سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :1

پنج گنج

عبدالقادر عرف قادر بخش بيدل رحه

پيش لفظ

 

حضرت شاه عبداللطيف رحه جي رسالي جي هڪ جامع ۽ معياري متن تيار ڪرڻ بابت، سنہ 1966ع ۾ بنده راقم، اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي جي آڏو هڪ تفصيلي تجويز پيش ڪئي، جنهن جي مد نظر ڪاميٽي پنهنجي گڏجاڻي مؤرخ 30 سيپٽمبر 1966ع ۾ فيصلو ڪيو ته پهريائين شاه جي رسالي جي مختلف قلمي نسخن توڙي شاه جي سوانح بابت بنيادي ماخذن کي سوڌي سنواري شايع ڪجي، ۽ ان کان پوءِ رسالي جي معياري متن تيار ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو وڃي. ڪاميٽي انهي سڄي ڪم جي ذميواري بنده جي حوالي ڪئي.

هن تحقيقي ڪم جا ٻه مکيه پهلو هئا: (1) شاه صاحب جي سوانح بابت اڻ ڇپيل يا آڳاٽي ڇپيل ذخيري کي شايع ڪرڻ، جئن تفصيلي سوانح حيات لکڻ لاءِ مواد موجود ٿي سگهي، (2) شاه صاحب جي رسالي جي معياري متن جي مرتب ڪرڻ لاءِ رسالي جي جملي قلمي ۽ ڇپيل نسخن جو پتو لڳائي، انهن کي ڀيٽڻ ۽ شاه جي ڪلام جي لغت ۽ معنيٰ کي سمجهڻ، جئن شاه صاحب جي پيغام کي پروڙي سگهجي.

هن وقت تائين انهن ٻنهي پهلوئن تي تحقيق ۽ اشاعت کي اڳتي وڌايو ويو آهي ۽ جملي پنڌرهن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽ هي انهي سلسلي جو سترهون ڪتاب آهي، جيڪو شايع ٿي رهيو آهي.

هيءُ ڪتاب شاه جي ڪلام ۾ سمايل معنيٰ ۽ فڪر سان تعلق رکي ٿو. ڀٽائي صاحب جي حياتي ۾ سندس بيتن ۽ واين کي سندس فقيرن، راڳاين توڙي عالمن فاضلن ٻڌو ۽ انهن ۾ سمايل معنيٰ کان متاثر ٿيا. جن ڀٽائي صاحب جي ڪلام کي سهيڙي قلمبند ڪري رسالي جي صورت ڏني، تن پڻ معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. اِهو انهي مان معلوم ٿو ٿئي جو شاه جي رسالي جا قلمي نسخا، جيڪي اسان تائين پهتا آهن، تن مان گهڻو ڪري سڀني ۾ ڪن خاص لفظن يا فقرن جي هيٺان يا پاسي کان حاشيي ۾ انهن جون معنائون فارسي زبان ۾ لکيون ويون آهن.  ڪن لفطن جون معنائون البت اوٽ تي ڪيون ويون آهن ۽ صحيح ناهن، ته به رسالي جي معنيٰ کي سمجهڻ جون اهي اوائلي ڪوششون هيون ۽ انهي لحاظ سان قابل قدر آهن.

جن عالمن فاضلن رسالي جي ڏکين لفظن، اصطلاحن يا فقرن جي معنيٰ کان اڳتي وک وڌائي بيتن جي ثابت سٽن، سڄن بيتن، واين جي مصرائن يا سڄين واين جي مفهوم ۽ معنيٰ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، تن مان سڀ کان پهريون غالباً جناب پير محمد راشد صاحب رحه هو، جن جي ملفوظات ۾ مختلف معنوي نڪات تي شاه جا بيت شاهدي طور آندل آهن. حضرت پير صاحب جن ڀٽائي صاحب جي وفات (1165هه) کان پنج سال پوءِ سنہ 1170 هه ۾ ڄاوا ۽ سنہ 1233 هه ۾ وفات ڪيائون ۽ انهي لحاظ سان هو ڀٽائي صاحب کي ويجهي ۾ ويجها عالم ۽ ولي هئا، جن ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾ سمايل معنيٰ کي مثال طور آندو.

ان بعد موجوده معلومات جي روشني ۾ ائين معلوم ٿئي ٿو ته ڪم از ڪم ٻن ٻين عالمن ڀٽائي صاحب جي بيتن جي معنيٰ تي غور ڪيو، ۽ خاص طرح قرآن پاڪ، حديث شريف ۽ مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي جي روشني ۾ ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾ سمايل معنيٰ کي سمجهايو.

فقير قادر بخش بيدل روهڙي ۾، ۽ ميين نور محمد درس، ڳوٺ راڄي خاناڻي (ضلعو حيدرآباد) ۾، اها خدمت سرانجام ڏني.

ميين نور محمد درس، شاه جي رسالي جو نسخو پنهنجي هٿ اکرين لکڻ شروع ڪيو ۽ تاريخ 15 ذوالقعده 1283 هجري تائين ڪلياڻ کان وٺي سر سسئي آبري تائين پهريان نو (9) سر لکي پورا ڪيائين. ان بعد باقي سر سندس پٽ ميان دوست محمد ۽ پوءِ احمد فقير لکي پورا ڪيا. ميين نور محمد رسالو لکندي حاشيي ۾ پنهنجي طرفان نه فقط ڏکين لفظن جون معانئون لکيون، پر ڪن بيتن جي تصوف جي لحاظ  سان تشريح ڪئي ۽ مضمون جي مناسبت سان ڪلام پاڪ جون آيتون، حديثون ۽ مولانا رومي، شيخ سعدي، خواجه حافظ، شيخ فريد الدين عطار ۽ مولانا جامي جا اشعار شاهدي طور آندا *.

ميين نور محمد درس جي تشريح کان ويهه سال اڳ سنہ 1264 هه ۾ بيدل سائين پنهنجو هيءُ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ انسان جي سجائي عملي زندگي، اخلاقي بلندي، ذهني ۽ قلبي صفائي، حقيقت جي تلاش ۽ حق جي شناس جي درجي بدرجي ڄاڻ موجب چاليهه درجا چونڊي انهن مان هر هڪ تي پنجن سرچشمن، بلڪ معرفت جي پنجن خزانن يا گنجن مان دليلن ۽ مثالن سان روشني وڌائين ۽ انهيءَ لحاظ سان ان کي پنج گنج سڏيائين. اهي پنج سرچشما يا معرفت جا پنج خزانا يا پنج گنج، جيڪي پنجن  پختن دليلن ۽ طور هر درجي جي مفهوم ۽ ماهيت کي روشن ڪن ٿا، تن جي وضاحت خود بيدل سائين سندس پنهنجن لفطن ۾ هن طرح ڪئي آهي:

پهريون دليل قرآن شريف مان موافقت رکندڙ آيت مبارڪ آهي.

ٻيو دليل صداقت سان ڀرپور حديث شريف آهي.

ٽيون دليل فيض ڀريل مثنوي معنوي جا بيت آهن.

چوٿون دليل وجد ڀريل شاهه صاحب ڀٽائي جو بيت آهي.

پنجون دليل راه هدايت ڏانهن ترغيب ڏيندڙ حڪايت ۽ بيان آهي.

 سو مقرر تعداد جي ڪري انهيءَ جو نالو پنج گنج رکيوسون (يعني منجهس پنج گنج  سمايل آهن) ۽ پنهنجي طاقت ۽ قوت آهر انهيءَ جي لکڻ جي ميدان ۾ اجتهاد ۽ ڪوشش جي سواريءَ کي ڊوڙايوسون. الله جي آسري ۽ انهيءَ تي ڀروسو آهي، جنهن مان شروعات آهي ۽ ڏانهس ئي انتها آهي.

انهن پنجن سرچشمن مان هڪ سرچشمو شاه صاحب جو رسالو آهي، جنهن مان بيدل سائين طرفان چونڊيل چيدا بيت اعلى معنوي حقائق تي شاهد آهن ۽ ڀٽائي صاحب جي سوچ ۽ فڪر جي معيار کي روشن ڪن ٿا. شاه صاحب جي اعلى فڪر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هن صدي دوران جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي، ان ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضي جن جون تحريرون بين الاقوامي حيثيت رکن ٿيون.  انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته قاضي صاحب جن حضرت شاه صاحب جي فڪر جا وڏي ۾ وڏا ڄاڻو هئا. اهو ايڏو وسيع موضوع آهي، جنهن تي هن کان پوءِ پڻ سنڌ جا بلڪ دنيا جا عالم سوچيندا رهندا ته نت نيون حقيقتون واضح ٿينديون. مگر شاه صاحب جي بيتن ۾ سمايل معنى ۽ فڪر کي پروڙڻ لاءِ جيڪي پهريون ڪوششون ٿيون، تن ۾ بيدل سائين جو ڪتاب پنج گنج معياري حيثيت رکي ٿو.

هن ڪتاب کي بيدل سائين جي خاندان جي هڪ نيڪ مرد ۽ بيدل سائين جي درگاه جي سجاده نشين جناب فقير سبحان بخش صاحب صوفي مهاڳ، سوانح ۽ سنڌي ترجمي سان سينگاريو آهي. اها محنت ۽ محبت کيس مبارڪ هجي. بيدل سائين جي سوانح بابت هن کان اڳ پورو تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي ۽ انهي ڪري فقير سبحان بخش جيڪي معلومات مهيا ڪيا آهن، سي هن سلسلي ۾ هڪ خاص اضافي جي حيثيت رکن ٿا. آءٌ فقير صاحب جو ممنون آهيان، جو منهنجي ترغيب تي هيءُ ڪتاب حضرت شاه عبداللطيف بابت هلندڙ تحقيق جي سلسلي ۾ شاه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪاميٽي کي اشاعت لاءِ ڏنائون

 

 

حيدرآباد سنڌ                        خادم العلم

9- فيبروري 1976ع                 نبي بخش

 

 

مهاڳ

 

نحمده و نصلي على رسولہ الڪريم

الله تعالى انبياءَ عليهم السلام ۽ اولياءَ ڪرام کي پنهنجي عرفان ۽ قرب سان هن ڪري نوازيو آهي ته بيخبر انسانن کي الله جي عرفان کان واقف ڪن ۽ وڇڙيل ماڻهن کي الله جي قريب ڪري کين صبغت الله جي رنگ ۾ رنگين ۽ سندس قرب ۽ عرفان حاصل ڪرڻ جا ذريعا ۽ وسيلا بڻجن. انهيءَ ڪري ئي سندس وجود مبارڪ سروپا رحمت آهي. انهن حضرات منجهان هڪ اهل الله حضرت بيدل قدس سره به هڪ آهي.

جيئن دنيا جي فيلسوفن ۽ سائنسدانن پنهنجي عقل ۽ سوچ سان قدرت جا ڪيئي راز کولي ظاهر ڪيا آهن، جن جي ڏسڻ ڪري ڏندين آڱريون آهن، اهڙي طرح تصوف جي مفڪرن معرفت جي اٿاه سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي اهي راز کوليا، جن کي ڏسي نه فقط انسان حيرت انگيز ٿيا پر انهيءَ تان جان فدا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ۽ حقيقت جي محققن، قدرتي ڪرشمن مان ولايت ۽ عرفان جا اهي راز کولي ظاهر ڪيا آهن، جن جي اڳيان تحت الثرى کان عرش اعظم تائين حجاب هٽيو وڃن. فقط حيرت ئي حيرت وڃي رهي. هي درويش به انهن مان هڪ وحدت جو مفڪر هو.

انهيءَ جو ثبوت سندس لکيل تصوف جا ٽيويهه (23) ڪتاب آهن، جن مان صرف سنڌي زبان ۾ هڪ ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيو آهي. پر جيڪڏهن سندن سموري تصنيفات اشاعت هيٺ اچي وڃي ته پڙهڻ کان پوءِ خودبخود سندن حال ۽ خيال جي حقيقت نروار ٿي پوندي ۽ ڪنهن جي تشريح ڪرڻ جي ضرورت ئي نه رهندي.

بيدل صاحب پنهنجي وقت جو زبردست عالم، عارف ۽ شاعر هو. سندس مذهب سني حنفي هو. سندس طريقو قادريہ صوفيہ ۽ قلندريہ هو ۽ سندس خيال هميشہ وحدت ۾ غرق هو ۽ خيال سندس هن ڇهه ديواري کان اعلى ۽ بالا هئو. جيئن پاڻ فرمايو اٿس:

سني است باعتقاد مذهب

صوفي است باتحاد مشرب

تن تابع شرع، جان بوجدان

بيرون زخيال کفر و ايمان

انهيءَ هاديءَ اعظم جي سوانح حيات جي لکڻ جي خدمت جو شرف حاصل ٿيو آهي، جو شائقن اڳيان لکي پيش ڪئي اٿم.

لاشي فقير سبحان بخش

خادم درگاه عاليہ بيدل و بيڪس قدس سرهما

روهڙي

 


 

سوانح حيات

 

بيدل صاحب جي پڙ ڏاڏي جو نالو ميان عبدالقادر قريشي هو، جيڪو اصل ملتان شهر جو رهاڪو هو. پاڻ قريشي صديقي ۽ غوث بهاوالحق جي گهراڻي سان تعلق رکندو هئو. هو پاڻ واپار ڪندو هو، جنهن ڪري سندس وقت سٺو گذرندو هو. پاڻ ظاهري علم جي تحصيل کان پوءِ معرفت جي علم ۽ سلوڪ حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ اهل الله جي صحبت جي تلاش ۾ رهيو. آخرڪار صوفي سيد جان الله شاهه روهڙائي، جيڪو ملتان روانو ٿي چڪو هو، انجي خدمت ۾ رهڻ لڳو. سندس بيعت ٿي ته ذڪر فڪر جي تلقين وٺي دم جي ڌمال شروع ڪري ڏنائون، حضرت بيدل سندس تعارف هن طرح ڪرايو آهي:

سيد سادات سلوک و صفا

خارق عادات عقول و نها

گل گلستان نبي و ولي

شمع شبستان شهه کربلا

جان محمد رضوي بکهري

غوث زمان زبده آل عبا

قادري صوفي مهدي دهر

صاحب ارشاد کثير العطا

جان طلب از سال عروجش نمود

مرشد وقت و قطب آمدندا

سنه 1167 هه بمطابق 1754

حضرت بيدل صوفي شاهه عنايت الله ميران پور واري جو تعارف هن طرح ڪرايو آهي:

شهنشاهي قدم عرش آستاني

همائي عشق قدسي آشياني

زقيد جسم جسماني مقدس

مجسم نور در عالم عياني

وجود لا تعين بي تنزل

شهود ذات بحت  و بي نشاني

باسم الله مضافي شد عنايت

برائي اسم بي جسمي چوجاني

چو در ميران پور آمد راس اشرف

بنو شد ماتم اندر خادماني

سر پيوست با جسم مظهر

درون روضه رشک جناني

چودل سال شهادت جست جان گفت

شهيد حق همو مرشد زماني

سنه 1130 هه بمطابق 1717ع

جڏهين ٻيو دفعو 1130 هه ۾ صوفي شاهه عنايت الله ميران پور واري جي شهادت بعد صوفي جان الله شاهه ملتان روانو ٿي ويو ته پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد جڏهين روهڙي واپس آيو ته ميان عبدالقادر به پوري خاندان سميت پنهنجي وطن کي هميشہ لاءِ الوداع چئي، پنهنجي مرشد سان گڏجي روهڙي آيو ۽ پاڻ ريشم باف محلي ۾ هڪ جاءِ خريد ڪري رهڻ لڳو. اها جاءِ جنهن ۾ بيدل صاحب جي موجوده اولاد رهي ٿي، سا جاءِ 1302 هه ڌاري ڊهرائي نئين نموني تيار ڪيل آهي.

ميان عبدالقادر گهڻو ڪري هر وقت پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ گذاريندو هو ۽ آخرڪار مرشد جي خدمت ۾ گذاريندي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. سندس آخري آرام گاه بيدل صاحب جي درگاهه جي اتر ۾ مولوي عبدالحليم صاحب جي ٽڪريءَ تي آهي.

ميان عبدالقادر جي اولاد جو احوال

ميان عبدالقادر کي ملتان مان اچڻ وقت به نينگر ساڻ هئا:

(1) غلام فريد (2) غلام لطيف.اهي ٻئي پڻ صوفي جان الله شاه جي فرزند صوفي قلندر علي شاه جي صحبت ۾ گذاريندا هئا. اتان فيضياب ٿي معرفت جي منزل ماڻيائون. پاڻ ظاهري ڌنڌو واپار ڪندا هئا. آخرڪار وڃي بقا جو جهان وسايائون. سندن آخري آرام گاهه سندن والد جي ڀرسان آهي.

حضرت بيدل صوفي قلندر علي شاهه رضوي جو تعارف هن طرح ڪرايو آهي:

آن کريمي کہ فيض مشحون هـﻶ

مسرت بخش جان محزون هـﻶ

شہ قلندر علي کہ ارشادش

بحر مواج و رشک جيحون هـﻶ

در مقامات از مشائخ دهر

آن قلندر سرشت افزون هـﻶ

درج توحيد و کان معنى را

سخن اوچو درّ مکنون هـﻶ

آفتابش باستوا چو رسيد

گفت هاتف کہ ذات بيچون هـﻶ

سن 1187 هه

غلام فريد ۽ غلام لطيف جي اولاد

ميان غلام فريد کي هڪ نينگر ميان محمد محسن نالي هو ۽ ميان غلام لطيف جي نينگر جو نالو ميان بيگ محمد هو هي ٻئي نينگر پڻ وڏن جي دستور مطابق صوفي قلندر علي شاه جي وڏي فرزند فتح علي شاهه عرف جمن شاه جي خدمت ۾ گذاريندا هئا.

سيد عبدالوهاب شاه عرف شاه شاهان جي روهڙيءَ ۾ آمد

حضرت صوفي جان الله شاه اول پنهنجي خليفي ميان غلام رسول وڻجاري کي وصيت ڪئي ته اسان جي اولاد مان هڪ سجاده نشين اهڙو ٿيندو، جنهن کي فيض جي ضرورت حاصل ٿيندي، تنهن ڪري اوهان ماڻهو سيڙائي روهڙيءَ موڪليندا جيڪو مٿين وصيت جو فرمان سرانجام ڏئي. آخرڪار ان فرمان جي سرانجاميءَ جو سهرو سيد عبدالوهاب شاهه ڀاڳناڙيءَ تي آيو، جنهن کي شاه شاهان سڏيو ويندو آهي.

جڏهن شاهه شاهان روهڙيءَ ۾ وارد ٿيو، تڏهن صوفي جان الله شاهه اول جي گاديءَ تي مير فتح علي شاهه عرف جمن شاهه مسند نشين هو. پاڻ کين مودبانه نموني وصيت جو پيغام پيش ڪيو، پر جمن شاهه ڪاوڙجي ويو ۽ چيائين ته ڪڏهن ائين به ٿيو آهي جو مريد مرشد کي فيض بخشي اهڙي فيض جي اسان کي ڪا به ضرورت نه آهي. انهيءَ جواب ملڻ تي شاهه شاهان اُٿي کڙو ٿيو ۽ دستور موجب محافي ۾ چڙهي روانو ٿيو ته جمن شاهه جي ننڍي ڀاءُ جان علي شاهه ڊوڙي وڃي صوفي شاهه شاهان جي محافي کي ڪلهو ڏنو. صوفي شاهه شاهان محافو جهلائي نينگر کان نالو دريافت ڪيو، جنهن جواب ۾ چيو ته منهنجو نالو آهي جاني پاڻ فرمايائين ته:

واهه واهه جاني آيا- جاني دا مٽ نهين ڪوئي ثاني

پوءِ پاڻ محافي کان لهي فيض عطا ڪيائين ۽ وصيت جو بار ادا ڪيائين.

مٿيون صورتحال فقير محمد محسن ۽ فقير بيگ محمد جي روبرو ٿيو. انهيءَ ڪري محمد محسن صاحب آداب بجا آڻڻ کان پوءِ صوفي شاهه شاهان کي دعوت ڪري پنهنجي گهر جي لڳ مسجد جي حجري ۾ رهائڻ لڳو ۽ هر قسم جي خدمت سرانجام  ڏيڻ لڳو ۽ فيض برڪت حاصل ڪندو رهيو. صوفي شاهه شاهان انهيءَ حجري ۾ ڇهه مهينا رهيو ۽ وعظ ۽ فيض جي تلقين ڪندو رهيو. اڪثر هرشام جو وعظ اٿي بيهي ڪندو هو، سندس وعظ موثر ۽ فيض ڀريوهوندو هو. سندس وعظ ۾ ايترو اثر هو، جو مسجد جي ٻاهران جيڪڏهن راهه گذر ماڻهوءَ جي ڪن تي سندس وعظ جو آواز پهچندو هو ته اهو ماڻهو سندن وعظ ٻڌڻ کان سواءِ اڳتي وڌي نه سگهندو هو. انهيءَ ڪري مسجد جو نالو ئي وعظ واري مسجد پئجي ويو. انهيءَ عرصي ۾ صوفي جان علي شاهه کي سلوڪ طئي ڪرائي ۽ فيض سان ڀرپور ڪري، پنهنجي نياڻيءَ جو ساڻن نڪاح ڪرائي، پوءِ پاڻ ڀاڳناڙيءَ روانو ٿي ويو.

 ڀاڳناڙيءَ رواني ٿيڻ وقت فقير محمد محسن ۽ فقير بيگ محمد کي خلافت عطا ڪري، اها وصيت ڪيائين ته هميشہ جان علي شاهه جي خدمت ۾ رهجو ۽ هيٺيون شيون تبرڪ طور ڏنائين:

1- تاج مبارڪ

2- گودڙي مبارڪ (گيڙو رتل)

3- هڪ بيت: ميءِ کہ خوردم ببلد بهاگ بلوچ

نشہ در لوه ري نمود تمام

اهي شيون هن وقت به موجوده سجاده نشين فقير صوفي سبحان بخش وٽ موجود آهن.

تبرڪات جي ملڻ وقت خليفه محمد محسن، شاهه شاهان جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته: قبلا! نيڪ نينگر عطا ٿئي. پاڻ هٿ کڻي دعا گهرڻ کان پوءِ فرمايو ته انشاءَ الله تعالى اوهان کي نر نينگر عطا ٿيندو.

وصيت جي ترتيب جو سلسلو:

ميان غلام رسول وڻجارو اصل خراسان جو ويٺل هو ۽ واپار سانگي روهڙي اچي نڪتو. صوفي مير جان الله شاهه جي ذڪر فڪر جي تلقين وٺي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سمورو سامان وڪڻي مرشد جي خدمت ۾ رهي پيو. سلوڪ ۽ فيض حاصل ڪرڻ کان پوءِ کين وطن ورڻ جي اجازت ملي، پر مٿي بيان ٿيل وصيت ڪيائين. پوءِ ڀاڳناڙيءَ ۾ سندس رهڻ جو سبب بڻجي پيو، انهيءَ ڪري وصال ڪرڻ وقت پنهنجي خليفي غلام محمد ڀاڳناڙيءَ  واري کي وصيت ڪيائين ته اوهان جو هڪ مريد سيد عبدالوهاب شاهه فيضياب ٿيندو، اُن کي روهڙيءَ ڏانهن وصيت جي سرانجاميءَ لاءِ موڪلجو.

 

ميان عبدالقادر عرف بيدل جي ولادت جو احوال:

شاهه شاهان جي دعا کان پوءِ فقير محمد محسن کي 1230 هه ۾ هڪ نينگر تولد ٿيو. اُن وقت پاڻ صوفي جان علي شاهه جي صحبت ۾ ويٺو ته کيس دائيءَ وڃي اطلاع ڏنو ته سائينجن کي مبارڪ هجي، جو اوهان کي ڄمندي ڳالهائيندڙ هڪ نينگر ڄائو آهي، پر هڪ پير کان ڪجهه منڊو آهي. تنهن تي صوفي جان علي شاهه فرمايو ته اهو منڊو نه آهي. پر روهڙيءَ جو جهنڊو آهي.يعني مشهور معروف اهل الله ٿيندو. ائين چئي خليفي صاحب کي مبارڪ ڏنائين.

دائي ڄمندي ڳالهائڻ جي باري ۾ هيءُ ٻڌايو ته نينگر جي ناڙي وڍڻ لاءِ ڇري ڳوليائين ٿي ته نينگر ڇري جو ڏس پاڻ ڏنو آهي (معلوم ٿئي ٿو ته بيدل صاحب ڄمندي ڄام هو). خليفي محمد محسن پنهنجي نينگر جو نالو عبدالقادر رکيو، پر پاڻ جڏهين وڏا ٿيا ته محبوب سبحاني جي اسم گرامي سبب پاڻ کي قادر بخش به سڏائڻ لڳا.

خليفي محمد محسن جي وفات

هڪ دفعي خليفو محمد محسن دستور مطابق فجر نماز تي صوفي جان علي شاهه جي خدمت ۾ آيو. نماز بعد صوفي صاحب کي غمگين ڏسي عرض ڪيائين ته قبلا! ڇا ڳالهه آهي، جو اوهان جي طبيعت تي سخت ملال آهي ۽ صاحبزادي علي اڪبر جي طبيعت ڪيئن آهي؟ صوفي صاحب وراڻيو ته نينگر علي اڪبر شاهه جي طبيعت سخت ناچاڪ آهي. تنهن تي خليفي محمد محسن چيو ته قبلا! اجازت ملي ته سمورو احوال معلوم ڪجي. صوفي صاحب اجازت ڏني ته پاڻ ڪچهري ڇڏي گهر هليو ويو.

ٻئي ڏينهن خليفو محمد محسن فجر نماز تي آيو ۽ نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ عرض ڪيائين ته قبلا! گذريل رات لوح محفوظ جو معائنو ڪيو ويو، نينگر جي عمر ختم ٿيل هئي ۽ بنده جي عمر اڃا ٻارهن (12) سال باقي هئي، تنهن ۾ هڪ سال بيماريءَ جو، باقي 11 سال صحت سلامتي جا هئا؛ سو هڪ سال بيماريءَ وارو پنهنجي لاءِ جهليو مون، باقي يارهن سال نينگر جي نالي داخل ڪيا اٿم. خدمت قبول پوي ۽ اميد ته قبول پوندي. صوفي جان علي شاه اهو ٽي دفعا پڇيو ته اوهان پنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ڪيو آهي؟پاڻ چيائين ته قبلا! هائو. پوءِ خليفي محمد محسن گهر وڃڻ جي اجازت گهري ۽ گهر وڃي بستري داخل ٿيو ۽ پورا ٻارهن مهينا بيمار رهيو، سال 1259 هه ۾ رحلت ڪيائين؛ ۽ سيد علي اڪبر شاه پورا يارهن سال زنده رهيو، جنهن عرصي ۾ مٿي ۾ سور به نه پيو.

سيد علي اڪبر شاه جي وصال جي تاريخ بيدل صاحب هن طرح سان بيان ڪئي آهي:

چون علي اڪبر شہ والا گهُر

صوفي و رضوي نجيب و نامور

صاحب سجاده سلک قادري

شجره حسنين را نيکو ثمر

ره برون جستہ ز قالب عنصري

در هوائي لا مکان بکشاد پر

تافت بر ديوار نور از آفتاب

باز قرص آفتابش شد مقر

گفت تاريخ وصالش هاتفي

قد ولق عند المليک المقتدار

سنه 1270 هه

جڏهين خليفو محمد محسن صاحب 1259 هه ۾ وصال ڪري ويو ته صوفي جان علي شاه پنهنجي درگاه ۾ خليفي صاحب کي اهڙي هنڌ رکايو، جو هن وقت صوفي جان علي شاه جي بلڪل قدمن ۾ موجود آهي. خليفي صاحب بابت بيدل صاحب جا ارشاد:

هو ويچارن واهرو، مساڪينن ماڻ

يمحوالله مايشاءُ و يثبت، آڌوتين اُهڇاڻ

ڪڍ ٽهين جي ڪاڻ، ته وسئون کي ويجهو ٿئين.

هو ويچارن واهرو، مسڪينن ملجاءِ

وڃي آڳهه اُن جي، سور سڀيئي سلجاءِ

تنهن ريتيءَ سان رلجاءِ، جا پڻي پرين جي پيرن ۾.

هو ويچارن واهرو، يتيمن ياور

ترت رسن تک تار ۾، دانا دلاور

اهڙا اَڪابر، ماندن لئي مولى مڪا.

هو ويچارن واهرو، شارڪ ڇڏ تون شڪ

هاهوتي ٿيا حق، نالي آهن آدمي.

 

خليفي بيگ محمد جي اولاد جو احوال

خليفي بيگ محمد کي سنه 1248 هه ۾ فقط هڪ فرزند تولد ٿيو، جنهن جو نالو عبدالله هو. کيس ظاهري علم جي تعليم ڏياري وڏو عالم ۽ فاضل ڪيائين، جنهن هڪ وقت پنهنجي گهر جي لڳ اوطاق ۾ مدرسو قائم ڪيو، جنهن ۾ بيدل صاحب جو فرزند محمد محسن عرف بيڪس، سيد ويڌل شاه ۽ قاصي غلام حيدر وغيره شهر جا ڪافي معزز حضرات پڙهي وڏي علم جا صاحب ٿيا. انهيءَ کان سواءِ سلوڪ ۽ فقيري جي تعليم ۽ تلقين بيدل صاحب کان وٺي معرفت جو مقام حاصل ڪري رباني عالم ٿيو. انهيءَ کان پوءِ بيدل صاحب پنهنجي نياڻي پرور ڏني کيس نڪاح ڪري ڏني، جنهن مان هڪ صاحبزادي تولد ٿي پر ڪجهه وقت گذرڻ بعد سنه 1282 هه ۾ بيبي پرور ڏني رحلت ڪري وئي. سندس مزار بيدل صاحب جي درگاه تي هڪ تجر جي اندر آهي.

*  ميين نور محمد جي معنى ۽ تشريح جي تفصيل لاءِ ڏسو: لطيف سالگره مخزن بابت ٻه سو ايڪيهين ۽ ٻاويهين ورسي سال 1973-1974ع، ڇپايل شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه- حيدرآباد، سنہ 1975ع، ص ص 35-61

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com