سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

باب: --

صفحو :1

سُر ڏهر

ڊاڪٽر نواز علي شوق

ٻه اکر

ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي هڪ صحتمند روايت مطابق گذريل سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 244 سالانه عرس جي موقعي تي منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ سر ڏهر بابت پڙهيل مقالا پيش ڪجن ٿا.

لطيف سائين جي محققن جي گڏيل راءِ آهي ته سر ڏهر شاهه جي رسالي جو مغز يا تت آهي. هن سر ۾ شاهه سائين وڌ ۾ وڌ موضوعن کي جاءِ ڏني آهي. جنهن ۾ سجاڳي، ڏاڍي سان مهاڏو اٽڪائڻ، حالتن کان باخبر رهڻ، آئيندي جو اونو رکڻ، پنهنجي مقصد سان سچو رهڻ وغيره شامل آهن. انهيءَ ڪري اسان ڪوشش ڪئي آهي ته هن سر ۾ آيل سڀني موضوعن تي، لکيل مقالن کي هن ڪتاب ۾ جاءِ ڏيون. ان کان اڳ اِها روايت پئي ته منتخب سر کان علاوه هڪ اڌ ٻئي موضوع کي به سر واري مجموعي ۾ شامل ڪيو ويندو هو، پر اسان صرف هڪ ئي سر تي آيل مقالن کي گڏ ڪيو آهي. باقي جيڪي ٻيا موضوع آهن، انهن تي الڳ ڪتاب ڇپائڻ جو ارادو اٿئون.

ان ڳالهه کي اسان جا اديب حضرات چڱي طرح محسوس ڪندا هوندا ته لطيف ادبي ڪانفرنس کي جنهن سنجيدگيءَ سان ٿيڻ گهرجي. اهو ڪجهه عرصي کان باوجود ڪوشش جي ان تي پوري طرح عمل نه ٿي سگهيو ۽ اديب حضرات جيڪي وڏي تعداد ۾ محنت، محبت ۽ عقيدت سان مقالا تيار ڪري ايندا هئا، انهن کي سنجيدگيءَ سان ٻڌڻ ممڪن نه هيو، ان ڪري فطري طور اديب دوستن به بددليءَ جو اظهار پئي ڪيو. هن سال اسان لطيف ادبي ڪانفرنس کي مڪمل مقصد ۽ گهربل سنجيده ماحول مطابق منعقد ڪري رهيا آهيون.

لطيف سائين جي 300 ساله جشن ولادت جي نسبت سان، اسان هن سال ميلي جي موقعي تي هن ڪتاب سان گڏ، شاهه سائين بابت اهم ۽ نادر ڪتاب لطيفي سئر، شاهاڻو شاهه شاهه جي رسالي جو آڳاٽو قلمي نسخو، آڳاٽو قلمي نسخو جديد صورتخطي ۾، پيش ڪري رهيا آهيون.

ڪراچي                            مهتاب اڪبر راشدي

7_ سيپٽمبر 1989ع                    سيڪريٽري

                            ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي

 

مرتب پاران

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ؒ کي سنڌ سان سچي سڪ ۽ اڻ ميو پيار هو. ان جو چٽو ثبوت سندن ڪلام آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ سنڌ جو مختلف حصن ۾ وڃي سانگيئڙن جا سُور معلوم ڪيا. ڇو ته ڏوٿيئڙن جا ڏک هن جا پنهنجا ڏک ٿي سمجهيا.

ڏاهن هن دنيا کي دارالمحن يعني ڏکن جو گهر سڏيو. انسان جي زندگيءَ ۾ سُک ٿورا پر ڏک گهڻا آهن. شاهه صاحب انساني زندگيءَ جي ترجماني ڪندي، خاص طور سنڌ ۽ سنڌ واسين جي سُورن جي ڪهاڻي ور ور ڪري بيان ڪئي آهي. ڇو ته سونهاري سنڌ سدائين ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ رهي آهي. ڌارين جون ڪاهون، پنهنجن جون بي وفائيون، ظلم ۽ زيادتيون سنڌ جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀريل آهي.

شاهه صاحب، جو هڪ حساس ۽ دردمند دل وارو انسان هو. هڪ وستي جيڪا واپار جو مرڪز هئي. ماڻهو سکيا ستابا هئا، پر اها وستي جڏهن ويران ٿي وڃي ٿي ته شاهه صاحب کي سخت صدمو رسي ٿو. جتان وڻجارا ٻيڙا ڪاهي، پري پري هليا ويندا هئا. وڏي رونق هوندي هئي. اتي اڄ ڪا پهر نظر نه ٿي اچي. رڳو اڪ ۽ ڪنڊا بيٺا آهن. شاهه صاحب ڪنڊي سان مخاطب ٿي، کانئس ڍور ڌڻين جون خبرون پڇي ٿو. ته اي ڪنڊا! هن وستيءَ جو تو اوج ڏٺو، پر هينئر جڏهن اها اجڙي وئي ته توتي ڪو اثر ڪونه ٿيو. وڇڙي وڃڻ وارن جو توکي ڪو افسوس ارمان ڪونه آهي! ڪيڏو نه ڪٺور آهين، جو اڃا سائو آهين، مڃر پيو ڪرين، حيف هجيئي. تون ته هن صدمي کان ڪري جهري، ڀري وڃين ها!

انسان ۽ انساني آباديءَ سان محبت جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت ملي سگهي ٿو. ان قسم جو مضمون عربي شاعريءَ ۾ پڻ نظر اچي ٿو. ڪن شاعرن وستي ويران ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پر فرق هيءُ آهي ته شاهه صاحب کي انسان ذات سان محبت آهي، پر عرب شاعرن پنهنجي ڪنهن خاص محبوبه جي محبت سبب افسوس ۽ ارمان ڪيو آهي.

هن سُر ۾ ڪونجن جي ذڪر ذريعي فراق ۽ ڦوڙائي جو مضمون آندو ويو آهي. ڪا ڪونج وڳر کان وڇڙي ٿي ته پئي ڪُوڪون ڪري، انهن پريت وندن پرديسي پکيئڙن جو ماري شڪار ڪن ٿا اهي ظالم وڳر ۾ وڇوڙا وجهن ٿا. تنهنڪري شاهه صاحب انهن کي پاراتو ڏنو آهي ته اي ماري شل مري مات ٿئين تنهنجي شڪار جا سڀ سامان سڙي وڃن.

ماري! مرين شال! ڍَٻ وڃين ئي ڍَٻيون،

جيئن تو اچي ڪال، وڌو وچ وِرهِن ۾.

ڪٿي ڪا ڪونج لنوي ٿي ته سندس چاڪ چڪجي پون ٿا:

مَ لنؤ ڪونجي! ماٺ ڪر، چور مَ هنئين چاڪ،

ڦٽيون جي فراق، سي گهر گهارينديون ڪيترو.

هن سر جي، جيئن ته شاهه صاحب شروعات ئي درد ڀرئي نموني ڪئي آهي، تنهن ڪري بار بار فراق ۽ ڦوڙائي جو ذڪر ڪري ٿو. سسئي جا سور شاهه صاحب پنجن سُرن ۾ بيان ڪيا آهن، پر ڏهر ۾ ڏک اوريندي وري سسئي کي ياد ڪري فراق ۽ ڦوڙائي جو ذڪر ڪيو اٿن. فرمائين ٿا:

نيڻ نهاري منهنجا، روئي رت ٿيا،

جي هٿان هوت ويا، سي اچن ته آجي ٿيان!

هڪ وائي ۾ فرمايو اٿن:

هوتن جي هيڪاند کي، آءٌ روئان راتو ڏينهن،

ڇيڙي وڌيس ڇپرين، ٻاروچاڻي نينهن،

مون کي پرين ميڙئين، روجهڙيون ميڙئين مينهن.

صرف سسئي جي سُورن سان فرق ۽ ڦوڙائي وارو مضمون ڪٿي ٿو مڪمل ٿي سگهي، کين لِيلا جي زباني فرمائين ٿا!

ڪر ڪو ڀيرو ڪانڌ! مون نماڻيءَ جي نجهري،

پرين تنهنجي پاند، ڍولا ڍڪي آهيان.

جڏهن ڏکن جي ڳالهه ٿئي، وستيءَ جي ويرانيءَ جو ذڪر نڪري، ته جهوڪ ڪيئن نه ياد ايندو! جتي شاهه عنايت ۽ سندس مريدن سبب وڏي رونق هئي، پر جڏهن ظالمن قرآن وچ ۾ ڏيئي دوکو ڪري، شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ته اهو دردناڪ داستان ڪٿي وسري سگهي ٿو! اهوئي سبب آهي جو شاهه صاحب بي اختيار چئي ڏنو ته:

جهڄان پسئو جهوڪَ، آيل سنگهارن جي.

وري جڏهن ڪاڇو ويران ٿي وڃي ٿو، ڏڪار جا ڏينهن اچي وڃن ٿا ته سنگهار اتان لڏي وڃن ٿا ته ڄڻ ڪاڇي ۾ ڪُوڪ پئجي وڃي ٿي:

ڪاڇي پئي ڪُوڪ، سچ ڪِه سنگهارن لڏئو.

شاهه صاحب کي اوڏن سان الفت آهي، هو پورهيت آهن. هو اڏين ٿا پر ڊاهين ڪونه ٿا. جڏهن هو لڏين ٿا ته شاهه صاحب کي انهن جي وڃڻ جو ارمان ٿئي ٿو. ڄڻ سندن دل مان دانهن نڪري ٿي.

ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،

پورهئي ڪارڻ پيٽ جي، اٿن سوارا،

اوڏ به ويچارا، وڃن لاکا لڏئو!

انسان جو هڪ هنڌان لڏي ٻئي هنڌ وڃڻ واريون ڳالهيون ڪندي، شاهه صاحب انسان جي مختصر زندگيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، ته هو به هيءُ فاني جڳ ڏي، بقا واري بستيءَ ڏانهن راهي ٿئي ٿو. اها لڏپلاڻ جاري آهي. هيءَ اڏڻ جي نه پر لڏڻ جي جاءِ آهي. شاهه صاحب ڪهڙو نه سهڻو فرمايو آهي:

ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙه مقام ۾،

سندو واريءَ ڪوٽ، اڏيو اڏبو ڪيترو!

هيءَ هڪ فطري ڳالهه آهي ته ڏک ۽ مصيبت جي مهل ٻانهو پنهنجي پروردگار کي ياد ڪري ٿو ۽ ان کان ئي دعائون گهري ٿو. مثال لاءِ هڪڙو بيت پيش ڪجي ٿو. ٿورڙن لفظن ۾ ڪهڙي نه سهڻي دعا گهري وئي آهي:

جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجه به اوڏيائي مڱان،

ري ٿنڀين، ري ٿوڻين، تون ڇپر، تون ڇانءُ،

ڪڄاڙو ڪهانءُ، توکي معلوم سڀ ڪا!

ان اوکيءَ گهڙيءَ ۾ ڪائنات جو ڪارڻي، محبوب خدا مدني منٺار ڪيئن نه ياد ايندو. جيڪو رحمة العالمين آهي، جنهن جي مبارڪ نالي وٺڻ سان سوين سُور هڪ لمحي ۾ لهي وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي جو شاهه صاحب مديني جي مير کي سڪ مان سڏڙا ڪيا آهن:

مديني جا مير، سڻ منهنجا سڏڙا،

سَرَڻِ تنهنجي سير، تون پار لنگهائين پيڙا.

سُر ڏهر ۾ شاهه صاحب ڪن تاريخي ڪردارن، ماڳن ۾ مڪانن جو ذڪر ڪندي، وطن ۽ وطن وارن سان محبت، فراق ۽ ڦوڙائي جي ڪيفيت بيان ڪندي، دنيا جي ثباتيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. هيءَ زندگي مختصر آهي. اها ڪهڙي ريت سجائي ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ شاهه صاحب ڪي پنڌ پيچرا ڏسيا آهن، جن تي هلي انسان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو.

هن سُر ۾ هردم هوشيار ۽ خبردار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مَڇُ سست، بي خبر ۽ مغرور رهيو. جڏهن واهڙ ۽ وَههُ هو، تڏهن موٽڻ جي ڪانه ڪيائين ته ان جو نتيجو ڀوڳيائين. هيءَ حياتي الله تعاليٰ جي طرفان هڪ وڏي نعمت ۽ امانت آهي. ان جو هرهڪ پَلُ اَمُلهه آهي. وريتيءَ جو اهو فرض آهي ته وَرَ ۽ کر ۾ فرق سمجهي، عقلمند انسان لاءِ اهو ضروري آهي ته هُو کير ۽ ڦيڻ، ڪَڻِ ۽ تُههَ کي هڪ نه سمجهي. سچ ۽ ڪوڙ، اصل ۽ نقل، کري ۽ کوٽي کي جنهن نه سڃاتو ته ان جو جيڻ اجايو آهي. سُمهڻ ساڙو آهي. ننڊ نڀاڳي آهي، جيڪو سُتو، سو مُٺو، جيڪو جاڳيو، سو ڀاڳيو. سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي حاصل ٿي نه ٿو سگهي. مانجهاندي جي ماڳ کي ساڻيهه سمجهڻ سراسر ناداني آهي. هر سُرَ وانگر سُر ڏهر پڻ سڄو سون آهي. هر بيت موتين کان مهانگو آهي. پر مون کي هن سُر جي هڪ بيت تمام گهڻو متاثر ڪيو. اهوئي هن سُر جو مجموعي پيغام آهي. انسان جيڪڏهن شاهه سائين جي هن بيت تي عمل ڪري، ته سندس زندگي سجائي ٿي پوي ۽ پنهنجي مقصد جا موتي ميڙي ٻنهي جهانن ۾ مالا مال ٿي وڃي. اهو بيت آهي:

سُتي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرين جي،

وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا!

هن ڪتاب جي ترتيب ڏيڻ وقت نه صرف معياري مضمونن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، پر موضوع جهڙوڪ سر ڏهر جا ڪردار، سر ۾ آيل ماڳ مڪان، سر جو مجموعي تاثر، سر ۾ آيل انوکن لفظن جي لغات اهڙي تسلسل سان رکيا ويا آهن، جو پڙهندڙ هر لحاظ کان حظ حاصل ڪندو.

اميد ته شاهه شناس هن مقالن جي مجموعي مان پورو لاڀ حاصل ڪندا.

ڊاڪٽر نواز علي شوق

سُر ڏاهر جو مطالعو

معمور يوسفاڻي

ڏاهر لفظ جي معنيٰ آهي، سڌ سما يا ڏس پتو ڏيڻ وارو. هي لفظ بنيادي طرح ڏاهه لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي خبرچار، اهڃاڻ، ڏس، پتو، سڌ سما وغيره. لسانياتي ڀڃ گهڙ موجب ڏاهه جي پوئتان اَر حرف ملائڻ سان (ڏاهه ار) ڏاهر لفظ ٺهيو آهي، جيڪو مشهور سنڌي نالو آهي، جيڪو قديم سنڌي نالو آهي جيڪو قديم دؤر کان سنڌ جون قومون پنهنجي اولاد تي رکنديون آهن.

شاهه صاحب جي رسالي جو موجوده سر پڻ انهي معنوي دائري ۾ اچي وڃي ٿو. جنهن ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جا ڪافي ڏس پتا موجود آهن.

هن سُر جو نالو: شاهه صاحب جي ڇاپي رسالن کي سامهون رکي، جيڪڏهن هن سر جي نالي جو جائزو وٺبو ته 1866ع ۾ ڇپيل ۽ سڀ کان پهرئين ڇاپي ۾ اسان کي هن سر جو نالو ڏاهر لکيل نظر ايندو، جيڪو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمني جي لپسيا شهر مان ڇپايو هو.

ڊاڪٽر ٽرمپ جي ترتيب ڏنل ڇاپي کان ساڳئي سال جي آخر ۾ 1867ع جي شروع ۾ پهريون بمبئي ڇاپو ظاهر ٿيو ۽ ٻيو ڇاپو 1876ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڇاپو 1303هه مطابق 1886ع ۾ شايع ٿيو. ٽنهي رسالن ۾ سرود ڏاهر يا سر ڏاهر لکيل آهي.

1886ع بعد 1889ع ۾ چوٿون ڇاپو آيو ۽ ان کان پوءِ پنجون ڇاپو 1893ع ۾ پڌرو ٿيو. انهن ٻنهي ڇاپن ۾ سر جو نالو سر ڏاهر لکيل آهي.

1893ع کان پوءِ ڇهون ڇاپو 1899ع ۾ اشاعت هيٺ آيو ۽ ستون ڇاپو 1911ع ۾ ظاهر ٿيو ۽ اٺون ڇاپو 1921ع ۾ پڌرو ٿيو. تن سڀني رسالن ۾ پڻ سر ڏاهر لکيل آهي.

بمبئي جا ٻه ايڊيشن مس ظاهر ٿيا ته قاضي احمد جو منتخب ڪيل مختصر رسالو ظاهر ٿيو ۽ ان رسالي ۾ سر ڏاهر لکيل آهي.

انهي وچ ۾ ٻيا به ڪافي نسخا ميدان تي آيا آهن، جن ۾ پڻ سر ڏاهر لکيل آهي.

1931ع ۾ مولوي محمد ابراهيم بختيارپوريءَ جو مرتب ڪيل ۽ عبدالله سومري جو ڪتابت ڪيل رسالو وجود ۾ آيو ۽ ان کان اڳ 1913ع ۾ مرزا قليچ جو ترتيب ڏنل رسالو شايع ٿيو ۽ ويجهي دؤر ۾ خان بهادر محمد صديق ميمڻ ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جا رسالا پڻ ميدان ۾ آيا. جن سڀني رسالن ۾ سر ڏاهر لکيل آهي.

ڳاڻيٽي جي حساب کان اٺ بمبئي ڇاپا، نائون ڊاڪٽر ٽرمپ وارو نسخو، ڏهون چوويهن سٽن وارو قديم ڇاپو، يارهون مولانا بختيارپوريءَ وارو نسخو، ٻارهون برٽش ميوزيم وارو نسخو، تيرهون قاضي احمد وارو منتخب، چوڏهون مرزا قليچ بيگ وارو ڇاپو، پنڌرهون خانبهادر محمد صديق وارو ڇاپو ۽ سورهون محمد عثمان ڏيپلائيءَ وارو 1951ع وارو ڇاپو، اهڙا ڇاپا آهن، جن سڀني ۾ سر ڏاهر لکيل آهي.

ٻئي طرف ڇاپي رسالن مان فقط اٺن رسالن ۾ سر ڏهر لکيل آهي، جن مان فقط تارا چند شوقيرام وارو رسالو 1900ع جو ڇپيل آهي، باقي سڀ رسالا 1950ع ۽ ان کان پوءِ واري ويجهي دؤر جا ڇپيل آهن. انهي حساب سان قديم رسالن ۽ گهڻن رسالن کي ترجيح ڏبي ۽ هن سر کي سر ڏهر نه بلڪ سر ڏاهر سڏبو.

ڏاهر ۽ ڏهر جو لاڳاپو:

لسانيات جي دائري ۾ ٻنهي لفظن جو جائزو وٺبو ته ڏهر لفظ، ڏاهر جو مخفف (ننڍو ڪيل) ڏسڻ ۾ ايندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏاهر سان هم وزن ڪئين لفظ ملن ٿا، جن جا مخفف پڻ ڏهر جهڙا ٿين ٿا، جيئن واهر مان وهر ۽ ٿاهر مان ٿهر لفظ جڙيا آهن. اهڙي طرح ساڳي دائري ۾ لوهار مان لوهر، ميهار مان ميهر، ڏاتار مان ڏاتر لفظ ٺهيا آهن. اسان وٽ اڄ به ڏاهري قوم جي ماڻهن کي عام طرح ڏهري سڏيو وڃي ٿو.

ڏهر نالي جو ڪارڻ:

شاهه صاحب هن سر ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي جنهن ڌرتيءَ جا اهڃاڻ پيش ڪيا آهن. اها ڌرتي قديم دؤر ۾ مشهور سمي سردار ڄام ڏاهر ۽ ان جي وڏن جي آباد ڪيل ڀونءِ هئي، جنهن ۾ ڄام ڏاهر جي خاندان جي مشهور شخصيتن جي نالن سان منسوب ڪيترائي آثار موجود آهن جيئن هٻو، لوڻو، ڪيرو، کريڙو، وغيره جيڪي قديم دؤر ۾ سڀئي سنڌ ۾ شامل هئا ۽ پوءِ مختلف دؤرن ۾ ٽٽندا ويا آهن اڃا به انهن علائقن تي سنڌ جو اثر غالب آهي. اهو هيئن جو اڄ به انهن علائقن جو ماڻهو جيڪر ڪڇ جي ڏاکڻين حصي ۾ ويندو ته اتي جا ماڻهو چوندا ته فلاڻو سنڌ کان آيو آهي.

جيئن ته ڄام ڏاهر کي به سنڌ توڙي ڪڇ جا ماڻهو ڄام ڏهر ڪوٺيندا هئا. ان ڪري جڏهن ڄام ڏاهر، وٽ واري سهڻي علائقي ۾ پنهنجي نالي سان شهر ٻڌايو ته اهو شهر به ڄام ڏهر جو شهر سڏجڻ ۾ آيو ۽ گهڻي وقت کان پوءِ ان شهر کي ماڻهن فقط ڏهر ڪوٺيو، جنهن جا آثار ڏيپلي تعلقي جي ٻلهياري ۽ راحمڪي بازار شهرن جي وچ تي موجود آهن، جتان انهي دؤر ۾، ڍور دريا جو وڏو وهڪرو وهندو هو ۽ اهو شهر تمام آباد هو، جيڪو هڪ طرف دريائن سان ۽ ٻئي طرف گوڙيءَ جي نار (ڪوريءَ جي نار) سان ڳنڍيل هو.

ڄام ڏاهر يا ڏهر جي راڄڌاني ٿرپارڪر ضلعي جي ننگر پارڪر، مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن ۽ ڊگهڙي تعلقي جي ڏاکڻين حصي ۽ بدين ضلعي جي ٽنڊي باگي، بدين ۽ گولاڙچي تعلقن ۽ ڪڇ جي لکپت، سنڌڙي کريڙ، ٻني، ٻيلي ۽ ٻين قريبي ٻيٽن واري ايراضي تي مشتمل هئي، جتي اڄ به سندس قوم جا ماڻهو ۽ خاندان جا فرد آباد آهن.

نوٽ: لوئر سنڌ ۽ ڪڇ جي ايراضي ۾ به ڄام ڏاهر جي راڄڌاني واري ايراضي جنهن ۾ ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن جي ڪجهه ايراضي، ڪڇ جو رڻ، رڻ جي ڪنڌيءَ جي ڏکڻ طرف ڪڇ جي ڀٽن واري ايراضي.

ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن واري ايراضيءَ تي هن خاندان جي سپوٽ شخص ڄام جسوڌڻ مهراڻي جي حڪومت رهي، جيڪا پاريننگر کان وٺي پٽيهل تائين رهي. جنهن ۾ پٽيهل جي ڪناري جسوڌڻ جي وڏن جو آباد ڪيل شهر آڳڙي هو. جنهن جا کنڊر اڄ به موجود آهن.

آڳڙي شهر انهي ڪري مشهور ٿيو، جو جسوڌڻ جا وڏا، لوهارڪو ڪم ڪندا هئا، جنهن ۾ به، تراريون ٺاهڻ سندن خاص پيشو هو ۽ انهيءَ پيشي جي ڪري اُهي آڳڙيا سڏبا هئا.

شاهه صاحب سر يمن ڪلياڻ ۾ آڳڙين جو ذڪر به ڪيو آهي جيئن فرمائي ٿو ته:

اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سراڻي،

پياري پاڻي، تيغون ڪندا تکيون.

 

اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سڄاڻ،

لاهيندا مورياڻ، رڪ ڪريندا پڌرو.

 

ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،

مُترڪن منهن ڪڍيا، سانڌاڻيون سهڪن،

اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.

قديم دؤر ۾ آڳڙيا انهن لوهارن کي چئبو هو، جيڪي تلوارن ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا. آڳڙيون لفظ آڳ ــ ڙيو مان ٺهيل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ته آڳ سان کيڏيندڙ يا آڳ تي ڪم ڪرڻ وارو، جيڪو اڳتي هلي آڳڙيو ۽ پوءِ آگريو ۽ آگرو بنجي ويو، جيڪو اڄ به استعمال ۾ آهي. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي آگريا، آگرا ۽ اگرا ذات جا خاندان موجود آهن، اهي سڀ اصل ۾ جسوڌڻ مهڙاڻي جي خاندان مان آهن.

جسوڌڻ مهڙاڻيءَ کي ڪن مؤرخن جسوڌڻ آگريو پڻ ڪوٺيو ۽ ڪيترن ليکڪن وري جسوڌڻ مهڙاڻي کي جدا شخصيت قرار ڏنو آهي. اصل ۾ جسوڌڻ اهو هڪ ئي آهي. مهڙاڻي سندس پاڙو هو ۽ آگريو (آڳڙيه) سندس وڏن جو پيشو هو.

جسوڌڻ کي شاهه صاحب سر ڏهر ۾ هيٺين طرح ياد ڪيو آهي:

ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي،

جسوڌڻ جيڏو، تو ڪو گڏيو پهيڙو.

 

ڍور نه اڳين ڍار، مهند ملاحن لکيو،

موڙي ڇوڙيئون مڪڙا، پسي پاڻي پار،

جسوڌڻ جهڙا يار، پيا ويرو ماس ۾.

 

جڏهن ڍاڳي ڍور، ٻئي وهن ٻلهيار ۾،

تڏهن تازئين طور، هئي جسوڌڻ سين.

 

جسوڌڻ يارن، کڻي ڇني ڇڏيو،

رنو اکڙين، جڏهن ڦوڙايو سڄڻين.

 

پٽيهل چئي پرين کي ساري آئون سڪو،

آهم اولاڪو، جسوڌڻ جو جان ۾.

مٿي ڏنل شاهه صاحب جي پنجن بيتن مان جسوڌڻ جي تاريخ آسانيءَ سان ملي سگهي ٿي، جن مان هڪ بيت (3) ۾ آهي ته جڏهن جسوڌڻ جي دؤر ۾ ڍاڳي ۽ ڍور ۾ وهڪرو ٻلهيار جي ايراضي کان وهندا هئا، تڏهن جسوڌڻ وٽ تازئيون گهوڙيون بيشمار هيون، پر جڏهن پاڻي سڪي ۽ گهٽجي ويو ته ملڪ ڀڙڀانگ بنجي ويو؛ نه رڳو ڍاڳي سڪي ويا پر پٽيهل به سڪي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com