سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :1

گلستان لطيف

ڪريم بخش خالد

 

پيش لفظ

 

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 210 ورسيءَ تي هن سال، محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان، حيدرآباد، حسب دستور، بطور اظهار عقيدت، ”گلستان لطيف“ نالي ڪتاب پيش ڪري رهيو آهي. هن سال اسانجا ڪتاب سنڌيءَ کان علاوه اردو ۽ انگريزي ۾ پڻ شايع ٿيا آهن ڇو ته اسان اهو ضروري سمجهيو ته شاهه صاحب جهڙي عالمي پيغام واري شاعر ۽ صوفي فلسفي جي پيغام کي انهن حلقن تائين پڻ پهچايو وڃي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي نه سمجهڻ سببان انهيءَ عظيم روحاني تعليم ۽ ادبي ورثي مان مستفيد ٿيڻ کان هنوز محروم رهيا آهن.

محڪمه اطلاعات 1953ع کانوٺي هنوقت تائين ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ“، ”نذر لطيف“ (سنڌي ۽ اردو)؛ ”ياد لطيف“ (سنڌي)؛ ”تحفئه لطيف“ (سنڌي ۽ اردو)؛ بهار لطيف“ (سنڌي)؛ ”نغمات لطيف“ (اردو) ۽ سنڌي زبان جو قادر الڪلام شاعر“ (Poet Laureate of Sindhi) انگريزي ۾ شايع ڪيا آهن. اسانکي اميد آهي ته هي ڪتاب، مضمونن جي مختلف ۽ افادي نوعيت ۽ محققانه ۽ اديبانه ترتيب سببان پسند ڪيو ويندو.

اسانجي ملڪ ۾ ڪيترائي تعمير ۽ ترقيءَ جا ڪم عمل ۾ اچي چڪا آهن ۽ ڪيترا عوامي فائدي جا ڪم زير تعميل آهن. شاهه لطيف جي وطن لاءِ پڻ انهيءَ ڏس ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو ويو آهي ۽ اهو وقت پري نه آهي جڏهن اسان جي عوام جي پر خلوص تعاون ۽ ”پنهنجي قسمت خود بدلائڻ واري“ عوامي جدوجهد سببان حڪومت، ڀٽائي گهوٽ لطيف جي انهيءَ دعا جو عملي ثبوت پيش ڪندي ته:

 

سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

 

اسين انهن سڀني علم دوست حضرات جا شڪر گذار آهيون جن هن گلستان لطيف جي آبياريءَ ۾ اسان سان تعاون ڪري پنهن جي عقيدت جي گلن سان هن مجموعه کي معطر ڪيو آهي. اسين پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي جي، شعبه نئين زندگي جا پڻ ممنون آهيون جو هنن اسانکي مسٽر علي اڪبر ۽ مسٽر عبدالستار جون شاهه بابت پينٽنگون، هن مجموعي ۾ شايع ڪرڻ لاءِ ڏنيون آهن.

 

اسماعيل سليمان خواجه

حيدرآباد، 13 جولاءِ، 1962ع

ڊائريڪٽر محڪمه اطلاعات،

مغربي پاڪستان، حيدرآباد.

 

شاهه لطيف ڀٽائي رح جو روضو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com