سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

باب: --

صفحو :1

شاهه لطيف جو علامتي شعور

محقق: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

انتساب

 

سنڌي ادب ۽ شاهه لطيف جي فڪر ۽ فن تي نئين انداز سان تحقيق ڪندڙ ڏاهن ۽ عالمن، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر دُر شهوار سيد، ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، ڊاڪٽر تنوير عباسي،ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جي نالي.

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

 

علامت نگاري ۽ لطيف سائين جي شاعري

 

ادب جي شروعات گفتگو سان ٿئي ٿي جيڪو سماج ۾ مختلف فرض پورا ڪندي نظر اچي ٿو. ادب جيڪڏهن هڪ پاسي شهنشاهي تاج، قاضين، مفتين ۽ معتبرن جي غلط فتوائن جي تائيد ڪئي آهي ته ٻئي پاسي وري انهن ناسورن خلاف آواز اٿاريندڙ انقلابين ۽ مهان شخصيتن جي شان ۾ قصيده به لکيا آهن.

ادب ۾ شاعري جو اثر رسوخ صدين کان مڃيل حقيقت بڻجي چڪو آهي.ڇو ته شاعري ڪنهن زبان جي خوبصورتيءَ کي ڪنهن حد تائين محفوظ ڪري سگهي ٿي. نه صرف محفوظ ڪري سگهي ٿي پر ٻيهر اصلي حالت ۾ واپس آڻي سگهي ٿي. ان کي ٻيهر ترقي ڏيڻ ۽ پالڻ پوسڻ ۾ مدد ڏيئي سگهي ٿي. ان کي وڌيڪ پيچيده حالتن ۾ بلند، ارفع ۽ موزون ترين اظهار جو ذريعو بڻائي سگهي ٿي. ۽ جديد زندگيءَ جي تبديل ٿيندڙ مقصدن جي لاءِ ان کي اظهار جو ذريعو بڻائي سگهي ٿي، ۽ اهو عمل بلڪل اهڙي ريت ٿئي ٿو جهڙي طرح غير پيچيده زماني ۾ ٿيو هو. (1)

پر جيڪا ڳالهه شاعري جي عظمت ۽ اهميت کي وڌائڻ جو سبب آهي، اها روشني ۽ رستي جي تلاش آهي، سڀ سچا شاعر انهي رستي ۽ روشنيءَ جي تلاش ۾ هر وقت اڳتي وڌندا رهيا آهن.

انهيءَ انساني عظمت ۽ روشن واٽ جي ڪهاڻي جي شروعات پڻ يونان کان ٿي. يونان جي شاعري دنيا جي پهرين مڪمل ۽ مستند شاعري آهي ۽ ارسطو توڙي ان دور جي ٻين دانشورن ان شاعري کي اڳيان رکي پوءِ علم يا ادبي تنقيد جو بنياد وڌو آهي. (2)

شاعري انساني تاريخ جي هر دور ۾ مقبول ۽ تيز هٿيار طور استعمال ٿيندي آئي آهي. زندهه قومون پنهنجي انهيءَ قومي ورثي مان هر وقت فائدو وٺنديون رهيون آهن. يونانين لاءِ شاعري جيتوڻيڪ شوق ۽ وندر جو سبب هئي پر پوءِ به ان شوق، قوم جي عصري قوت (Time Spirit ) سان ملي، يونان کي مهذب انسان ۽ دنيا جو پايو وجهندڙ بڻائي ڇڏيو (3).

يوناني تنقيد جو بنياد پڻ عظيم شاعر هومرجي شاعري تي مدار رکي ٿو. هومر سان گڏ سندس همعصر ۽ پويان شاعر هيسڊ، زنوفينز، پنڊار۽ جورجسجي فن ۾ پڻ اهڙا اشارا موجود آهن (4).

هومر شاعريءَ مان لطف حاصل ڪري ٿو ۽ ان کي هڪ قسم جي جادوءَ مان پيدا ٿيندو سمجهي ٿو. هن جي شاعري مهذب دنيا جي تنقيدي، فڪري ۽ جذباتي حقيقتن جي بنيادي لڙهي آهي، جنهن ۾ شاعريءَ جي جديد نظرين جو عڪس نمايان نظر اچي ٿو. خواب ۽ جادوءَ کي به ادب جي زمري ۾ اڻي سگهجي ٿو. خواب ۽ جادوءَ جي ٻوليءَ جي باري ۾ وڏي تفتيش ٿي رهي آهي. جادو ته ڪن حالتن ۾ مٿ جي زبان ڳالهائي ٿو ۽ ڪن حالتن ۾ اعتقاد جي. پر خواب جو مامرو نسورو نفسياتي مامرو آهي.(5)

جادو به هڪ علامت آهي جيڪو هڪ جدا نظام ۾ ڪم ڪري ٿو، جيڪو عقلي نظام کان مختلف آهي. جادو انهي تصور (Imagination) سان ڳالهائي ٿوجنهن کي نفسياتي توڙي ڪلچر جي دنيا ۾ اعليٰ ترين ۽ با اختيار حيثيت ڏني وڃي ٿي (6)

هومر پنهنجي شاعريءَ کي لطف حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهي ٿو ۽ ان کي جادو جو هڪ قسم ڄاڻي ٿو. هن جي آڏو ديوين ۽ ديوتائن تي اعتقاد ئي ڪاميابي جو ذريعو آهي. هومر پنهنجي نظمن ۾ مٿ ۽ اعتقاد جي زبان استعمال ڪري ٿو.

چارلس مورس (Charles W. Morris) تصوف جي ڳالهه ٻولهه جي طرز تي ٻڌائي ٿو ته تصوف جي اظهار جو طريقو آهيزين اظهار  (Zen form of   expression ) (7)

هومر پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي قسم جو اظهار ڪري ٿو. اڪيلز جي ڍالجو ذڪر ڪندي لکي ٿو هر جي پٺيان واري ڌرتي ڪاري معلوم ٿي رهي هئي، اهڙي ڌرتيءَ جيان، جنهن تي هر هلي چڪو هجي، جڏهن ته اها سون جي ٺهيل هئي ۽ اهو صناعي جو ڪمال هو. (8) انهي قسم جي هڪ ڪٿا، ڪتاب ٻوليجا ايڊيٽر بيان ڪن ٿا جيڪا ڇهين صديءَ جي آهي ۽ شان هائي جي چيل آهي (9). جنهن ۾ پڻ زين اظهار جيان علامتون استعمال ٿيل آهن.

هومر جي مٿين لکت به حقيقت ۾ علامتي نوعيت جي آهي ڇو ته شاعري دراصل اهڙو تخليقي عمل آهي جنهن سان عام رواجي شيون مٿانهين معنيٰ (Higher Meaning) جو ذريعو بڻجن ٿيون.

چارلس مورس مٿين عبارت کي ستوري ۽ مونڊو(Satori and Mondo) اظهار ٿو چوي. سندس خيال مطابق هي اهو منطق آهي جيڪو پڻ علامتن جي عام نظرئي (Semantics) جي ڪري وجود ۾ آيو آهي (10).

علامت کي سمجهڻ لاءِ اسين دنيا جي عالمن ۽ اديبن جي راين کي سامهون رکنداسون. شاعري ۾ علامت جي مٿانهين حيثيت ئي شين جي علامتي معنيٰ کي سمجهڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي، جنهن جو واسطو ٻوليءِ جي معنائن سان آهي.

علامت اهو لفظ آهي جنهن جي بنيادي حيثيت کي ڪا نه ڪا نمائنده معنيٰ حاصل ٿي ويئي هجي. جڏهن ته هر لفظ صوتي علامت آهي، ڪنهن نه ڪنهن شئي يا مفهوم جو (11).

انسائيڪلو پيڊيا آمريڪانا ۾ علامت جي هيٺين تعريف ٿيل آهيعلامت جو لفظ، جيڪو مختلف معناعن جو حامل آهي سو يوناني لفظ Symbloon تان ورتو ويو آهي. عيسائيت جي ابتدائي ڏينهن ۾ هي لفظ عقيدي لاءِ اڪثر استعمال ٿيندو هو ۽ اڄ به لاطيني ملڪن ۾ مستعمل آهي. هي  مذهب يا مذهب جي توهين لاءِ اشارو ڪندو آهي. پراڻي ڪهاڻي يا مٿ ۾  ڪا  خاص جاءِ حاصل ڪرڻ سان هن لفظ جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.نيپچون (Trident ) ساموندي ديوتا جي علامت آهي. (12)

سمبل (Symbol)، جو اصل يوناني لفظ  جي صورت آهي، جنهن جو بنيادي مقصد آهي اعتقاد حاصل ڪرڻ ۽ سندس استعمال. مذهب توڙي مٿ (Myth) ۾ خاص جاءِ والاري ٿو. اهڙي ريت علامت وسيلي انسان شين جي مٿانهي معنيٰ حاصل ڪرڻ جي لائق ٿئي ٿو. ان ڪري ئي شاعري توڙي اظهار جي هر روايت ۾ علامت، اظهار ۽ ابلاغ جو ذريعو بڻبي آئي آهي.

فرينڪ لوريمر (Frank Lorimer) پنهنجي ڪتاب The Growth Of  Reason۾ لکي ٿو ته علامت لفظي عمل جي مطالعي جو ذريعو آهي ۽ ان جي مدد سان اسين انسان جي ذهن جي جوڙجڪ ۽ واڌاري جا سبب معلوم ڪري سگهون ٿا. اهڙيءَ طرح لاگونا (Grace- De- Laguna) ٻڌائي ٿو ته انسان جي ارتقا ۽ واڌاري جو وسيلو ٻوليءَ جو سکڻ آهي. (13)

علامت جي سلسلي ۾ ڪنسائيز انسائيڪلو پيڊيا آف انگلش ائنڊ امريڪن پوئٽس ائنڊ پوئٽري۾ ايمرسن جو خيال آهي ته فطرت هڪ مندر آهي جنهن جون ديوارون نشانن (Embelms) سان ڀريل آهن.(14)

حقيقت ۾ اهي نشان ئي آهن، جيڪي شين جا تصور آهن، علامتون هونئن به غير موجود شين جون حقيقتون آهن. ڇو ته اسين جڏهن به ڪنهن شئي جو ذڪر ڪندا آهيون ته اها شئي بذات خود موجود ڪو نه هوندي آهي، بلڪه ان شئي جو تصور (Concept) اسان جي اڳيان هوندو آهي. اها تصور جي منتقلي، جيڪا تجربي جي بنياد تي ٿئي ٿي ۽ انسان جي دماغ جو پاڻمرادو عمل آهي، اهو شاعر جي (فڪري، جذباتي ۽ شخصي ) تجربي جي عڪاسي آهي. علامت جو تجربي جي منتقلي کان سواءِ ڪو ڪم ڪونهي. (15)

انسان جي ذهن ۾ شين جي تصور ٺاهڻ جو عمل جاري رهي ٿو، انهيءَ عمل سان اسان شين جي ذاتي تصورن (private concepts) کي شين جي عام تصورن(public concepts) ۾ منتقل ڪندا رهون ٿا. اهڙي ريت اهو تصور کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، جيڪو منتقل ٿئي ٿو.(16)

علامت لاءِ ڪولرججو چوڻ آهي ته علامت ڪنهن حاضر شيءِ کي خاص انداز ۾ آرپار ڏسڻ، يا ڪنهن آفاقي حقيقت کي عام ڳالهين مان حاصل ڪرڻ، يا ڪنهن ازلي سچ کي وقتي يا فاني شين مان حاصل ڪرڻ جو نالو آهي (17)

يوناني شاعر جورجس(485-380 ق.م) لکي ٿو ته شاعر قابلِ تعريف تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هن جو فن صحيح ۽ سچو ٿئي ۽ سندس ڳالهه آفاقي نوعيت جي هجي (18). ان ڪري ئي چيو ويندو آهي ته سچي شاعري اها آهي، جنهن جو فهم ته ٿئي، پر جڏهن ان کي بيان ڪرڻ ويهجي، تڏهن مختلف معنائن جو ڀنڊار ثابت ٿئي.

علامه ابنِ رشيق، شاعر لاءِ لکي ٿو ته شاعر کي شاعر ان لاءِ چوندا آهن، جو اهو انهن شين کي محسوس ڪندو آهي، جيڪي ٻيا ناهن ڪندا. جيڪڏهن سندس ڪلام ۾ معنيٰ جا نڪتا، اختراع (Obstruction)، لفظن جي نئين لڙهي ۽ بيان ۾ نواڻ نه آهي ته اهو حقيقت ۾ شاعر چوائڻ جو حقدار ناهي(19).

حقيقت ۾ مخصوص معنوي سطح عام تصورن کان مختلف آهي. ان ڪري شعر ۾ ظاهري فڪري مفروضا سٺا ڪو نه لڳندا آهن. انهن فڪري مفروضن کي لساني عمل مان گذارڻ سان ئي شين جي علامتن جو ظهور ٿيندو آهي.

علامت نگاري کي بطور فن ڪڏهن مڃيو ويو آهي، ان لاءِ ڪن عالمن جو خيال آهي ته مغربي شاعريءَ ۾ علامتي شاعري جي شروعات صوفي شاعرن سويڊن بورگ (1688-1772ع) يا سينٽ مارٽن (1743-1783ع)کان ٿي (20). انسائيڪلوپيڊيا برطانيڪا ۾ ڄاڻايل آهي ته اسٽيفن ملارمي ۽ پال ورلائين انهيءَ شاعراڻي تحريڪ جا باني مباني آهن.

منهنجي تحقيق مطابق جديد ادبي دنيا ۾ مروج علامت نگاريءَ جي شروعات ٽين صدي هجري يعني ڏهين صدي عيسوي جي ٻئي ڏهاڪي ۾ شام ولايت ۾ ٿي. ان تحريڪ جو پايو وجهندڙ ابو طيب احمد بن حسين المعروف متنبي(303هه-354هه) /(916-967ع) آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن پنهنجي دور ۾ نبوت جي دعويٰ ڪئي هئي.

متنبي جي دور ۾ جديد طرز تي شعر لکڻ ڪري، عربي ادب ۾ ٻه اسڪول قديم ۽ جديد قائم ٿي پيا هئا (21). جيئن ته ادب ۾ هڪ لاڙو ڪڏهن به قائم ناهي رهندو. هڪ دور ۾ هڪ قسم جو لاڙو هوندو ته ٻئي دور ۾ ان جي ابتڙ هوندو آهي.

المتنبي کان اڳبشارپهريون شاعر آهي جنهن اختراع معنيٰ جو بنياد وڌو. ان کان پوءِ ابو نواس، ابن الرومي، هن کي وڌيڪ زور وٺرايو. پر متنبي ان کي ترقيءَ جي انهي منزل تي رسايو جنهن ۾ ٻيو ڪو به اضافو ڪري نه سگهيو. (22)

متنبي جي ڪلام جو فارسي شاعرن تي به وڏو اثر رهيو آهي، جن مان عنصري منوچهري، فخرالدين گرگاني، انوري، اسدي، طوسي، ظهيرالدين فاريابي ۽ شيخ سعدي اهم آهن جيڪي پنجين ڇهين صدي هجريءَ جا استاد شاعر ليکيا وڃن ٿا (23). علامه ابنِ رشيق چواڻي متنبي جي شاعري ۾ مضمون ۽ معنيٰ ڪڏهن ڪڏهن عام قاري جي ذهني پهچ کان مٿي نظر اچن ٿا. حقيقت ۾ اها علامتي Approach آهي. متنبي جو هڪ شعر پڙهي ڏسو جنهن کي ان وقت جي نقادن پر-عيب سمجهيو آهي، پر حقيقت ۾ اهو شعر هڪ اعليٰ مقصد تائين رسائي جو ذريعو آهي.

اَني يَسڪَنُون اَبَا البَرا يَاآدَمُ، وَاَبُوڪَ والثَقَلانِ اَنتَ مُحمد (24)

مٿئين بيت ۾ چوي ٿو ته  آدم ڪيئن انسانن جو جدِ اعليٰ ٿي سگهي ٿو جڏهن ته توهان جو پيءُ محمد آهي، ۽ توهان ثقلان آهيو.

هڪ ٻيو بيت پڙهندا.

لَولَم تَڪُن مِن ذا الو ربي الذِي مِنڪَ هُوَ

عَقَمَت بِمَولَدِ، نَسلها حَوا.(25)

يعني اي طالب هن دنيا ۾، جنهن جو هجڻ ئي تنهنجي ذات سان آهي، تون نه هجين ها ته مائي حوا سنڍ ٿي وڃي ها. (۽ ان کي ڪو اولاد ڪونه هجي ها).

مٿيان ٻئي بيت آفاقي حقيقت جا حامل آهن، جنهن ۾ محمد ثقلان، آدم ۽ حوا سڀ علامتون آهن، جيڪي اعليٰ مقصد ۽ ازلي سچ جو اظهار ڪن ٿيون. هنن ۾ هڪ اعليٰ سچ (محمد) ڏانهن اشارو ڪيل آهي، جنهن جي ڪري هن ڪائنات جو ظهور ٿيو. اهو ئي اعليٰ سچ دنيا جي هر شيءِ ۾ موجود آهي. يعني (انسان)، لطيف سائين جو هي بيت پڙهندا جنهن ۾ پڻ ساڳئي مفهوم ڏانهن اشارو آهي ؛

پاڻهين جل جلاله، پاڻهه جان جمال،

پاڻهـين صورت پرين جي، پاڻهه حسن ڪمال،

پاڻهـين پيـــر مريد ٿئي، پاڻهين پاڻ خيال،

سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.

(آڏواڻي-سر ڪلياڻ،1-19)

ٻئي بيت ۾ لطيف فرمائي ٿو ؛

پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻ ئــــي محــــبوب،

پاڻهين خلقي خوب، پاڻهين طالب تن جو.

   (آڏواڻي-ڪلياڻ1-20)

نقادن جي خيال مطابق متنبي نئين معنيٰ ۽ نت نوان مضمون پيش ڪرڻ ۾ ڏاڍو زورآور شاعر آهي. هن جي طبيعت جو چند ناقص شين ڏانهن مائل ٿي وڃڻ، کيس نظر انداز ڪرڻ جي لائق بڻائي ٿو. هن جي نادر ۽ سٺي ڪلام جيان سندس انهن شعرن کي به قبول ڪرڻ گهرجي جيڪي بلاغت جي رتبي کان ڪريل ۽ ردي آهن. (26)

پر سچ ته اهو آهي ته سندس جنهن ڪلام کي ردي ڪوٺيو ويو ان ڪلام جون بقول علامه بديعيايڪيتاليهه شرحون لکيون ويون ۽ پروفيسر جليل الرحمٰن اعظميجي تحقيق مطابق ڏهه ٻيون شرحون به سندس شاعريءَ جي ديوان تي لکيون ويون.(27)

ڳالهه اها آهي ته علامت نگاري جي فن جي باري ۾ اڄ کان تقريبن هڪ صدي اڳ جڏهن اها تحريڪ فرانس ۾ شروع ٿي، تڏهن به ان جي سخت مخالفت ٿيڻ لڳي ۽ اهڙي شاعري کي ناقص ۽ ردي سمجهيو ويو.

هن مقالي جي محدود دائري کي مدِ نظر رکندي علامت تي بحث کي سهيڙيندي ائين چئي سگهون ٿا ته علامتي سرشتو منطق (استدلال) جي بنياد تي قائم ٿئي ٿو، جيڪا هڪ سماجي عادت (Social habit) آهي جنهن جو عمل سڄي سماج تي ٿئي ٿو. علامت حالتن مطابق پنهنجو عمل ڏيکاريندي آهي، تصوف ۽ زين اظهار پڻ علامتي سرشتي مطابق آهي.

لطيف سائين جي شاعري تصوف جي روايتن پٽاندڙ ڪيل آهي جنهن ۾ هن پنهنجي تاريخي ۽ روايتي وٿن (Values) جي آڌار تي، سماج کي سڌارڻ، خصوصن سنڌي قوم ۽ عمومن ڪائنات جي مڙني انسانن جي ذهني، اخلاقي ۽ سماجي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ اهو سربستو احوال علامت ذريعي اوريو اٿس.

لطيف سائين پنهنجي دور کان اڳ وارن شاعرن جي علامتن کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آهي، انهن شاعرن ۾ قاضي قاضن، شاهه عبدالڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه عنايت صوفي جا نالا وٺي سگهجن ٿا. سندس همعصر شاعرن مان ميين شاه عنات رضوي، ۽ خواجه محمد زمان جون علامتون به لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ ڪتب آنديون آهن، اهي علامتون اسان جي ڪلاسيڪل ادب جو حصو ۽ نيم تاريخي ڪهاڻين جا ڪردار ۽ انهن سان واسطو رکندڙ اشارا ۽ نشان آهن جن جي بنياد تي انهن ڪردارن مستقل تصورن جو روپ حاصل ڪيو.

لطيف سائين جو رسالو علامتن سان ڀريو پيو آهي، رسالي جو هر هڪ بيت ذوفهم، اختراع معنيٰ (Obstruction) ۽ اعليٰ سوچ جو ڀنڊار آهي، سندس هر ڪا علامت هڪ وڏي علامت ڏانهن رجوع ٿئي ٿي جنهن کي علامتِ اوليٰ چئبو آهي. سڀ علامتون ان هڪ وڏي علامت ۾ جذب ٿي وڃن ٿيون. علامتِ اوليٰ مان ڪائنات، دنيا، انسان يا ڪا به معنيٰ وٺي سگهجي ٿي، جز جو ڪل ۾ سمائڻ وارو فلسفو پڻ ساڳي حقيقت جو حامل آهي. وحدت يا توحيد جو اهو تصور روحاني دائري ۾، ٻين مذهبن جي ڀيٽ ۾ بلڪل نئون به ڪو نه هو، پر اسلام ان کي بنيادي يا اساسي اصول بڻائي ان کي مرڪزي حيثيت ڏيئي ڇڏي. الله جي وحدانيت جو اهو تصور محض تجريدي (Abstract) نه هو، پر اهو اهڙو مرڪزي نقطو هو، جنهن مان ڪيترائي شعاع ۽ ڪرڻا ڦٽي نڪتا. انهن مان هڪڙو اهم ڪرڻو انسان ذات جي وحدت ۽ يگانگت بابت هو. (28) لطيف سائين وحدت الوجود جي فلسفي جو قائل صوفي ڏاهو هو.

جيئن فطري دنيا ۾ اختلافن ۽ ضدن ۾ سنگم کان پوءِ هڪ نئين وحدت جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي، تيئن وجداني ڪيفيت جي ضدن ۽ اختلافن ۾ به هڪ بنيادي وحدت آهي. ان بنيادي وحدت کي محسوس ڪرڻ وارا دنيا جي هر ڪنڊ ۾ هر مذهب ۽ تهذيب ۾ موجود رهندا آيا آهن. انهي وجدان ئي مذهبن کي جنم ڏنو آهي ۽ انهيءَ بنيادي وحدت ڳولهڻ وارن کي صوفي (Mystics) چيو وڃي ٿو.(29)

صوف جو لباس فقرجي علامت آهي ۽ دنيا وما فيها کان بي نياز ي جي نشاني آهي،ڪشف المحجوب۾ هڪ حد به ڏنل آهي ته توهان صوفجو لباس اختيار ڪيو، پنهنجي دلين ۾ ايمان جي مٺاڻ محسوس ڪندو.(30)

بهرحال اهو شخص جيڪو احڪامِ الاهي کي پنهنجي قلب جي گهراين ۾ محسوس ڪري، محسن بڻجي ٿو، اهو ئي صوفي آهي.(31)

صوفي ازم جو بنياد محي الدين العربي)1240-1165ع) جي طريقي وحدت الوجود تي ٻڌل آهي، نڪي شيخ عبدالقادر جيلاني جي موحدانه سلسلي (Orthodox) تي، وحدت الوجود جون قدرتي طور تي هندستان جي ڌرتيءَ ۾ پاڙون کتل هيون. ڇو ته اهو اخلاقي توڙي جذباتي لحاظ سان هندستانين جي مزاج مطابق هو.(32)

صوفي آڏو تعصب، ڪٽرپڻو ۽ انتهاپسندي قابلِ نفرت عمل آهي. لطيف سائين اعتدال پسند، شعور ۽ ساڃاهه رکندڙ فلسفي هو. سندس هر گفتو منطقي ۽ عمل سوءِ ظن ۽ حسنِ ظن جي وچ واري واٽ آهي، پر اها واٽ اڻانگي، پيچرو پهاڙي ۽ ڏکيو آهي. ان جي مقابل ٻي واٽ سولي آهي، ان ۾ جيءَ کي ڪو به جوکو ڪونهي، ڪنهن به حرج ۽ زيان جو انديشو ڪونهي، پر لطيف سائين واٽبجاءِ ڪواٽتي هلڻ جي ترغيب ڏئي ٿو.

ويجهو ونءُ  مَ  واٽ کي، ڪهج  ڏانهن ڪواٽ،

اجـهــــي  منجهان آٽ، آديـسي  ٿــــي آءُ  تـون.

(ڪلياڻ_کاهوڙي، 3-3)

هن بيت ۾ واٽ،ڪواٽ، آٽ۽ آديسيسڀ علامتون آهن.  واٽسولي ۽ سنئين راهه آهي پر جنهن جو انت اونداهي آهي، ڪواٽمعنيٰ اهو رستو جنهن ۾ تڪليفون، ڏک ۽ ڏاکڙا آهن.

لطيف سائين فرمائي ٿو : اي طالب آٽمعنيٰ پر خطر ۽ تيز طوفانن

کي اورانگهڻ سان ئي آديسيمعنيٰ ڪامياب انسان بڻجي سگهين ٿو.

انسان کي هميشه اعليٰ مقصد جي حاصلات لاءِ پر خطر راهن ۽ تيز طوفانن مان گذرڻو پوي ٿو. جيڪو به انسان پنهنجو نانءُ روشن ڪرڻ چاهي ته کيس سنهنجي راهه ڇڏي، ڏکن ۽ ڏاکڙن واري راهه، محنت ۽ ڪشالن وارو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، تڏهن ئي هو جڳ ۾ جاودان بڻجي ٿو.

سسئي جدوجهد جي علامت آهي. هن سک ۽ سهنج ڇڏي مقصد (پنهون) لاءِ ڪواٽاختيار ڪئي، لطيف سائين سسئيءَ جي ڪردار جي مستقل مزاجي کي ائين ترتيب ڏنو آهي جو ماڻهن ليکي منڌ، پر اهو ڪو نينهن جو نعرو آهي ۽ ان تي اعتبار ڪرڻو پوي ٿو. (33) تڏهن ته لطيف سائين سسئيءَ کي تلقين ڪندي فرمايو آهي :

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پريــن  جو.

 (ڪلياڻ_حسيني،2-18)

زندگي جهدِ مسلسل جو نالو، تبديليءَ جو پيغام ۽ انقلاب جو گس آهي، جنهن حياتيءَ ۾ اهي علامتون ناهن سا بي سود ۽ بيڪار آهي. لطيف سائين مٿئين بيت ۾  پڻ ساڳيو فلسفو بيان ڪيو آهي. هن بيت مان مٿانهين معنيٰ  حاصل ٿئي ٿي  تتيءَ، ٿڌيءَ، اوندهه، ۽ پيرسڀ علامتون آهن. تتيمان مراد تڪليفون، مصائب ۽ ناسازگار حالتون آهن. ۽ ٿڌيجو مفهوم سازگار حالتون ۽ سک وارو سماج آهي. لطيف سائين ٻنهي حالتن ۾ اڳتي وڌڻ جي فهمائش ڪئي آهي. اوندهه علامت آهي تمام خراب حالتن جي، جڏهن سماج ۾ سڌاري آڻڻ جي ڪا به اميد نظر نه اچي، ۽ پرين جو پيرعلامت آهي منزل جي.

مطلب ته لطيف سائين چوي ٿو ته حالتون ڪهڙيون به هجن پر مقصد ۽ منزل ڏانهن هلڻ وارن مقصدي افراد کي گهرجي ته اڳتي وڌندا رهن. مقصدي ماڻهو کي جڳائي ته جيسين منزل تي نه پهچي تيسين خاموش ٿي نه ويهي، ڇو ته فرد جي سستي ساري سماج لاءِ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي. جي ڪٿي به سندس ڪوشش ۽ جدوجهد ۾ جهول پيدا ٿيو ۽ نا اميدي جو شائبو نظر آيو ته اهڙو عنصر نه صرف ان فرد لاءِ پر پوري سماج لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ ائين به ٿي سگهي ٿو جو حالتون اهڙو رخ اختيار ڪن جو پوءِ کيس منزل جي نشان جو پتو ئي نه ملي.

مٿئين بيت مان هر مڪتبِ فڪر جو ماڻهو پنهنجو پنهنجو فهم حاصل ڪري سگهي ٿو. ڇو نه اهو صوفي هجي يا سياستدان، سماج سڌارڪ هجي يا قوم جو اڳواڻ، شاگرد هجي يا عشق جو سرواڻ.

لطيف سائين جو تصوف وارو فلسفو دراصل اڳوڻي سنڌي سماج ۽ ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جي سماجي، اخلاقي، سياسي ۽ اقتصادي عمل جي ڪهاڻي آهي. انهيءَ پس منظر ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي، ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سان گڏ، شاهه لطيف سائين جو به هڪ خاص مقام آهي. هر شاعر چاهيندو آهي ته سندس قوم ترقي ڪري ۽ جنهن معاشري ۾ هو رهي ٿو سو مهذب سڏائڻ جي لائق ٿئي، ڏک، مفلسي، پرماريت ۽ جهالت وغيرهه جي پاڙ پٽجي وڃي،  ۽ هر ماڻهو آزاد، خود مختيار ۽ خوشحال ٿئي. هر ماڻهو آزاد ۽ آزاديءَ جون نعمتون ماڻي سگهي.(34) لطيف سائين به پنهنجي دور جو قومي شعور رکندڙ، سماجي ۽ اقتصادي انصاف لاءِ پاڻ پتوڙيندڙڏاهو شاعر هو. سندس وقت جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته مغليه دور ۾ سنڌ جون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتون تمام خراب هيون. جاگيرداراڻو نظام سماجي ترقيءَ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ هو، ان ڪري نڪي هاري محنت سان ڪم ڪندو هو ۽ نه ئي ننڍا ڪاريگر، جيڪي صبح کان شام تائين محنت سان ڪم ڪرڻ کان پوءِ به غربت ۽ افلاس جي زندگي گذارڻ تي مجبور هئا. (35) ان ڪري ماڻهن پنهنجي سماجي حالت سڌارڻ ۽ ڏاڍ سان منهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کنيا. اهڙين مهان هستين جي عزم، حوصلي ۽ مردانگي جو ذڪر رسالي ۾ جابجا ٿيل آهي، هي بيت پڙهو :

ڪاڻــارئا  ڪڻڪن، جنين  لوهه لڱن ۾،

محــبت جـــي ميـــدان ۾، پيــا لال لڇـــن،

پاڻهين ٻڌن پٽيون، پاڻهين چڪيا ڪن،

وٽان واڍوڙيــــن، رهــي اچـــجي راتــــڙي.

 (شاهواڻي- ڪلياڻ 1-12)

هن بيت ۾ لطيف سائين سماجي ۽ قومي شعور رکندڙ ماڻهن جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته اها هڪ سولي واٽنه آهي بلڪه ڪواٽآهي، جتي وڍ پون ٿا، سور ملن ٿا ۽ سختيون سهڻيون پون ٿيون، سچا انسان تڪليفن ملڻ جي باوجود به زبان مان ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍندا آهن، بلڪه پاڻ پنهنجي ڦٽن کي چيٺي پٽيون ٻڌن ٿا. سچ جي پانڌيئڙن جو هميشه اهو شيوو رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com