سان ۽ هنن پروانن جي عبارتن کان وڌ ڪنهن خانداني اهل سنڌ جيڏانهن مير صاحب تي چيو ته اسان نه ڏني.

        سيوهڻ جا پندره اصناف گير به تقسيم زمين تي – 53 رپيا معاف هون به پاس مخدوم صاحب جي ۽ ٻئا سيوهڻ جا سڀ غربا ضعفا ماڻهو ڇيربيگاري حاڪمن جي کان ڇٽل هوا ڪلهورن جي عهد کان.

        جناب مولوي صاحب جيڪي مون مٿي پئي لکيو آهي ته سچن ساٿي ڪورن گهاڻي- علا بلا گردن ملا سو اوهان نسب حسب بابت غيبت ڪئي يا نه لکندڙ جڏهن معتبر خاندان عباسيه زميندار علمدار مريد کان ٻڌو اوهان جي نالي سان تڏهن اجايو مغز کپايو نه ته اوهان صدق جوين جو اصل کان تابع آهيان اول آخر والسلام سنت اسلام.

 اوتعاليٰ حق سمجهائي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org