سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا (جلد-11)

باب:

صفحو :1

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا (جلد-11)

خان محمد جروار

سنڌي ٻولي-اُن جي بقا ۽ بچاءُ

علامه آءِ آءِ قاضي

هن کان اڳ مون برادران وطن جي آڏو،  هن نڪتي کي بار بار پئي دهرايو آهي ته هر ٻيءَ شيءَ وانگر، ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌارو فطرت جي قانونن مطابق عمل ۾ اچي ٿو ۽ ان جي تباهي به فطرت جي قانون مطابق آهي. ان حقيقت لاءِ جيڪڏهن ڪنهن ثابتيءَ جي  ضرورت آهي، ته پوءِ قرآن  حڪيم جا هي الفاظ هڪ قطعي ثبوت سمجهڻ گهرجن ته: لِکُل امة اجل-اذا جاء اجهلم فلايستاخرون ساعته ولا يستقدمون. (هر ڪنهن قوم لاءِ  هڪ مقرر وقت آهي- جڏهن سندن اهو وقت اچي ٿو، تڏهن نڪي هڪ گهڙي دير ڪن ٿيون. نڪي  جلدي).

هر شيءَ جي بقا جو دارومدار ان جي صلاحيت ۽ صالحيت تي آهي- يعني ته هن ڳالهه تي آهي،  ته ان ۾ زندگي پيدا ڪندڙ عمل باقي ڪيتريقدر وڃي رهيو آهي، ڪنهن به شيءِ  ۾ جيڪڏهن تخليق جي قوت باقي نه رهي آهي، ته اها زنده رهي نه ٿي سگهي- بس يا واڌارو آهي يا موت.

زبان جو مسئلو سماجي  شعورتي ٻڌل آهي. ظاهر آهي ته جيستائين هڪ کان زياده ماڻهو نه هوندا، تيستائين گفتگو واري ٻولي پيدا ٿي ڪانه سگهندي. ٻين لفظن ۾ ٻوليءَ جي اسرڻ لاءِ سماج جو هجڻ ضروري آهي؛ فقط هڪ ماڻهوءَ جي وس کان هيءَ ڳالهه ٻاهر آهي: انسان فطري طور سماجي آهي، ڇو ته بغير سماجي اجتماع جي، هو انسان بڻجي نٿو سگهي. بقول قرآن حڪيم خلق الانسان عملھ البيان، اجتماعي زندگيءَ جي هيء فطري تقاضا آهي، ته انسان کي بيان جي قوت هجي، ڇاڪاڻ ته تبادلئه خيالات هڪ لازمي  ضرورت آهي، انهيءَ ڪري ئي قوم جي اجتماعي زندگي ٻوليءَ کي تشڪيل ڏئي ٿي، يا ان کي ترقي وٺائي ٿي، ۽ ان کي  باقي رکي ٿي، جيڪڏهن اهي ضرورتون باقي نٿيون رهن ته ٻوليءَ جو باقي رهڻ به بي معنيٰ آهي.

سنڌي ٻوليءَ کي بهترين ماحول هوندي به گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ورهيه ٺهڻ ۾ لڳا آهن، ان جي تشڪيل ۽ ترقي هڪ اهڙي خطي ۾  ٿي، جو اقتصادي لحاظ کان ٻاهر جو محتاج نه هو ۽ هتي جي زندگيءَ جون ضرورتون خود هتي جي باشندن جي هٿان پوريون ٿي ٿيون. مثلا دنيا جا ڪي ڀاڱا ڪپهه پيدا ڪن ٿا، ڪي چانور پيدا ڪن ٿا، ته ڪي ڪڻڪ اپائين ٿا، مگر سنڌ اهي سڀئي اپائي ٿي، انهيءَ ڪري قديم وقت کان وٺي اقتصادي طور سنڌ پنهنجو پاڻ مڪمل ۽ خود ڪفيل ڀاڱو ٿي رهي آهي.

تقريباً تيرنهن سئو سال اڳ سنڌ کي تهذيب ۽ تمدن جو تڪميلي پيغام ٻاهران پهتو، جنهن کي هن ملڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌايو، ۽ ان جو ڦل حاصل ڪيو. اهو  سڀ ڪجهه سنڌ اهڙي ته خوش اسلوبيءَ سان ڪيو، جنهن جو مثال هتي جو ڪو  ٻيو صوبو پيش  ئي نٿو ڪري سگهي. انهيءَ حاصلات جو نتيجو هڪ طرف لطيف ۽ سندس پيغام آهي، ته ٻئي طرف سنڌيء ٻوليءَ جا هزارين پهاڪا آهن، جن جي رمزن ۽ اشارن ۾ دانائي سمايل آهي ۽ جي دنيا جي مهذب ترين ٻولين جي  پهاڪن جي ڀيٽ ۾ هڪ امتيازي درجو رکن ٿا.

تقيريباً ڏيڍ سئو سال اڳ، سنڌي ٻولي توڙي سنڌ جا باشندا هر خيال کان دنيا ۾ برک هئا. وڏي ۾ وڏا شاعر، عالم، گرامر جا ماهر ۽ لغت نويس هن ننڍڙي ايراضيءَ مان طلب ڪيا ويندا هئا. فقط پوين ڏيڍ سئو سالن ۾ ئي ڌارين جي غلاميءَ سببان، سنڌ جي ترقي ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي اهو  اوهان جي همت ۽ حوصلي تي منحصر آهي، جو اوهان سنڌ جي زندگيءَ ۽ اجتماعي خوبين کي وري نئين سر جياريو ۽ سنڌ جي باشندن ۾ فڪر، عمل ۽ مقصد جي  وحدت ۽ يگانگي پيدا ڪريو، ڇو ته انهيءَ وحدت ۽ يگانگيءَ کانسواءِ ڪنهن به قوم يا ٻوليءَ جو اسرڻ محال آهي، سنڌي ٻوليءَ جي بقاءَ ۽ بچاءَ واسطي ٻين  اڳيان هٿ ڊگهيرڻ حماقت آهي، ڀائرو!  سنڌي ٻولي فقط ايستائين زنده  رهي سگهي ٿي، جيستائين اوهين زنده آهيو، ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهيو، حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوهان جي طفيل زنده ناهي، مگر اهي جي ٻه سئو ورهيه اڳ جيئرا هئا تن خاطر پئي پساهه کڻي. سنڌ انهن جي نيڪين سببان تڳي رهي آهي ۽ نه اسان جي عملن ڪري. جڏهن اوهان  پنهنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ  ڇڏي ڏيندا ۽ پنهنجي فڪر ۽ تخليقي قوتن ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ جي بدران محض جامد جسم بڻجي ويندا، تڏهن فطرت جي قانون مطابق نه توهين رهندا، نه توهان جي ٻولي، ڪو به سياستدان يا داناءُ انهيءَ حالت ۾ اوهان کي جياري نه سگهندو ۽ ازلي آواز صدا ڏيندو ته ظالم قوم کي پري ڪيو وڃي. فبعداللقوم الظالمين!

شال ڌڻي تعاليٰ اهڙو  ڏينهن نه ڏيکاري.آمين

(مهراڻ-2/1965ع)

سنڌ ۽ سنڌي زبان

مولانا دين محمد صاحب وفائي مرحوم

سنڌي ٻولي، پنهنجي جهونائيءَ ۽ آڳاٽي هجڻ ڪري، پنهنجي مٿي هڪ اهڙي آمٽ ٻولي آهي، جنهن جي پاسي ۾ هندستان (۽ پاڪستان) جي ڪا به ٻولي بيهي نٿي سگهي. عربي مسلمانن جي ڪاهن کان اڳ سنڌي زبان جو ڪهڙو روپ هو، ۽ ڪيئن ڳالهائي ويندي هئي، ان جي کوجنا ڪرڻ ۽ اپٽار ۾ وڃڻ ڪنهن ٻي  صحبت تي اڇلائي هت هي ڏيکارڻو آهي ته هاڻوڪي سنڌي جا ڳالهائي ٻولهائي وڃي ٿي، تنهن جي ڄمار به هڪ هزار ورهين کان وڌيڪ آهي. پوءِ کڻي ان ۾ وقتن ۽ حالتن جي ايرڦير ڪري ڪجهه ڦيرو گهيرو آيو به هجي، عربن جي ڪاهن ۽ ان کان پوءِ غزنوي ۽ مغلن جي راڄن ۾ سنڌيءَ ڪي عربي ۽ فارسي  لفظ به جهٽي ورتا، مگر ان هوندي به سنڌيءَ جو خزانو پنهنجي جهونائيءَ قدامت جي ڪري، ڪو اهڙو کُٽل ڪو نه هو. جهڙو هاڻي اسان جا نوجوان سمجهي ويٺا آهن. هڪ نج ۽ پنهنجي مٿي پيرن تي بيٺل زبان کي ريخته بنائڻ جون رٿون رٿي رهيا آهن.

پاڪستان بنجڻ کان پوءِ هيءَ چرپر هلي رهي آهي ته سنڌي زبان کي بچايو وڃي. ان جو مقصد ڪڍيو وڃي ٿو ته پاڪستان مان جيڪي هندستاني حضرات، هت حڪمراني ۽ راڄ هلائڻ جي ارادي سان بران جمان ٿيا آهن، تن کي سنڌي ٻوليءَ جي نه ٻوجهه آهي، ۽ نه ان تائين پهچ ۽ پرجهه، جنهن ڪري لازمي طرح هن کي ٺڪرائيندا ۽ سنڌيءَ جي جاءِ تي اڙدو زبان کي، جا پنهنجي ديس مان نيڪالي کائي، چڪي آهي، تنهنجو بچاءُ ڳوليندا ۽ رک رکاءُ ڪندا رهندا(1)

ترڪيءَ 1918ع ۾ انقلاب کان پوءِ، ترڪي ٻوليءَ جي سڌاري لاءِ جيڪو ڪم هٿ ۾ کنيو، تنهن ۾ سڀ کان پهريائين، هنن ترڪي ٻوليءَ جي هڪ لغت جوڙائي، ان کان پوءِ  ڏٺائون ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌارين زبانن جا ڪيترا لفظ آهن، ۽ انهن جي معنيٰ وارا  لفظ اسان جي لغت ۾ لڀن ٿا يا نه؟ ترڪيءَ ۾ جيڪي ساڳيا هم معنيٰ لفظ کين ملندا ويا،اهي قائم رکندي، باقي ڌارين ٻولين جا لفظ ڪڍندا ويا. پر جڏهن کين اهڙا لفظ نه ملي سگهيا، تڏهن ساڳيا عربي، فارسي لفظ، ائين جو ائين قائم رکيائون. ان ريت ترڪي ٻوليءَ کي سوڌي صفا ڪري، هڪ علمي زبان بڻائي ورتائون.

رضا شاهه پهلويءَ جي راڄ ۾ فارسيءَ کي سوڌڻ جي مهم شروع ڪئي وئي، ته عربي يا ترڪي لفظن کي سوڌڻ تي مجبور ٿيا. هن وقت، هنديءَ جي سوڌ به ساڳيءَ صورت ۾ هندوستان وارا ڪري رهيا آهن.

سنڌي زبان جي سوڌڻ لاءِ به ساڳي سڌريل قومن واري واٽ ورتي ويندي ته ان ريت نه فقط ٻوليءَ ۾ سڌارو ٿيندو، پر ايڏو وڏو واڌارو به ٿيندو، جهڙو ٻين جاندار قومن جون زندهه زبانون ڪري رهيون آهن.

اسان جي سنڌي مسلمانن گذريل پنجاهه ورهين ۾ جيڪا پنهنجي مادريءَ ٻوليءَ جي خدمت يا چاڪري ڪئي آهي، اها به سامهون رکو. وري اسان جي هندو وطني ڀائرن جيڪو سنڌيءَ جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، سو به سامهون رکو! ته ٻنهين ڌرين ۾ ايڏو وڇوٽو نظر ايندو، جيڏو مسلمانن ۽ هندن جي شاهوڪاريءَ ۽ شهري زندگيءَ ۾ هوندو هو. پروفيسر ڀپرومل مهر چند، ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، ۽ مسٽر ڄيٺمل پرسرام جا ڪتاب ڏسو، سندن سنڌي ڏسو، سنڌي هندن جي شاعري ڏسو! اوهان سنڌي ساهتيه يا ادب جي لحاظ سان ڏسو! ته اوهان کي اچرج لڳندو ته هي ماڻهو، سنڌيءَ جي واڌاري لاءِ ڪيڏو نه قدم کڻي رهيا آهن.

اسان جي سنڌي بزرگ مرزا قليچ بيگ، يا سنڌ جي اديب ۽ عالم مير عبدالحسين، سانگيءَ ۽ شمس الدين بلبل ۽ ٻين جي تصنيفن جي ڇپائڻ جي خدمت به هندن ادا ڪئي. گويا سنڌ ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ جي واڌاري واري ڪم جو وڏو ڀاڱو هندن جي هٿان ادا ٿي چڪو آهي، مسلمان، به ڪجهه ڪندا رهيا آهن، مگر اهو ڄڻ ڪنهن ليکي ۾ آڻي ئي نٿو  سگهجي.

هندن ۾ ڪي اهڙا به تعصبي هئا، جن سنڌيءَ جي گردن تي سنسڪرت جي اڻوڻندڙ اکرن جون ڀريون رکي، ساڳيءَ ريت گلو گهٽڻ گهريو ٿي، جهڙيءَ ريت اسان جا مسلمان نوجوان، عربيءَ جي اڙانگن اکرن جي مٿس مارا ماري ڪري رهيا هئا. مگر هندن پاران اهو دور ٿورو وقت هليو. ڪن خاص اصلاحي هندي الفاظن کان سواءِ، هو صاف سنڌي لکڻ لڳا. خاص طرح سرڪار پاران سنڌي زبان جي نگرانيءَ لاءِ جيڪو بورڊ، موجوده سنڌي ادبي بورڊ) برپا ڪيو ويو، تنهن ۾ جيترن به هندو  مصنفن جا ڪتاب اچڻ لڳا، سي هندي اکرن،  جي اکاڙي کان آجا ٿي آيا  ٿي.

سنڌيءَ کي بچايو، اهو فقط نعرو ئي نعرو رهجي ويندو، جيستائين، سنڌي مسلمانن  پاران عملي رنگ ۾ ڪنهن ڏاڍي وڏي ڪارج ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي نه ويندي. هن  ڪم لاءِ وڏن جاکوڙن ۽ جهد جي گهرج آهي، جيڪڏهن بنگالي مسلمان، پنهنجي بنگالي ٻوليءَ کي نٿو ڇڏي، بلڪه ان جي بچاءَ لاءِ سينٽرل حڪومت سان به جڌ، جوٽيون بيٺو آهي(1) . جيڪڏهن پنجابي مسلمان پنهنجي ان ٻوليءَ کي جيئرو رکڻ گهري ٿو، جا لکپڙهه ۾ ئي ڪا نه ٿي اچي ته پوءِ ڪهڙو ڪارڻ آهي، ته سنڌ جو مسلمان، پنهنجي جهونيءَ ٻوليءَ جي ٻيڙي تارڻ لاءِ ٻانهون کنجي نه بيهي!

سنڌ جو هندو جو ورهان ورهيه هزارن جي انداز ۾ ڪتاب ڇپائي، سنڌيءَ ۾ واڌارو ڪندو هو. ان سان سرڪار به ٻانهن ٻيلي ڪا نه ڪئي، پر هن قوم جو پنهنجي ٻوليءَ سان پريم هو ۽ پيار هو، جنهن ڪري ڪو رسالو يا ڪتاب يا ناول نڪرندو مس هو ته هٿون هٿ کڄي ويندو هو.

جيڪڏهن اسان جا ڳڀرو مسلمان نوڪرين تان آسرو لاهي، هندو نوجوانن وانگي هن علمي ڪم کي لڳي وڃن ته سنڌ کان ٻاهريان تيرهن لک سنڌي هندو به سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ  تيار ٿي ويندا. سنڌ جو هندو سنڌ کان ٻاهر آهي، پر وري به هو اُتي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت کي لڳو پيو آهي، هو اڄ به سنڌ کي ياد ڪري چئي رهيو آهي ته سنڌي جي ساڻيهه، کهه کٿوري

(ڀانئيان، شاهه) سنڌ ساڻيهه جي مِٽيءَ چَپٽيءَ کي به ڀٽائي گهوٽ، کٿوريءَ (مشڪ) کان به  مٿي سمجهي رهيو آهي، سنڌي مسلمانن، لاءِ شاهه جي هن شعر ۾ ڪو سبق ڪو نه آهي ڇا! (1)

سنڌي مسلمان پنهنجي وطن، سان گذريل سالن ۾ جيڪو برو برتاءُ ڪيو آهي، تنهن جو ڏنڊ ڀوڳي رهيو آهي. سنڌي، ويچارو هڪ حيرت واري باند ۾ باندي آهي. هاڻي جڏهن ڪا چٽي، ڀريندو تڏهن هن لوڙائو، مان لنگهي پار پوندو.!(2)

سنڌي مسلمان کي هن وقت شاهه ڀٽائيءَ کي پنهنجو اڳواڻ بڻائي ڪم ڪرڻو آهي جنهن کان پوءِ هو وڃي ڪنهن ڏَني ڪَني لڳندو.

شاهه جو ارشاد آهي:

الله ايِئَن، مَ هوءِ، جِيئنَ آءٌ مَران، بَندِ ۾،

جُسو زَنجيِرَن ۾ راتو ڏِينهان روءِ،

پَيرينءَ وَڃان لَوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِم، ڏِينهَڙا!

-

واجهائي وَطَن کي، ساري ساههُ ڏِيان،

هي سِرُ ساڻيهه سامُهُون، مُنهنجو نِج مِيان،

مُقامِياڻي مارُوئين، وَڃِي ٿَر ٿِيان،

مُيائِي جيِان، جي وڃي مَڙُهه مَلير ۾.

 (مهراڻ 4 1964ع)

سنڌي زبان

شيخ محمد اسماعيل

لغت ڊپارٽمنٽ، سنڌي ادبي بورڊ

ٻوليءَ متعلق لوچيندڙن ۾ پهريون ئي شخص پنڊت، پاڻني، آهي، جنهن اڄ کان تقريباً ٽي هزار ورهيه اڳ سنسڪرت جي صرف نحو تي هڪ مستند ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ سنسڪرت  جا ڌاتو پڻ ڏنل آهن. ان بعد ٻوليءَ جي تاريخ ۾ عيسوي سن يارهين صدي ۽ ٻارهين صديءَ ۾ .ڌنپال آچاريه ۽ هيمچندر آچاريه جون  تصنيفون پايلڇي، ۽ ديسي نام مالا قابل ذڪر آهن. انهن صاحبن هندستان ۽ سنڌ جي ٻولين لاءِ جا کوجنا ڪئي آهي، سا نه فقط هاڻوڪين ڏيهي ٻولين جي رهنمائي ڪري ٿي پر مُحققِين ۽ مُستَشرَقين جي تحقيق لاءِ مشعل راهه ثابت ٿي آهي. جڏهن يوروپي لوڪ، واپاريءَ ۽ فاتح جي صورت ۾ هندستان ۾ گهڙيا، تڏهن انهن هندستان جي رسم و رواج،  تهذيب ۽ تمدن سان گڏ هتي جي ٻولين، خصوصن سنسڪرت جو به مطالع ڪيو، بعد ۾ بالاتفاق هندستان جي ٻولين کي آرين زبان جي هڪ شاخ انڊو يوروپين ٻولين جي نالي سان سڏيو ۽ وري ڪن محققن ته دنيا جي قديم زبان عبراني هجڻ واري نظريه جي ترديد ڪري سنسڪرت کي ئي تمام زبانن جي ماءُ سڏيو.

انڊو يورپين ٻوليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اصليت بنياد ۽ درجي متعلق هن وقت تائين هر هڪ مؤرخ، محقق ۽ علم السان جي ڄاڻوءَ جو جدا جدا رايو آهي، ڪو صاحب هنديءَ جي شاخ سمجهي ٿو ته ڪو صاحب، پالي يا پراڪرت، جي بگڙيل صورت مڃائڻ لاءِ ڪوشان آهي، ته ڪو وري لهندا، ٻوليءَ جي هڪ شاخ تسليم ڪرائڻ تي بَضِد آهي، لٿي پٿي اپ ڀرنش يعني کريل ٻوليءَ جي نالي قبول ڪرائڻ لاءِ به جتن ڪيا اٿن. آقي باقي رهيل کهيل ڪسر شاهه ڀٽائي جي هڪ شارح پوري ڪري ڇڏي. هن صاحب ايترو سو واضح ڪو نه ڪيو آهي ته سنڌي فلاڻي يا فلاڻي زبان جي شاخ آهي، پر شاهه جي رسالي جي شرح لکندي، بيتن ۾ ڪم آيل لفظن جا بنياد يا ڌاتو هندستان جي ڪن ادبي يا غير ادبي ٻولين جهڙوڪ پنجابي ملتاني، بلوچي، گجراتي، مراٺي، سوراشٽري، ڪڇي، هندي، پوربي وغيره مان وٺي پس پرده اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جملي الفاظ آسپاس جي انهن ٻولين مان ورتا ويا آهن، ۽ بذات خود سنڌي ڪا به بنيادي حيثيت نٿي رکي. بهرحال اڪثريت انهن صاحبن جي آهي، جي سنڌيءَ جو بنياد سنسڪرت مان ۽ ٻوليءَ جي عمر وڌ ۾ وڌ ست سؤ ورهيه، يعني ٻارهين صديءَ جي پيدائش يقيني طور ٺهرائين ٿا.

انهيءَ تڪرار جو خاص سبب اهو آهي جو، جويو صاحبهنديءَ کان متاثر آهي، انهي سنڌيءَ ۾ هندي لفظن جي آميزش ڏسي فتويٰ ڏيئي ڇڏي ته سنڌي، هنديءَ جي دختر آهي، وري جنهن ماهر لسان سنڪرت جو اڀياس ڪيو آهي، تنهن هروڀرو به سنڌي لفظ کي ڀڃي ٽوڙي وڃي سنسڪرت سان ملائي يقين سان چئي ڇڏيو ته سنڌي ٻوليءَ جو بنياد سنسڪرت آهي. پالي ۽ پراڪرت جي کوجنا جي شوقينن وري انهن ٻولين جي شاخ هجڻ جو يقين ڪري ڇڏيو پر مون کي انهيءَ رقيبانه تڪرار ۾ اصليت جو هڪ الڳ پهلو نظر اچي رهيو آهي، تاريخ عالم جا اوراق بار بار چئي رهيا آهن، ته ٻوليءَ جي نشو و نما، تغير ۽ تبدل ائين نه ٿيدو آهي، جيئن سنڌيءَ لاءِ سمجهيو ويو آهي. فارسيءَ ۾  سنسڪرت ٻوليءَ جا لفظ ڪثرت سان  آهن، انهيءَ ڪري ائين ڪو نه چئبو ته فارسي سنسڪرت جي بگڙيل صورت آهي، يا اڙدوءَ ۾ عربي ۽ انگريزي ٻولين جا لفظ ججهي انداز ۾ آهن، انهيءَ ڪري اڙدو، عربيءَ يا انگريزي ٻولين جي بگڙيل صورت آهي. اهو مسئلو تڏهن حل ٿيندو جڏهن اسين تاريخ جي روشنيءَ ۾ مختلف نظرين کي جاچيون.

هي ڳالهه ته بلڪل ظاهر آهي، ته اڄ کان چار هزار ورهيه اڳ آريا وچ ايشيا کان واديءَ- سنڌ ۾ پهتا. هڪ هزار سالن جي رهائش بعد، انهنجا ڪي قبيلا گنگا نديءَ ڏانهن وڌيا ۽ اتي مستقل رهائش اختيار ڪري ويٺا. هي اهو زمانو هو جنهن ۾ گنگانديءَ جي ڪپن تي رهندڙ آرين پنهنجي مذهبي شلوڪن کي وڻن جي پنن، کلن ۽ ڇوڏن تي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيو. سڀ کان اول سنسڪرت زبان جو مرتب ڪتاب رگ ويد جي نالي سان مشهور آهي ۽ باقي ويد ان کان گهڻو عرصو پوءِ  لکيا ويا. جنهن زماني ۾ ويد لکيا ويا ۽ جيستائين ويدن واري ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي هئي، ان زماني کي ويدن وارو زمانو ۽ ويدن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ کي ويدڪ ٻولي سڏيو وڃي ٿو. ويدڪ ٻوليءَ کان پوءِ سنسڪرت جو دور آيو.اَسان يا صاف ڪيل ويدڪ ٻوليءَ کي سنسڪرت چيو ويو.

سنسڪرتجا ٽي ٽي دور آهن. پهريون دور، ٻيو دور ۽ ٽيون دور، انهن ٽنهي دورن جي سنسڪرت زبان ۾ ايترو فرق آهي،جيترو وچولي جي سنڌيءَ ۽ ڪوهستانجي سنڌيءَ ۾، سنسڪرت جي دور کان پوءِ پالي زبان جو اوج ۽ پڇاڙيءَ ۾ پراڪرت ٻوليون آهن. ڏٺو ويو ته سنسڪرت کان اڳ ۾ پڻ هڪ ٻولي ويدڪ ٻوليءَ نالي هندستان ۾ موجود آهي، تنهنڪري سنسڪرت کي ايڏي تقديس ۽ تعظيم ڏيڻ اجائي آهي. پر سنسڪرت زبان جو مشهور محقق پنڊت پاڻني ته اڃا به اڳتي وک وڌائي ويو آهي.هو صاحب سنسڪرت لفظ جا ڌاتو يا بنياد  ڳوليندي ڪيترن لفظن جا بنياد ڇڏي ٿو ڏئي ۽ چوي ٿو ته اهي لفظ خود ويدن ۾ ئي ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ مان آيا آهن۽ اها ٻولي سواءِ هتي جي قديم ٻوليءَ جي  ٻي ٿي نٿي سگهي جا آرين جي آمد کان اڳ ۾ ئي هتي رائج هئي. جنهن جي شاهدي موهن جي دڙي يا هڙپا جي دڙي جا ڪتبا آهن. ياد رهي ته موهن جي دڙي مان ظاهر ٿيل تهذيب کان ٻه هزار ورهيه پوءِ آريه واديءَ سنڌ ۾ داخل ٿيا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي آرين جي آمد کان اڳ هجڻ بابت هڪ انگريزي محقق گورڊن چائلڊ، ثابت ڪيو آهي ته وادي سنڌ شروع کان ئي جغرافيائي، نسلي، لساني، تهذيبي ۽ ثقافتي اعتبار کان هڪ مستقل وحدت رهي آهي، ۽ واديءَ- سنڌ جي تهذيب عراق ۽ مصر جي تهذيب کان زياده ترقي يافته هئي، هن ئي واديءَ کي اهو شرف حاصل آهي جو هن دنيا جي پهرين ۽ قديم تهذيب کي جنم ڏنو آهي. سر جان مارشل جي راءِ آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب، هڙپا کان دجله، فرات ۽ نيل تائين پکڙيل هئي مگر اهو فيصلو ڪرڻ دشوار آهي ته انهن مان ڪهڙي واديءَ جي تهذيب اڳ ۾ ِآهي ۽ ڪهڙي پوءِ؛  ليڪن ايترو واضح آهي ته سنڌ جي تهذيب کي اول هجڻ جو فخر ضرور حاصل آهي. حاصل ڪلام ته اهڙيون هزارين شاهديون آهن جن مان ثابت ٿئي ٿو، ته آرين جي آمد کان اڳ ۾ ئي سنڌ جي قديم تهذيب نقطه ء عروج تي هئي ۽ سندن ٻوليءَ، ثقافت ۽ تهذيب کي امتيازي خصوصيت حاصل هئي.اها به حقيقت آهي ته هر شيءِ جي ابتدائي صورت، ڪجهه نه ڪجهه هر وقت ۽ اخير زماني تائين، چاهي ڪهڙي به رنگ ۾ هجي، موود نظر اچي ٿي، ۽ هرفن ۽ اثر جو ڪو نه ڪو مثال دنيا ۾ موجود ضرور آهي. يعني هن دنيا ۾ شايد اهڙي ڪا شيءَ نه ملي، جنهن جي اصليت ۽ ارتقاء متعلق ڪو مواد نه ملي سگهي. دنيا جي هر تهذيب۽ هر ٻولي ڪي قدر پنهنجي اصلوڪي رنگ ڍنگ ۽ ڪجهه بدليل نموني ۾ اسان جي اڳيان موجود آهي.


(1) مرحوم مولانا وفائيءَ جي پيشنگوئي حرف به حرف پوري ٿي. مگر وري به الله ڀلو ڪري، انهن  باشعور اديبن ۽ عالمن جو، جن جي جدوجهد ڪامياب ٿي ۽ سنڌي زبان کي ڪنهن حد تائين، تعليمي حق دو باره مليا آهن. (گرامي)

(1) بنگالين، پنهنجي بنگله کي سرڪاري زبان مڃارائي، اڙدوءَ جهڙا مساوي حق حاصل ڪيا آهن.

(1)  ان طرح هندوستان جي سنڌي هندن،وڏي جدوجهد، احتجاج، ڪيسن ۽ جهڳڙن کان پوءِ وڃي هنڌي زبان کي هندوستاني ٻولين جي زندهه ٻولين ۾ مڃارايو آهي.اڄ اتي سنڌي زبان جا رسالا آهن. هزارين ڪتاب ڇپيا آهن ۽ نصاب ۾ داخل آهن. گرامي

(2) مولانا وفائي مرحوم جي هيءَ معنيٰ خيز پيشنگوئي به پوري ٿي سنڌي مسلمان پنهنجي وطن سان جيڪو برو برتاءُ ڪيو آهي. تنهن جو نه فقط ڏنڊ پيو ڏئي پر ڍڳي جي ملهه کان ڀُنگ جي رقم وڃي ٿي واڌ کائيندي! اُٺ ته تَري، پر جي پُڇ تري وارو قصو آهي ۽ اڄڪلهه بقول مولانا وفائيءَ مرحوم جي:

سنڌي ويچارو هڪ حيرت، واري باند ۾ باندي آهي

ڀلا ان مان جند ڇٽڻ جو ڪو  چارو؟ مولانا ٿو فرمائي:

هاڻي جڏهن ڪا چٽي ڀريندو تڏهن لوڙائو مان لنگهي پار پوندو آهي.

مولانا جي اها پيشنگوئي به سورهن آنا صحيح نڪتي، فرق اهو ته، چَٽيءَ ڀرڻ ۾ ته اگر نگر ڏئڻ ۾ ڪنهن به گهٽايو ڪونه آهي،پر مورڳو سَڳُ ٿو وڃينِ! هت ته کٿو به ويو ته آڻاڻي به وئي! وارو حساب پيو هلي، الله شال رحم ڪري.

هي جرم ضعيفي کي سزا مرگ مفاجات

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com