سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطي

باب: --

صفحو :5

”هيءُ آڳاٽو حوالو، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لاءِ قيمتي وٿ آهي. هي سنڌي ٻوليءَ جو عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ سڀ کان پهريون لکيل نمونو آهي (2).“

 

چوٿين صدي هجري (ڏهين صدي عيسوي) جي وچ ڌاري، يعني ته عربي حڪومت جي قائم ٿيڻ کان ٻن اڍائي سون سالن واري عرصي ۾، سنڌي ۽ عربي ٻنهي ٻولين کي اهميت حاصل هئي. هن دور ۾ عرب  سياح ۽ جاگرافيدان سنڌ ۾ آيا، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن سنڌ ۽ سنڌي زبان جي باري ۾ اکين ڏٺا احوال قلمبند ڪيا. انهن جي احوالن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ کان ملتان تائين، سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. هنن سنڌي زبان جي مختلف محاورن ۽ رسم الخطن جو به ذڪر ڪيو آهي. البيرونيءَ ته پنهنجي ڪتاب، ”ڪتاب الهند“ ۾، 1017ع کان 1030ع تائين واري عرصي ۾ پشاور کان وٺي ملتان ۽ منصوره تائين هند- سنڌ جي ماڻهن جي تهذيب ۽ ثقافت جو مطالعو ڪيو ۽ ان جو ذڪر ڪيو. البيرونيءَ کان اڳ آيل سياحن ۽ جاگرافيدانن، پنهنجن سفرنامن ۾ جابجا اصل سنڌي، هندي ۽ سنسڪرت وارا لفظ ۽ فقرا، جدولون، ماڻهن، ماڳن، مڪانن، دريائن ۽ جڙين ٻوٽين جا نالا، ان وقت ۾ رائج مقامي ٻولين جا لفظ، عربي- سنڌي رسم الخط ۾ ڏنا آهن. البيرونيءَ سميت سڀني ماهرن خالص سنڌي حروف، عربي رسم الخط جي فن ۾ تبديليون آڻي، جوڙيا. اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جا ڪي لفظ، ان وقت عربي حروف تهجيءَ جي مدد سان جنهن نموني جوڙي لکيا ويا اُن نموني عربي- سنڌي رسم الخط جي ابتدا 187هه کان اڳ ٿي چڪي هئي، جنهن جو هڪ نمونو ”اره بره کنکره، کراکري مندره“ مان ته ملي ٿو، پر ٻيا نمونا ابو عطا سنڌي، ابو معشر سنڌي ۽ ابو ضلع سنڌيءَ جي لکڻين ۾ به ڳولڻ کپن. ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

علائقن/ ملڪن جا نالا

حروف

ڳوٺن، ماڳن، مڪانن ۽ شهرن جا نالا

حروف

سنڌي

عربي

عربي

سنڌي

سنڌي

عربي

عربي

سنڌي

مڪران

مڪران

م

م

ٻڌا

بده

ب

ٻ

 

 

ک

ڪ

ڪيچ

کيز

ز

چ

 

 

ر

ر

ڪنزپور

قنزبور

ق

ڪ

 

 

ن

ن

 

 

ب

پ

حروف

حروف

 

سنڌي    عربي

عربي  سنڌي

سنڌي    عربي

عربي سنڌي

 

توران    طوران

ط           ت

برهمن آباد  برهنا باد

ن          ڻ

 

سبي    سيوي

س         س

ڀرج          بهرج

بهه         ڀ

 

 

و           ب

اروڙ          الرور

ر            ڙ

 

پنج آب  بنج آب

ب           پ

مهراڻ         مهران

ن           ڻ

 

 

 

بلڙي         بلري

ر            ڙ

 

 

 

مستونگ  مستنج

ج           گ 

 

 

 

گنگ/گنگو کنگ

ک          گ

 

 

 

کنڀات        کنبابہ

که          ک

 

 

 

بڪار           بکار

ک         ڪ

 

 

 

بکر            باکهر

کهه        ک

 

ماڻهن جا نالا

حروف

ميون جا نالا

حروف

 

سنڌي    عربي

عربي  سنڌي

سنڌي     عربي

عربي سنڌي

 

راسڪ راسک

ـــــــ     بلهرا

رتن    رتن

(رياضي دان جو نالو)

گنگو       کنکه

ک         ڪ

ــــــ         ــــــ

ــــــ         ــــــ

 

ک        گ

ليمو        ليمونه

انب         انبج

نارنگي    نارنج

ميوو       مهوا

ــــــــ        ـــــــ

ــــــــ        ـــــــ

ج          گ

ــــــــ        ـــــــ

 

(طبيب جو نالو)

ڌنو       دهن

(طبيب جو نالو)

 

دهه           ڌ

 

 

 

سنجهر  سنجهل

جهه       جهه

 

 

 

(طبيب جو نالو)

ل         ر

 

 

 

ڏاهر     داهر

د         ڏ

 

 

 

ماڻڪ    منکه

ن         ڻ

 

 

 

(طبيب جو نالو)

ک        ڪ

 

 

 

ڀلو     بهله

بهه        ڀ

 

 

 

(طبيب جو نالو)

 

 

 

 

جوڌو    جودر

در        ڌ

 

 

 

کاڌن، طعام ۽ دالين جا نالا

حروف

جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جا نالا

حروف

 

سنڌي    عربي

عربي  سنڌي

سنڌي     عربي

عربي سنڌي

 

سمبوسا   سموسک

(مختلف مغزن

۾ پڪل گوشت)

ــــــ       ــــــ

 

 

ڪرڻ      قرنفل

 

دارچيني     دار صيني

چندن          صندل

ن           ڻ

ف         ڦ

ص         چ

ص         چ

 

مڃ     منج

ج           ڃ

 

 

 

کچڙي  کشري

ک          ک

 

 

 

 

ش          چ

 

 

 

 

ر           ڙ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

فتح نامو (چچنامو) اصل عربي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو هو، جنهن کي پوءِ علي ڪوفي نالي هڪ عالم سنه 613 هه (1216ع) ڌاري فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اُن ۾ نج سنڌي لفظن کي عربي- سنڌي صورتخطيءَ هيٺ موجب لکيو ويو:

                                                حروف

موجوده سنڌي صورتخطي

عربي سنڌي رسم الخط

عربي

سنڌي

ٻڌرکو

بده رکهو

ب

ٻ

 

 

دهه

ڌ

 

 

کهه

ک

ڀاٽيا

بهاتيه

بهه

ڀ

 

 

ت

ٽ

ڀٽي

بهتي

بهه

ڀ

 

 

ت

ٽ

ٿاڻو

تانه

ت

ٿ

 

 

ن

ڻ

جهم

جهيم

جهه

جهه

                                             حروف

موجوده سنڌي صورتخطي

عربي سنڌي رسم الخط

عربي

سنڌي

راوڙ

راؤر

ر

ڙ

ٻيٽ

بيت

ب

ٻ

 

 

ت

ٽ

ٺڪر

تکر

ک

ڪ

 

 

ت

ٽ

ڪاڪا راڄ

کاکا راج

ک

ڪ

 

 

ج

ڄ

ڍنڍ

دنده

دهه

ڍ

ڏاهر

داهر

د

ڊ

 

 

د

ڏ

جوڻو

جونه

ڻ

ن

چڱي

چنگي

گ

ڱ

مرحوم عبدالڪريم لغاريءَ چچنامي ۾ نج سنڌي آوازن لاءِ ڪم آيل جيڪو عربي- سنڌي حروفن جو چارٽ ڏنو آهي، سو هيٺ نقل ڪري ڏجي ٿو:

نج سنڌي آوازن لاءِ موجوده سنڌي صورتخطيءَ ۾ حرف

چچنامي ۾ ڪم آندل حرف

ٻ ۽ ڌ

ب+ دهه

ڀ ۽ ڏ

بهه+ د

ٻ ۽ د

ب+ د

ٿ ۽ ڍ

ت+ دهه

ٽ ۽ ڙ

ت+ ر

ٺ ۽ ڪ

ت+ ک

ڦ ۽ ڳ

؟+ ک

جھ ۽ گهه

ج+ گهه

جهه ۽ ڱ

ڄ+ نگ

ڃ ۽ ڻ

نج+ ن

لغاري صاحب لکي ٿو ته: ”مٿئين چارٽ کي ڏسڻ کان پوءِ هيءَ ڳالهه البت ڌيان ۾ رکڻي پوندي ته ان وقت جي انهن عربي فارسيءَ جي مصنفين سنڌي لفظن کي لکڻ وقت سنڌي الف- بي ٺاهڻ جو قصد ڪري، نج سنڌي اُچارڻ لاءِ مٿيان حرف مقرر نه ڪيا، محض پنهنجي مقصد کي ظاهر ڪرڻ خاطر انهن اهي حرف مقرر ڪيا ۽ لکيا، تاهم اڳتي هلي ٻين فارسيدانن به اها ئي واٽ ورتي ۽ نج سنڌي اچارن کي انهن ئي حروف ۾ تحرير ڪيو“ (1).

 

مٿي ڏنل لفظن جي لڙهين جي جائزي کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته عرب ماهرن، سنڌيءَ جي خاص آوازن لاءِ عربي حروفن جي جي مدد ورتي ۽ انهن ۾ تبديليون آڻي سنڌي آوازن لاءِ عربي- سنڌي حروف جوڙيا. هنن اهي نوان ٺاهيل حروف ڪم آڻي، انهن جي مدد سان نج سنڌي آواز لکيا ۽ حروفن جون چارئي صورتون- ابتدائي، وچين، آخري ۽ سالم- ڪم آنديون، مثلاً ”ب“ جو مثال وٺو:

ابتدائي صورت

وچين صورت

آخري صورت

سالم صورت

بــ

ــبـ

ــب

ب

حاصل مطلب ته عرب ماهرن، محققن ۽ مؤرخن سنڌي ماڻهن، ماڳن، مڪانن، جڙين ٻوٽين وغيره لاءِ عربي- سنڌي حروف تهجيءَ لاءِ 28 عربيءَ جا حروف ڪم آندا، جن ۾ 16 حرف اهي هئا، جيڪي عربي ۽ سنڌي زبانن ۾ عام طور ڪم ايندا هئا، 13 حروف اهي هئا، جيڪي خالص عربي آوازن لاءِ ڪم ايندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح نج سنڌي آوازن لاءِ 22 حروف عربي حروفن ۾ واڌارا يا ڦير ڦار آڻي، ٽٻڪا ڏيئي جوڙيا ويا، تفصيل هن ريت آهي:

عربي ۽ سنڌيءَ ۾ هڪجهڙن آوازن لاءِ حروف:

ا، ب، ت، ج، د، ر، ز، س، ش، ل، ڪ، م، ن، و، هه ۽ ي= جملي 16 حروف، عربن ”ک“ حرف، ”ڪ“ لاءِ ڪم آندو.

 

عربي جي خالص آوازن لاءِ حروف:

ث،ح، خ، ذ، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ء ۽ ق= جملي 13 حروف.

خالص سنڌي آوازن لاءِ جوڙيل عربي- سنڌي حروف:

نج سنڌي آواز

نوان جوڙيل حرف

نج سنڌي آواز

نوان جوڙيل حرف

ٻ

ب

ڄ

ج

پ

ف

جهه

جهه

ڀ

بهه

ڃ

نج

ٿ

ف/ت

چ

ش

ٽ

تر

ڇ

---

ٺ

ت

ڌ

دهه

ڦ

ف

ڏ

د

نج سنڌي آواز

جوڙيل حرف

ڊ

در

ڍ

در

ڙ

ر

ک

ک

گ

گ

ڳ

گ

گههِ

گهه

ڱ

نگ/نج

ڻ

ن                 

 

جملي 23 حروف

 

 

 

 

 

اهڙيءَ طرح عربي- سنڌي حروف تهجي لاءِ جملي 52 حروف ڪم آندا ويا، جن جي مدد سان عرب سياحن، مؤرخن، ماهرن ۽ محققن سنڌي ٻوليءَ جا لفظ لکي، پهريون ڀيرو عربي- سنڌي رسم الخط جي شروعات عربن جي ابتدائي دور ۾ ڪئي. هنن جي لکيت مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌيءَ جي نئين سُر صورتن لاءِ ڏههَ حروف ڪم آندا ويا، اهي آهن:

اَ، اَ، اِ، اِي، اُ، اوُ، اي، ايَ ۽ او، اوَ.

چچنامي ۾ لکيل سنڌي لفظ:

هن سلسلي ۾ سڀ کان وڏي مدد ’چچنامي‘، البيرونيءَ جي تحقيق ’ڪتاب الهند‘ ۽ ٻين عرب عالمن ۽ ماهرن جي تذڪرن ۽ سفرنامن مان ملي ٿي. چچنامي ۾ ته هزارين نج سنڌي لفظ ڪم آندل آهن، جن ۾ ماڻهن جا نالا، ملڪن، ماڳن، مڪانن، ذاتين، قومن، قبيلن، دريائن، ڍنڍن، واهن ۽ شين جا نالا اچي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح عرب سياحن ۾ جاحظ، اصطخري، ابن حوقل، مسعودي، بزرگ بن شهريار ۽ ابن نديم به گهڻائي نج سنڌي لفظ، عربي- سنڌي رسم الخط ۾ لکيا آهن، جيڪي هن ڏس ۾ ڪا راءِ قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. چچنامي ۾ جيڪي لفظ ڪم آندل آهن، اُنهن مان ڪي هي آهن:

چچنامي جو صفحو

لفظ

 

21

راءِ

(ماڻهوءَ جو نالو)

21

راءِ سيهرس

(راجا جو نالو)

=

ساهسي راءِ

(راجا جو نالو)

=

اروڙ

(شهر جو نالو)

=

ديبل

ديپل (شهر جو نالو)

=

مهران

(دريا جو نالو)

22

چچ پور

(شهر جو نالو

23

نيرون ڪوٽ

(شهر جو نالو)

24

رام

(ماڻهوءَ جو نالو)

25

چندر

(ماڻهوءَ جو نالو)

27

سونهن ديو (سونهن ديوي)

(عورت جو نالو)

54

وڪيو (ڪاڪي جو پٽ)

(ماڻهوءَ جو نالو)

=

متو

(ماڻهوءَ جو نالو)

=

ڪاڪا راڄ

(ڪاڪن جو راڄ)

55

لاکا

(ذات جو نالو)

=

سهتا

(ذات جو نالو)

=

اگهم لوُهانه (لوهاڻو)

(ماڻهو ۽ ذات جو نالو)

=

برهمنا باد (برهمڻ آباد)

(شهر جو نالو)

56

اگهم

(ماڻهوءَ جو نالو)

58

ٻُڌ رکو

(لقب، صفت)

=

ٻڌ تووِهار

(جاءِ جو نالو)

64، 251

جَت

(ذات جو نالو)

 

چچنامي جو صفحو

لفظ

 

82، 189

راوڙ

(شهر جو نالو)

58

مابين

(شهر جو نالو)

=

ڏاهر

(ماڻهوءَ جو نالو)

=

ڏهرسين

(ماڻهوءَ جو نالو)

=

ڀيمن

(ماڻهوءَ جو نالو)

=

سُندر

(ماڻهوءَ جو نالو)

130

نالہ ساڪره (ساڪري جو نالو)

(نهر جو نالو)

162

سيسم (شيشم کاري)

(کاريءَ جو نالو)

168

بجهراءِ بن چندر

(ماڻهوءَ جو نالو)

170

ڪاڪو پٽ ڪوتل

(ماڻهوءَ جو نالو)

171

ڪُنڀ

(مقام جو نالو)

173

چنا

(ذات جو نالو)

181

راسل

(ماڻهوءَ جو نالو)

=

ڪشها (ڪڇ)

(ملڪ جو نالو)

=

ٻيٽ

(مقام جو نالو)

189

اشبهار

(شهر جو نالو)

=

ڀٽي

(ذات جو نالو)

191

موڪو

(ماڻهوءَ جو نالو)

=

وسايو

(ماڻهوءَ جو نالو)

=

جيور (جيوَر)

(شهر جو نالو)

=

وجورته (وڄوٽو)

(ديهه جو نالو)

 

چچنامي جو صفحو

لفظ

 

91

هالا

(ذات جو نالو)

=

چندرام هالو

(ماڻهوءَ جو نالو)

209

جهم

(دريا جي شاخ جو نالو)

210

ڪوتڪہ (ڪُتڪو)

(دريا جي شاخ جو نالو)

=

ڪرهل

---------------

249

ڍول

(ماڻهوءَ جو نالو)

250

جوڻو

(ماڻهوءَ جو نالو)

251

بجهاري

(ماڻهوءَ جو نالو)

=

اسرهيل

(ماڻهوءَ جو نالو)

268

لاڏي

(عورت جو نالو)

291

جلوالي

(نهر جو نالو)

321

سانودي

(نهر جو نالو)

=

ڍنڍ وڪربهار *

 

(نهر جو نالو)

338

چڱي

(عورت جونالو)

=

نڱامره، نڪامره

(ذات جو نالو)

البيروني جي ڪتاب ۾ ڏنل سنڌي لفظ:

چچنامي کان پوءِ گهڻي ۾ گهڻا نج سنڌي لفظ محقق البيرونيءَ بيان ڪيا آهن. هن جو ڪتاب، ”ڪتاب الهند“ ته سنڌ ۽ هند جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ آهي، جنهن ۾ ڳاڻيٽي جي انگن کان سواءِ، ڏينهن، هفتن، مهينن ۽ رنگن جا نالا، علم هيئت جا لفظ، گرهن ۽ سيارن جا نالا، طرفن ۽ ڏسين جا نالا، مهل ۽ گهڙيون، جدولون، مفاصلي جي ماپ لاءِ لفظن جون لڙهيون وغيره ڏنيون آهن، انهن مان ڪي هي آهن (1):

 

سخاؤ جي ڪتاب جو صفحو

البيرونيءَ

جا لفظ

موجوده

سنڌي لفظ

حرف

البيروني    سنڌي

19

مليج

مليڇ

ج               ڇ

40

دهرم

ڌرم

دهه              ڌ

42

وديُت

وڄ

ڌي              ڄ

42

روپُ

روپ

پ               پ

70

موڪش

موک

ڪش           ک

101

ڪشتري

کتري

ڪش           ک

116

وِتستي

وِٿي

ست              ٿ

117

چيتَر

چيٽ

تر                ٽ

117

جيشت

ڄيٺ

ج                ڄ

 

 

 

شٽ              ٺ

117

باگن

ڦڳڻ

ب               ڦ

گ               ڳ

ڻ                 ن

165

سمونڊ

سمنڊ

در              ڊ

اهڙيءَ طرح البيرونيءَ جي ڪتاب ۾ ڏنل ٻين لفظن جي فهرست، جيڪي سنڌ ۾، اسلام جي آمد کان به اڳ، رواجي طرح ڪم ايندا هئا. انهن مان ڪن لفظن جي هاڻوڪي صورت سامهون ڏني ويئي آهي.


(2) ايضاً، ص 63.

(1) عبدالڪريم لغاري: ”سنڌي الف- بي جي ارتقا“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1976ع، ص ص 32 ۽ 33.

* ”وڪر“ شايد وڪر بندر ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جو انگريزن جي دور تائين به آباد هو، ۽ ڪيٽي بندر وٽ هو.

(1)  غلام علي الانا، ”سنڌي صورتخطي،“ ڇاپو، ٽيون، حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪيشنس، 1969ع، ص 93 ۽ 98.

۽ پڻ ڏسو: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 71

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com