سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا جلد-11

باب: --

صفحو :28

محمد پرويش شاھين اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:

ھن علائقي ۾ رھندڙ قبيلا،  آرين جي اچڻ کان اڳ، ھت آباد ھئا، ھتي جا قديم رھاڪو، اصل ۾ نوراني نسل سان واسطو رکندا ھئا. داردي زبان جا، سنڌي، لھندا، پنجابي ۽ انهن خطن ۾  رائج ٻين زبانن تي به چٽا اثر محسوس ٿين ٿا، بلڪه ائين به چئي سگھجي ٿو ته  داردي زبان، انهن ٻولين (سنڌي، لھندا ۽ پنجابيءَ) جي ماءُ آھي يا ڀيڻ آھي (16)

محمد پرويش شاھين اڃا به  اڳتي لکي ٿو ته :

”دارد لفظ، آريائي ٻولين جو لفظ نه آھي، آرين ته غير- آريائي نسل جي ماڻھن کي ”داسو يعني ”دشمن يا غلام سڏيو. ھن وقت به انهن علائقن ۾ اھڙا نالا ملن ٿا، جيڪي آرين جي ھن خطي ۾ اچڻ کان اڳ، يعني غير- آريائي ھجڻ ۽ آرين جي ھتي جي مقامي ماڻھن کان نفرت جو ثبوت ڏين ٿا. مثال طور: ڪند، ڪنديا، پئٽن، ڪامي، ڪالا ۽ ڪرنگ وغيره.

اھڙيءَ طرح ڪوھستاني زبانن جا ھي لفظ به غير- آريائي  ٻولين جي نسل سان واسطو رکن ٿا، جيئن: چاٽي، ڊانگ، دڙي، اوڊي، لَپَ، لپڪي، کُر، کٽون، پيڙھي، ڊويا، کُري، مُندري ۽ ڪَڙي، ڪڙ، ڌنڌو، سوٽو، ٿالھي ۽ اڱار وغيره لفظ، غير- آريائي ھجڻ لاءِ دليل آھن. انهن ۽ اھڙين ٻين لفظن جو ذخيرو ثابت ٿو ڪري ته انهن زبانن جو بنيادي تعلق ڪنهن غير- آريائي ٻوليءَ سان آھي. اھا ٻولي آريائي ٻولين کان اڳ جي  مقامي ٻولي آھي ۽ ھن ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ نسلي طور آريا نه آھن، پر دراوڙ آھن.

ٻين لفظن ۾ ھيئن چئبو ته داردي ٻوليون ۽ اُنهن جا ڳالھائيندڙ، ھن علائقي ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ آباد ھوندا ھئا ۽ انهن قومن ۽ قبيلن جو آريائي  قبيلن سان ڪو به واسطو  ڪونهي. (17)

پرويش شاھين صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”اھي داردي قبيلا دراصل دراوڙ آھن، ۽ تورالي قومن سان نسبت رکن ٿا، جنهن ۾ ڌار ڌار قبيلا شامل ھئا. اھي قبيلا اڄ کان ڇهه ھزار سال اڳ، سنڌو- ماٿر (موھن جو دڙو ۽ ھڙپا) ۽ صوبه سرحد جي گنڌارا تهذيب جا امين ھئا، انهن مان ڪي بلوچستان ۾، ڪي ديره غازي خان ۾ ، ڪي ڪشمير ۾، ڪي سنڌو- ڪوھستان ۾، ته ڪي گلگت، دير، باجوڙ ۽ سوات- ڪوھستان ۾ وڃي آباد ٿيا، پر اُن جي باوجود سندن زبان جي باقيات اڄ به سنڌي، پنجابي ۽ لھندا کانسواءِ جعفرڪي ۽ سرائڪيءَ ۾ ملي ٿي. (18)

پرويش شاھين جي راءِ موجب:

”ڪوھستان علائقي جا ماڻھو، ٽن لساني گروھن سان واسطو رکن ٿا، اھي لساني گروھ  ھي آھن:

(1) ڪوھستاني گروھ، جيڪو گاروي يا گاوري گروھ واريون ٻوليون ڳالھائيندو آھي.

(2)  قاشقاري گروھ، جيڪو قاشقاري ٻولي ڳالھائيندو آھي.

(3) گوجر گروھ، جيڪو گوجري زبان ڳالھائيندو آھي.

جيتوڻيڪ انهن وادين ۾ ڪي ڳوٺ اھڙا به آھن جن ۾ انهن ٽنهي گروھن واريون ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھو رھندا آھن، ليڪن انهن کي سندن لساني گروھن ۾ شامل ڪيو ويندو آھي، ائين به ڏٺو ويو آھي ته پشتو، انهن ٽنهي نسلن يا لساني گروھن وارن ماڻھن جي رابطي جي زبان به آھي. (19)

محترم پرويش شاھين جي انهيءَ تفصيلي بيان مان اھو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي. لھندا ڪوھستاني ٻولين ۾ مشابهت جو وڏي ۾ وڏو سبب ھيءُ آھي جو داردستان جون ڪوھستاني ٻوليون سنڌو- ماٿري جي قديم ۽ اصلوڪي مقامي ٻوليءَ سان واسطو رکن ٿيون. انهن ٻولين ۾ جيڪا مشابهت آھي، تنهن مان اھو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌو- ماٿر جي قديم سئنڌوئي ٻوليءَ جي پھچ ۽ پکيڙ گنڌارا تهذيب واري خطي کي شامل ڪندي، اڳتي اولهه ۽ اُتر- اولهه طرف سنڌو- ڪوھستان، سوات- ڪوھستان، بلڪه پنجڪوره ڪوھستان تائين پکڙيل ھئي، جنهن کي ڌار ڌار قبيلا ڳالھائيندا ھئا ۽ ھر  قبيلي جي ٻولي  ڌار آھي.

محترم پرويش شاھين رايو ڏنو آھي ته سنڌي، پنجابي، لھندا، سرائيڪي ۽ جعفرڪيءَ ۾ انهن ڪوھستاني، ٻولين جي باقيات موجود آھي، شاھين صاحب پنهنجي ڪتاب (ڪالام ڪوھستان- لوگ اور زبان) ۾ صفحي 203 تي اھا به دعويٰ ٿو ڪري ته: ”داردي زبان، سنڌي لھندا ۽ پنجابيءَ جي ماءُ يا ڀيڻ آھي، پر دراصل چوڻ ھيئن گھرجي ته: سنڌي، لھند، سرائيڪي، جعفرڪي، پنجابي ۽ داردي، سنڌو- ماٿر جي قديم ۽ بنيادي زبان سئنڌوئي زبان، جون باقيات، يعني ”شاخون آھن. سنڌو- ماٿري جي وڏي علائقي يعني اُتر ۾ ڪشمير تائين، اُتر- اولهه ۾ داردستان واري ڪوھستاني علائقي تائين اولهه ۽ ڏکڻ- اولهه ۾ بلوچستان ۽ اُن کان اولهه ۾ ايران جي خوزستان علائقي ۾، ڏکڻ- اولهه ۾ ڪرمان، جي جدگال  خطي، تائين، ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ تائين، اوڀر ۾ راجستاني رياستون ۽ گجرات جي مھا نديءَ جي  ساڄي ڪناري واري علائقي تائين، ڏکڻ- اوڀر ۾ ڪڇ جون سرحدون ٽپي، ڪاٺياواڙ ۽ سؤراشٽر جي ڇيڙي ۾ راس ڪامورن تائين، اُتر- اوڀر ۾ ھرياڻا رياست، جي حدن تائين پکڙيل ھئي.سئنڌوئي ٻوليءَ، جي انهيءَ پھچ ۽ پکيڙ کي سامھون رکي، سرگريئرسن ۽ مارگيسٽيئرن جي ٺاھيل نقشي (ٻولين جي)، جيڪو اڳ ۾ ڏنو  ويو آھي، ۾ تبديل ڪرڻي پوندي ۽ داردي گروھ وارين ٻولين، کي سئنڌوئي، ٻوليءَ جي ھڪ شاخ/ گروھ قبول ڪري، سنڌو- ماٿر جي ٻولين جو نقشو نئين سر ٺاھيو ويو آھي. ھن نقشي جي مدد سان اھو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي ته سنڌو- ڪوھستان، ، ’سوات- ڪوھستان‘، ’دير- ڪوھستان‘، ’پنجڪوره ڪوھستان‘ ۽ ’مالاڪنڊ ڪوھستان‘، جون اڪثر زبانون ’ڪوھستاني – گروھ‘ وارين ٻولين سان واسطو رکن ٿيون، جيڪي داردي خاندان جون شاخون آھن. واديءَ – سنڌ جي ٻولين جو اھو نقشو ھيٺ شامل ڪجي ٿو:

مغلن جي دور ۾ ڀارت جي وسطي ۽ اُتر- اوڀر وارين رياستن کي ملائي مغليه سلطنت جو نئون صوبو پنجاب ٺاھيو ويو ۽ اُنهن رياستن ۾ رائج ٻولين، بانگڙو، ھرياڻا جي ٻولي) دو- آبي رچنا (رچنا دو- آبي ۽ سيالڪوٽ جي ٻولي)، ڀٽياليءَ، لميءَ، پواديءَ، ڪڊياليءَ، مالوئيءَ، ماجھيءَ ۽ راٺيءَ کي ملائي،  ”پنجابي ٻولي جو نالو ڏنو ويو آھي.

اھي سڀ ٻوليون پوءِ پنجابي زبان جا لھجا سڏجڻ لڳيون، بلڪه ھاڻ ته ھندڪو، پوٺوھاري، شاھ پوريءَ، ڌنيءَ، گھيبيءَ ۽ لھندي شاخ جي ٻين لھجن کي به پنجابي ٻوليءَ ۾ شامل ڪيو ويندو آھي، پر ان موضوع تي ھن مقالي ۾ بحث نه ڪيو ويو آھي.

5- ماھرن جو خيال آھي ته سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن ۽ ڪوھستان وارن علائقن ۾، اُتر- اولهه طرف چترال ۽ اُتر طرف ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اھڙيون ٻوليون ڳالھايون وينديون آھن، جن جو  داردي خاندان وارين ٻولين يا ٻين گروھ وارين ٻولين سان ڪو به واسطو ڪونهي، پر انهن ٻولين جو واسطو، ھڪ لحاظ سان، سڌو سنئون، سنڌي  ۽ لھندي گروھ وارين ٻولين سان آھي. سنڌي ۽ لھندي گروھ واريون ٻوليون، جيئن سنڌي ٻوليءَ جو  بُڻ بنياد، ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آھي، ته غير- آريائي ٻوليون آھن، جيڪي سنڌو- ماٿر ۾، آرين جي اچڻ کان ڪافي  زمانو اڳ، سنڌو – ماٿر ۾، ماڻھن جي روزمره واريءَ زندگيءَ ۾ رائج ھيون، انهن ٻولين جون  پاڙون، سنڌو- ماٿر واريءَ تهذيب ۾ کُتل آھن.  جنهن جي باري ۾ سنڌي ٻوليءَ جو  بُڻ بنياد ۽ Origin and growth of sindhi Language ڪتابن ۾ تفصيل سان  بحث ڪيو ويو آھي (20)

سر گريئرسن، حالانڪهڍچ انهن ٻولين کي Indo- Aryan Languages   جي  “Outer sub-branch” (ٻاھرين شاخ) ٿو سڏي (21) ، پر انهن ٻولين جي تقابلي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته اھي  ٻوليون سنڌو- تهذيب جي اصلوڪن رھاڪن جون اصلوڪيون ۽ مقامي ٻوليون آھن، جيڪي سنڌو- ماٿر، جي بنيادي ۽ اصلوڪي ٻولي سنڌؤ ئيءَ جون شاخون آهن ٻولي سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد ڪتاب جي نظرثاني ڪيل ٻئي ڇاپي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ’سنڌو ماٿر‘ ڏھن شاخن تي مشتمل ھئي. اھي ڏھ ئي شاخون مٿي ڄاڻايل نقشي نمبر ٻئين ۾ بيان ڪيون ويون آھن.اُھي ڏھ شاخون ھي آھن.

( i ) ڏاکڻي يعني سئنڌؤئي، ( ii )  لھندي شاخ، ( iii ) وسطي شاخ، ( iv ) اُترين شاخ، يعني ڪشميري،  ( v ) اُڀرندين شاخ، ( vi) اُتر- اوڀر واري شاخ، ( vii ) اُتر- اولهه واري شاخ، ( viii) براھوئي شاخ، ( ix ) اولهه ۽ ڏکڻ- اولهه واريون شاخون، ( x )  قديم دراوڙي.

نقشي نمبر ٻئين ۾ اُترين شاخ ۽ اُڀرندين شاخ ۾ شامل ٻولين جو وچور ڏنو ويو آھي. اُڀرندين شاخ ۾ (الف) سؤ راشسٽر (ڪاٺياواڙ) جي اڳوڻين رياستن مان ڪن ۾ رائج  ٻوليون، جيڪي ڪاٺياواڙ اُپسمنڊ تائين پکڙيل آھن، اُتر – اوڀر شاخ ۾ (الف) موجودھ  ھرياڻا پرانت ۾ رائج ميواتي/ الور شاھي ۽ بانگڙو ٻولي، (ب) اڳوڻي اُڌيپور رياست (ميواڙ) ۾ رائج ميواڙي ٻولي آھي.

سرگريئرسن ۽ ڊاڪٽر عزيز انصاريءَ ميواڙي ٻوليءَ کي اُترين راجستاني سڏيو آھي؛ (ث) مائوجي جيڪا اڳوڻي گجرات ۽ مھاراشٽر رياستن جي سرحدي علائقي ۾ ”ڀيلي جي نالي سان سڏبي ھئي. (ج) اڳوڻي بيڪانير  رياست جي اُتر- اوڀر ۾ اصلوڪن ۽ قديم رھاڪن جي ٻولي باگڙيءَ جي نالي سان مشھور آھي. اھڙيءَ طرح اُترين شاخ داردي ٻولين تي مشتمل آھي.

6- گوجري ٻولي سوات جي ڪوھستاني علائقي ۾ ۽ ڪاغان توڙي ٻين خطن ۾، گھمندڙ ڦرندڙ خانه بدوش قوم  ”گوجر جي پنهنجي ٻولي آھي، جنهن کي گوجري ٻولي، سڏيو ويندو آھي.اھا ”گوجري ٻولي، غير- آريائي ۽ غير- ڪوھستاني ٻولي آھي، اھا ٻولي، صوتي، صرفي ۽ نحوي لحاظ کان ”ميواتي ، ”سنڌي ۽ ”لھندي ٻولين سان سؤ في صد ھڪ جھڙائي رکي ٿي، جيئن اڳتي ھلي مثالن سان سمجھايو ويو آھي. گوجري ٻولي، ڪشميري، ڊوگري ۽ پنجابيءَ سان به ڪجهه قدر ھڪ جھڙائي رکي ٿي. ھن ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ، گوجر قبيلا، سوات ڪوھستان جي اُترئين علائقي ۾،  ”ڪالام، ”گبرال ۽ ”پشمال (Pishamal) واريءَ واديءَ ۾، سوات نديءَ جي ڪناري تي اُن (سوات نديءَ) جي ”اِسريت (Isret) ۽ ”ڪارن دُکي (Karan- Dukhi) شاخن جي وچ واريءَ ماٿريءَ ۾ رھندا آھن. (22) . اھي گوجر قبيلا، گوجري ٻولي ڳالھائيندا آھن. ”پشمال واريءَ سڄيءَ واديءَ ۾ اِھي گوجر قبيلا، رھندا آھن.

گجرال واريءَ واديءَ کان سواءِ گوجرن جا ٽولا سوات نديءَ جي جابلو لاھين ۽ ترائين، چراگاھن ۽ ميدانن ۾، پنهنجي مال سان گڏ، گھمندي ڦرندي، ڏسڻ ايندا آھن، ان ڪري گبرال جي وادي ۽ ھن علائقي ۾ ٻيا اُھي ٺاڻا ۽ ٺڪاڻا، جتي گوجرن کي گھمندي ڦرندي ۽ سندن مال جي سانگي، اڄ ھِت سڀاڻي ھُت يعني ”اَجڙ يعني ”خانه بدوش (اَجڙ، ٻڪريون چاريندڙن کي چئبو آھي- ڀٽائي سرڪار جو بيت: ”عمر! آجڙين کي..) زندگي گذاريندي ڏسبو آھي. گوجر قبيلن جي اھا زندگي ”علم اللسان، ”علم الانسان ۽ ”جاتي ڀاشا- وگيا (Ethno linguistics) سان دلچسپي رکندڙ محققن لاءِ، تحقيق ۽ کوجنا جو وسيع ميدان ۽ مواد مھيا ڪري ٿي، ”ثقافتي ورثو ڪتاب جي چوٿين باب ۾ ھن علائقي ۾ رائج ٻولين ۽ ماڻھن جي ثقافتي زندگيءَ جي باري ۾ تفصيلي جائزو پيش ڪيو ويو آھي.

7- ھاڻي سوال ھي ٿو پيدا ٿئي ته اِھي گوجر ڪير آھن؟ اھي قبيلا ھن خطي جا اصلوڪا رھاڪو آھن يا اھي ھت، ڪٿان ٻئي ھنڌان آيا آھن؟ ھنن، انهيءَ ڪوھستاني خطي ۾ ڪوھستاني گروھ وارين ٻولين جي اثر رسوخ ۽ تسلط جي باوجود پنهنجي انهيءَ (گوجري) غير- ڪوھستاني  گروھ واريءَ ٻوليءَ جي وجود کي ڪيئن قائم رکيو ويو آھي؟ گوجري ٻوليءَ جي ميواتي (اتر- راجستاني)، سنڌي ۽ لھندي گروھ وارين ٻولين سان ھڪجھڙائيءَ جا ڪارڻ ڪھڙا آھن؟ انهن ۽ اھڙن ٻين سڀني سوالن جي جوابن جي ھن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي ويئي آھي.

مؤرخن، گجرات (پاڪستاني پنجاب) جي گجرن ۽ سوات- ڪوھستان ۽ ھزاره جي واديءَ ۾ گھمندڙ خانه بدوش گوجر قبيلن کي بنيادي طور ھڪ ئي قوم ۽ ھڪ ئي قبيلو سمجھيو آھي، ۽ ”گجرن ۽ گوجرن ۾ ڪو به فرق نه سمجھيو آھي. سر گريئرسن گوجرن جي اصل نسل بابت لکي ٿو ته :

”گُرجَرَ، گُجرن جا ابا ڏاڏا (Ancestors) آھن. اُھي شايد پنجين يا ڇھين صدي عيسويءَ واري برصغير ۾ داخل ٿيا، انهن مان ڪي جنگجو قبيلا بنجي ويا ۽ ”راجپوت سڏجڻ لڳا.

گوجر، اصل ۾ شملا پھاڙين ۾ ”سپادَ لَڪُش علائقي ۾ رھندا ھئا، جتان ھنن لڏپلاڻ ڪئي. اُنهن مان ڪي ٽولا گنگانديءَ جي واديءَ ڏانهن لڏي ويا،ڪي ميوات، کان ٿيندا راجپوتانا واري علائقي ۾ وڃي ويٺا. راجپوتانا مان ڪن ٽولن، اُتر- اولهه طرف لڏپلاڻ ڪئي ۽ پنجاب تي ڏکڻ اوڀر کان حملو ڪيائون.

سوات کان ڪي ٽولا، جمنا نديءَ جي ڪنارن کان، ھماليھ جبلن جي پيرانديءَ ۾، سنڌو ندي تائين پکڙجي ويا. ايتريءَ لڏپلاڻ جي باوجود ھنن پنهنجي ٻولي ترڪ نه ڪئي. جيئن جيئن ھيٺين پھاڙين تائين پھچجي ٿو تيئن تيئن مقامي گوجري ٻوليءَ جو وڌيڪ پتو پوي ٿو. اھا ٻولي، مقامي گوجر قبيلا  ڳالھائيندا آھن. اُن ٻوليءَ (گوجر ٻوليءَ) جا ڳالھائيندڙ ڄڻ ته غير- مقامي ماڻھو ھئا، جيئن جيئن   جابلو علائقي ۾ اڳتي اندر وڃجي ٿو، تيئن تيئن گوجري ڳالھائيندڙن جو تعداد وڌيڪ نظر اچي ٿو، ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته گوجري ٻوليءَ تي پاڙي وارين ٻولين جو ڪو اثر ٿي ئي نه سگھيو آھي، ۽ اھا ٻولي (گوجري) سڀني اثرن  کان آجي آھي.(23) سر گريئر سن اڳتي لکي ٿو ته :

”سوات جي جابلو علائقي ۾، خانه بدوش گوجر نظر ايندا آھن. ھن علائقي ۾ ھنن کي گوجر يعني ڳائي مال جا ڌڻ ڌاريندڙ ۽ ڌڻ پاليندڙ ۽ ”آجير يعني رڍون پاليندڙ چوندا آھن. اھي قبيلا اڃا تائين چراگاھن ۾ پنهنجي مال جي سانگي رھندا آھن، ۽ ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ، مال سان گڏ گھمندا ۽ رلندا وتندا آھن، ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن واري گوجري ٻولي ڳالھائيندا آھن. (24)

انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام جي مؤلف جو رايو آھي ته:

”گجر (Gudjar) ھڪ قبيلي جو نالو آھي، جيڪو بر-صغير پاڪ- ھند ۾ جدا جدا علائقن ۾ پکڙيل آھي. ھي قبيلو راجپوتن مان آھي، ۽ اُنهن سان ھڪ جھڙائي رکي ٿو.

ھي قبيلو ”جاٽن (Djat)  ۽ ”آھيرن سان ملي جلي ٿو، جيڪي گجر ھجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، مغربي ۽ مقامي مؤرخ اھو تسليم ٿا ڪن ته اھو قبيلو، ھندستان ۾، وچ مشرق کان پنجين صدي عيسويءَ ڌاري لڏي آيو.اھي ماڻھو قداور، سھڻا ۽ ٺاھوڪن مھانڊن وارا ھئا. ھنن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھي ”سٿين يا ”سفيد ھُنن جي اولاد مان آھن.

تاريخ نويسن جو رايو آھي ته گُجر اھي مقامي قبيلا آھن، ۽ ڪٿان ٻاھران ڪو نه آيا آھن، پر ھن راءِ کي ڪو گھڻو سھڪار نٿو ملي. اھي قبيلا کيتي ٻاڙيءَ جي ڪرت ڪرڻ، مال ڌارڻ ۽ کير توڙي اُن (کير) مان ٺھيل شين جي وڪري جي ڪرت ڪندا آھن، پر تعليم جي فروغ کان پوءِ انهن مان ڪن ٻيا ڌنڌا پڻ اختيار ڪيا آھن، ۽ ھاڻ خانه بدوش رھڻ جي بدران سڪونيت واري زندگي پڻ اختيار ڪئي  اٿن. (25)

مسٽر بيليو (Bellew) پنهنجي ڪتاب (The Reces of Afghanistan) ۾ لکي ٿو ته:

”جت، ڪٽي ۽ سٿيا دراصل سنڌو- ماٿر جا رهاڪو آھن، جيڪي ھتان لڏي، ھندوڪش جبلن ڏانهن ويا. يورپي ماھرن جي خيال موجب ”جت (Getes)  ۽ ”ڪٽي (Catti) ھن علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ نظر ايندا آھن، جتن کي ھاڻ ھت ”گوجر سڏيندا آھن. (26)

مسٽر بيليو اڳتي لکي ٿو ته:

”جت، ڪٽي ۽ سٿيا، افغانستان ۾ پنجين ۽ ڇھين صدي عيسويءَ ڌاري لڏي آيا، پر ھت (افغانستان ۾) ھاڻ جتن جي نالي سان ڪو به قبيلو نٿو رھي. اُھي ھاڻ ”گوجر سڏبا آھن. (27)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جتن کي ٻاھران آيل قوم ٿو بيان ڪري. ھو پنهنجي ڪتاب، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته:

”ٻي ۽ ٽي صدي عيسويءَ ۾ جڏھن ”ساڪن (Scythian) ڏکڻ- اوڀر ايران واري ڀاڱي (سيستان) تي قبضو ڪيو، تڏھن جت- بلوچ قبيلن اُتان مڪران، موجوده بلوچستان ۽ سنڌ طرف ھجرت ڪئي، ساڪ به ”سيستان فتح ڪرڻ بعد مڪران، بلوچستان ۽ سنڌ کي  فتح ڪري ھيٺ ڪاٺياواڙ- گجرات طرف وڌيا. ساڪن جي انهن ڪاھن سببان، ھجرت ڪندڙ جت – بلوچ قبيلن، جبلن ۽ رڻن پٽن کي وسايو. بلوچن اھا سڀ کان  آڳاٽي ھجرت ڪئي، جنهن ۾ ھڪڙن قبيلن (بروھي – بلوچن) سنڌ، ته ٻين قبيلن (جت- بلوچن) وڌي، اچي ۽ سبيءَ جي بيابانن کي پنهنجو وطن بنايو، ۽ ايندڙ ٽن صدين واري عرصي ۾ ھو مقامي باشندن سان ملي ھڪ ٿيا، ۽ مقامي ٻوليون  اختيار ڪيائون، اُتر ۾ سبي ۽ ناڙي جي ميدانن ۾ ۽ ھيٺ لاڙ طرف، جاتي ۽  ڪڇ ۾، ٻني ۽ ٻين بياباني علائقن ۾ سنڌي جت- بلوچن، جي ابادي انهيءَ آڳاٽي ھجرت جو يادگار آھي. (28)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ھن راءِ کي جڏھن مير احمد يار خان، ڊاڪٽر زيگويسٽ فال، مسٽر بيليو ۽ محمد پرويش شاھين توڙي محترم غلام رسول ميرجت جي راين سان ڀيٽجي ٿو، تڏھن ڊاڪٽر  بلوچ صاحب جي  ھن راءِ سان اتفاق نٿو ڪري سگھجي.

جتن جي اصل نسل جي باري ۾، محترم غلام رسول ميرجت پنهنجي ڪتاب، ”جتن جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته :

”اسان کي پھرين اھو سمجھڻ گھرجي ته آيا جت،  ”آرين آھن يا ”سٿين؟ اسان پھرين ”آرين ۽ ”سٿين جي برصغير ۾ آمد جي وقت تي نظر ڪنداسون، ڇاڪاڻ ته ٻنهي قومن جي آمد جي عرصي جي وچ ۾ سوين نه، بلڪه ھزارن سالن جو ويڇو آھي. قديم تاريخ ۾، سنڌ ۾ آرين جي آمد، دراوڙن کان پوءِ بيان ڪئي ويئي آھي، جيڪي سنڌ جي قديم تهذيب جا معمار تسليم ڪيا وڃن  ٿا ۽ ان بعد آرين جي آمد ٿئي ٿي.

آرين جو مشھور واقعو ويد لکڻ کان سواءِ ؛ ھن ڌرتيءَ تي پانڊون ۽ ڪورون جي وچ ۾ جنگ آھي. اھا جنگ، مھا ڀارت واري زماني ۾، 1400 ق. م ڌاري لڳي ھئي، سٿين جي آمد جو زمانو، مھا ڀارت واري جنگ کان گھڻو پوءِ جو آھي. تاريخن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته مھا ڀارت واري زماني ۾ پانڊون ۽ ڪورونجي جنگ جي احوال ۾ جتن جو ذڪر به ملي ٿو. اھا لڙائي راجا جئدرٿ جي وقت ۾ لڳي ھئي، جنهن ۾ راجا جئدرٿ، ڪورون جي طرفداري ڪئي ھئي. (29)

محترم غلام رسول ميرجت، جت قبيلن کي، ٻاھران آيل قوم ٿو بيان ڪري ۽ لکي ٿو ته:

”جتن جي سنڌ ۾ آمد جو دور اُن وقت ٿيو، جڏھن موھن جي دڙي جو شھر موجود ھو، ۽ پنهنجي اوج کي پھتل ھو. (30)

پر وري اڳتي ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ ۽ آرل اسٽين جي حوالي سان، ”جتن ۽ ”ميرن کي سنڌو ماٿر جا اصلوڪا رھاڪو ٿو تسليم ڪري. ھو لکي ٿو ته:

”موھن جي دڙي وارا ڪيترين قومن جو گاڏڙ ھئا، تنهن ھوندي به اھو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته منڇر ڍنڍ وارا مھاڻا، سنڌ جي اصلوڪن رھاڪن جي ھجڻ جي، سنڌ جي ڪنهن به ٻيءَ قوم کان وڌيڪ امڪان رکن ٿا......

ھن صاحب (لئمبرڪ) جي راءِ موجب (جيڪا سنسڪرت ڪتابن تي قائم  آھي)، ”جاٽ ، ”جت، چراگاھن سان چاھ رکندڙ قوم ھئي. (31)

محترم غلام رسول ميرجت، پنهنجي ھن بحث جو نتيجو ۽ تت ھيٺ ڏنل لفظن موجب ڪڍيو آھي:

( i ) جت، سنڌ جا اصلوڪا رھاڪو آھن.

( ii)  جت، سنڌ جي اولاھن علائقن کان سواءِ ملتان ۽ منصوره جي علائقن  ۽ مڪران ۾ رھندا ھئا.

( iii ) جتن جي قوم سنڌ ۽ ھند جي انهن پراڻين قومن مان ھڪ ھئي، جيڪا ڌنڌي ۽ روزگار جي ڪري ايران ۽ عرب جي علائقن ۾ وڃي آباد ٿي. (32)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي راءِ پٽاندڙ جت قبيلا، نه آريا آھن ۽  نه ئي  سٿيا آھن، پر اُھي (جت) قبيلا دراصل سنڌو- ماٿر جا اصلوڪا رھاڪو آھن. ھو (ڊاڪٽر جيٽلي)، ”مھراڻ رسالي  (نمبر 1/ 1991ع) ۾، پنهنجي انٽرويو (صفحو 18) ۾ فرمائي ٿو ته موھن جي دڙي واري واديءَ جا اصلوڪا رھاڪو دراوڙ  نه پر آريا ھئا ۽ جت قوم جو نسل انهن (آرين) جي باقيات آھي.

ڊاڪٽر جيٽلي وڌيڪ فرمائي ٿو ته:

”ھاڻ تازو، ڊرئويڊيئن ٿيئوري به رد ڪئي ويئي آھي، ھينئر جيڪي آرڪيالوجسٽ آھن يا ھسٽريءَ جا ماھر، ائنٿراپالاجيءَ جا، انهن سرجان مارشل جي ٿيئوري رد ڪئي آھي ته ڪو دراوڙ لوڪ، موھن جي دڙي ۾ رھندا ھئا، جن تي آرين لوڪن  حملو ڪري ڏکڻ ھندستان ڀڄائي ڇڏيو، جنهن تي پوءِ آرين، اُتر ھندستان ۾ اچي پنهنجو راڄ قائم ڪيو. اھو نظريو ھاڻ بلڪل غلط ثابت ٿي چڪو آھي، ڇاڪاڻ جو ھاڻ جيڪي  کوجنائون ٿيون آھن، ته سرجان مارشل کي لاشن جون کوپڙيون ھٿ لڳيون ھيون، جيڪي ھن لنڊن موڪليون ھيون، ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ، تيستائين ھو مري ويو، ۽ اُن جي رپورٽ ڪو نه پھتي. 1930ع جي اھا ڳالهه آھي، جيڪا ھاڻ وڃي اھا رپورٽ ظاھر ٿي آھي، جنهن ڪري ھندوستان ۾ جيڪي آرڪيالوجسٽ آھن، تن انهيءَ ڳالهه کي سمجھايو آھي ته انهيءَ رپورٽ جي آڌار تي انهن ٻڌايو ته جت، جاٽ قوم جيڪي پنجاب يا بلوچستان ۽ ڪڇ واري علائقي ۾ آھن، تن جي کوپڙي سان اھي ملن ٿيون، ھاڻي اھي آھن سڀيئي جاٽ، جيڪي آريائي نسل جا آھن، تنهن ڪري ھاڻي اھا ٿيئوري رد ٿي چڪي آھي ته ڪو موھن جي دڙي ۾ ڊرئويڊيئن يعني دراوڙ نسل رھندا ھئا. (33)

جناب مير احمد يار خان، جدگالن کي بلوچستان جا قديم رھاڪو ٿو مڃي. ھو لکي ٿو ته:

”اھا ھڪ مڃيل حقيقت آھي ته بلوچ قبيلا، بلوچستان جا اصلوڪا رھاڪو نه آھن، پر انهن قبيلن (بلوچن)، مڪران ۽ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسويءَ کان اچڻ شروع ڪيو، بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ، ھن خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروھي، راجپوت ۽ جدگال گھڻي تعداد ۾ رھندا ھئا. (34)

محترم محمد پرويش شاھين ھڪ طرف گوجرن جو وجود راءِ گھراڻي جي حڪومت واري زماني ۾ ٿو بيان ڪري ته ٻئي طرف انهن کي 400 ق. م ڌاري آباد ٿيل قبيلو ٿو سمجھي. ھو (محمد پرويش شاھين). ڊاڪٽر صابر آفاقيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”گوجر، اراولي ٽڪرين جي آسپاس واري خطي ۾ ئي رھندا ھئا. سندن گوجري زبان، انهيءَ خطي ۾ ئي جنم ورتو،گوجري زبان جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو پتو 400 ق. م ڌاري پوي ٿو. (35)

ساڳيو مصنف (محمد پرويش شاھين) ، چيني سياح. ”ھيون- سئنگ جو به حوالو ڏئي ٿو. ھي سياح (ھيون- سئنگ) راءِ گھراڻي جي حڪومت جي آخري زماني ۾، سنڌو- ماٿر ۾ موجود ھو. ھيون- سئنگ به گوجرن جو ذڪر ڪيو آھي. محمد پرويش شاھين لکي ٿو ته:

”گوجرن جي وجود جو ثبوت حضرت مسيح جي ولادت واري زماني کان به اڳ ملي ٿو. ھيون- سئنگ ھنن (گوجرن) کي ”ڪوچي لو (Klu-che-lo) جي نالي سان سڏيو آھي. (36)

ھن سلسلي ۾ وڌيڪ مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته ھزاره، سنڌو- ڪوھستان، سوات، ڪوھستان، دير- ڪوھستان ۽ پنجڪوره ڪوھستان وارن علائقن ۾ ”جتن جي نالي سان ڪو به قبيلو نٿو رھي، پر انهن کي ھاڻ، ”گوجر سڏيو ويندو آھي. محقق ”بيليو جي راءِ موجب ”گوجر ھندي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جيڪو چوپائي مال جي ڌڻ يا ڌڻن پاليندڙ لاءِ ڪم آندو ويندو آھي، چوپائي مال جي ڌڻن پاليندڙن کي ”گوجر سڏيو ويندو آھي، ٻين لفظن ۾ ھيئن چئبو ته گوجر لفظ، مال پالڻ جي ڪرت يا ڌنڌي سان نسبت رکي ٿو، ۽ اُن ڪرت ڏانهن اشارو ڪري ٿو.

پنجاب (پاڪستان) جي ھڪ مشھور مؤرخ، محترم انور بيگ اعواڻ جي راءِ موجب، ”گوجر لفظ گؤچر (گؤ + چر) مان ٺھيو آھي، جنهن جي معني آھي، ڳائو مال چاريندڙ، يا پاليندڙ. (37)

ساڳيو مصنف (محترم انور بيگ اعواڻ) اڳتي لکي ٿو ته:

”افغانستان جو گوجر قبيلو ۽ اُتي جو پشائي (ھنديءَ جو پشو/ پسون، معنيٰ جانور) قبيلو، جن جي زبان کي پشائي زبان، چوندا آھن، جڏھن برصغير ۾ داخل ٿيا ته اُنهن کي ”گوجر سڏيو ويو. اھي ماڻھو سوات، دير، تيراه، ڪاغان، ھزاره، ڪشمير ۽ تبت ۾ به   ڏسبا آھن. اھي قبيلا پنهنجي خاص زبان ”گوجري ڳالھائيندا آھن (38)

امپيريئل گزيٽيئر آف انڊيا ۾ ڄاڻايل آھي ته:

”افغانستان ۾ رھندڙ جت قبيلا، بلاشڪ، جتن جي قديم قبيلن سان واسطو رکن ٿا، ۽ انهن منجھان آھن ۽ جت جيڪي ھاڻ لاھور کان وٺي ڪراچيءَ تائين آباد آھن، ۽ جن جو بُڻ بنيادي (Obscure) آھي، وڏيءَ آباديءَ تي مشتمل آھي. (39)

انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام ۾ ھڪ ھنڌ ائين به ڄاڻايل آھي ته:

”پاڪستان ۾ ھزاره ۽ ڀارت ۾، ”ڄمون، ”ڪانگڙا ۽ ڪشمير جي ڪن  حصن ۾ ”گجرن جا ڪي ٽولا رھندا آھن، جيڪي خانه بدوش زندگي گذاريندا آھن. اھي قبيلا مال جي سانگي سان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ ڏانهن گھمندا رھندا آھن. کين جتي به مال لاءِ چرا گاھ ملندا آھن، اُتي پنهنجا خيما کوڙيندا آھن. ھو جيڪا ٻولي ڳالھائيندا آھن، تنهن کي ”گوجري سڏيو ويندو آھي. (40)

محقق بيليو ۽ ٻين ماھرن جو خيال آھي ته:

”پنجين ۽ ڇھين صدي عيسويءَ ۾ ”جتن ۽ ”ڪٽين، مقامي رھاڪن ”گنڌارين کي اولهه طرف ”ھيلمند (Helmond) جي واديءَ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو.ھن دعويٰ جي تصديق ھن حقيقت مان به ملي ٿي ته ”جتن جي باقيات، ھن وقت به  انهن علائقن ۾، پشاور جي  واديءَ ۾ پکڙيل نظر ايندي آھي، پر اُھي قبيلا ھاڻ،  ”جت نه پر ”گوجر سڏبا آھن. ھنن جي ڪرت ۽ ڌنڌو مال جا ڌڻ پالڻ ۽ کيتي ٻاڙي آھي. (41)

ساڳيو مصنف مسٽر (بيليو) اھو به ڄاڻائي ٿو ته:

”سنڌ- ماٿر جي ڏاکڻئين خطي مان ڌڪجڻ کان پوءِ، ”جتن، پنجاب ۾ ھاري بنجي سھارو ورتو ۽ جاٽ سڏجڻ لڳا. پنجاب جي جاٽن جو ھڪ پاڙو ”گجر آھي، جنهن جي وڏي آبادي ”گجرات، ”گوجرانوالا ۽  ”گوجر خان واري علائقي ۾ پکڙيل آھي. (42)

”گجر ۽ گوجر، به جدا جدا قبيلا ھئا، ”گوجر ، پنجاب جي ”جاٽن واري ساڳئي نسل مان آھن، ۽ نه ڪو ”گجرن واري نسل مان. (43)

لھاذا ڊاڪٽر بيليو جي انهيءَ راءِ مان اھو ثابت ٿو ٿئي ته ”گوجر اصل ۾ ”جت آھن، جيڪي سنڌو- ماٿر جي ھيٺئين (لاڙ واري) خطيمان لڏي اُتر، اُتر- اولهه ۽ ڏکڻ اوڀر طرف ويا.

محترم غلام رسول ميرجت، ”جتن جي لڏپلاڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

”قديم زمانن ۾، سنڌ ۾ آباد ٿيڻ کان پوءِ، جتن جي ڪجهه قبيلا، سنڌ جي ڀر پاسي جي ملڪن طرف نقل مڪاني ڪري ويا. جيڪي جت قبيلا بلوچستان ۽ مڪران ۾ وڃي رھيا ته ان ڪري اھي بلوچ چوائڻ ۾ آيا، ۽ ساڳئي وقت انهن ”مير جو لقب به اختيار ڪيو. اھو لقب مڪران يا بلوچستان جي جتن کي تڏھن مليو، جڏھن مسلم خليفي پاران محمد بن ھارون جت، مڪران جو گورنر مقرر ٿيو. (44)

ھن ڏس ۾ علم الانسان (Anthropology) جو مشھور بين الاقوامي جرمن عالم،  ڊاڪٽر زيگ بسٽ فال، (Dr. Sigrid West Phal) ۽ اُن جي ودوان بيگم ڊاڪٽر ھائينس ويسٽ فال (Dr. Heinz west phal)، جو رايو وڌيڪ وزنائتو ٿو لڳي. جتن جي باري ۾ ھيءُ ماھر جوڙو لکي ٿو ته:

”جت قوم ، اسلام جي ظھور کان اڳ ڪڇ، راجستان ۽ سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ آباد ھئي. ھن قوم جا ڪي قبيلا ۽ ٽولا سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ، سنڌ مان لڏي، بلوچستان، ايران، عراق، اردن ۽ عربستان ۾ وڃي آباد ٿيا.  (45)

ھي ٻئي جرمن ماھر اڳتي لکن ٿا ته:

”عراق ڏانهن لڏي ويل جت، اڃا تائين عراق جي ڏاکڻئين حصي ۾ آباد آھن، ۽ پنهنجي رھڻي ڪھڻيءَ جي ڪري عراق جي ٻين قومن کان مختلف آھن. (46)

محترم غلام رسول ميرجت به، ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال ۽ اُن جي بيگم جي راءِ سان اتفاق ٿو ڪري ۽ لکي ٿو:

پھرين صدي عيسويءَ ڌاري، اسان کي سنڌي قبيلي جت جا عراق جي بصري شھر جي ڀرسان بطلاع، ماٿريءَ ۾ آباد ٿيڻ، زراعت ڪرڻ ۽ مينهون پالڻ جا ثبوت مليا آھن. (47)

9- (الف) مٿي بيان ڪيل راين ۽ نظرين جي اڀياس جي مدد سان ائين چئي سگھجي ٿو ته ”گوجر بنيادي طور ”جت آھن، پر مال جي ڌڻن پالڻ ڪري، انهن قبيلن کي سنڌ ۽ بلوچستان کان ”ٻاھر پھرين ”گؤچر ۽ ”پوءِ گوجر سڏيو ويو، جيئن ”جتن کي بلوچستان ۾ جدگال، پنجاب ۾ ”جاٽ ۽ عراق ۾ ”مدان سڏيو ويو.

(ب) جت قبيلا، افغانستان ۽ سوات- ڪوھستان واري علائقي ۾ ڪيئن لڏي ويا ۽ ڪٿان لڏي ويا، تنهن جي باري ۾ مسٽر بيليو (Mr. Bellow) جو رايو آھي ته:

”جت قبيلا جيڪي افغانستان جي ڏکڻ- اوڀر واري علائقي جي تيراه واديءَ ۾ وڃي آباد ٿيا ھئا، تن کي ”گوجر سڏيو ويو. اُھي (گوجر) افغانستان جي ”يوسف زئي خطي ۾ ۽ افغان سرحد جي ڏکڻ- اوڀر ۾، خاص ڪري پاڪستان جي ”باجؤڙ ايجنسيءَ ۽ ”بونير خطي ۾ رھندا ھئا، جتان ھنن، سوات- ڪوھستان طرف لڏپلاڻ ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ خطي ۾ چراگاھ، جام ھئا.

جاگرافيءَ جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته افغانستان وارو ”يوسف زئي خطو ۽ ”تيراه وادي پاڪستان جي ”باجوڙ ايجنسيءَ وارو علائقو ۽ ”بونير خطو ، ”دير- ڪوھستان جا پاڙيسري خطا آھن، اُن ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو ته گوجر قبيلا افغانستان جي مٿي ڄاڻايل خطن (يوسف زئي ۽ تيراه وادي) مان لڏي، مال جي سانگي سان ۽ چراگاھن جي سھوليت ڪري، سوات- ڪوھستان ۾ لڏي ويا ھوندا، جيئن ھتان ٻيا قبيلا پڻ لڏي ويا ھئا. (47)

ھن سلسلي ۾ انور بيگ اعواڻ صاحب جو خيال آھي ته :

”گوجر قبيلا، افغانستان جي تيراه علائقي مان لڏي، دير ڪوھستان ۽ سوات ڪوھستان وارن خطن ۾ وڃي آباد ٿيا ھوندا. (49)

بهرحال انهن مڙني راين جي آڌار تي اھو چئي سگھجي ٿو ته ”گوجر اصل ۾ ”جت آھن، جيڪي بنيادي طور سنڌو- ماٿر جا رھاڪو ھئا، جتان اھي پھرين اوڀر، ڏکڻ- اوڀر ۽ اُتر- اوڀر طرف لڏي ، ۽ پوءِ اولهه ۽ اُتر- اولهه طرف بلوچستان جي ڌار ڌار خطن ۾ لڏي وڃي ويٺا. بلوچستان ۾ اھي ”جت ۽ جدگال، سڏجڻ ۾ آيا. جدگال پوءِ بلوچستان مان لڏي ايران ۽ افغانستان طرف ھليا ويا. افغانستان ۾ تيراه واديءَ ۾ وڃي ويٺا. اُتان پوءِ دير ڪوھستان ۽ سوات- ڪوھستان وارن علائقن ڏانهن لڏي ويا.  لھاذا محقق بيليو جي ھيءَ راءِ بلڪل وزندار ٿي لڳي، جنهن موجب ھن دعويٰ ڪئي ھئي ته:

”گوجر ، اصل ”جت آھن، جن کي پوءِ افغانستان جي يوسف زئي خطي ۾ ”گوجر سڏيو ويو. (50)

10- (الف) بلوچستان جو ڪڇي- گنداوا علائقو ميداني علائقو آھي. ھن علائقي مان ”مولا ۽ ”بولان لڪ (دزا) شروع ٿين ٿا. ھن علائقي (ڪڇي ۽ گنداوا) جي آباديءَ جو سارو دارومدار ”ناڙي ۽ ”لھڙي ندين تي آھي. انهن مان ناڙي ندي مشھور آھي.

ڪڇي ۽ گنداوا جي رھاڪن ۾ ”جت اڪثريت ۾ رھن ٿا، پر ھن علائقي توڙي ساري بلوچستان ۾ ”جتن کي ”جدگال سڏيو ويندو آھي.  مڪران ضلعي جي 1961ع واري آدمشماريءَ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل آھي ته :

”ھن علائقي ۾ رھندڙ جت پاڻ کي ”جدگال سڏيندا آھن، جيڪي ھزارن سالن کان ھن حصي ۾  آباد آھن. (51)

(ب) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب، پنهنجي ھڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته:

”بلوچستان جي اڪثر علائقن جا ماڻھو سنڌي ٻوليءَ کي ”جدگالي (جدغالي) چوندا آھن. ”جٽڪي توڙي ”جدگالي ٻنهي جو مطلب ساڳيو آھي. بلوچ قومون سنڌي ڳالھائيندڙ کي مجموعي طرح ”جت/ ڄٽ چونديون آھن، ۽ ”گال جو مطلب آھي ”ٻولي . ”جدگالي معنيٰ ”جت يعني جتن يا ڄٽن واري ٻولي. ”ڄٽڪي، ٻوليءَ جو مفھوم به ساڳيو ئي آھي. (51)

بهرحال، ”جدگال لفظ دراصل ٻن لفظن يعني ”جد= جت گال = ڳالهه يعني ٻوليءَ جو مرڪز آھي. ”جدگال معنيٰ ”جتن جي ٻولي. ھيءَ (جت) قوم بلوچستان ۾ پنهنجي ٻوليءَ جي نسبت سان ”جدگال سڏجڻ لڳي. (59)

(ت) قديم سنڌ جي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته راءِ گھراڻي جي حاڪم، راءِ ديوراج، (ديوائج) جي حڪومت واري زماني ۾ ”جدگال سنڌي فوج ۾ سپاھي ھوندا ھئا، پنجين صدي عيسويءَ ڌاري جڏھن ”سفيد ھن (White Huns)  بلوچستان ۾ آيا، تڏھن بلوچستان ۾ جت قبيلا وڏي تعداد ۾ آباد ھئا. (60) ستين صدي عيسويءَ ۾، عربن جي سنڌ تي ڪاھن واري زماني ۾، بلوچستان ۾ ”مير ۽ ”جت قومون وڏي تعداد ۾ آباد ھيون. ”ميد ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آباد ھوندا ھئا، ته جت وري ساڳئي ئي علائقي يعني ڏکڻ- سنڌ ۾ ساحلي علائقي کان سواءِ ڪڇ، راجپوتانا ۽ پنجاب کان سواءِ بلوچستان ۾ ڪڇي، گنداواھ، لس ٻيلي ۽ مڪران ۾ آباد ھوندا ھئا.(61)

جدگال، مال پالڻ کان سواءِ کيتي ٻاڙيءَ جي ڪرت پڻ ڪندا ھئا، اٽڪل يارھين صدي عيسويءَ ڌاري بلوچستان ۾ خشڪ ساليءَ جو زمانو شروع ٿيو، جنهن ڪري چراگاھ گھٽجڻ لڳا، جنهن جو اثر ھتي جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي پڻ ٿيو. ان  وقت بلوچستان ۾ بروھي قوم جو تعداد گھڻو وڌي ويو. انهن چراگاھن تي ھڪ طرف جدگالن جو قبضو ھو ته ٻئي طرف بروھين پڻ انهن  چراگاھن تي قبضو ڪرڻ ٿي چاھيو. نيٺ جدگالن ۽ بروھين جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ بروھي جدگالن تي  غالب پئجي ويا ۽ اقتدار بروھين جي ھٿ ۾ آيو.

بروھين کان شڪست کائڻ کان پوءِ جدگالن جا ڪي ٽولا بلوچستان جي جدا جدا خطن، ماڳن ۽ مڪانن ڏانهن لڏي ويا ۽ ھزارن جي تعداد ۾ جدگالن جا ڪٽنب، افغانستان، سرحد صوبي ۽ ايراني بلوچستان ۾ وڃي آباد ٿيا. (62)

ھن وقت جدگالن جي لڳ ڀڳ ھڪ لک کن آبادي ايراني بلوچستان ۾ رھي ٿي. ايران ۾ اسلامي جمھوريه جي انقلاب اچڻ کان پوءِ ڪيترائي ايراني جدگال ڪراچيءَ طرف لڏي آيا. انهن مان ھڪ صاحب، جيڪو ايراني بلوچستان واري علائقي مان، اڳوڻي ايراني پارليامينٽ جو ميمبر پڻ ھو، تنهن ٻڌايو ته جدگال، ايران ۾، ”ايراني جدگالي ٻولي ڳالھائيندا آھن. (63)

ڊاڪٽر داد محمد بروھي، پروفيسر انور رومان جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”جدگالي محاورو، بلوچستان جي مڪران علائقي جي ڏاکڻئين حصي ۾ ڳالھايو وڃي ٿو، جيڪو اڳتي ھلي ”جيوڻي  ، ”اورماڙي ،  ”پسني ۽  ”گوادر  تائين پکڙيل آھي. (64)

11- جنهن زماني ۾ (ڏھين صدي عيسوي) مشھور سياح ابن حوقل مڪران پھتو ھو، تنهن زماني ۾ مڪران تي جدگالن جو قبضو ھو. (65) جدگال ھن  علائقي ۾ قديم زماني کان رھندا ھئا. (66) اھي قبيلا، قديم زماني ۾ سنڌ کان لسٻيلي ۽ لسٻيلي کان ھت اچي آباد ٿيا ھئا. (67) ان زماني ۾ ڪرمان کان به اڳتي، ايران اندر سارو ملڪ، سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ھو، ۽ اُتي جا رھاڪو سنڌي (جدگال) به پنهنجيءَ ٻوليءَ کي جدگالي ٻولي سڏيندا آھن. جدگال قبيلا ھزارين سالن کان ”ڪرمان ۽ ”زاھدان جي وچ واري علائقي ۾ آباد رھندا ٿا اچن.

جدگال، سامونڊي واپار ۾  به ماھر ۽ تيز ھوندا ھئا. ان وقت ”باھو ،  ”دشتياري ، ”ميرجاوا ، ”مھدان ۽ ”ايراني نار مشھور سامونڊي بندر ۽ واپاري مرڪز ھوندا ھئا. ھن وقت به ”باھو ۽ ”دشتياريءَ ۾ جدگال گھڻي قدر رھن ٿا. ”باھو ۽ ”دشتياريءَ ، جون بستيون ”گوادر جي اُتر- اولهه طرف آھن، ساڳيءَ طرح ”ڪلانچ واريءَ ايراضيءَ ۾ پڻ ”جدگالن جي گھڻي آبادي آھي. جدگالن جي پاڙي مان ڪي ”تربت، ”ڪيچ ۽ ”پنجگور جي ماٿريءَ، گوادر جي آسپاس، ”ڪولوا ۽ ”پشوڪون کان اولهه طرف مڪران ۾ به پکڙيل آھن. جيتوڻيڪ اھي ھاڻ بلوچن سان گھڻي قدر گڏجي مسجي ۽ گاڏڙجي ويا آھن، پر تنهن ھوندي به پنهنجي جدگالي ٻولي قائم رکندا ٿا اچن. (69) انهن جي ٻوليءَ جا مثال ايندڙ صفحن ۾ ڏنا ويا آھن.

جدگالن جي پاڙن مان ”رئيس، ”مڪران جي اندرئين حصي ۾، ”ڪيچ ۽ ”پنجگور جي ماٿرين ۽ ساحلي ايراضيءَ ۾ ”پشوڪن جي اولهه طرف ”باھو ۽ دشتياريءَ تائين پکڙيل آھن. جدگالن ۾ ٻيو پاڙو ”سنگر آھي. ”سنگر قبيلي وارا جدگال، لسٻيلي کان وٺي اولهه طرف ايراني سرحد تائين پکڙيل آھن، ھن قبيلي وارا اھا دعويٰ ٿا ڪن ته اھي اصل ۾ سنڌ  ۾ رھندڙ  ”جوکيا قومسان واسطو رکن ٿا. (70) تاريخي حوالن مان معلوم ٿو ٿئي ته ھو (سنگر قبيلي) وارا) سنڌ مان لڏي اچي قلات ويٺا، ۽ پوءِ پندرھين صدي عيسويءَ ۾ بروهين سان ويڙھ ۾ ھارائڻ کان پوءِ، مڪران طرف ھليا ويا. ”سنگر گھومو ۽ خانه بدوش قبيلو آھي. ھي قبيلو اُٺ پالڻ جي ڪري مشھور آھي. مڪران ۾ ھنن جي خاص ڪرت مال پالڻ ۽ مال ڌارڻ آھي، پر ساڳئي وقت اھي کيتي ٻاڙيءَ جي ڪرت پڻ ڪندا آھن. اھڙيءَ طرح جدگالن جا ٻيا به ڪيترائي پاڙا آھن، جن جو ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي  ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي. (71)

گذريل صفحن ۾ ماھرن جي حوالن سان چيو ويو آھي ته جدگال ٽولا جڏھن بلوچستان مان افغانستان جي تيراه واديءَ ۾ پھتا، تڏھن انهن قبيلن کي ”گوجر سڏيو ويو. تيراه واري واديءَ مان گوجرن جا ٽولا سرحد پار ڪري، دير، سوات- ڪوھستان، پنجڪوره- ڪوھستان واري واديءَ ۾ آيا، جتان انهن جا ٽولا، سندن مال سان گڏ، ڪاغان جي واديءَ ۾، ڪُنهار نديءَ جي ڪناري تي ۽ پڻ ٻين وادين ۾، سنڌو- درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي داسوءَ تائين، بلڪه ”تانگير ۽ ”داريل وارين ماٿرين ۾ موسم آھر ڏسبا آھن. سندن مال ۾ رڍون ۽ ٻڪريون ھونديون آھن. ھاڻ ھو اَجڙ زندگيءَ ۾ ڍڳيون ڪو نه ڌارين. ھنن سان گڏ انهيءَ رولڙي واري زندگيءَ ۾ سندن خطرناڪ ڪُت ا۽ سگھارا گھوڙا به ھوندا آھن. گوجرن جا ٽولا گرميءَ جي موسم ۾ اُتر طرف ڪاھيندي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ ڏکڻ طرف ورندي ڏسبا آھن.

13- شڪل شبيهه ۽ لباس:

(الف) مٿي چيو ويو آھي ته گوجر اصل ۾ سنڌ جا رھاڪو جت آھن. ڪڇ ۽ لاڙ ۾ رھندڙ جت، ڳاڙھا ڳٽا ۽ رُشٽ پُشٽ لڳندا آھن. (72) پر مال سان گڏ، تتيءَ ٿڌيءَ رولڙي سبب، ھو جلدي پيرسن لڳندا آھن.

گوجرن جا ٽولا گرميءَ جي موسم ۾  چراگاھن جي ڳولا ۾ مال ڪاھي نڪري پوندا آھن ۽ ”جؤ جي تلاش ۾، کين جتي پيئي، اُتي ويھاڻي. اھا سندن روزانه معمول واري زندگي آھي. محنت ۽ مشقت، طوفان، مينهن ۽ واچ ۽ سردي ۽ برفاني ھوائن سان مقابلا ڪندي ڪندي، سندن نرڙن تي، پيرسن ٿيڻ کان اڳ ئي ٻڍاپڻ جا گھنج پئجي ويندا آھن. ھو (گوجر) سورج مکيءَ جي گلن وانگر رنگ جا پيلا ٿي ويندا آھن.

گوجرن جا مرد به جتن ۽ جدگالن وانگر ”لانگ ڍڪين. سندن ذائفائون ڪارا گھگھا پائين،  انهن (گھگھن) جي اڳئين يعني ڇاتيءَ واري حصي تي ڀرت ڀرين، جيڪو فقط گوجر قوم جي عورتن تائين ئي محدود ھوندو آھي. ٻيءَ ڪنهن به قوم ۾، سواءِ جتن ۽ جدگالن جي، ھن قسم واري ڀرت جو رواج ڪونهي. گوجرن جي پوشاڪ، سندن زيور، مڻڪا، ٻالڪپڻ، جواني ۽ ٻڍاپڻ ۽ سندن  روان دوان زندگي ۽ اھڙيون ٻيون حقيقتون علم الانسان جي ماھرن جو ڌيان ڇڪائين ٿيون.

14- رھائش، کاڌو خوراڪ ۽ معاشي  زندگي:

گوجر به جتن ۽ جدگالن وانگر وانڍن ۾ رھن، سندن وانڍن کي لوڙھا يا ويڙھا ڪو نه ٿين. ھو وانڍن جي اڳيان پنهنجا ڌڻ واڙين ته جيئن جھنگلي جانورن کان اھي (مال جا ڌڻ) محفوظ رھي سگھن. سياري جي سخت ٿڌ ۽ برفاني موسم ۾، ماڻھو ۽ مال، وانڍن اندر، ڇپرن جي سھاري، ھڪ ئي ڇت ھيٺ رھن.

جتن ۾ جدگالن وانگر گوجرن جي خوراڪ به کير، لسي ۽ مکڻ آھي. جانورن (گھوڙن، رڍن، ٻڪرين ۽ ڪتن) سان رات ڏينهن گڏ گذارڻ سبب، سندن جسم مان ھڪ خاص قسم جي بوءِ پيئي ايندي آھي. اھا ساڳي پوءِ سندن  کاڌي خوراڪ کائڻ وقت به محسوس ڪبي آھي.

جتن ۽ جدگالن وانگر گوجر به نکٽ نهارڻ، تارن ۽ سيارن جي مدد سان موسم جي اڳ ڪٿي ڪرڻ، ڀرمن، وھمن، سنسن ۽ ٽوڻن ڦيڻن ۾ به ڀروسو رکندا آھن. سندن  چوري ٿي وڃڻ جي حالت ۾، جتن ۽ جدگالن وانگر، ھن قبيلي جا ماڻھو به پيرا کڻن ۽ چور جي پيرن سڃاڻڻ جا ماھر آھن.

گوجرن جي روز مره جي زندگي، خصوصاً سمجي زندگي، مامرن جو توجهه گھري ٿي. نکٽن ۽ تارن جي ڄاڻ کانسواءِ، ھيءَ جاتي (گھريلو يعني ديسي علاج ۽ ديسي ٽوٽڪن جي باري ۾ به گھڻي ڄاڻ رکندي آھي. ان کانسواءِ جانورن جي بيمارين، ڏسڻ ٻارن ۽ جانورن جي پالڻ ۽ سار سنڀال ۾ ھي ماڻھو ماھر آھن.

گوجرن جي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جو به خزانو موجود آھي، گوجرن جي لوڪ ادب ۾ دوھا، بيت، ٻارھن ماسا، سھن ۽ بيساک وغيره جون صنفون موجود آھن، جيئن ته ھي لوڪ، عام ماڻھن سان ميل جول ڪو نه رکن، تنهنڪري سندن لوڪ ادب ”صدري ادب (Oral Literature)  ئي رھيو آھي ۽ لوڪ ادب جو اھو سارو خزانو سندن سينن ۾ ئي سٿيل رھيو آھي، جنهن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ، ھن وقت  تائين ڪنهن به محقق ڪوشش  ڪا نه ڪئي آھي. اُن جو ھڪ سبب ھي به آھي جو سوات، ھزاره ۽ ڪوھستان ۾ رھندڙ ٻيا قبيلا گوجرن کي عزت بلڪل ڪونه ڏين. انهن (گوجرن) سان ميل جول رکڻ به پسند ڪو نه ڪندا آھن. ان جو ھڪ سبب ھي به آھي جو انهيءَ خطي ۾ رھندڙ ماڻھن کي اھا شڪايت ھوندي آھي ته انهن (گوجرن)، سيد احمد بريلويءَ جي خلاف، ھن خطي ۾ سِکن جي مدد ڪئي ھئي.

15- گوجري ٻولي:

(الف) سرگريئرسن جي حوالي سان شروع ۾ عرض ڪيو ويو آھي ته راجسٿان جي ميواتي ٻولي، ۽ گوجري ٻولي پاڻ ۾ ھڪجھڙائي رکن ٿيون. ھن (سرگريئرسن) جو اھو به خيال آھي ته گوجري ٻولي، ميواتي ٻوليءَ جو ھڪ بگڙيل روپ آھي. (73)

(ب) علم الانسان جو ھڪ ماھر ”ڪولن ماسيڪا (Colin Masica) لکي ٿو ته:

”گوجري ٻولي، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ به ڳالھائي ويندي آھي، ڇاڪاڻ ته اُن علائقي ۾ به گوجر گھڻائي ۾ رھن ٿا. ھيءَ ٻولي راجسٿانيءَ  جي ميواتي لھجي سان ملي جُلي ٿي. پاڪستان جي سوات واري ڪوھستان، ڪاغان واري خطي ۾، خانه بدوش مالوند نسل  واري گوجري قوم به  ھيءَ ٻولي (گوجري) ڳالھائيندي آھي. سرگريئرسن، ھن ٻوليءَ کي پنجاب ۾ رھندڙ گُجر قوم جي ماڻھن جي ٻولي سڏي ٿو. (74)

پر ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال جي حوالي  سان اڳ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته: ”سنڌ جا ”جت قبيلا ، سنڌ مان لڏي ڪڇ ۽ راجسٿان جي جدا جدا خطن ۾ وڃي آباد ٿيا آھن. اُنهن (جت) قبيلن مان ھڪڙا پنجاب طرف ويا، جيڪي ”جاٽ سڏجڻ لڳا، ٻيا ڪڇ ۽ راجسٿان طرف ويا، ٽيان بلوچستان واري علائقي ڏانهن لڏي ويا، جن مان وڏو تعداد ”جدگال سڏجڻ ۾ آيو.  بلوچستان مان اھي قبيلا (جدگال) ايران طرف ويا. ايران ۾ به اُنهن کي جدگال سڏجي ٿو. ايران مان ڪي عراق، اُردن ۽ عربستان ويا. عراق ۾ انهن کي ”مدان سڏيو ويو ۽ عربستان ۾ اُھي ”زُط سڏجڻ لڳا. (75) گريئرسن جو خيال آھي ته بلوچستان مان ڪي جدگال قبيلا، افغانستان جي يوسف زئي خطي جي تيراه واديءَ ۾ وڃي ويٺا، جتان وري سرحد پار ڪري، سوات- ڪوھستان ۽ دير- ڪوھستان ڏانهن لڏي ويا، جتي ھو خانه بدوش زندگي گذارين ٿا.

(ت) گوجرن جي ماڳن ۽ مڪانن، ٺاڻن ۽ ٺڪاڻن ۽ گوجري ٻوليءَ جي جاءِ وقوع جي باري ۾ مٿي تفصيل سان لکيو ويو آھي. پر حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه ھيءَ آھي ته گوجري، ميواتي ۽ سنڌيءَ جي لھجن جتڪي. سنڌي- ڪوھستاني (سنڌ جي لاڙڪاڻي، دادو، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ اُترئين ضلعي جي اُتر، اوڀر ۽ ملير ضلعي جي ڪوھستاني خطن ۾ رائج سنڌي ٻوليءَ جو جيڪو لھجو ڳالھايو ويندو آھي، اُن کي سنڌي ٻوليءَ جو ”ڪوھستاني لھجو چئبو آھي. اُھو لھجو (ڪوھستاني) جاکرا، جوکيا، برفت، پالاري، نومڙيا، نوحاڻي ۽ ٻيون قومون ڳالھائينديون آھن، ۽ لاسي لھجي جي وچ ۾ تمام گھڻي مشابهت ۽ ھڪجھڙائي محسوس ٿئي ٿي. اُن جا خاص ٻه سبب ٿي سگھن ٿا. ھڪ سبب ھيءُ آھي ته سنڌو- ماٿر جي قديم تهذيب ۾ رائج ”سئنڌوئي ٻوليءَ جي اُڀرندين شاخ (ڏسو نقشو نمبر 2). سنڌو- تهذيب واري علائقي ۾ جيڪو اڳوڻي راجپوتانا جي رياستن ۾ اراولي ٽڪرين تائين پکڙيل  ھو، ڳالھائي ويندي ھئي. ميواتي موجوده ھرياڻا پرانت ۾ اڳوڻي الور رياست  جي زبان الور شاھي يا ميواتي سڏبي ھئي. سنڌو- تهذيب جي ايڏي وڏي پھچ، پکيڙ ۽ ڦھلاءُ سبب بيڪانير جي ”باگڙي يا ڊونگري ٻولي، جوڌپور جي ”مارواڙي ٻولي ، اُڌيپور جي ”ميواڙي يا ڀيلي ٻوليءَ ، سئوراشٽر جي ڪاڍياواڙي ٻولي، سنڌ جي ڍاٽڪي، ڪڇي، لاسي ۽ ڪوھستاني لھجن ۾ تمام گھڻي ھڪجھڙائي آھي.

ٻيو سبب ھيءُ آھي ته ”گوجر دراصل سنڌ جا رھاڪو ”جت آھن، جيڪي سنڌ مان بلوچستان طرف لڏي وڃڻ ۽ اُتي وڃي آباد ٿيڻ کان پوءِ، ”جدگال سڏجڻ ۾ آيا،  ۽ سندن ٻوليءَ کي ”جدگالي ٻولي سڏيو ويو. ”جدگال جڏھن بلوچستان مان افغانستان جي ”تيراه واديءَ ۾ وڃي ويٺا، تڏھن اُتي اِنهن قبيلن کي ”گوجر سڏيو ويو. اھڙيءَ طرح سوات- ڪوھستان، دير، ڪاغان ۽ ھزاره جي وادين کان سواءِ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ به ھنن کي ”گوجر سڏيو ويو.

(ث) جتن جي ٻوليءَ کي  سنڌ، ڪڇ (ڀارت) ۽ بلوچستان جي ”سبي ۽ ”ڍاڍر واري علائقي يعني ڪڇي ۽ گنداواه ۾ ”جتڪي سڏيو ويندو آھي. اھڙيءَ طرح ”جتڪي ، ”جدگالي ، ”لاسي ، ”فراڪي ، جعفرڪي ۽ کيتراني سنڌي ٻوليءَ جا لھجا آھن.

ھت اھو بيان ڪرڻ ضروري آھي ته ”جتڪي ،”جدگالي ۽ ”لاسي

ٻولين جو جڏھن گوجري ٻوليءَ سان تقابلي مطالعو ٿو ڪجي تڏھن ثابت ٿو ٿئي ته اھي سڀئي ٻوليون ھڪ ئي گروھ يعني ھڪ ئي خاندان واريون ٻوليون آھن. ڊاڪٽر داد محمد بروھيءَ جو خيال آھي ته :

”جتڪي ٻولي، جغدالي محاوري جي ننڍي محاوري جي حيثيت رکي ٿي،  جنهن کي ”جتڪي به چئبو آھي. (76) پر منهنجي سمجهه مطابق ڊاڪٽر داد محمد بروھيءَ اُبتي ڳالهه ڪئي آھي. دراصل جغدالي لھجو جتڪي ٻوليءَ جو محاورو يعني ننڍو لھجو آھي، ۽ نه جتڪي جغدالي محاوري جو ننڍو محاورو آھي. ھن ڏس ۾ محترم غلام رسول ميرجت لکي ٿو ته :

”سبيءَ جي چئني طرفن کان ”فراڪي ۽ ”جغدالي لھجا ڳالھايا وڃن ٿا. لسٻيلي ۾ لاسي لھجو موجود اھي، جڏھن ته فراڪي، جغدالي ۽ جدگالي لھجا پڻ سنڌي ٻوليءَ جي لھجن  جي حيثيت رکن ٿا. (77)

ساڳيو مصنف (محترم غلام رسول ميرجت) ، پنهنجي ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته:

”سرائڪيءَ کي جتڪي زبان به چيو  ويندو آھي. ھيءَ زبان اڪثر عام طور بلوچ قومون ڳالھائينديون آھن. خيرپور، جيڪب اباد، نوابشاھ ۽ دادو ضلعن جا جت پڻ اڪثر سرائيڪي زبان ڳالھائيندا آھن. جڏھن ته ”جدگالي حقيقي معنيٰ ۾ ”جتڪي آھي. جدگاليءَ جي معنيٰ آھي. ”جتن جي ڳالهه. تاريخ  ۾ بعض ھنڌن تي جتن کي ”جدگال يا ”جدغال به  ڪوٺيو ويو آھي. (78)

گوجري ٻولي، جيئن اڳ ۾ دعوا ڪئي ويئي آھي ته، ڪوھستاني گروھ جي ٻولي نه آھي، ۽ نه ئي وري ڪو ھن ٻوليءَ جي  داردي گروھ وارين ٻين ٻولين سان واسطو آھي. ھيءَ ٻولي دراصل غير- داردي ۽ غير آريائي ٻولي آھي، پر ھيءَ ٻولي سنڌو ماٿر جي اصلوڪي ٻوليءَ يعني ”سئنڌوئي، جي ڏاکڻي شاخ جي ھڪ ٻولي آھي، جيڪا سنڌ جي لاڙ ۽ ڪڇ واري حصي ۾ رھندڙ ”جتن جي  ”جتڪي ٻوليءَ جو ھڪ روپ  آھي.

گذريل صفحن ۾ اھو چيو ويو آھي ته جيتوڻيڪ گوجري ٻولي به، صوبي سرحد جي ڪوھستاني علائقن ۾ ڳالھائي ويندي آھي، پر اھا (گوجري) ٻولي، غير- آريائي ٻولي آھي. سرگريئرسن جي خيال  موجب: ”گوجري ٻولي، لھندا ۽ سنڌي ٻوليءَ سان مشابهت رکي ٿي. (79) گوجر قبيلا پنهنجي مادري زبان گوجريءَ کان سواءِ، ڌار ڌار ھنڌن تي ڪوھستاني گروھ جون ڌار ڌار ٻوليون به ڳالھائيندا آھن ؛ جھڙوڪ : ڪُشتياواري / ڪشتاري/ ڪُشتياني ۽ ڪالامي وغيره.

گريئرسن جو رايو آھي ته:

”گوجري، پشمال واديءَ جي هڪ ٻولي آهي. هيءَ وادي، سوات نديءَ جي  ساڄي طرف، سوات نديءَ جي ٻن شاخن،  ”اِسريت“ (Isret) ۽ ڪارن دکي (Karan Dukhi) جي وچ ۾ گهيريل آهي،. پشمال جي واديءَ ۾ فقط ”گوجر“ رهندا آهن. جيڪي گوجري ٻولي ڳالهائيندا آهن. هيءَ (پشمال) وادي، ”گوجرن جي جوءِ“ (Home Land) ۽ ”تَرُ“ آهي. (80)

اهڙيءَ طرح سوات نديءَ جي اُترئين علائقي جي ”اُتڙور“، ”اُوشو“ ”گيرال“ ۽ ”ڪالام“ جي وادين ۾ رهندڙ گوجر به گوجري ٻولي مادري زبان طور ڳالهائيندا آهن. هن کان اڳ وارن صفحن ۾ اها  دعوا ڪئي ويئي آهي ته ”جتڪي“، ”جدگالي“ ۽ ”گوجري“ ٻوليون، ساڳيءَ ٻوليءَ جا مختلف روپ آهن، ان ڪري اهي ٻوليون هڪ ٻئي سان ملن جلن ٿيون ۽ هڪ ٻئي سان مشابهت رکن ٿيون. اها هڪ جهڙائي، صرف هڪجهڙن لفظن يا لغوي خزاني تائين محدود نه آهي، پر انهن ٻولين ۾ صوتياتي، صرفي ۽ نحوي ساخت، يعني وياڪرڻي هڪجهڙائي جا ڪيترائي مثال ملن ٿا.

دراصل ”جت، جاٽ، جدگال، گوجر، مداز ۽ زُط“ هڪ ئي نسل واريءَ جاتيءَ سان واسطو رکن ٿا، جنهن تي ڌار ڌار خطن ۾ آباد هجڻ جي ڪري، ڌار ڌار نالا پئجي ويا آهن، پر سندن ٻولي ساڳي آهي؛ اُن ۾ ڪو به فرق ڪونهي. اهو ئي سبب آهي جو تقابلي اڀياس ۽ مثالن جي مدد سان، اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ”گوجري ٻولي“ دراصل ”جتڪي“، سنڌي ڪوهستاني (جاکرن، جوکين، پالارين، نومڙين ۽ برفتن وغيره ڪوهستان ۾ رهندڙ جاتين جي ٻولي) ۽ ”جدگالي“ ٻولين جو هڪ الڳ روپ يا نمونو آهي. گوجري ڪو الڳ لهجو يا زبان ڪانهي، پر اها ”گوجري“ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ”نسلي يا جاتي“ (Ethnic) لهجي جو هڪ روپ يا نمونو آهي. نسلي لهجن جي لحاظ کان، سنڌي ٻوليءَ جا ٻيا به ڪيترائي نمونا يا قسم آهن؛ جهڙوڪ: مهاڻن جي ٻولي، ريٻاڙڪي ٻولي، ماڇڪي ٻولي، شڪارين جي ٻولي، وغيره. انهن ۽ اهڙن ٻين نسلي لهجن ۾ قديم، سنڌي ٻوليءَ جي خاڪي جا اُهڃاڻ اڃا تائين موجود آهن:

هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو رايو آهي ته:

”جتن جي ٻوليءَ ۾ قديم سنڌيءَ جي خاڪي جا وڌيڪ اُهڃاڻ موجود آهن“. (81)

بلوچ صاحب پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ لکي ٿو ته:

”جتن جي ٻولي هڪ قديم مقامي سنڌي ٻوليءَ جو يادگار آهي، جيڪا ڪن جت- بلوچ قبيلن صديون اڳ، سنڌ جي ڪنهن ڀاڱي ۾‎، مستقل طور تي آباد ٿي اختيار ڪئي. سندن اها ٻولي ”قديم سنڌي ٻوليءَ“ جو هڪ خاص محاور (Dialect) هئي.“ (82)

پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي ٽئين ڇاپي ۾، سندس راءِ ۾ ٿوري ڦيڙڦار ڪئي آهي ۽ لکي ٿو ته:

”سٽاءُ جي لحاظ سان، جتن جي ٻولي ۽ موجوده سنڌيءَ ۾ ڪو فرق ڪونهي، مگر جتن جي ٻوليءَ ۾ ڪي خصوصيتون باقي آهن، جيڪي غالبا قديم سنڌي ٻوليءَ جي اشارن ۽ اُهڃاڻن جون يادگار آهن.“(83)

81- وياڪرڻي هڪجهڙائي: ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سرگريئرسن جي حوالي سان، سنڌي ۽ گوجري جي انهن لفظن ۽ وياڪرڻي صورتن جو لڙهيون ۽ مثال ڏنا آهن، جيڪي ٻنهي ٻولين ۾ هڪجهڙايون ثابت ڪن، مثال طور(84) :

(الف) سنڌي ۽ گوجريءَ ۾ حاصل مصدر جي علامت ”ڻ“ آهي ۽ ٻنهي ٻولين ۾ اها پڇاڙي ساڪن ڪانه هوندي آهي،  ۽ ”ڻ“ جي پويان ”ڇوٽو سر“ اُچاريو ويندو آهي، جيئن:

سنڌي        گوجري

ڪَرَڻُ         ڪَرَڻَ

پيئڻُ         پيئڻَ

ڏيئڻُ         ڏيئڻَ

ويهڻُ         ويهڻَ

(ب) ٻنهي ٻولين يعني سنڌي ۽ گوجريءَ ۾ ڪي مذڪر اسم ”او“ پڇاڙيءَ ۾ ختم ٿين ٿا ۽ اهڙن لفظن جي مونث روپ ٺاهڻ لاءِ ”او“ پڇاڙيءَ کي، ”اي“ پڇاڙي ۾ بدلايو ويندو آهي. جيئن:

سنڌي                      گوجري

مذڪر        مونث         مذڪر               مونث

گهوڙو        گهوڙي       گهوڙو               گهوڙي

ڪُتو         ڪُتي        ڪُتو                ڪُتي

ٻلو           ٻلي          بِلو                  بِلي

(ت) اهڙيءَ طرح اسمن جا ڪي روپ اهڙا به آهن، جن جا مونث روپ ٻنهي ٻولين ۾ نٿا ٺهن؛ جيئن:

سنڌي        گوجري

ديرو          ديرو

ڪوٺو        ڪوٺو

ڀرونٽو        ڀرونٽو

(ث) سنڌي  ۽ گوجريءَ ۾، عدد شماريءَ وارا انگ ساڳيا ڪم ايندا آهن؛ جيئن:

سنڌي گوجري سنڌي گوجري       سنڌي        گوجري

هڪ/ايڪ ايڪ         ٻَه  دوَ            ٽي/ٽري             ترئي

چار    چار    پنج    پنج           ڇهه/ڇيهه     ڇَهه

ست   ست   اٺَ    آٺ           نَوَ            نئون

ڏهه    دَهه    يارهن  يارهه          ٻارهن         بارهه

تيرهن تيرهه  چوڏهن چودهه        پندرهن       پندرهه

سورهن سورهه سترهن سترهه        ارڙهن/اَٺارهه   اَٺارهه

اوڻيهه        اُنين   ويههَ          بي

گوجريءَ ۾ انگن ڳڻڻ وارو اهو طريقو سنڌيءَ جي لاڙي لهجي ۾ اڄ به قائم آهي.

(ج) ويهون ڳڻڻ وارو ايڪو: ڪاڪي ڀيرو مل ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته:  ”سنڌو-ماٿر جي قديم زبان ۾ ”ويهون“، ايڪي طور ڳڻڻ جو رواج، دراوڙي زبانن جي ڪري آهي. (85) گوجري ٻوليءَ ۾، انگن ڳڻڻ جو اهو طريقو اڄ به جاري آهي؛ مثال طور:

سنڌي        گوجري       سنڌي        گوجري

ٻاويهه        دوتي بي            اوڻيتاليهه     ايڪ گهٽ چي

ٽيويهه        تري تي بي   اوڻونجاهه            نوتي چي

ٽيهه          تري          پنجاهه        دهه تي چي

چاليهه        چي           ايڪونجاهه    يارهه تي چي

                            ايڪهٺ             ايڪ تي تري بي

                           اوڻهٺ        نو تي تري بي

                           ستر          دهه تي تري بي

                           اوڻاسي       ايڪ گهٽ چار بي

                           اَسي          چار بي

(ح) گوجري ٻوليءَ ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ جي ”ڪڇي“ ۽ ”ڍاٽڪي“ لهجن وارو عدد قطاريءَ وارن انگن ڳڻڻ جو طريقو ساڳيو آهي؛جيئن:

ڪڇي/ڍاٽڪي      گوجري       ڪڇي/ڍاٽڪي             گوجري

پهلو         پهلو         ڇٺو                 ڇهيمو

دوجو         دوجو         ساتمو               ستمو

تريجو        تيجو         اٺمو                 اَٺمو

چوٿو         چوٿو         نَومو                نومو

پنجمو        پانجمو       دسمو                دهمو

(خ) گوجري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڍاٽڪي ۽ پارڪري لهجن ۾ ڪي ضمير،ساڳئي نموني استعمال ٿيندا آهن؛مثلا:

مٿياري سنڌي       ڍاٽڪي/سنڌي       گوجري

آءُ                   هُون                 هُون

توهان جو            ٿارو                 ٿارو

تنهنجو              تيرو                 تيرو

منهنجو              ميرو                 ميرو

اسان جا              امهارو               امهارو

ڇا                   ڪي                ڪِي

(د) گوجري ۽ سنڌيءَ جي ڪڇي، ڍاٽڪي ۽ لاڙي لهجن ۾، رنگن لاءِ، ساڳيا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن.

سنڌي        گوجري

ڪارو         ڪائو

نيرو          نيلو

اَڇو/چٽو      چٽو

ڀورو          ڀورو

رتو           رتو

(ر) حرف جر جي هڪجهڙائي: (الف) ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:

”دراوڙي“ ٻولين (تامل) ۾ حالت جريءَ جي ڦيري لاءِ اسم يا ضمير جي پويان ”ڪ“ (Ku) حرف جر استعمال ڪبو آهي. تيليگو ۾ حرف جر جا ٻه روپ ”ڪُ“(Ku) ۽ ”ڪي“ (Ki)آهن. (86)

ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:

”هند-يورپي جي ڪنهن به شاخ ۾ Ku يا Ki سان مشابهت رکندڙ حرف جر نٿو ملي، البت هنديءَ ۾ ”ڪو“ (ko) بنگلا ۾ ”ڪي“ (Ke) ۽ سنڌيءَ ۾ ”کي“ (Khe)، دراوڙي حرف جر ”ڪُ“ (Ku) سان هڪجهڙائي رکن ٿا.“ (87) انهيءَ بيان کان پوءِ ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:

”دراوڙي ٻولين ۾ هندي، بنگلا ۽ سنڌي ٻولين ۾ اهڙي هڪجهڙائيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته دراوڙي ٻولين ۽ ڏيهي ۾ ڪا ويجهي مائٽي آهي.“ (88)

ڊاڪٽر ڪالڊويل اها به راءِ ڏني آهي ته:

”سنڌي جو حرف جر ”کي“ Khe ديسي بچيل سرمايو يعني قديم ٻوليءَ جو لفظ آهي. اهو حرف جر سنڌيءَ ٻوليءَ، قديم زماني کان وٺي پاڻ وٽ سانڍيو آهي ۽ قديم زماني کان استعمال پئي ڪيو آهي ۽ اڄ به اُن ۾ استعمال ٿيندو رهي ٿو.“ (89).

(ب) سنڌي جي ”کي“ حرف جر لاءِ جتن جي ٻوليءَ ۾ ”ڪِ“ لفظ ۽ جاکرن، پالارين، جدگالن جي ٻوليءَ ۾ ”ک“ حرف جر استعمال ڪيو ويندو آهي. لهاذا ”ڪِ“ يا ”کِ“ جي استعمال مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ٻولين ۾، سنڌو-ماٿر جي اصلوڪي زبان ”سئنڌوئي“ جي اِها وياڪرڻي خصوصيت پاڻ وٽ سنڀالي رکي آهي.

محترم غلام رسول مير جت، سنڌيءَ ۾ جتڪيءَ جا هيٺ موجب مثال ڏنا آهن.

سنڌي        جتڪي              سنڌي        جتڪي

مون کي             ماڪِ         اسان کي            ساڪِ

توکي         توڪِ         اوهان کي            واڪِ

هن کي              هوڪِ         هنن کي             تيجاڻڪ (90)

جتن جي ٻوليءَ ۾ ”ڪِ“ حرف جر جي استعمال جا مثال ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ ڏنا آهن (91) لهاذا هيٺ حرف جي هڪجهڙي استعمال جا مثال ڏجن ٿا:

سنڌي جتڪي              ڪوهستاني   جدگالي              گوجري

مون کي/     مان کي ماڪ       ماک         مين کِ        مين کِ

اسان کي     ساڪِ/سان ڪِ      ساک/سانکِ ساکِ         ساکِ

تو کي توڪي       توک         توکِ         توکِ

توهان کي تانڪِ            تانکِ        تانکِ        تانکِ

هن کي       هوڪِ         هُوکِ         هُوکِ         هُوکِ

انهن مثالن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته حالت جريءَ جي صورت ۾ سنڌي حرف جر ”کي“ قديم سنڌي زبان ۾ ”ڪِ“ يا ”کِ“ استعمال ڪيو ويندو هو. سنڌي حرف جر ”کي“ جدگالي ۽ گوجري ڪوهستاني جتڪي ٻولين ۾ اڄ به قائم آهي.

19- صوتياتي هڪجهڙائي: چوسڻا آواز: (i) گوجري ۽ سنڌي جو صوتياتي مطالعو به دلچسپ آهي، ڪافي زماني کان، هڪ ٻئي کان، هزارين ڪلو ميٽر پري هجڻ ۽ هڪ ٻئي سان ڪنهن به قسم جي ناتي نه هجڻ جي ڪري، گوجري ٻوليءَ مان چوسڻا آواز (ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ) گم ٿي ويا آهن. اِهي آواز دراصل سنڌيءَ، لهنديءَ  ۽ گجراتي ٻولين ۾ صوتيات جون خاص خصوصيتون سمجهيا ويندا آهن. لهندي ٻولين مان، سرائڪي ٻوليءَ، اهي چوسڻا آواز قائم رکيا آهن، پر هندڪو پوٺاهاري، ڇاڇي، اعواڻڪي، ڌني ۽ شاهه پوري وغيره ٻولين ۾ هاڻي اِهي چوسڻا آواز نٿا اُچاريا وڃن.

(ii) آوازن جا تبادلا: سنڌي، لهندي ۽ گوجريءَ ۾ (ب) ۽ (و)، (ل) ۽ (ر) ۽ (س) ۽ (هه) آوازن جا هڪٻئي ۾ تبادلا ممڪن آهن؛ جيئن:

سنڌي        لهندي        گوجري       تبادلا

ويهڻ         ٻيسڻ        بيسڻ        و< ب/ٻه< ب

ٻار           بال           بال           ر<ل<ٻ< ب

ويهه          بِي           بِي           و < ب

(19) جملن جي رچنا ۾ هڪجهڙائي: سنڌي، ڪوهستاني، لاسي، جدگالي ۽ گوجري ٻولين جي جملن جي ساخت ۽ جملن اندر لفظن جي بيهڪ واريءَ سٽاءُ جو مطالعو به ڏاڍو دلچسپ آهي. هيءُ هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي ۽ انهن ٻولين جي جملن جي تقابلي اڀياس تي تحقيق جي ضرورت آهي. انهن ٻولين جي فقرن ۽ جملن جي نحوي سٽاءُ به ساڳي آهي. جملن ۾ اسمن، فعلن ۽ حرف جر جا حالتن جي صيغي ۾ گردان ۽ ڦيرا به هڪجهڙو طريقو ظاهر ڪن ٿا. هن موضوع تي تفصيلي مطالعي جي ضرورت آهي. هن مقالي ۾ نموني طور ڪي مثال ڏجن ٿا ته جيئن پڙهندڙ به ڪاءِ راءِ قائم ڪري سگهن.هيٺ ڏنل جملا ڀيٽي سگهن ٿا.

سنڌي ٻولي

جتڪي

سنڌي/ڪوهستاني

لاسي

جدگالي

گوجري

آءُ ماني کيان تو

آيو ماني کايين تو

آن ماني کائين پيو

آن ماني کيان پيو

مين ماني کائين سو

مين ماني کائين سو

آءُ ماني کايان تو

 

 

 

 

 

مون کي چيو آئيس

ماڪِ چيائين آئي

ماک چيائين آئي

ماک به چيائين آئي

مين ک به چيائين سو

مين ک به چيائين سو

مون ڏٺو

مانهين ڏٺو

ما ڏٺو

مين ڏٺو

مين ڏٺو

مين ڏٺو

مون توکي ڏٺو هو

مان توڪِ ڏٺو     

ماتوکِ ڏٺو

مان توکِ ڏٺو     

مين توکي ڏٺو

مين توکِ ڏٺو

روپيو صندوق منجهه پيو آئي

روپيو صندوق منجهاران پيو هئي

روپيو صندوق منجهارا پيو هئي

روپيو صندوق مان راپيو هئي

رپيو صندوق مان پيو هئي

روپيو صندوق ۾ پيو آئي

 

تون جو نالو ڇا آئي؟

تو هون نالو مشوري؟

تو جو نالو ڇو آئي؟

تو جو نالو ڇو ڙي؟

تو جو نالو سوئي؟

تو جو نالو سوئي؟

هو بيٺو آئي

 

 

 

 

 

هو اُڀو آئي

هو ڀو اي

هو ڪَني بيٺو آئي

او ڀو اي

او بيٺو.ڇوءِ

او بيٺو ڇوءِ

مون کي ماري ٿو

مون ڪِ ماري تو

مون کِ ماري تو

مون کي ماري تو

مين کِ ماري سو

مين کِ ماري سو

ڪٿي پيا وڃو؟

ڪيڻي تو وڃين؟

ڪيڏ تو وڃين؟

ڪيڏ تو وڃين؟

ڪيڏڪي تو وڃين؟

ڪيڏڪي تو وڃي؟

       اهڙيءَ طرح سنڌي ۽ گوجري ٻولين جي جملن جي ڀيٽ جا مثال محترم پرويش شاهين جي ڪتاب مان هيٺ نقل ڪجن ٿا. (92)

سنڌي

گوجري

گوجري

گوجري

مون کاڌو       

مين کدو

مون کاڌو آهي

مين کدوهي

هن کاڌو

اُسي کدو

اُنهن کاڌو

اُن ني کدو

تو کاڌو

ٿي کدو

توهان کاڌو       

تُم ني کدو

هن کاڌو آهي 

اُسي کدوهي

اُنهن کاڌو آهي

اُن ني کدو هي

تو کاڌو آهي 

ٿي کدوهي

توهان کاڌو آهي

تم ني کدوهي

ڪهڙو حال آهي؟

ڪي حال اي؟

سٺو آهي

اَڇو هي

تنهنجو نالو ڇا آهي؟

تير ڪي نا؟

هيءَ راهه ڪيڏانهن ٿي وڃي؟

يو راهه ڪن کا چلي؟

تون ويو آهين؟

تو گيا آيل؟       

هو هليو ويو       

وه جاريو

آءٌ ويو هوس

هُون گيو ٿو       

مون ٽڪر (ماني) کاڌو

مين ٽوڪ کاليو

هيءَ منهنجي ڌيءَ آهي

يا ميري ڌي اي

هيءَ اسان جي ڌيءَ آهي

يا مهاري ڌي اي

هيءُ اسان جو پٽ آهي

يو مهارو پوت اي

هيءُ منهنجو پٽ آهي

يو ميرو پوت اي

 

 

مون کي ٻڌاءِ تو ڪڏهين ايندين

منه دسو تو ڪدا آگو؟

هو اُت موجود نه هو

وه اُت موجود نهين ٿو

 

 

ماڻهن تپاس ڪئي/پڇيو

لوڪان ني تپاس ڪيو

 

 

تو ڪٿي هئين؟

تو ڪيت ٿو؟

 

 

                    

جملن جي انهن مثالن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ”گوجر“ دراصل سنڌ جي جت آهي، جن کي بلوچستان ۽ ايران ۾ ”جدگال“ سڏيو ويو، جن کي اڳتي افغانستان جي تيراه وادي ۽ پوءِ دير ڪوهستان ۽ سوات ڪوهستان طرف لڏي وڃڻ کانپوءِ، اُتي مال جا ڌڻ پالڻ ڪري ”گوچر“ سڏيو ويو، جو بدلجي ”گوجر“ ٿي ويو. هنن جي رهڻي ڪهڻي، کاڌي خوراڪ، اُٿڻي ويهڻي، شڪل شبيهه، لباس، رسمن ۽ رواجن کانسواءِ سندن ٻوليءَ جي تقابلي اڀياس مان ظاهر ٿو ٿئي ته گوجر، نسلي لحاظ کان سنڌو-ماٿر جي لاڙ واري خطي جا رهاڪو ”جت“ آهن، ۽ اهو ئي سبب آهي جو ”جتڪي“، ”جدگالي“، ”سنڌي ڪوهستاني“، ”لاسي“ ۽ ”گوجريءَ“ ۾ ايتري قدر گهڻي هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. هن ڏس ۾ تحقيق لاءِ وڌيڪ بهتر ٿيندو ته سنڌ مان علم اللسان ۽ علم الانسان جي کيتر ۾ دلچسپي رکندڙ سڄڻن تي مشتمل خواتين حضرات جو هڪ گروهه، ڪجهه عرصي لاءِ سوات-ڪوهستان جي ”گبرال“، ”اوشو“ ۽ ”اتروڙ“ جي وادين ۾ وڃي گوجرن سان ڪجهه عرصو گذاري ۽ انهن جي روزانو زندگيءَ  ٻوليءَ تي معلومات هٿ ڪري، ساڳيو گروهه وري ڪجهه عرصي لاءِ مڪران ۽ ايران جي اُن علائقي ۾ وڃي جدگالن سان گذاري ۽ اُنهن جي روزانه زندگيءَ ۽ ٻوليءَ تي مواد هٿ ڪري، ساڳيو گروهه پوءِ بلوچستان جي جدگال خطي ۾ وڃي. جدگالن کان مواد هٿ ڪري. اُن گروهه کي سنڌ جي ڪوهستاني علائقي (دادو ضلعي، ٺٽي ضلعي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي) ۾ آباد جوکين، جاکرن، برفتن، نومڙين، هملاڻين، پالارين ۽ انهن جي پاڙن نوتاڻين) برادراڻين، ميندن ۽ ملاراڻين ۽ نوحاڻين جي ٻوليءَ ۽ تهذيب و تمدن جو جائزو وٺي.

هيءَ هڪ تمام وڏو ۽ اهم موضوع آهي، هي مقالو علم الانسان ۽ علم اللسان جي کيتر ۾ محققن جي پياس پوري ڪري نه سگهندو، پر اُٽلو سندن اُڃ ۾ اضافو ڪندو ۽ مٿي ڄاڻايل مواد تي مڪمل تحقيق لاءِ منجهن اُتساهه پيدا ڪندو.

ببليو گرافي ۽ سمجهاڻيون

(1) پاڪستان جي اُتر، اُتر-اولهه طرف پاڪستان اندر توڙي افغاني سرحد، ۾ واخان واري پٽي ۽ واخان جي اُتر طرف آزاد رياست تاجڪستان ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن، انهن جا نالا هي آهن:

(الف) پاڪ-افغان سرحد جي ٻنهي پاسي، هندوڪش جبلن ۾ رائج ٻوليون: اُرمڙي، اَشڪَن، پَشائي، (ڪُنار دريا جي واديءَ ۾)، وائيگيل (ويگالي)، پرَسُن، کووار، دميلي، ڪُتي، مُنجي، يِدِگها، سنگليچي (زيبڪي)، لونڪو چيوار ۽ بشگالي.

(ب) واخان پٽيءَ ۾ رائج ٻوليون: وَخي (اُترئين يارخن ۾ ڳالهائي ويندي آهي) ۽ اِشڪشمي

(ت) پامير واري مٿاهين پٽ ۾ رائج ٻوليون: پاميري ۽ شفني

حوالي لاءِ ڏسو:

George Margentierne, Report on a linguistic Mission to North- Western India, Institute for Sammenlignende, Kulturforsking, Serie CIII-I, 1932, Reprinted Karachi, Indus Publication, pp-16,74 & 42-50

Also see: Yashodhare Wadhwani, Dr. The Origin of the Sindhi Language, off Print. P-196.

(2) اُهي ماهر ۽ ودوان، جن برصغير جي مغربي حصي ۽ اُن جي سرحد سان ملندڙ ملڪن جي ٻولين تي تحقيق ڪئي ۽ جن جو ڇڏيل تحقيقي مواد ڪتابن ۽ مقالن جي صورت ۾ موجود آهي،

انهن مان ڪن جا نالا هي آهن:

(i) شُلر (Schultze)، (ii) بيليگتي (Beligatti)، (iii) امادُتيئس (Amadutius)، (iv) سموفنا (Symphona)، (v)، سروليئم جونز (Sir,William Jones)، (vi) باپ (Bopp)، (vii) ڪئري، ڊبليو (Carey, W.)، (viii) مارشمئن (Marshman)، (ix) ڊبليو وارڊ (W.Ward)، (x) ڊاڪٽر فزئينسز بُخَنَن (Dr.Francis Buchanan)، (xi) ڊي جي لائپڊن (D.J.Leyden)، (xii) بِي-ايڇ هاگسن (B.H.Hodgson)، (xiii) هنٽر (Hunter)، (xiv) مئڪس مُولر (Max Muller)، (xv) ڊاڪٽر ڪالڊويل (Dr. Caldwell)، (xvi) شمد ڊبليو (Schmidt, W.)، (xvii) ميجر رابرٽ ليچ (Major Robert Leech)، (xviii) سررسڪين پيري (Sir Erskine Perry)، (xix) اسٽيوينسن (Stevenson)، (xx) جون بيمز  (John Beanes)، (xxi) هورنلي, (Hoernle) (xxii)جورج ڪئمبيل (George Cambell) ، (xxiii)ون بدولف (John Biddulph)، (xxiv) آرل اسٽين (Aurl Stein)، (xxc) لوينر (Loriner)،(xxvi) اسڪومبرگ (Schumberg)، (xxvii) لائيٽنر (xxviii) جون بيلي (John Baily)، (xxix) جورج بُدرس (George Buddrus)، (xxx) مارٿي فِچ (Marthy Fitch)،(xxxi)  ڊاڪٽر لور سئنڊر (Dr. Lore Sander)، (xxxii) ايم اي يانگ (M.A.Yong)، (xxxiii) ووييچ اسڪُل مؤسڪي (Woiceich Skalmowski)، (xxxiv) رُٿ لائيلاسمٿ (Ruth, Laila Scmidt)، (xxxv) جورج مورگنسٽيئرن (George Morgenstiesne)، (xxxvi) پروفيسر گئنوئڪسي (Prof:Gankovsky)، (xxxv) ڪارل ييتمار (Karl Yetmar)، (xxxviii) پروفيسر مچل (Prof: Mitchell)،  (xxxix)   پروفيسر تُربياني (Prof: Turbiani)، (xxxxii) ڊاڪٽر اي –ٽرومپ (Dr.E.Trumpp)، (xxxxi) ڊاڪٽر ايڇ-ٽي-سورلي (Dr.H.T.Sorley)، (xxxxii) جورج اسٽئڪ (George Stack)، (xxxxiii) ڪئپٽن شرٽ (Captain Shirt)، (xxxxvi) ڊاڪٽر شمل (Dr. Schimmel)، (xxxxv) ڊاڪٽر رايا ييگورا (Dr. Raya Yegorava)، (xxxxvi)ڊاڪٽر شئڪ (Dr. Shackale)، (xxxxvii) ڊاڪٽر هير ماٿ (Dr. Hiremath).

(3) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر ”ثقافتي ورثو“، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 1999ع

(4) محمد پرويش شاهينِ ”ڪلام ڪوهستان“ (لوگ اور زبان)، منگوره، سوات ، شعيب سنز پبلشرز، 1989ع، ص -41.

(5) مهر عبدالحق، ڊاڪٽر ”ملتاني زبان اور اُس کان اردو سي تعلق“ ، ص -90

(6) Baloch, N.A. Dr. some lesser known dialects of Kohistan, an article published in Muhammad Shahidullah Felicitation Vol: Edited by Muhammad Enamul Haq. Dacca, Asiatic society of Pakistan pp 50-55

(7) Colin, P. Masica, The Indo Aryan Language, Cambridge Language Survey, Cambridge 1991, p p 430-433, 436 & 440.

۽ پڻ ڏسو؛ الانا،  غلام علي، ڊاڪٽر؛ ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، ڇاپو ٽيون، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1995ع، ص

 ۽ پڻ ڏسو؛ داد محمد، بروهي؛ ڊاڪٽر؛ ”سبيءَ جي ٻولي“ ، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1992ع، 1413هه، ص ص 6 ۽ 29

(8) Grierson G. A .  Lingustic Survey of India, reprinted with new name (linguistic survey of Pakistan), Vol: III, Part II, Op. Cit PP2& 137.

(10) Grierson, G.A. Op. Cit, ref:9.

(11) John Buddul, Tribes of Hindookoosh, reprinted, Lahore, Ali Kamran Publishers, 1986. Also see: George Morgenstieme, Dr. Report on a Linguistic Mission to North – Western India, Karachi, reprinted by Indus publication, 1930, pp. 42-50

(12)Ibid.

(13) محمد پرويش شاهين؛ ”ڪالام ڪوهستان“ . حوالو 4، ص 69.

(14) ايضاً، ص 199.

(15) محمد پرويش شاهين؛ حوالو 4، ص 3.2

(16) ايضاً،  ص 3. 2

(17) ايضاً، ص 21.

(18) ايضاً، ص 221

(19) ايضاً

(20) الانا غلام علي، ڊاڪٽر؛ سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1974، ص 116.

Also see: Ibid, “Origin & growth of Sindhi Language”, under print, Institute of Sindhology.

(21) Grieron, G.A. Op. Cit, ref: 8, p. 173

(22)Grieron, G.A Op. Cit, ref: 8

(24) Ibid

(25) Lewis, B. and others, “The Encyclopaedia of Islam”, Vol: II, Leiden E. J. Brill, 1965, p. 1122.

(26) Belleno, H. W, “The Races of Afghanistan” reprinted by Sang-e-Meel publications, Lahore 1979, p-21.

(27)Ibid.

(28) نبي بخش خان، بلوچ، ڊاڪٽر؛ ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ“ ، ڇاپو ٽيون، ڄامشورو، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ، 1993ع، ص 39.

(29) غلام رسول مير جت ؛”جت جي تاريخ“، ٽنڊو الهيار ، 1933ع، ص ص 25 ۽ 31.

(30) ايضاً

(31) ايضاً

(32) ايضاً ، ص -45

(33) جيٽلي مرليڌر، ڊاڪٽر؛ انٽرويو، مهراڻ 1/1991ع، ص 187

(34) Mir Ahmedyar Khan, “Inside Balochistan”, a Biography, Karachi, Royal Book Company, 1977, P-143

(35) محمد پرويش شاهين؛ حوالو 4، ص 313

(36) ايضاً ، ص – 7. 3

(37) انور بيگ اعواڻ؛ ”دهني ادب اور ثقافت، چکوال، ضلع جهلم، بزم ثقافت چڪوال، 1986ع ص 146.

(38) ايضاً

(39) Hunter, W.W. “Imperial Gazetteer of India”. Vol: IX, Second editon, 1881, P44

(40) Lewis, B. & others Op. Cit, ref: 25. P. 1.2

(41) Bellew, H.W. Op.Cit, 26.

(42) Ibid

(43) Ibid

(44) غلام رسول مير جت؛ حوالو 29، ص 6

(45) Sigria Westphal, Dr. & Heinz Westphall. Dr. “Jats of Pakistan”,Berline, Dunker and Humbolt, 1964, p-104 Vol: I, George Routledge and sons Ltd:, 1914, pp. 52- 55 & 88-89.

(46) Ibid, Also see: Tod, J. “annalsand autiqints of rajasthan”.

(47) غلام رسول، مير جت؛ حوالو ڏنو ويو آهي،

(48) Bellew, H. w op. Cit. ref: 26, P-65.

(49) انور بيگ اعواڻ: حوالو نمبر 37، ص 146

(50)Bellew, H.W. Op. Cit, ref: 26, p -65.

(51) Cencus report of  Makran District of Balochistan. 1961, pp. 1-14

(52) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو جيڪب آبادي لهجو، مخزن پيار محبت، سنڌ هارس ائنڊ ڪئٽل شو، جيڪب آباد، 1988ع، ص 20

(53) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر : ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ ، ٻيو ڇاپو، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1983ع، ص 122.

(54) Bellew, H.W. Op. Cit. ref: 15, p - 65

(55) مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 22

(56) الانا غلام علي، ڊاڪٽر : ڏسو حوالو، 53، ص 123.

(57)ايضاً

(58) داد محمد بروهي، ڊاڪٽر : ”سبيءَ جي ٻولي“، حيدراباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 199ع، ص 6

۽ پڻ انور رومان ، پروفيسر : ”بلوچستان ڪي قبائل“ ، اردو ترجمو، بينظير انٽر پرائيزز پبلشرس، ڪوئٽه 87-1986ع

(59) Balochistan District Gazetteer Series, Makran, Karachi, Vol-IV, the Time Press 1907, p p: 47-72

(60) Ibid, p: 86

(61) Ibid, P: 95

(62) الانا غلام علي، ڊاڪٽر: حوالو نمبر 62 ۽ 53

(63) ايضاً، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع، ص 113

(64) داد محمد بروهي، حوالو 58، ص 114

(65) حوالو 62، ص 114

(66) Grierson, G. sir, Op, Cit, ref:7, p. 137

(67) Colin P. Masica, Dr. The indo Aryan Languages, Cambridge, 1991, p. 428

(68) Ref: 44, p. 104

(69) داد محمد بروهي، ڊاڪٽر : حوالو 57، ص 27

(70) غلام رسول مير جت : حوالو 29، ص 13

(72) Grierson G. Op. Cit, ref:8

(73)Ibid

(74)Colin Masica, Dr. ref:67

(75) Sig. Westphal, Dr. & Heinz Westphal Dr., See ref:45

(76) داد محمد بروهي، ڊاڪٽر : ڏسو حوالو 57

(77) غلام رسول مير جت: حوالو 29 ۽ 70

(78) ايضاً

(79) Baloch, N.A. Dr. some Lesser Known dialects of Kohistan, Op. Cit. ref:3

(80) Grierson, G, Op . Cit, ref:8

(81) نبي بخش خان بلو، ڊاڪٽر : ڏسو حوالو 28، ص 39

(82) ايضاً

(83) ايضاً، ص 41

(84) ايضاً

(85) ڀيرو مل آڏواڻي: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“

(86) Caldwell

(87) Ibid

(88)Ibid

(89)Ibid

(90) غلام رسول مير جت: ڏسو حوالو

(91) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر : ڏسو حوالو 28، ص 43

(مهراڻ 2/2001)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com