سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:13 

وائي

هِينئَڙو هِيءُ ضَرُورُ،

آيَل! ڪِينَ رهندو پِرِينءَ ري!

سَگهو ساعتَ نَه جِندَڙو، اَٺَئِي پَهَرَ مَلُورُ

مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ! تُنهنجو سُورُ

پيرين آءٌ نه پُڄَڻِي، ڏيههُ پِريان جو ڏُورُ

وڃي ويلَ سَڀَڪَهِين، هِينئَڙو پِرينءَ حُضُورِ. [372]

سمجهاڻي: اي  ماءُ، منهنجو من، پڪ ڄاڻ پرينءَ کان سواءِ (هڪ پل به) ڪونه رهي سگهندو. هن کان سواءِ منهنجو سڄو جسم هڪ گهڙي به تندرست نٿو گذاري سگهي. مان رات ڏينهن پريشان ۽ غمگين آهيان. اي سهڻا سڄڻ، توکي دل سان چاهڻ وارن جي اندر ۾ سور ئي سور آهن. آءٌ پيرين پيادي  اتي ڪين پهچي سگهنديس، ڇو ته دلبر جو ديس دور آهي. (ليڪن آءٌ سمجهان ٿي) منهنجو هينئڙو هر وقت دوست جي حاضريءَ ۾ آهي (هو ٿوريءَ دير لاءِ به نٿو وسري).

 

داستان ٽئو

 

1

راتِ سَهائِي، ڀُون سَئِينِ، پَٽين وڏو پَنڌُ

هَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَها موڙِ مَ ڪَنڌُ

ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَنڌُ، جو پَهُچائي پِرينِ کي. [373]

سمجهاڻي:  (اي اُٺ) رات چانڊوڪي آهي ۽ زمين سنئين سنواٽي آهي، پر ميدانن ۽ پٽن جو پنڌ وڏو آهي. تنهن ڪري تون  پرينءَ ڏانهن هلندي ڪيڏانهن ڪنڌ نه ڦيراءِ. اهڙو پڪو پهه ڪري هل جيئن (هر حال ۾) محبوب وٽ پهچي وڃون.

[غور ڪري ڏسبو ته هتي توڻي ايندڙ بيتن ۾ نفس کي اُٺ سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. مثنويءَ ۾ پڻ ائين آهي:

اشتر آمد  اين  وجود  خار  خوار،

مصطفيٰ زادي برين اشتر سوار.

            (دفتر اول، ب- 1966)

معنيٰ: هي ظاهري جسم اٺ وانگر ڪنڊا کائي ٿو (ان مان لذت حاصل ڪري ٿو). پر انهيءَ اٺ جي مٿان روح (ايمان وارو) سوار آهي.]

2

راتِ سَهائِي، ڀُون سَئِين، پِرتَ نَئين، پَنڌُ پُورِ

مَيا! مَحبوبَنِ جي هَلِي وانءُ حُضُورِ

جي چُڻڪَنِ چِتَ ۾، سي ڪيئن سَڄَڻَ ڏُورِ

اَلله لَڳِ اَسُورِ، مون کي نيئي ميڙئين. [374]

سمجهاڻي: رات چنڊ ۽ تارن جي روشنيءَ واري (چانڊوڪي) آهي. واٽ سنئين سڌي ۽ صاف آهي. نئون نينهن لڳو آهي، سو تون پنڌ کي ڇڪ (تيز هل). اي ميا، (ڪيئن به ڪري) مون کي محبوب جي اڳيان هلي حاضر ڪر. اهي محبوب جيڪي هر هر پيا ياد پون، جيڪي منهنجي دل ۾ موجود آهن، سي ڪو پري ٿي سگهندا. (هاڻي ڪجهه به ڪر) الله جي واسطي، وڏي اسر ويلي (رات جي پوئين پهر) هلي مون کي محبوب وٽ پهچاءِ.

3

راتِ سَهائِي، ڀُون سَئِين، پِرِتِ نَئين، پَنڌُ پَسُ

مَيا! محبوبنِ ڏي ڪِجُ وَڃڻَ سِين وَسُ

راتِهن هَلِي رَسُ، ته کَرَنِ خَبَرَ نه ٿِيي. [375]

سمجهاڻي: رات چنڊ ۽ تارن جي روشنيءَ سان ڀرپور آهي. راهه سنئين سڌي آهي، نئون نڪور نينهن آهي، تنهن ڪري پنڌ کي هلي پورو ڪر. اي اٺ، محبوب ڏانهن هلڻ ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪر ۽ وس کان نه گهٽائجانءِ. ايترو تکو هل جو رات وچ ۾ هلي سڄڻ وٽ پهچون ته جيئن رقيبن ۽ حاسدن کي ڪا ڀڻڪ نه پوي.

4

ڪَرَها ڇَڏِ ڪُواٽَ، وِکُون وِجههُ وَڌندِيُون

سَئِين سُپيرِينِ جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ

ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، ته هُونديءَ راتِ هُتِ مِڙُون.  [376]

سمجهاڻي: اي اٺ، ڏکي ۽ ڏنگي واٽ سان هلڻ ڇڏي ڏي ۽ وڏيون وڏيون وکون وجهه (ته جيئن پنڌ جلدي کٽي). محبوب ڏانهن وڃڻ واري واٽ ته سنئين سڌي آهي ان کي  ورن وڪڙن واري سمجهڻ ڇڏي ڏي. اها سستي (گهُتون گوهيون) ڇڏي ڏي ۽ تڪڙي تکي سٽ ڏيئي هل ته جيئن رات هوندي ئي محبوب وٽ پهچي سگهون.

5

ڪَرَها ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ

مُنهنجو هَلَڻُ اُتَهِين جِتي جانِبَ جاءِ

توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ

اِيهِين اُ‎ٺَ اُٺاءِ، جِئَن هُوندِيءَ راتِ هُتِ مِڙُون. [377]

سمجهاڻي: اي اٺ، تون کُٽل (ڀڳل دل سان) وک نه کڻ، بلڪه وڏي پوري وک کڻي تيز تکو هل. منهنجو مقصد اتي پهچڻ آهي، جتي دلبر دوست جو ديرو آهي. آءٌ توسان واعدو ٿو ڪريان ته آءٌ توکي چندن چاريندس، باقي ٻيا سڀ  اٺ ڀلي لاڻو (جهنگلي ٻوٽي جا پن) پيا کائن. او منهنجا اٺ (سچا ساٿي)، مون کي ائين (اڏاري)  کڻي هل جو جيئن رات اڃا باقي هجي ته محبوب وٽ هلي پهچون.

6

ڪَرَها ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وِجههُ وَڌَندِيُون

هيڪَرَ حَبِيبَنِ سان مون کي نيئِي گَڏِ

مَڇُڻ پُونيئِي هَڏِ، آهُون اُڪَنڊيَنِ جِيُون. [378]

سمجهاڻي: اي ڪرها، اها آهستي هلڻ واري سستي ڇڏي تيز وکون کڻندو هل. هڪ ڀيرو ڪنهن به ريت مون کي سڄڻ سان هلي ملاءِ. (خدا جو خوف ڪر) متان سڪ وارن جون آهون ۽ دانهون  تنهنجي مٿان (عذاب بڻجي) اچي نه ڪڙڪن.

7

ڳَلِ ڳانَا ياقُوتَ جا، موتِي ڳُتِيَئين مالَ

قَطِيفي جي ڪَرَها، هَيدِي پايَئين حالَ

چَندَنُ چارِيَئين جالَ، جي پِهرئين پَهَرِ رَساڻِيين. [379]

سمجهاڻي: اي ڪرها، آءٌ تنهنجي ڳچيءَ ۾ ياقوت  سان پوتل ڳانا ۽ موتين سان مڙهيل مهار وجهندس ۽ ريشم جي ٺهيل پلاڻي رکندس ۽ تو کي ڍؤ تي چندن چارينديس، بشرطيڪه تون مون کي رات جي پهرئين پهر  ۾ دوست وٽ هلي پهچائيندين.

8

ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجههِ مَهَارَ

چانگا چَندَنُ چارِيَئِين اَٺَئِي پَهَرَ اَپَارَ

سَندِي پِيَه پَچَارَ، جي مون راتِ رَساڻِيين. [380]

سمجهاڻي: اي چانگا، آءٌ جيڪر توکي ڳچيءَ ۾ ياقوت  جا ڳانا ٻَڌان، موتين سان جڙيل مهار وجهان ۽ توکي رات ڏينهن بي حساب چندن چاريان، بشرطيڪه تون جنهن سڄڻ جي ياد مون کي ستائي پيئي انهيءَ وٽ رات جي پيٽ ۾ هلي پڄائين.

9

مَيا تو مَهَارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي

چارِيَئين چَندَنِ چوٽِيُون، نائي ميندِيءَ ڏارَ

سَندِي پِيَه پَچارَ، جي مون راتِ رَساڻِيين. [381]

سمجهاڻي: اي ميا، آءٌ توکي سڄي مهار سون سان مڙهائي وجهان. (تنهنجو خاص خيال رکندي) توکي چندن  جي ٽارين جا گونچ کارايان ۽ مينديءَ جون ٽاريون (کائڻ لاءِ) نوڙائي ڏيان. (انهيءَ شرط سان ته) جنهن محبوب جي ياد مون کي تڙپائي پيئي تون مون کي رات ئي رات ۾ وٽس رسائيندين.

10

ماءُ مُنهنجي ڪَرَهي، موتِينِ جَڙِي مالِهه

وِيءُ چِنَائِين ڪالِهه، اَڄُ وِکَ واٽِيان نه لَهي. [382]

سمجهاڻي: اي ماءُ، منهنجي اٺ کي موتين سان جڙيل ڳاني ڏاڍي سونهي ٿي  (هو  ان جي لائق آهي). ڪالهه هن وڏي سائي گاهه واري پٽ ۾ چري پيٽ ڀريو آهي، انهيءَ ڪري اڄ سندس هلڻي تکي ۽ واٽ سان ٻٽ (پوري) آهي ۽ سندس پير هيڏي هوڏي نٿو ٿڙي.

11

ڪَرَها ڪُرُ سُڃاڻُ، پِئَڪو ۽ پانهِنجو

اَصُلِ آهي آهِنجو ناليرو نِڌاڻُ

ڪَرَهَا اَسان ساڻُ، ڪي چانگا ڪِجُ چڱائِيُون. [383]

سمجهاڻي: اي ڪرها،  پنهنجو  بڻ ۽ نسل سڃاڻ. تون پنهنجي ۽ پنهنجي پيءُ (ڪٽنب) واري انهيءَ سڃاڻپ تي وڃ (ان جي لڄ رک). تنهنجي نالي ۽ ناموس جي اها ئي اصلي ۽ آخري ڳالهه آهي. (پنهنجي انهيءَ نسلي ناموس کي نه وسار) تون اسان سان (سڄڻ ڏانهن هلڻ وقت) خاص احسان ۽ قرب ڪجانءِ.  (جئن وقت سِر وٽس پڄي وڃون.)

12

اَڄُ مُنهِنجي ڪَرَها، مَيَا مَڃُ مِنَٿَ

جهاڳِيندي جهَر پَٽِيُون، متان ڪَرِيين ڪَٿَ

سُپيرِيان جي سَٿَ، مون کي نيئِي ميڙِيين. [384]

سمجهاڻي: اي ميا، اڄ منهنجو هيءُ خاص عرض قبول ڪجانءِ. جڏهن تون جهنگ جهر ۽ ڏکين پيچرن مان لنگهين ته انهيءَ حساب ۾ نه پئجانءِ ته اڃا ڪيترو پنڌ باقي آهي(يا واٽ تي ساهي ڪرڻي آهي). بلڪه ڪيئن به ڪري (هڪ ساهيءَ) مون کي هلي پرينءَ وٽ پڄاءِ(اهو مون تي احسان ڪر).

13

لَکِ لاکيڻو ڪَرَهو، ڪوڙِين ڏيئِي ڳِڌومِ

اڱڻِ سُونہَ ٿِئومِ، مُلِ مَهانگو مَ چَئو. [385]

سمجهاڻي: مون لکن جي ملهه وارو اٺ ڪيتري ساري رقم ڏيئي خريد ڪيو آهي. اهو هاڻي منهنجي اڱڻ جي سونهن آهي، انهيءَ ڪري ان کي مهانگو سودو ڪو نه چئبو(جنهن مون کي محبوب سان ملايو آهي).

14

لَک لاکيڻو ڪَرَهو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهِ

اِيلاچِيُون آهُرَ ۾، پوڄَ مَيي کي پاءِ

ڪَٿَ نه ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو ته پِرِينءَ مِڙي. [386]

سمجهاڻي: اهڙو اٺ واقعي لک لهي ۽ ڪيتري به ملهه ملي ته وٺجي. ان کي کاڌي ويل چاري ۾ خوشبودار ايلاچيون (لونگ ڦوٽا) وجهي ڍؤ تي کارائجن. اهو پرينءَ ڏانهن هلڻ ۾ ڪا ڪٿ (گوٿناٿ يا گوهي) نه ڪندو. ان کي رڳو پلاڻڻ جي دير آهي، هيڪر هليو ته هلي پرينءَ وٽ پهچائيندو.

[مثنويءَ ۾ پڻ اٺ جي عادتن ۽ ان جي سواري وغيره جو گهڻو ذڪر ملي ٿو. هڪ هنڌ اٺ جي کاڌي بابت چوي ٿو:

جز قرنفل ياسمن يا گل مچر،

رو بصحرائي ختن بآن نفر.

(دفتر پنجم، ب-2474)

معنيٰ: اي اٺ لونگ، چنبيلي ۽ گلن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه کاءُ. بلڪ اهڙي ٽولي سان جتن (کٿوريءَ ۽ خوشبوءِ) جي جهنگل ڏانهن رخ رک.]

 

وائي-1

هِي ٻه ڳالهڙِيُون، مِيان سَڄَڻا!

آءٌ اورِينديس پِرينءَ سِين

ڳالهِيُون پِريَمِ تُنهنجيُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون

گوشي پِرِين نه گڏئا، پَرَ سِين مون نه ڪِيُون. [387]

سمجهاڻي: او منهنجا سڄڻ، هي ٿورڙيون (ٻه چار) ڳالهيون آءٌ ضرور  پنهنجي پرينءَ سان ويهي ڪنديس. کيس اهو ٻڌائينديس ته تنهنجي قرب واريون ڳالهيون بيشمار آهن، جيڪي کٽڻ واريون نه آهن. ليڪن مون کي پرينءَ سان نويڪلائيءَ ۾ ملڻ جو موقعو ئي نه مليو آهي. (آءٌ اهي ڳالهيون ڪريان ته ڪنهن سان ڪريان). اهي ڳالهيون مان ٻين سان نٿي ڪري سگهان (اهي راز واريون ڳالهيون آهن).

وائي-2

سَڌين سيڻَ نه هُونِ، نِيہُ نِيَاپي نه ٿِيي

ڪارِيءَ راتِ رَتَ ڦُڙا جان جان نيڻَ نه رُونِ

موٽَڻُ جَنِي مِيهَڻُو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ

جَنِ مُسافِرَ سُپرِين، سي مَرُ رويو رُونِ. [388]

سمجهاڻي: صرف خواهشن ڪرڻ سان ڪو تعلق يا ناتو قائم نه ٿيندو آهي ۽ نه وري نياپن ۽ پيغامن سان عشق ۽ محبت پيدا ٿيندا آهن. عشق ته اونداهين ڪارين راتين ۾ انتظار ڪندي اکين مان رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ جو نالو آهي. جيڪي اهڙيءَ محبت ۾ سچا آهن ۽ پوئتي هٽڻ کي وڏو عيب سمجهن ٿا، سي ئي سِر ڏين ٿا (ڪامياب ٿين ٿا). جن جا محبوب مسافر  (پري وڃڻ وارا) آهن، انهن لاءِ نصيب ۾ روئڻ ۽ رڙڻ آهي.

 

 

داستان چوٿون

 

1

ٻُورُ نه چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري

مُونين هَڻِي موٽِئو، ڪَرَهو راتِ ڪَپُورُ

مَيو ٿِئو مامُورُ، چَندَنُ چَکِي آئِيو. [389]

سمجهاڻي: اهو جوان اٺ وڻن جو ٻور (ڪچڙا گل ۽ گونچ)  نٿو کائي ۽ پنهنجي عمر جي برابر اٺن جي وڳ ڏانهن ڀڄڻ لاءِ پيو واجهائي. (اڃان) اڳئين رات اهو ساڳيو اٺ پنهنجي گوڏن سان ڪافور (جي ٻوٽن) کي مروڙي (خوب کائي پي) موٽيو آهي.  هاڻ ته هو چندن چکي مست (چريو) ٿي پيو آهي.

2

اوڳارِين نه اَنَرا، ٻَڌا چَرَنِ نه ٻُورُ

ليڙَنِ کي لطيفُ چئي موٽڻ جو مذڪُورُ

مَينَ کي مامُورُ، اُڻتُڻ اَڳِئين پَنڌَ جِي. [390]

سمجهاڻي: بيمار اٺ اوڳار نٿو ڪري ۽ ٻڌل اٺ ٻور ڪو نه ٿو چري. عبداللطيف  چوي ٿو، هنن کي ماڳ موٽڻ جو گهڻو فڪر آهي، ڇو ته هنن لاءِ وري ٻيو وڏو پنڌ ٺهيو پيو آهي ۽ کين اڳتي واري (هُن جهان جي) پنڌ جي ڳڻتي آهي.

3

چَري نه مِصريءَ سَنگَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري

اَکِينِ مَٿي اَنگَ، مَيي کي مَجَازَ جَا. [391]

سمجهاڻي: هيءُ اٺ هاڻي مصريءَ جا سنگ به نٿو کائي  (نٿا وڻنس)  ۽ چندن جا به چوپا ڪريو ڇڏي (اڌ کائي باقي وات مان ڪڍي ڦٽو ڪري ٿو). هن جي اکين مان اندازو ٿئي ٿو ته مٿس عشق جو خمار چڙهيل آهي.

4

مَيو اَنگَ- مَيو، چانگو چِني نه ڪِئو

ڌاتِ ڌُريان نه سِکِئو، ڪَرَهو رَءِ رَيو

جو پَرَمَلا پَيو، ناهِ نِهايَتَ تَنہِ سِين. [392]

سمجهاڻي: هيءُ اٺ، جو لڱن ۾ مضبوط  ۽ متارو پيو لڳي، سو فقط گاهه کائي ائين نه ٿيو آهي (هي الڳ قسم جو اٺ آهي). اهو شروع کان کير ڌائڻ تي وڏو نه ٿيوآهي. بلڪه اهو سدائين اهڙيءَ طرح ڍاول پيو لڳي ڇو ته هن جو انس پرمل جي ول سان آهي، تنهن ڪري ساڻس ٻئي ڪنهن جو مقابلو نٿو ڪري سگهجي.

5

ويٺو مَنجهِين وَڳَ، نايو ناگِيلان چَري

ڪڏهن هِنَ ڪَرَهي جا پَڌَرِ پَڳَ نه لَڳَ

جَڳَ ۾ جِهڙو جَڳَ، هِينَڙي سان هُتِ چَري. [393]

سمجهاڻي: هيءُ اٺ (نفس لوامـﮣ يا سڌريل نفس) پنهنجي وڳ ۾ ويٺو آهي (ان کان ٻاهر نٿو وڃي)، پر اتي ويٺي ئي ڪنڌ هيٺ ڪيو ناگيل جي وڻ جون ڦريون پيو کائي. (انهيءَ ڪري)  هن ڪرهي جا ٻاهر پَٽ تي ڪٿي به پيرن جا نشان ظاهر ڪونهن. هِتي (هن جهان ۾) هو بظاهر ٻين اٺن سان گڏ  هوندي بلڪل انهن جهڙو نظر اچي ٿو، پر هونئن دلي طور هُتي (محبوب وٽ پهتل) آهي.

[هن سلسلي ۾ رومي ڏسو ته ڇا ٿو چوي:

جان ز هجر عرش اندر فاقئه،

تن ز عشق خار بن چون ناقئه.

جان کشايد سوي بالا بالها،

در زده تن در زمين چنگالها.

(دفتر چهارم، ب-1543 ۽ 44)

معنيٰ: روح عرشي (الله) جي عشق ۾ بکون پيو ڪاٽي، پر جسم اٺ وانگر دنيا جي درخت جي لذتن لاءِ حيران پريشان آهي. روح هر وقت مٿي اڏامڻ جي فڪر ۾ آهي ۽ جسم مٽيءَ جي محبت ۾ ڦاٿل آهي.]

6

جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺِيُون، پَنجِين لَکين پَنُ

تِئان ڇاڻي ڇُڳِيُون، مَيي رَتو مَنُ

تَنہِ وَلِ سَندو پَنُ، ڪُوماڻُو ڪوڙِين لَهي. [394]

سمجهاڻي: جنهن وڻ جون ٻه ڪاٺيون ڪروڙ لهن ۽ پنجن لکن جو هڪ پن هجي، ان هنڌان هن اٺ ڇڳن جا ڇڳا ڇني پنهنجي منهن ويهي ڍؤ ڪيو آهي. (حقيقت اها آهي ته) انهيءَ ول جو صرف هڪڙو ڪوماڻل پن به وڏي ملهه وارو آهي.

7

جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پا

مَيو تَنہِ ماڳا، ڏِيهاڻِي ڏارَ چَري. [395]

سمجهاڻي: جنهن وڻ جون ٻه ڪاٺيون وڏيءَ قيمت واريون آهن ۽ پنجن لکن جو صرف هڪ پاءُ آهي. هيءُ اٺ (ايڏو خوشنصيب آهي جو) هر روز انهيءَ جاءِ تان ٽارين جون ٽاريون کائي وڃي ٿو.

8

جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پِڪَ

تِئان ڏيئِي تِڪَ، مَيو مستانو ٿِئو. [396]

سمجهاڻي: جنهن وڻ جون ٻه ڪاٺيون وڏي ملهه واريون هجن ۽  پنج لک رپيا هڪ سُرڪ يا ڍُڪ جا هجن. انهيءَ هنڌان هن اٺ ڳيتون ڏيئي پيتو آهي ۽ (جنهن ڪري) هاڻي مستيءَ ۾ پيو گهمي.

9

اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سِين، چَري نه لاڻو

مَيي کي مَجازَ جو ٿُوهي ۾ ٿاڻو

ڀَٽاري ڀاڻو، مَرَندي سِينءَ نه مَٽِئو. [397]

سمجهاڻي: اٺ پنهنجي وڳ  سان وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ لاڻو (اٺ جو پسنديده کاڄ)  به نٿو کائي. (شايد) سندس ٿوهي (اٺ جي پٺيءَ  تي اڀريل جاءِ) ۾ عشق  چڙهي ويهي رهيو آهي (عشق ۾ مغلوب آهي). انهيءَ ڪيفيت سبب هن ڀٽاري جانور (جو اهو حال آهي جو ) مرڻ گهڙيءَ تائين انهيءَ ويهڪ واريءَ جاءِ تان چري نه سگهيو آهي.

[اُٺ جي مستيءَ کي روميءَ هن طرح بيان ڪيو آهي:

اشتران بختيم اندر سبق،
مست بيخود زير محملهاي حق.

                                                   (دفتر ششم)

معنيٰ: مان ٻن ٿوهن واري اُٺ وانگر پنڌ ۾ تکو ۽ تيز پيو وڃان، جو حق (محبوب) جي ڪجاوي هيٺ مست ۽ بيخود ٿي پيو هلندو وتان.]

سمجهاڻي: هيءُ اٺ وڳ سان نٿو وڃي ۽ ڪجهه کائي پيئي به نٿو. (گويا) عشق جو اهڙو تکو تير لڳو اٿس، جنهن سندس ارڏاين کي نيست نابود ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هو سر تان آسرو کڻي (سڀ لاڳاپا ٽوڙي) دوست واري واٽ تي هردم گامزن آهي.

11

اُٺُ نه وڃي وَڳَ سِين، ٻَڌو چَري نه ٻُورُ

مَيي کي مَجازَ جو ڪُڙِهه اَندَرِ ڪو سُورُ

سو پِرايَئِين پُورُ، سُڪِي جِئن سانٺو ٿِيو. [399]

سمجهاڻي: اٺ وڳ سان نٿو وڃي (جو جهنگ  ۾ چري ۽ کائي). پر جي هڪ هنڌ ٻڌل آهي تڏهن به ولين جا گؤنچ توڻي ٻور کي چڪ ئي نٿو هڻي. اٺ کي اندر ئي اندر ۾ ڪو عشق جو آزار اچي لڳو آهي، اهڙي ڳڻتي ۽ ڳاراڻو ورائي ويو اٿس جو سڪي ڪانو ۽ ٺانٺو ٿي ويو آهي.

12

ڪَرَهو سَرَهو نه ٿئي، چانگو تان نه چَري

لايو لَئُون، لَطِيفُ چئي، مُٺو ماڳِ مَري

نَظَرُ نِيہَ ڌَري، پيشانِيءَ ۾ پِرينءَ جي. [400]

سمجهاڻي: (هاڻي) اٺ جي اها حالت آهي جو چڱو ڀلو رهي نٿو سگهي ۽ نه وري ڪجهه کائي پيئي ٿو. عبداللطيف چوي ٿو ته جڏهن کان عشق ۽ محبت جي لنئو لڳي اٿس ته ڄڻڪ هو ويچارو مري فنا ٿي ويو آهي. (هو ڇا ڪري جو) هر وقت سندس نظرن ۾ مٺي محبوب جي پياري پيشاني ۽ چهرو آهي.

[مثنويءَ ۾ ’مجنون ۽ سندس ڏاچي‘ جي آکاڻي هيٺ ڪيترن شعرن ۾ هن بيت توڙي ٻين بيتن جو پس منظر ڇانيل نظر اچي ٿو.

عشق و سودا چونکه پربودش بدن،

مي نبودش چاره از بيخود شدن.

(دفتر چهارم، ب- 1534)

معنيٰ: مجنون جو سمورو جسم عشق جي خيالن سان ڀرجي ويو ته بيهوش ۽ بيخبر ٿيڻ کان سواءِ هن لاءِ ڪو چارو نه هو.]

13

ڪِين جو ڪيڏاهِين، چانگو چَکِي آئِيو

تاڻِئو تيڏاهِين، نيٽَ ڇِنايو نِڪَري. [401]

سمجهاڻي: هيءُ اٺ ڪنهن هنڌ ڪا اهڙي (محبوب ۽ مرغوب) شيءِ چکي (چريو ٿي) آيو آهي، جو ان کان پوءِ چمڙي جو وٽيل مضبوط رسو  (ڏانوڻ) به (زوريءَ) ڇنائي ان طرف ڏانهن وري وري ڀڳو وڃي.

14

اُٿِي اَڙائِينسِ، ڇَڏئو ته ڇِيڪُ ٿئو

کارايان کِڙِئو وَڃي، پَلاڻِي پائِينسِ

ڏاوَڻِ تَنہِ ڏائِينسِ، جِئن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻو. [402]

سمجهاڻي: اٺ کي اٿي چڱيءَ طرح قابو ڪري ٻڌ. ڇڏي ڏبس ته هيڏانهن هوڏانهن وڃي رلندو. کاڌي کائڻ وقت به ڀڄي گم ٿيو وڃي.  (انهيءَ ڪري)  مٿس پلاڻ وجهي چڙهي سوار ٿيءُ. اهڙو ڏاوڻ (رسو) وجهي سوگهو ڪري ٻڌينس جو کاڌو به کائي ۽ چنگهندو ۽ دانهون ڪندو وتي.

15

دو دَستي دو پيرَ، سِيني سَنگهرَ رُڪَ جي

ماءُ! مُنهنجي ڪَرَهي، تازي ڦُلَنِ هيرَ

تَنہِ کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جو مُونهِين وَٽِ مَسَ رَهي. [403]

سمجهاڻي: منهنجي اٺ جي اڳين توڻي پوين ٻنهي پيرن ۽ ڇاتيءَ تي لوهه جي سنگهر (زنجير)  ٻڌل آهي. اي ماءُ، منهنجي هن اُٺ کي تازن گلن ڦلن کائڻ جي ڏاڍي پڪي عادت پيل آهي. ان تي ڪنهن جو به (هڪ جاءِ ويهارڻ وارو) جادو يا منتر هلي نٿو سگهي، جيڪو باوجود منهنجي ڪوشش جي (آءٌ گهڻا وس ٿي ڪريان) مون وٽ رهڻ لاءِ تيار نه آهي.

16

پيشانِيءَ ۾ پرينءَ جي چانگي رکيو چِتُ

نيٽَ ڇِنايو نِتُ، اُڀو اوڏاهِين اُسَري. [404]

سمجهاڻي:  (هاڻي) هن اٺ جي اندر ۾ هر وقت محبوب جو چهرو ڇانيل آهي. (انهيءَ ڪري)  هو هر قسم جو مضبوط ٻنڌڻ به ڇنائي سڌو ان طرف وڃي ٿو پهچي.

17

نَوَ نِيرَ، ڏههَ ڏاوَڻِيُون، پَندرَهن پَينڌَ پِيَاسِ

بَغَلَ مَنجههِ بَگهاڙِيُون، لِڱين لوههَ لَڳاسِ

جُہ ساجَنَ سَنڀرِيَاسِ، ته ڇِرڪَ ڇِنائِين هيڪَڙي. [405]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ اٺ کي سوگهو ڪرڻ لاءِ نو سنگهرون (زنجيرون)، ڏهه ڏاوڻ (نوڙيون)  ۽ پندرهن رسيون ٻڌل آهن. ڪڇن وٽان پاکڙي جون لوهيون ڪليون به لڳل اٿس. ليڪن جڏهن محبوب (حقيقيءَ) جي ياد مٿس غلبو ڪري ٿي ته انهيءَ وقت هڪڙي ڇرڪ ڀرڻ سان سڀ رسيون ۽ زنجير ٽوڙي ڇڏي ٿو.

[روميءَ پڻ هڪ هنڌ مست اٺ جي ڪيفيت جو هن ريت بيان ڪيو آهي:

ميکشد چون اشترمست اين جوال،

بي فتور و بي گمان و بي ملال.

کفک تصديقش بگرد پوز او،

شد گواه مستي دلسوز او.

اشتر از قوت چو شير نر شده،

زير ثقل بار اندک خور شده.

(دفتر سوم، ب- 2349-51)

معنيٰ: هو مست اُٺ وانگر ڀريل جُوال پٺيءَ تي کڻي پيو هلي، پر سندس منهن تي ڪا ٿڪاوٽ ۽ ڳڻتي ڪانهي. بلڪه وات مان نڪرندڙ گِجي سندس دل جي مست ٿيڻ جي گواهي پيئي ڏئي. اهو اٺ ته نه هو بلڪه نر شينهن وانگر هو، جيڪو گهڻي بار جي ڪري بظاهر گهٽ کائڻ وارو ٿي لڳو.]

18

نَوَ نِيرَ پائي، جان مون ڪَرَهو جهَلئو

ڇِڪِيءَ ڇِنائي، وئو پِهرِين راتِ پِرينِ ڏي. [406]

سمجهاڻي:  (هڪ نه پر) نو زنجير وجهي مون اٺ کي قابو ڪري ڇڏيو هو. پر اهي سڀ هڪڙي  ئي ڇڪ ۾ ڇنائي پهرئين رات ئي پرينءَ وٽ پهچي ويو.

19

وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پنهنجي ڪَرَهي

وَليُون واسَ وَرَنِيُون پَهَريُون مَٿي پَٽَ

چانگي چَکِي چَٽَ، ته پوءِ نَه رَهندو پَنڌَ ري. [407]

سمجهاڻي: (طالب کي هدايت) مضبوط وٽيل ۽ ٿلهو رسو هٿ ڪري پنهنجي ڪرهي (نفس اماره) کي ان سان قابو ڪر. پٽن تي هر طرف خوشبودار وليون پکڙيون پيون آهن. جيڪڏهن تو واري اٺ هڪ دفعو انهن (دنياوي لذتن) جو ذائقو چکي ورتو ته پوءِ انهيءَ طرف پنڌ ڪرڻ کان نه مڙندو.

20

نيٽَ ڇِنائي نِتُ، ڪَرَهو ڪُنگُوءَ ريٽَ تي

چانگي رَکئو چِتُ، پَرَمَلَ جي پَساهَ تي. [408]

سمجهاڻي: اهو اٺ چم جو مضبوط وٽيل رسو به هڪ سٽ سان  ڇنائي وڃي ڪنگو ريٽ جي ٻيٽ تي چرڻ لاءِ پهچي ويو. اهو ان ڪري جو اٺ جي دل ۾ پرمل ول (جي تازي رس) گهر ڪري ويئي آهي. (هاڻي ان کان سواءِ رهي نٿو سگهي.)

21

لَکين سَئين چَرَنِ، ڪَرَها ڪُنگوءِ ريٽَ تي

تِئائِين ويسَرَنِ، هَٿِ نه آيو هيڪَڙو. [409]

سمجهاڻي: ڀلي سوين ۽ لکين اٺ ڪنگوءَ ريٽ (جهڙي سرسبز) ٻيٽ ۾ چرڻ لاءِ پيا گهمن ڦرن، ليڪن اتي به جيڪي غافل آهن تن کي اتي به (ڪجهه) هڙ حاصل ٿيڻو نه آهي.

 

وائي

آهِينِمِ ڳالَهڙِيُون، ماءُ! مُرادُون پِرينءَ سِين

جي مان پييُون پِرينءَ ري، کُوءِ سي راتَڙِيُون

جي مان اوريُون پِرينءَ سِين، وَرُ سي باتَڙِيُون

پَسڻَ ڪارَڻِ پِرينءَ جي، پاتِيَمِ جهاتَڙِيُون

آڌِيءَ عبداللطيفُ چئي، ڪُهَنمِ ڪاتَڙِيُون. [410]

سمجهاڻي: اي ماءُ، مون کي پنهنجي محبوب سان ئي دل جون اصلي ڳالهيون  ڪرڻيون آهن. منهنجو مقصد محبوب سان ملڻ ۾ آهي. هن کان سواءِ جيڪي مون راتيون گذاريون آهن، سي سڀ اجايون آهن. مون جيڪي (اندر جون) ڳالهيون پنهنجي پرينءَ سان ويهي ڪيون، انهن جو ڪهڙو جواب! مان پنهنجي دوست جي ديدار لاءِ هردم  پيئي واجهايان. عبداللطيف  چوي ٿو پر جڏهن اڌ رات ٿئي ٿي ته محبوب جي جدائيءَ جون (تکيون تيز) ڪاتيون مون کي ڪهڻ لڳن ٿيون.

 

داستان پنجون

 

1

اَڄُ نه اڳِينءَ ڍارَ، ڪَرَهو جِئَن ڪالَهه هو

اڱڻِ آيو نه ڪَري، پاهُوري پَچَارَ

جيڪُسِ مَنجههِ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِههَ جي. [411]

سمجهاڻي: اڄ اٺ اڳي وانگر يعني جيئن ڪالهه (تندرست ۽ تازو توانو) هو ائين ناهي. اڱڻ ۾ اچي کائڻ جي طرف منهن نٿو ڪري. لاشڪ وڳ جي قطار سان هلندي ڪٿي ڪا زهريلي ول کائي ويو آهي.

2

پَلاڻِئَان پِئو، اولاڻِئو نه اُٿِيي

جيڏانہَ وَڳُ وِئو، اُڀو تَرَسي اوڏَهِين. [412]

سمجهاڻي: اٺ (ايڏو ڪمزور ٿي ويو آهي جو) پلاڻ جو بارته نٿو سهي، پر ٺلهي يا خالي پٺيءَ به اٿي نٿو سگهي. جنهن طرف سندس وڳ هليو ويو آهي، هيءُ پاڻ ان طرف ڳچي کڻي پيو تڪي ۽ نهاري. (هن کي به اوڏانهن وڃڻ جو انتظار آهي).

[اٺ جي پوڙهي ٿيڻ ۽ بار کڻڻ واريءَ حالت کي روميءَ هن طرح پيش ڪيو آهي:

اشتري ام لاغري و پشت ريش،
ز اختيار همچو پالان شکل خويش،
اين کجاوه گه شود اين سوگران،
آن کجاوه گه شود آن سو کشان.

(دفتر ششم، ب-214 ۽ 215)

معنيٰ: مان هاڻي ڪمزور ۽ هيڻو اٺ آهيان ۽ پُٺي زخمي ٿي پيئي اٿم، ايتريقدر جو پلاڻ جو بار به نٿو سهي سگهان. انهيءَ ڪري پٺيءَ تي رکيل ڪجاوو ڪڏهن هن طرف هيٺ لڙڪي پوي ٿو ته ڪڏهن هن ٻئي طرف هيٺ ٿي ٽنگجي پوي ٿو.]

3

ڪَرَها توکي ڪامَ، سَچو پَسِي مون سَڃِي

مانَ پَرُوڙي مامَ، ساڱاهي سَئِينءَ وَهِين. [413]

سمجهاڻي: اي ڪرها (نفس مطمئنـﮣ)، مون توکي سچو ۽ کرو سمجهي صرف لڪڻ (ان ڪري) پئي الاريو ته جيئن تون اها راز واري ڳالهه سمجهي سڌو ٿي هلين.

4

هُنگَرَ هَلايو، ڏيئِي موڙَ مَهَارَ جِي

وَسان جي وِيو، ڪَرَهو تي ڪامُون سَهي. [414]

سمجهاڻي:  اٺ کي هونگر (هان هون جي آواز يا هڪل) سان ئي هلايو ۽ مهار کي ٿورو پاسي تي ڇڪ ڏيئي هلايو ته هلندو. ڇو ته جيڪڏهن هڪ دفعو پنهنجي منهن هلڻ ڇڏيائين ته پوءِ لٺين ۽ لڪڻن سان ئي سڌو هلندو.

5

آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ چَري ڪي مُگرِيُون

ڪُڌاتُورو ڪَرَهو لِڪِئو لاڻِي کاءِ

اِنَ مَيي سَندِين ماءَ، مون کي ڳالَهڙِيين ڳوڙها ڪِئا. [415]

سمجهاڻي: مون پنهنجي اٺ کي ان وڻ وٽ آڻي ٻڌو جنهن تي مُگرول چڙهيل هئي. ان ڪري ته جيئن هو کائي پيٽ ڀري سگهي. (اها سندس وڻندڙ غذا آهي). پر هي بي بڻائتو اٺ لڪي ڇپي وڃي لاڻي کائي اچي ٿو. اي ماءُ، مون کي ڪرهي جي  اهڙين برين عادتن اندر ۾ غم جا ڳوڙها (ڍير) ڪري ڇڏيا آهن.

[مثنوي روميءَ ۾ انسان جي نفس کي اهڙو اٺ ڪوٺيو آهي ۽ هتي هي شعر مناسبت رکن ٿا.

اشترا، تنگ گلي بر پشت تست،

کز نسيمش در تو صد گلزار هست،

ميل تو سوئي مغيلان ست و ريگ،

تاچه گل چيني ز خار اي مرده ريگ.

(دفتر اول، بيت 1966 کان 1968)

معنيٰ: اي اٺ (انسان)، تنهنجي پٺيءَ تي (روحاني) گلن جو ٻوڙو ٻڌل آهي ته جيئن تو ۾ خوشبوءِ جا سوين باغ ڦٽن. ليڪن تنهنجو (نفساني) لاڙو ڪنڊن ۽ بيابان طرف آهي. اي مت جا ماريل، توکي ڪنڊن مان ڪهڙا گل ملندا؟]

6

ڪَرَهي کي ڪَئِين، وِڌَمِ پَينڌَ پَلَڻَ جا

ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيرَ ساڻُ نَئِين

چانگي سَندي چِتَ ۾ صاحِبَ وِجههُ سَئين

اوباهِيوسِ اَئِين، لُطَفُ ساڻُ لطِيفُ چَئي. [416]

سمجهاڻي: مون ڪرهي (نفس اماره) کي روڪڻ لاءِ اُن جي پيرن ۾ خاص رسو وجهي ڇڏيو آهي (پابند ڪيو اٿم)، پر هو رسي سوڌو نئڙي (ڪيئن به ڪري) لاڻي کي وڃي کائي اچي ٿو (پنهنجي خواهش پوري ڪري اچي ٿو). اي مالڪ، تون ئي ڪا سندس دل ۾ سڌي ڳالهه وجهه يا هدايت ڏينس. او سائين، لطيف جو عرض آهي ته تون ئي پنهنجي خاص مهربانيءَ سان کيس سنئين راهه تي هلاءِ!

7

چانگا! چَندَنُ نه چَرين، مَيا! پِئين نه موڪَ

اَگَرِ اوڏو نه وَڃين، ٿُڪِئو ڇَڏِيين ٿوڪَ

لاڻِي، وِچان لوڪَ، ڪِهڙي اَگَرِ آئِڙيَئِي. [417]

سمجهاڻي: اي چانگا، تون چندن (جهڙو سوادي ۽ سُرهو کاڄ) نٿو کائين ۽ نه وري تون (صاف) وهندڙ پاڻي ٿو پيئين. اگر (جهڙي خوشبودار  ٽارين) جي ويجهو به نٿو وڃين، بلڪه سٺي چاري کي ٿوڪاري ڇڏين ٿو. (خبر ناهي)  سڄي جهان جي شين منجهان توکي لاڻي ڪهڙي سبب پسند اچي ويئي آهي.

8

چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿان اَڪَ نه اُلَهي

چؤڌارِي چَندَن وَڻَ پَچي پوڄَ پِياسِ

جَنہِ وَلِ گهڻا وِهاٽِيا اُنَ سين آرِ لَڳياسِ

راڙي رَتُ ڪِيَاسِ، هِنَ ڪُڌاتُوري ڪَرَهي. [418]

سمجهاڻي: مون چانگي کي گهڻو ئي سمجهايو پر  هو اڪ جي (زهريلي ۽ موتمار) ٻوٽي کان پري هٽي ئي ڪو نه ٿو. جيتوڻيڪ هر طرف چندن جا ٻوٽا ججهي انداز ۾ پچي تيار بيٺا آهن. ( پر هن کي الائجي ڇا ٿيو آهي جو) جنهن ول جي کائڻ سان گهڻا اٺ زهر جي اثر ڪري مري ويا يا چريا ٿيا، ان ول سان هن جو خاص پيار ٿي ويوآهي. (اها کيس تمام گهڻي وڻي ٿي). آخر هن بي بڻائتي اٺ مون کي رئاري رت ڪري ڇڏيو آهي!

[رومي مثنويءَ ۾ اٺ جي کاڌي کائڻ وارين عجيب عادتن بابت هڪ هنڌ هينئن چوي ٿو:

همچو خار سبز که اُشتر مي خورد،

زان خورش صدنفع لذت مي برد.

چونکه آن سبزيش رفت و خشک گشت،

چون همان را مي خورد اشتر بدشت.

مي در اند کام و لنجش اي دريغ،

کآنچنان ورد مر با گشت تيغ.

(دفتر اول، ب- 3994-96)

معنيٰ: جيستائين ڪنڊا ساوا آهن ته اٺ انهن کي وڏي مزي سان کائي ٿو، پر جيئن اهي سڪي خشڪ ٿي وڃن ٿا ته پوءِ هنن کي جهنگ ۾ وڃي منهن هڻي ٿو، پر کائڻ کان مڙي نٿو، تان جي هن جو تارونءَ ۽ نڙيءَ مان رت وهڻ لڳي ٿو. افسوس جو جيڪو گاهه هن لاءِ سوادي ۽ لذيذ هو، سو هاڻي سندس گلي ڪاٽڻ جو خنجر بنجي پيو.]

9

مِٺيُون لَهي مُهَاءِ، جي تو چانگا چِنيُون

وَلَڙِيُون وِهَ ساءِ، اَڃان تو مُهَندِيُون. [419]

سمجهاڻي: اي چانگا، تو پنهنجي منهن (مالڪ جي مرضيءَ کان سواءِ) جيڪي وليون وڻندڙ (لذيذ) سمجهي پئي کاڌيون آهن، اهي زهر ڀريل (موتمار) وليون اڃا تائين توکي پيون هرکائين ۽ پاڻ ڏي پيون ڇڪين (ياد رک اهي ئي توکي کائڻ تي هرکائي مارينديون.)

10

پَسي ڳاڙها گُلَڙا، ڪَرَهَلَ ڪِيمَ تَرَسُ

سي تان هَلِي پَسُ، جي اِنَ وَلِ وِهاٽِيا. [420]

سمجهاڻي: اي ڪرها، اهي ڳاڙها وڻندڙ گلڙا ڏسي (کائڻ جي) حرص ۾ نه پئو. (بلڪه توکي گهرجي ته) انهن ٻين اٺن کي هلي ڏس جيڪي ان ول جي زهريلن گلن کائڻ سبب مري ويا.

11

مَيي ماڳائي، وِڌو واتُ وَلِينِ کي

خَبَرَ کيٽَ ڌَڻِينِ ٿِي، وِڏُوڻا واهِي

ڪَرَهي ڪاڪَتَ ڇَڏئِي، وَريسِ نه وائِي

چانگي چَريائِي، ويئِي ويچاري وِسرِي. [421]

سمجهاڻي: اٺ موڳائيءَ جي حالت ۾ وڃي ولين کي کاڌو آهي. جڏهن ٻنيءَ جي مالڪن کي اها خبر پيئي ته اهي ۽ سنڀال ڪندڙ اچي ڪاوڙيا. هوڏانهن اٺ ۾ ايتري طاقت نه رهي آهي (جهُور پوڙهو جو ٿيو آهي) جو دانهون ڪري (پاڻ بچائي ڀڄي) سگهي. هاڻي اها مستي توڻي چريائي (سڀ ڪجهه) هن ويچاري کان ڇڏائجي ويئي آهي.

12

وَڏپَڻَ ۽ واءُ، ڪَرَهي کاڏو کوڙِئو

کوءِ ٻَنِ پَلاڻِئاءُ، اولاڻِئو نه اُٿِيي. [422]

سمجهاڻي: وڏي عمر (پڇاڙيءَ)  ۽ ان کان سواءِ واءُ  (جهڙين بيمارين) اچي اٺ کي ورتو آهي ۽ هاڻي اٿڻ ويهڻ کان به لاچار ٿي ويو آهي. ايترو ڪمزور ٿي ويو آهي جو پلاڻ (جا سينگار ۽ بار)  وڃي کڏ ۾ پون. پر هي ته بنا پلاڻ جي (اگهاڙي پٺيءَ) به اٿي نٿو سگهي (هنڌان چُري نٿو سگهي).

13

ٿَرَ ڏُونگَرَ (بَرَ) روههَ، مَيي سَڀ مَنَاڙِيَا

هاڻي اڱڻُ اَسِي ڪوههَ، آهي اُنَ جَماجَ کي. [423]

سمجهاڻي: هن اٺ (جوانيءَ ۾) ٿر ۽ جبل، بر ۽ بيابان سڀ لتاڙيا ۽ لنگهيا، پر هاڻي (جڏهن پوڙهو ٿيو آهي) ته هن تيز هلندڙ اٺ لاءِ گهر جو اڱڻ به اسي ڪوهن جي برابر ٿي پيو  آهي (اهو هلي به نٿو سگهي جو چرڻ پُرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي.)

 

وائي-1

آءٌ جِيَندِي ڪِيئَن، يا اللهَ!

مون مسافِرَ سُپِرِين

مُون کي ڇَڏي هَلِئا، هاڻي ڪَريان ڪِيئن. [424]

سمجهاڻي: اي الله سائين، آءٌ (هنن کان سواءِ) ڪيئن جيئري رهي سگهان ٿي جو منهنجا سپرين مسافر آهن ۽ هو مون کي ڇڏي ويا آهن. مان هاڻي ڇا ڪريان ۽ ڪيئن ڪريان.

 

وائي-2

توڻي تَڙين تون،

تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان

مون کي توءِ مشاهِدو، توڙي مُنہُ نه ڏِيين مون

مون ٻِئا دَرَ گهَڻيئِي نِهارَئا، آهِيين تُون هِي تُون. [425]

سمجهاڻي: اي مالڪ! توڻي کڻي تون مون کي لوڌي ڪڍين، ڌڪاري ڇڏين، پر آءٌ  تنهنجو در ڪونه ڇڏيندس. ائين مان هر وقت تنهنجو مشاهدو ۽ ديدار گهران ٿو. توڻي جو تون منهن ڏيکارين يا نه ڏيکارين مان ٻيا ڪيترا در ڏسي چڪو آهيان. (اتان نااميد ٿي موٽيو آهيان) منهنجي لاءِ تون ئي تون آهين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org