سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جي رسالي جو مطالعو

 

صفحو :1

شاهه جي رسالي جو مطالعو

مولانا دين محمد وفائي

ناشر طرفان ٻه اکر

جڏهن به حقيقي مالڪ واحد ذوالجلال جي حمد ۽ ثنا لاءِ ڪمزور انسان جي دل خواهش ڪندي آهي تڏهن کيس سواءِ حيرت ۽ حسرت جي ڪجهه به نصيب نه ٿيندو آهي. هو ذات پاڪ لامحدود، انسان جي گوشت ۽ پوست واري فهم ۽ فراست کان ايترو ۽ ايڏو بلند ۽ بالا آهي، جتي انساني عقل جي پرواز ڪيترو ۽ ڪيڏو به بلند ۽ بالا آهي، جتي انساني عقل جو پرواز ڪيترو ۽ ڪيڏو بلندي تي پهچي ته کيس مظاهر تجلي جي ديدار کانسواءِ ٻيو ڪجهه به سمجهه ۽ سوچ، هوش ۽ عقل ۾ نه اچي سگهندو ۽ اها آهي انسان جي سمجهه، فلسفه ۽ پروڙ جي انتهائي ڪماليت.

حقيقت ۾ مالڪ ذوالجلال جي حمد ۽ ثنا جي اصلي حقيقت تائين پهچڻ کان عاجزي ڏيکارڻ ئي هڪ انسان جو ڪمال حمد ۽ ثنا آهي. الله تعالى پنهنجن عاجز ٻانهن کي سندن سمجهه ۽ پروڙ پٽاندر صرف هيتري ئي تعليم ڏيڻ فرمائي آهي ته ”الحمد الله رب العالمين“ سڀڪا ساراه انهيءَ حقيقي معبود کي جڳائي ٿي، جو جهانن جو پالڻهار آهي.

آئون اڄ انهيءَ پالڻهار جي حمد و ثنا سان قلم جي زبان کي تازو ڪري رهيو آهيان، جنهن جي فضل ۽ ٻاجهه ۽ بي انتها ڪرم سان جناب والد سائينءَ جو ڪتاب ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.

اسان جي سائي ستابي ۽ سٻاجهڙي سنڌ ديس ۾ جيڪو به ٻولي کي ٻوساٽڻ جو سيلاب شروع ٿيو آهي، تنهن مان اهو انديشو، امڪان ۽ گمان ڪڍيو وڃي ٿو ته سنڌي ٻولي، سنڌي تهذيب، سنڌي مروت ۽ محبت، سنڌي رهڻي ڪهڻي، سنڌي ڀل مانسائي گويا سنڌ جي صوفيانه ديس جي هر هڪ شيءِ اڳتي هلي فنا ٿي ويندي. ڪن نعرو بلند ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي کي بچايو! ڪي چون ٿا ته سنڌ سڀيتا جا رکوال ٿيو! ۽ سنڌي سکو، سنڌي لکو، سنڌي ڳالهايو ۽ سنڌي پڙهو وغيره وغيره.

اهي صرف ڪن جذباتي ماڻهن پنهنجي سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ نعرا بلند ڪيا ۽ ڪندا رهن ٿا. مگر اڄ ڏينهن تائين انهن ڪو به عملي ڪم نه ڪيو آهي، ڇو ته سنڌي اديب ۽ عالم ۽ علمي محافظ زبان جي جنهن رنگ ۽ ڍنگ ۽ رفتار ۽ گفتار سان خدمت ڪندا رهن ٿا، تنهن کان هر هڪ ماڻهو بخوبي واقف آهي.

سنڌ ۾ هن وقت ڪابه اهڙي ادبي يا علمي جماعت يا اداره ڪو نه آهي، جيڪو بنا ڪنهن نام نمود يا شهرت جي مخلصانه نموني ۾ زبان جي صحيح معنى ۾ خدمت ڪري.

باشعور، بيدار ۽ باوقار قومن جو صحيح سرمايو ان جا اعلى اديب، عالم، فاضل، محقق، اهل قلم، مفڪر، دانشور، انقلابي شاعر، بيباڪ صحافي هوندا آهن، انهن جي قدر ۽ قيمت جو ڪو به ڪاٿو ڪَٿي ڪو نه سگهبو آهي. اهي بي بها موتي هر دور ۾ پنهنجا جرڪيدار جوهر ڏيکاريندا رهندا آهن.

اسان جي سکي ستابي ۽ سربسز سنڌ اهڙن جواهرن سان هميشہ جرڪندي رهندي آهي.

هونئن به سنڌ صوفين، صالحن، ولين، اصحابن ۽ اوليائن، پيرن، فقيرن، درويشن ۽ دردمندن، فقيهن ۽ فقرائن، قطبن ۽ قلندرن، سيدن ۽ ساداتن، عالمن ۽ علمائن، مخدومن ۽ محدثن، اهلِ فڪر، اهل علم، فاضلن ۽ فياضن، سخن سنج ۽ سخن فهم، سياڻن، سمجهدارن ۽ سگهڙن، مهمان نوازن ۽ مروت ڪندڙن سَنون سڌن سٻاجهڙن جو ديس آهي.

زماني جي ناقدري ڪري هر خوشامد پسند ۽ طاقت جي پوڄا ڪندڙ بي شعور قوم وٽ صحيح عالمن، اديبن ۽ ماحول ۽ معاشري جي نقاشن، شاعرن ۽ بيباڪ صحافين جو قدر ۽ قيمت ڪانه هوندي آهي، پر انهن عظيم شخصيتن جو نالو تاريخ جا مورخ ئي قلمبند ڪندا رهندا آهن.

اسان جي سنڌ ۾ انهن دانشورن ۽ دانائن ڏانهن ڪڏهن به ڪنهن قسم جو ڌيان نه ڌريو ويو هو ۽ نه آهي، ان جي باوجود به اهي علم ادب، تاريخ ۽ تحقيق جا رهنما ۽ رهبر پنهنجي لياقت ۽ طاقت آهر ڪم ڪندا رهيا.

زنده قومون تڏهن زنده رهي سگهن ٿيون، جڏهن هنن جي زبان زنده آهي. ڇو ته: زندگي ادب آهي ۽ ادب زندگي، قومون زبان سان زنده آهن، ادب ۽ زبان قوم جو آئينه آهي، جنهن مان قومن جي جمال ۽ حسن، خدوخال، ادب ۽ علم، لياقت ۽ قابليت، نزاڪت، نفاست ۽ لطافت، ارادي جي مضبوطي ۽ مستقل مزاجي، حق جي حمايت ۽ باطل جي مخالفت، حق گوئي ۽ حق رسي، راستبازي تحمل ۽ بردباري، همت ۽ حوصله، محنت ۽ مزدوري، محبت ۽ مروت، شان، شجاعت ۽ مردانگي، خوش اخلاقي ۽ خوش ڪلامي، نياز نوڙت ۽ نهٺائي، ايثار ۽ قرباني، بي ڊپائي ۽ بي ريائي، فراخ دلي، فياضي ۽ رحم دلي، علم ۽ هنر، عقل ۽ حڪمت، فهم ۽ فراست، سچائي، صفائي ۽ پاڪائي، مظلوم جي مدد ۽ ظالم جو مقابلو، ايمانداري ۽ ديانتداري، عدل ۽ انصاف، امن ۽ آزادي، رعايت ۽ رواداري، ڪفايت ۽ قناعت، غريب پروري ۽ غريب نوازي شرافت ۽ شائستگي، شيرين گفتار ۽ نيڪ رفتار وغيره ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ ايندي رهندي آهي.

تاريخ شاهد آهي ته ڪنهن به قوم کي ختم ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي ته ان قوم جي ٻولي کي ختم ڪجي ڇاڪاڻ ته اها ٻولي ئي آهي، جنهن سان قومن جا اعلى جرڪيدار جوهر ظاهر ٿي پوندا آهن.

تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي مثال ملندا ته ڪنهن به فاتح قوم پوري طرح سان مفتوح قوم تي قابض ٿيڻ لاءِ پهرين ان قوم جي ٻوليءَ کي ختم ڪري ڇڏيو.

اسان جي عوام جي جهالت، اهل ذوق جي قلت ۽ قدردانن جي ڪمي ۽ سرمائيدارن جي بي توجهي ڪري به زبان ۽ ادب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي اها حالت آهي ته اخبارن ۾ جتيون ويڙهيندا يا ماني ڍڪي سفر جا سانباها ڪندا آهيون افسوس! صد افسوس!! جنهن قوم جي ذهنيت ان حد تائين پهتل هجي ته ان قوم جو علاج ڇا ٿي سگهي ٿو.

انهن مٿين حالتن ڪري اسان ۾ بلڪل گهٽ مصنف يا لکندڙ پيدا ٿين ٿا، پر جيڪڏهن ڪو مصنف يا اديب آهي ته به ان کي هي جرئت ڪانه ٿي ٿئي جو هو ڪو ڪتاب ڇپائي سگهي، ڇو ته ڇپجڻ کان پوءِ کاپي جي اميد ئي ڪانه هوندس، پوءِ ڇو ويهي رپيا سيڙائي. هوڏانهن ٻين زبانن ۾ سَون جي تعداد ۾ ڪتاب هزارين جلدن ۾ پڌرا ٿيندا رهن ٿا ۽ اک ڇنڀ ۾ کڄي وڃن ٿا، جنهن ڪري لکندڙن کي وري ڇپائڻ جو حوصلو ٿيندو رهي ٿو ۽ ديکا ديکيءَ ۾ ٻيا نوان لکندڙ به پيدا ٿيندا رهن ٿا.

ڪتابن ڇپائڻ جي ڪم ۾ مون کي پنهنجو تلخ تجربو ۽ ذاتي آزمودو آهي. پر تڏهن به حالتون اڃا مايوسي جهڙيون نه آهن، معياري سنڌي ڪتابن لاءِ قدردان پيدا ٿي سگهن ٿا. جناب والد سائين جو ڪتاب ”لطف اللطيف“ ڪافي ڏوڪڙن ۽ ڪشالن ڪڍڻ کانپوءِ جڏهن ڇپجي تيار ٿي ماڻهن جي هٿن تائين پهتو، تڏهن هن نادر ۽ تاريخي ڪتاب پنهنجي لاءِ ڪافي قدردان پيدا ڪيا ۽ ڳچ حصو بي اي آنرس جي شاگردن ۽ ٽريننگ ڪاليج جي سنڌي ماسترن جي ڪورس ۾ هجڻ سبب نيڪال ٿي ويو، رهيل سهيل نسخا سنڌي ادب جا ڄاڻو هٿؤن هٿ کڻندا رهيا.

لطف اللطيف جي شايع ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ جي شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، تڏهن سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان خطن پوئتان خط اچڻ شروع ٿيا ته اهڙي تاريخي تحفي کي جلد ڇپارائي سنڌ جي عوام تائين پهچايو وڃي. مون کي خود به ڪتاب شايع ڪرائڻ جو شوق دامنگير هو.

نيٺ سنڌ مان ڪيترن سڄڻن ۽ قدردانن ۽ علم دوستن جي همت ۽ حوصلي افزائي ٿي ۽ ڪتاب جي ڇپائي جو ڪم شروع ڪري ڏنو ويو ۽ ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ کي ڇپرائي سنڌ جي علم نواز ۽ ادب پرورن جي هٿن تائين پهچايو ويو. هي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪتاب هٿون هٿ نيڪال ٿي ويو، گويا دڪانن ۽ مارڪيٽ ۾ ملڻ ناممڪن ٿي پيو، جنهن ڪري سنڌي ادب جي سڄڻن انهي ڪتاب کي دوباره شايع ڪرڻ لاءِ خط لکڻ شروع ڪيا، جنهن ڪري هي ٽيون دفعو ٻه هزار ڪاپيون ڇپرائي اوهان جي هٿن تائين پهچايون ويون آهن.

”لطف اللطيف“ وانگر هي ڪتاب به سنڌي ادب ۾ هڪ بي بها اضافو ثابت ٿيو آهي، ڪتاب جي پڙهڻ سان ئي قدردان قدر ۽ قيمت ڪٿي سگهندا.

مون کي اميد نه بلڪه يقين آهي ته سنڌي علم ۽ ادب جا پارکو ۽ ڄاڻو ڪتاب جي هن ڇاپي جو به اڳيئين ڇاپي وانگر قدر ڪندا.

جناب والد صاحب جن ڪيترائي ڪتاب لکي ڇڏي ويا آهن مگر افسوس جو انهن جي اشاعت لاءِ اڃا مون ۾ ايتري مالي طاقت نه آهي جو انهن بيش بها ڪتابن کي جلد شايع ڪرائي سگهان.

هن موتمار ۽ هوشربا مهانگائي ڪري هر هڪ شئي جو اگهه ۽ قيمت آسمان تائين پهتل آهي، خاص ڪري ڪاعذ جي قلت ۽ ڪمي اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان اڳتي ۽ اڳڀري آهي. انهي جي باوجود الله تعالى ۾ اميد رکي هن ڪتاب کي علم نواز ۽ ادب پرورن جي هٿن تائين پهچايو ويو آهي.

رب تعالى گهريو ته سمورا ڪتاب آهسته آهسته ڇپايا ويندا. منهنجو ڪم آهي محنت ۽ ڪوشش ڪرڻ، ڪم کي توڙ تائين پهچائڻ آهي، قدرت جي هٿ وس والله المستعان.

آخر ۾ ”مطالع“ جي مطالع ڪندڙن صاحبن کي عرض ڪندس ته دعا خير سان ياد ڪندا رهندا، جيئن الله تعالى توفيق بخشي ۽ همت ۽ حوصلو ڏئي ته جناب والد سائين جا ٻيا نادر ڪتاب به شايع ڪندو رهان.

خادم العلم

علي نواز وفائي

ايڊيٽر ”آزاد“

وفائي پرنٽنگ پريس

9- 7- 1975ع            پاڪستان چوڪ، ڪراچي-1

 

ڪتاب جي سال جو قطع تاريخ

احمد خان آصف مصراڻي

طبع ٿيو تحفو وفائيءَ[1] جو خدا جي فضل سان،

هن ۾ آهي ڀٽ ڌڻي جو فلسفو ذڪر و بيان

ٿيو نواز[2] آهي، مبارڪباد جو اڄ مستحق،

جنهن جوان همت ڪئي تصنيف والد جي عيان.

هيءَ نئين تصنيف آهي، بعد از ”لطف اللطيف“[3]،

درج جنهن ۾ ٿيا نرالي نوع سان نڪتا نوان.

هر اکر، هر لفظ، هر نقطو ٿيو موتي مثال،

سڀڪا سٽ ٿي سلڪِ گوهر، ناهه ان ۾ ڪو گمان.

”باب“ هر موتيو گلاب ۽ ”فصل“ هرهڪ عطر بيز،

هي صحيفو آه ٿيو علم و ادب جو گلستان.

عيسوي سن خير سان اوڻويهه سؤ ٻاهٺ 1962 ٿيو،

1962   

جنهن ۾ آصف ٿي ويو شايع هي عمدو ارمغان.

پيش لفظ

سواره دي بگذشتي، وماهنوز، از شوق

نهاده روئي بخاکِ سُمِ سمند تو ايم

نهالِ عمر، زبادِ اجَل، فتاده از پائي

هنوز ما، بهوائي قدِ بلند تو ايم

1949ع جا پويان پساه هئا ۽ 1950ع جي اچڻ ۾ ڀانيان ڪا پهر پاڇي جي دير هئي. مولانا دين محمد وفائي مرحوم، سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيف تي هڪ ڪتاب پورو ڪري، ٻيو هٿ ۾ کڻي چڪو هو. ڳالهيون ته پيون هلنديون هيون پر اهو تريءَ تيل لائڻ نه ڏيندو هو ته ڪهڙو ڪتاب لکي چڪو آهي ۽ ڪهڙو رٿا هيٺ اٿس. جڏهن ملي تڏهن ڇڙو ايترو چوي، سو به هميشہ جي عادت مطابق مخصوص انداز ۾ وڏو ٽهڪ ڏيئي

”ترس! پاڻهي هڪ ڏينهن ڏسندين.“

اهوئي زمانو هو جو مولانا، نئين ڇاپي لاءِ، ’الهام الباري‘ جي تصحيح شروع ڪري ڏني هئي ۽ سنڌ جي قديم مشاهيرن تي پڻ هڪ جامع تذڪرو تيار ڪري رهيو هو. گويا اهي هئا چار علمي ڪم، جن مان ٻه معلوم ۽ ٻه نامعلوم.

’لطف اللطيف‘- جنهن جو نالو پوءِ معلوم ٿيو، پريس ۾ هو، پهرينءَ جز جو پروف مولانا پاڻ پڙهي چڪو هو[4]. سنڌي مشاهيرن جي تذڪري جي تڪميل عنقريب ٿيڻ تي هئي، ’الهام الباري‘ وفات کان اڳيئين ڏينهن جي شام تي نظرثاني ڪندي سندس هٿ ۾ ڏٺم. باقي رهيو شاهه لطيف تي سندس ٻيو ڪتاب، انهيءَ جو هڪ نامڪمل فقرو سندس ڪَتُ مان نڪتوئي هو جو قضا جي قلم جو وهڻ وهي ويو. يعني، اجل جا چوبدار پِرينِ سندي پار جو پروانو کڻي اچي مٿانئس بيٺا. مولانا سڀئي ڪم ڇڏي، بوڇڻ ڪلهي تي رکي، الله توهار چئي رب ڏانهن راهي ٿيو.

 

لڏي ويا ڇڏي، ڪاهي ڌڻ ڌراڙ،

نڪا ڪوڪ ڪنڌين ۾، نڪا تڙ تنوار،

ويچارا پنهوار، کلندي رات کڻي ويا.

اِتي ڀلا ڪنهن جي مجال هئي! ڪنهن دوست يار جي هلندي پڄندي هجي ها، ڪنهن جو هٿ پير هلي سگهي ها، چُئه اَکَ جو ڪو چارو چلي ها ته هوند سندس دامن جا چارئي پَلَو جهلي بيهون ها ليڪن:-

دل شد مجاور، آنجا کہ جامي

هاذا فراق، بيني و بينک

شاهه عبداللطيف ؒ متعلق اهو پويون ڪتاب هو. ’شاهه جو مطالعو‘، جيڪو اڄ پورن يارهن سالن بعد مرحوم جو جوان سال ۽ جوان همت فرزند، علي نواز وفائي، ايندڙ صفحن ۾ پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيو آهي. مون کي يقين آهي ته هر سنڌي ۽ لعل لطيف سان دلچسپي رکندڙ هر محب وطن، سنڌ جي انهي پختہ ڪار اهل قلم ۽ دانشمند مورخ جي هن آخري سوکڙي ۽ پوئينءَ پيش ڪش کي ساه سان سانڍيندو.

لڏي ويا جي لوءِ، مون کي اُن جي پٽين وڃڻ پيو،

ڪو ڪو ڳُڻ قريب جو، مَن انگين آڙيو هوءِ،

هلو! ته پسون هوءِ، جي آهن ڍِنگَر ڍُهيل پرين جا.

جيئن هڪ مورخ جي تصنيف پنهنجي دور جي تصوير ٿئي ٿي، تيئن هڪ سچي ۽ صحيح شاعر جو ڪلام پڻ پنهنجي عهد جو آئينو ٿئي ٿو. فرق فقط هيترو آهي ته مورخ سوچي سمجهي، ٺهي ٺڪي، رٿي پهي ۽ گهڻو ڪري مصنوعي ۽ خارجي محرڪات جي تحت پنهنجي تاريخ کي تيار ڪري ٿو ۽ شاعر سواءِ ڪنهن سنبت ۽ سبب خاص جي، سواءِ ڪنهن زور ۽ بار يا خار جي اثر ۽ اقتدار جي، پنهنجي ماحول جي سچيءَ پچيءَ هليءَ چليءَ کان، اٿيءَ ويٺيءَ کان، ٿيندڙ حق يا ناحق کان، هلندڙ طور طريقي، دستور خواه ريت ۽ رسم کان، محض پنهنجي دل جي گهُر تي ۽ محض پنهنجي ذاتي مشاهدي تي فطري طرح متاثر ٿي، ڪلام ۾ اُهي اُهي واقعات شعوري يا غير شعوري طرح آڻي ڇڏي ٿو، جو سندس سڄي عهد جي گويا سچي پچي تصوير چٽجي وڃي ٿي. اهوئي سبب آهي جو مورخ جي لکڻيءَ تي ڏهه دفعا سوچ ڪرڻ لازمي ٿيو پوي ۽ شاعر جي ڪلام مان جيڪي تاريخي ۽ تمدني نڪتا هٿ اچن ٿا اهي گهڻو ڪري قابل قبول ٿيندا آهن، تنهن ڪري ئي جڏهن ڪنهن به خاص دور جي صحيح صورتحال لاءِ مواد ڏسڻو پوي ٿو، ان وقت نثري مجموعن سان گڏ نظم جو ذخيرو پڻ نظر مان ڪڍڻ لازمي، بلڪه ازحد ضروري ٿيو پوي ٿو.


[1]  علامہ دين محمد وفائي ؒ

[2]  محترم علي نواز وفائي.

[3]  مرحوم وفائي ؒ جي ڀٽ ڌڻيءَ بابت لازواڪ تصنيف.

[4]  انهيءَ ڪتاب جو ديباچو وفات کان ڇهه ڏينهن اڳ يعني 5 اپريل 1950ع جو لکي پورو ڪيو هئائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com