سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ماڻهوءَ جو ڀاڳ

باب: --

صفحو : 10

 

 

پرستش مردن جي ۽ زندن جي

عام طور ائين چيو ٿو وڃي ته اسان جو سنڌي سماج مرده پرست آهي. ان مان هيءُ به مطلب ٿو نڪري ته اهو زنده پرست هجي ته چڱو، يا زنده پرست به هجي ته چڱو! هونئن پرستش پنهنجيءَ جاءِ تي اهڙي ڪا چڱي شيءِ به ڪانهي، جو ان لاءِ افسوس ڪجي ته اها مردن لاءِ، يا زندن لاءِ، يا ٻنهي لاءِ، ڇو نه آهي! ڇو ته پرستش يا پوڄا نه فقط غلاميءَ جي نشاني آهي، پر خود غلامي آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته اڄ اسين، يعني اسان جو سنڌي سماج، غلام ئي آهي نه رڳو مردن جو پر مردن کان وڌيڪ زندن جو. در حقيقت، جي اسان جو سنڌي سماج مرده پرست به آهي، ته اهو رڳو انهيءَ لاءِ ته ان سان اسان وٽ زنده پرستيءَ جو جواز يا سبب موجود رهي. تيئن بتن جي پوڄا ۾ ڪنهن پنڊت، پروهت يا ان جي ڪنهن جيئري مهاٻلي ان داتا جو مفاد لڪل هوندو آهي، تئين هر غيب يا غالب عجوبي جي پرستش ۾ پڻ ڪنهن حاضر اقتدار ۽ آقائيت جي پرستش ۽ غلاميءَ جو بنياد يا راز موجود هوندو آهي.

ائين هر پرستش، پوءِ اها بتن جي هجي، مردن جي هجي، ماضيءَ جي يا ڪنهن غيب يا غائب شيءِ جي هجي ڇو ته مردا ۽ ماضي به غائب آهن ۽ غيب جي ئي صورت ۾ آهن. مطلب ته هر پرستش پنهنجي نتيجي ۽ اثر ۾ زندن جي پرستش آهي. حاضر زندن جي، يعني جيئرن شخصن جي، وس وارن ۽ وسيلن جي صاحبن جي، صاحب اقتدار شخصن جي، ۽ انهيءَ ڪري اسين، جو مرده پرست مشهور آهيون، سو اسان جي مرده پرستي يا خود زنده پرستي، خالص شخص پرستي آهي. ۽ اسان جو سماج درحقيقت شخص پرست سماج آهي ڇو ته ان ۾ هر هنڌ رڳو شخص جي ثنا ٿئي ٿي، شخص کي ٻڌائجي ٿو، شخص جي بندگي، ان جي ذات جي بندگي ٿئي ٿي. ۽ ان جي ٺلهي نالي جي مالها جپجي ٿي ۽ ان جي خيالن، عادتن ۽ عملن جو ان ۾ دخل نٿو رهي. اسان وٽ هٿ ٻڌجن ٿا. سائين سائين ڪجي ٿو. ليلائجي ٿو ۽ ائين جيڪي ماڻهن کان مٿڀرا ماڻهو آهن انهن کان سڀڪجهه گهرجي ٿو. بلڪ انهن جو ماڻهو ٿيڻو پوي ٿو. انهن کان ڊڄجي ۽ ڪنبجي ٿو وڏيري کان ۽ سردار کان، شيخ ۽ ڀوپي کان ۽ پير، فقير، درويش کان، حاڪم کان، ۽ حاڪم کان وڌيڪ حاڪم جي پٺي يعني ان جي عام مختار کان، ۽ انهن جي سڄي سماجي ۽ سياسي مانڊاڻ کان، جيڪو هنن پنهنجي بچاءَ لاءِ ۽ پنهنجي عمل ۽ اختيار جي بساط طور پنهنجي چوڌاري اڏيو آهي. ۽ اسان مان جيڪي به ”صاحب“ يا ڪامورا يعني ”ڪم“ وارا، عملدار، سڏجن ٿا، اهي به انهن جي ان مانڊاڻ جا ئي هٿ ٻڌا نوڪر آهن، انهن جي ان بساط جا ئي مهرا آهن. هونئن اهي پاڻ به پنهنجي هر ”زيردست“ جا ”بالاست“ ئي آهن. انهيءَ طرح انساني مساوات، خوداعتماديءَ ۽ بي خوفائي اسان ۾ ڪانهي، اسين پاڻ کي هيڻو ۽ هيچ ٿا سمجهون ۽ چئون ٿا، ”اسان ۾ رکيو ئي ڇاهي!“ ۽ سڀ ڪجهه واقعي هو ٻيا آهن، جيڪي اسان کان مٿڀرا آهن: هو جيڪي ائين آهن تن کي اسين پڄي به نٿا سگهون، تن جي آڏو اسان جا چپ سبيل رهن ٿا ۽ اسين ڪڇي به نٿا سگهون، هو اسان تي آڪڙجن ٿا، اسان تي آڪڙبا آهن، ۽ رڳو پاڻ ڀرڻ ۽ پاڻ سکي رکڻ ۾ پورا آهن. ۽ ان لاءِ رڳو غيب وٽ جوابدار آهن يا قبول پيل پهرئين درجي جي غلامي وانگر پنهنجن انهن مهاٻلي آقائن وٽ جيڪي اسان وٽ هتي پنهنجي اندروني بيٺڪيت قائم ڪيو ويٺا آهن. ائين اسان جو سنڌي سماج سچ پچ ته اڄ غلامن جي غلامن جو هڪ غلام  سماج آهي.

۽ هيڏانهن اسين اديب ۽ شاعر ۽ عالم، جن جو فرض هو ته اسين انهن پنهنجين مرده پرستن ۽ زنده پرستن جي بنيادن کي اکوڙيون ۽ انهن جي تهه ۾ جيڪو ڪوڙ لڪل هو تنهن کي پڌرو ڪيون، ۽ انهن جي سماجي ۽ سياسي مانڊاڻن جو اونهو مطالعو ڪيون. ۽ انهن جي اصل فريب کان پنهنجي ويساهه وسوڙيل، ڏتڙيل ۽ ڏکويل سماج کي واقف ڪريون ته جيئن هو پاڻ کي سڃاڻي، ۽ پاڻ ۾ ڀروسو پيدا ڪري، ۽ پنهنجي قسمت جو پاڻ ڌڻي ٿئي... ان سڀ جي بدران اسين آهيون. جو نون نون درگاهن، آستانن ۽ مرده پرستن جي پيدا ڪرڻ ۾ پورا آهيون ۽ انهيءَ ارمان ۾ ڳري رهيا آهيون ته افسوس، جو اسين فقط مرده پرست آهيون. زنده پرست ڇو نه  آهيون!

اصل ۾، هيءَ اسان لاءِ مرده يا زنده پرستي جي وچ ۾ مقابلي جي ڳالهه ڪانهي، هيءَ ڳالهه اسان لاءِ پنهنجي غلاميءَ کي سڃاڻڻ ۽ ان مان پنهنجي جان ڇڏائڻ جي آهي. برابر اسين نه مردن مان نه زندن مان، نه ماضيءَ جي ”قبول پيلن،“ ”رحمت ڪيلن“ ۽ ”سلام پاتلن“ مان، ۽ نه حال جي ”مولانائن“ ۽ ”مرشدن“ ۽ ”مالڪن“ مان ترت جان ڇڏائي ٿا سگهون پر اسين انهن جي پرستش ۽ پوڄا مان، انهن جي بت پرستيءَ مان، جان ڇڏائي سگهون ٿا، اسين انهن کي انهن جي اصليت ۾ سڃاڻي سگهون ٿا. ڇو ته پوڄا ۽ پيار، پرستش ۽ پيرويءَ، بت پرستيء ۽ قدردانيءَ ۾ به فرق ٿئي ٿو. ڪنهن خيال ڪنهن شيءِ. ڪنهن ماڻهوءَ جي گڻ اوگڻ، ڪمائيءَ نڪمائيءَ ۽ چڱائيءَ مٺائيءَ کي، يعني ان جي افاديت کي، ان جي وٿ کي، خيال ۾ نه آڻيندي، ان جي پرک نه رکندي ۽ ان جي ڪنهن موهوم يا غير موهوم چڱائيءَ جي حاصلات لاءِ خود جاکوڙنه ڪندي، رڳو ان جي نالي جو ويهي جپ ڪرڻ، ۽ ان جي چوڌاري بيهي ڦيريون پائڻ يا آڏو ويهي چپٽيون وڄائڻ ۽ مٿا ٽيڪ ڪرڻ ۽ ائين سمجهڻ ته ائين اسان جي هر حاجت روائي ٿي ويندي ۽ ان جي هر اها مرهوم يا غير مرهوم چڱائي ۽ فضيلت اسان کي حاصل آهي يا حاصل ٿي ويندي،. اها بت پرستي آهي. اها ان خيال، ان شيءِ، ان ماڻهوءَ جي پوڄا آهي، اهو ان جو پيار، اها ان جي پيروي يا قدرداني ڪانهي چاهي اهو ماڻهو، اها شيءِ، اهو خيال ڪير به هجي ڇا به هجي ۽ ڪهڙو به هجي.

سنڌي سماج، جو ڪجهه به اهو اڄ آهي.، ان مان اسين مطمئن نه آهيون، اسين ان ۾ تبديلي ڏسڻ چاهيون ٿا، اسين چاهيون ٿا ته ان ۾ آزادي هجي.، جهموريت هجي ۽ سماجي انصاف هجي.

ان لاءِ اسين ڇا ٿا ڪري سگهون؟

برابر، دعائون به گهري سگهون ٿا، سرڪار کي منٿون به ڪري سگهون ٿا، سرڪار ۽ سماج جي ٿلهن ٿنڀرن ملن، پيرن ۽ ”وڏيرن“ کان بيک به پني سگهون ٿا. ۽ هيستائين اسان ائين ئي پئي ڪيو آهي. پوءِ ڇا آزاد  ٿيا آهيون. اسان جي عزت وڌي آهي، اسين سکيا ٿيا آهيون؟ جي نه، ته هاڻي اسان کي ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي. دعائن سان، منٿن سان، بيک گهرڻ سان ڪجهه نٿو ٿئي ۽ نه ڪجهه ٿيڻو آهي ڇو ته سڀني ڏاهن جو، سڀني ڪتابن جو ۽ سڄيءَ تاريخ جو چوڻ آهي ته ”انسان کي ڪوشش کان سواءِ ڪجهه نٿو ملي.“ ۽ ”قومون جيسين پنهنجي حالت کي بدلائڻ جي پاڻ ڪوشش نٿيون ڪن تيسين سندن حالت نٿي بدلجي.“

دراصل دنيا جو انسان سان واسطو آهي ۽ دنيا انسان جو ذمو آهي، اقتدار جو اصل مالڪ خدا آهي ”ائين چوڻ سان انسان، يعني اسين، پنهنجي ذميداريءَ کان آجا ٿي ڪونه ٿا وڃون. اهي جيڪي ائين چئي اقتدار جا مالڪ بڻجي ويهن ٿا، اهي رڳو ڌرتيءَ تي خدائون بڻجي ويهڻ گهرن ٿا ۽ کين ايتري پڌري ڳالهه به مغز ۾ نٿي ويهي ته جيڪڏهن خدائي اقتدار جا پاڻ دارا بڻجي سگهن ٿا، ته ٻيا انسان به ڇو نه ان جي دارائيءَ جي دعوا ڪن... ڇو ته خدا جي وحداني نظريي ۾ ڪوبه مخصوص انسان، ۽ ڪي به مخصوص انسان، خدا جا ڌريان ئي ڌڻيل يا پيشگي منتخب ٿيل ڪونهن. ۽ اهو ئي اصل ۾ ناقابل ترديد تاريخي بنياد اڏيل آهي آقائيت جي خلاف بغاوت جو جهموريت جو، مساوات ۽ آزاديءَ جو، يعني اقتدار جي انساني منتقليءَ يا ڏي وٺ جو ۽ پڻ ان جي انساني استعمال جو، ”شورائيت“ يا ”سوراڪرسي“ يا ”شوريگ“ ۾ اقتدار جي انساني منتقلي جو اصول يا ڏس موجود ڪونهي محض شورا يا شورائيت آمريت ڏانهن اقتدار جي غاصبيت ڏانهن ئي نيئي سگهي ٿي. محض ”شورائيت“ ارضي اقائيت جي پيڙهه جو پٿر به ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي حفاظت لاءِ هڪ مضبوط قلعو به: ان جي برخلاف، جهموريت هر صورت ۾ ۽ هر طرح ارضي اقائيت جو ضد آهي. هر غاصب اقتدار غصب ڪرڻ لاءِ پنهنجي رفيقن سان مشورت ڪري ٿو ۽ اهي ان جي شورا آهن ۽ ان کان پوءِ هو پنهنجي پسند جي اهڙي ئي شورا قائم ڪري پنهنجي اقتدار جو تاحيات بچاءُ به ڪري سگهي ٿو. شورو ڪرسي ائين آهي، ڊيموڪرسي ائين نه آهي. ڊيموڪرسي، ڊيموڪرسيءَ ڏانهن نئي ٿي، جهموريت جهموريت ڏانهن نئي ٿي ڇو ته ان ۾ اصل ۽ صحيح شورا به آهي ۽ شورا جي شوران سان تبديل جي انساني يعني اجتماعي رضا تي مبني واٽ به آهي ڇو ته ان ۾ پرستش ڪانهي. مردن جي توڙي زندن جي، يعني ان ۾ شخص پرستي ڪانهي، ان ۾ شخص يا شخصن جي غلامي يعني ان ۾ ارضي آقائيت جي گنجائش ڪانهي.

جهموريت کان محروم پنهنجي مجبور ملڪ لبنان کي اهڙيءَ ئي اڌينتا ۾ ورتل حالت ۾ ڏسندي، خليل جبران چيو هو.

هو مون کي چون ٿا

”جي تون غلام ستل ڏسين، ته ان کي نه جاڳاءِ،

”ممڪن آهي ته هو آزاديءَ جو خواب ڏسندو هجي!“

آءٌ انهن کي چوان ٿو:

”جي اوهين ڪو غلام ستل ڏسو ته ان کي جاڳايو.“

”۽ هن کي آزاديءَ جي ڳالهه ٻڌايو!“

خليل جبران پنهنجي هموطنين کي، اسان وانگر، پنهنجن ۽ پراون، مردن ۽ زندن، جي پوڄا پاٺ ۽ پرستش ۾ محو ڏسندي ۽ انهن جي پوئلڳي ۽ ٻانهپ ۾ هڪٻين سان مقابلي بازيون ۽ شرطون پڄائيندي ڏسي، انهن کي چيو هو_

”اي منهنجا هموطون!

”مون کان اوهين ڇا ٿا گهرو؟

”اوهين چاهيو ٿا ته آءٌ اوهان سان

”لفظن جي عظيم محل اڏڻ جو ڪوڙو واعدو ڪريان!

”۽ پڻ پوڄا گهرن جي اڏڻ جو، جن تي خوابن جون ڇتيون وڌل هجن!

”پر عزيزو!

”زندگي زندگي آهي

”جوانيءَ جو ارادو

”ڦوهه وهيءَ جي جاکوڙ

”۽ پيرسنيءَ جي ڏاهپ!

”پر توهين منهنجا ساده دل معصوم هموطنو!

”پوڙها ۽ ڪمزور ڄاوا_

”وڏي مغز ۽ گهنج گهنج ٿيل چمڙيءَ سان.

”اوهين وڌي ٻار ٿي پيا آهيو

”۽ هڪٻين تي پٿرن اڇلائڻ ۾ پورا آهيو!“

ڪاش، ڪوئي خليل جبران هجي، جو اڳتي وڌي، اسان پرستارن کي اڄ انهن ئي لفظن ۾ مخاطب ٿئي اسين جيڪي پرستش تي ناز ٿا ڪريون ۽ پراون لاءِ هٿن ۾ گل جهلي ٿا بيهون ۽ پنهنجي لاءِ پٿر!

(1984ع)

 

انسان شين جي دنيا ۾

وڌندڙ ضرورتون ڄڻ ته هڪ چڙهندڙ ڏاڪڻ مثل آهن. ان ڏاڪڻ جي هيٺين ڏاڪن تي بنيادي يا حياتياتي ضرورتون آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي طبعياتي فطرت جي ڪري پيدا ٿينديون آهن. انهن کان مٿي جا ڏاڪا سٺي ڪپڙي لٽي، سٺي کاڌي پيتي، گهرو آسائش ۽ صحت جي سارسنڀال جا هوندا آهن. انهن کان به مٿانهان ڏاڪا اعليٰ ضرورتن، جهڙوڪ ذهني خوراڪ، تخليقي ڪمن، انساني عظمت جي تسليميءَ سان لاڳاپيل فرد جي هر طرفيءَ تهذيبي اوسر ۽ سماجي انصاف ۽ اخلاق جي سلسلي جا هوندا آهن.

ضرورتن جي اهڙيءَ ريت ئي اوسر ٿي آهي، پر ان جو سلسلو ڏاڍو منجهيل ۽ متضاد آهي.

دستور آهي ته ماڻهو ننڍي هوندي جيڪي قدر قبولي ٿو، انهن مطابق ئي سندس هلت چلت ٺهي ٿي ۽ رهي ٿي. هو پوءِ اهي ئي بيٺل ۽ قائم ٿيل رسمون يا رهت سهت جا نمونا پنهنجي نئين نسل لاءِ ڇڏي ويندو آهي، ۽ ائين هڪ نسل نه پر ڪيترن نسلن کان پوءِ اهڙين عادتن ۾ ڪنهن قدر ٿورو يا ڪڏهن ڪو بنيادي ڦيرو ٿيڻ  ممڪن ٿي سگهندو آهي، مثال طور، کاڌي جي عادت کي ڏسو، صديون اڳ صورت هيءَ هئي ته روايت، مذهب ۽ مجبوري جي اثر هيٺ ڪافي ڪي ڏينهن کاڌي کان پرهيز ٿيندي هئي ۽ ٿورائي ٻيا ڪي ڏينهن دعوتن، جشنن ۽ خوب کاڌن پيتن ۾ گذرندا هئا. ٻيو ته سڀ خلق جي وڏي اڪثريت صبح کان شام تائين جسماني پورهئي ۾ رڌل رهندي پئي آئي مطلب ته گهڻو کاڌو يا وڌيڪ کائڻ هڪ سماجي مسئلو نه هو. اڄ جي ان نئين اصلاح ”گهڻو کاڌو،“ ”وڌيڪ کاڌو“ جو تصور به ڪونه هوندو هو. ضروت کان وڌيڪ کائڻ جي ڪري جيڪي خوفناڪ ۽ هاڃيڪار نتيجا نڪرن ٿا. اهي هن زماني ۾ ئي ظاهر ٿيا آهن.

اڄ سخت ۽ گهڻي جسماني پورهئي جي گهاڻي کان جيئن پوءِ تيئن انسان آجو ٿيندو ٿو وڃي. ۽ هر هنڌ دنيا ۾، ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته هن تان اهو ڳهه ڳهان جو بار وڌ ۾ وڌ هلڪو ٿئي ۽ وڌ ۾ وڌ هن کي فرصت جو موقعو ملي ته جيئن هو سوچي سگهي. پڙهي لکي سگهي،. زندگيءَ جو سچو لطف ماڻي سگهي ۽ پنهنجي انسانيت جا قدر سڃاڻي ۽ وڌيڪ اوچا ڪري سگهي.

اسان وٽ به شهرن توڙي ٻهراڙيءَ ۾ ڪي سکيا ستابا ۽ شاهوڪار ماڻهو گهڻو وقت واندو ويهي گذارين ٿا، ۽ نکمڻائيءَ ۾ بسترن، ڪرسين ۽ ڪوچن تي ليٽي ليٽي ۽ پاسا ورائي فضول وقت ڪاٽين ٿا. پر اها مفت جي فرصت، ائين بيڪار ۽ بيسود وڃائي ڇڏڻ هڪ غير فطري ڳالهه آهي. انهن مان تمام ٿورا ڪي ماڻهو آهن جيڪي رڳو پنڌ ڪري، ڊوڙون پائي رانديون روندين ڪري به بت جي ان سستيءَ مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ ساڳئي وقت اهي ئي ماڻهو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا صبح، ٻپهر ۽ شام ۽ پڻ وچ وچ ۾ ايترو ته کائي پيٽ کي ڏيندا آهن. جو پيا اوڳرايون ۽ ڏڪارون ڏيندا آهن. پوءِ اهڙن ماڻهن ۾ ٿولهه به وڌي ويندي آهي ۽ پنهنجو ڳرو بت پاڻ سان کڻي هلڻ به هنن لاءِ مشڪل بڻجي ويندو آهي.

دنيا ۾ هيءُ ٿولهه جو پهريون حملو آباديءَ جي ويهين حصي تي (جيئن اسان وٽ ۽ ٻين غريب ۽ پوئتي پيل ملڪن ۾). ۽ پوءِ (جيئن اسان جي خاص طرح وڏن شهرن يا ٻين شاهوڪار ملڪن ۽ سماجن ۾) ڏهين حصي تي، پنجين حصي تي ۽ پوءِ سڄي ساري چوٿين يا ان کان به وڌيڪ حصي تي ٿئي ٿو جنهن جو دارومدار گهڻيءَ هوند تي ۽ گهٽ ڪم يا بلڪل نکمڻائيءَ ۾ ويهي گهڻي کائڻ تي هوندو آهي. ان حصي ۽ حساب سان، مالدارن جي ٻارن کي به گهرن ۾ سندن جسماني ضرورت کان وڌيڪ کاڌو ملي ٿو. ڇو ته هو جيئن ٻين ڳالهين ۾ تيئن کاڌي کائڻ ۾ به، پنهنجن گهڻ کائو ۽ ٽوٽي وڏن جي مثال تي هلن ٿا. گهڻي کاڌي ۽ گهٽ ڪم ڪري اها ٿولهه وچينءَ عمر ۽ خاص ڪري وڏيءَ عمر جي ماڻهن ۾ خوفناڪ بيمارين جو ڪارڻ ٿئي ٿي. جن جي ڪري اهي پنهنجي وقت کان اڳ گذاريو وڃن. ٻي ڳالهه ته اها ٿولهه پوءِ موروثي آزار به بڻجي ٿي.

هاڻي وري هڪ ٻئي رسمي طريقي کي وٺو. اهو هيءُ ته ماڻهوءَ لاءِ هڪ وقت هڪ وڳي کان وڌيڪ وڳا پائڻ واقعي هڪ ڏکيو ڪم آهي! ساڳيءَ طرح هڪ وقت ماڻهوءَ لاءِ هڪ جوڙي جتيءَ کان وڌيڪ پائڻ ته بلڪل اڻٿيڻي ڳالهه آهي! انهيءَ هوندي به ماڻهن ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڪپڙن ۽ بوٽن جي جوڙن جي وڏي تانگهه ۽ وڏو قدر پئي رهيو آهي. هن گهڻ پوشاڪيءَ ۽ خوشپوشاڪيءَ جي اوسر ۾ به صدين جو عرصو گذريو آهي ۽ اها عادت انسانن جي خود پسند حصي ۾ ۽ خاص طرح وري به هوند وارن ماڻهن ۾، ائين هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين. پهچندي ۽ وڌندي رهي آهي. ۽ اڄ انهن مان شايد ئي ڪو فرد هجي، جو هر هفتي ان طرح جي پهرڻ ۽ واپرائڻ لاءِ ڪا نئين شيءِ خريد نه ڪندو هجي! ائين هو هڪٻئي پٺيان پنهنجا ڪٻٽ، پيتيون ۽ وارڊروب شين سان ڀريندا ۽ سٿيندا ويندا آهن، هن قسم جي ماڻهن وٽ رڳو سندن بوٽن جا جوڙا، ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ لاءِ ٽائيون ۽ ڪن وٽ رڳو هلڻ مهل هٿ ۾ کڻڻ لاءِ لڪڻ گڏ ٿيل، سون جي تعداد ۾، ڏسبا آهن ته حيرت وٺي ويندي آهي ته واري سان ڪنهن وڳي پهرڻ، ڪنهن جوڙي بوٽن کي پائڻ، ڪنهن ٽاءِ ٻڌڻ يا ڪنهن هڪ لڪڻ کي هٿ ۾ کڻڻ جو وجهه گهڻن ڏينهن، هفتن يا مهينن کان پوءِ هنن کي ملندو هوندو!

وري شهرن ۾ گهرن (فلئٽن ۽ بنگلن) کي جهڙيءَ طرح ماڻهو ٺاهين ۽ سينگارين ٿا ۽ سامان سان ڀرين ٿا، ان کي ڏسي، لڳندو آهي ته اهي گهر ٺاهيا ئي سامان لاءِ ويا هئا. يعني ان لاءِ ته ماڻهو اتي نه رهن. پر سندن سامان ئي فقط اتي رهي ۽ سامان جا ئي اهي گدام هجن! ڳالهه رڳي نماءُ يا ڏيکاءَ يا گهرن سينگارڻ کان به مٿي چڙهي وڃي ٿي. ٻين جي ريس تي، بلڪ هڪٻئي جي سلسلي ۾، عام سهپ کان، گهرن ۾ غير ضروري ۽ اجاين شين جا ائين ڍيرن تي ڍير ڪيا وڃن ٿا ۽ ائين سمجهيو وڃي ٿو ته انهن مان سندن ترقيءَ، ڪاميابيءَ ۽ وڏ ماڻهپ جي خبر پوي ٿي.

پڪ آهي ته وقت گذرڻ سان جيڪا انسان پسند سوچ پيدا ٿيندي ۽ جيڪي اجتماعي سک ۽ سهوليت ڏيندڙ سماجي تبديليون اينديون، انهن جي اثر هيٺ غير ضروري گهرجون (جن کي ٺلهو حرص ۽ ٽرڙائپ ئي چئجي ته چڱو) آهستي آهستي گهٽبيون وينديون ۽ ٿورن نسلن کان پوءِ مهذب سماج ۽ مهذب گهرن ۾ انهن جو نالو نشان به باقي نه هوندو. مهانگي ۽ جهجهي کاڌي ۽ هڪ ئي وقت قسمن قسمن جي کاڌي ۽ نئين پوشاڪ ۽ پوشاڪن مٿان پوشاڪ، فضول کان فضول قيمتي سينگاريل ۽ سامانن مٿان سامان سان ڀريل گهر وغيره کي پوءِ ڪا خاص ڳالهه نه سمجهيو ويندو، بلڪ اهي ڳالهيون سکڻن ماڻهن، تنگدل ۽ حرص سان ڀريل ماڻهن ۽ خسيس ۽ خالي ماڻهن جون ئي فقط نشانيون شمار ٿينديون ۽ ان جي بدران ماڻهو عام صحت تي ڌيان ڏيندا، ماڻهن سان ماڻهو ٿي هلندا ۽ هڪٻئي کان مٿڀرائي ۽ هڪٻئي سان سينه ڪشيءَ کي غير انساني روش سمجهندا، پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ خوشي ۽ فخر محسوس ڪندا، موڪلون ماڻيندا، پاڻ وندرائيندا، پنهنجي انسانيت کي اڀاريندڙ ڳالهين ٻڌڻ ٻڌائڻ ۾، خوشي محسوس ڪندا، پاڻ سڃاڻندا، ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي انسانيت جو شرف ۽ منصب سمجهي، سڀني کي ۽ سڀني جي انسانيت جي شرف ۽ شان کي سڃاڻندا ۽ ان جو ئي احترام ڪندا.

دراصل گهڻ خرچائو مالدار ۽ خوشحال گهرن ۾ ڏٺو ويو آهي ته اهي رڳو  خريداريءَ جي شوق ۾ ئي هڄندا رهن ٿا ايتري قدر، جو هو پنهنجي زندگيءَ جي عام گهرجن ۽ اصلي ضرورتن کي به اڪثر وساري ويهن ٿا. ان مان ته بيوقوفيءَ جي حد تائين سندن شين جي چاهت ئي ظاهر ٿئي ٿي، ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هو شين کي ئي زندگي سمجهن ٿا! خريداريءَ جي هن غير معقول شوق جي تهه ۾ ٺلهي فيشن جي رڃ جي ڪشش ئي موجود ڏسجي ٿي. سرمائيداري سماج، جنهن ۾ دولت جا انبار آباديءَ جي اڻڪمائيندڙ حصي وٽ ئي وڃي جمع ٿين ٿا ۽ ان ڪري ئي، انهيءَ ئي دولت کي ”اڻ ڪمايل دولت“ سڏجي ٿو. فيشن جي ان واڃ کي ئي شين جي لاڳيتي ۽ اڻ کٽ گهرج جو هڪ ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي ڇو ته آباديءَ جو اهو حصو محض کپتڪار حصو آهي ۽ ان جو سواءِ کپتڪاريءَ جي ٻيو سماج ۾ ڪو مثبت ڪارج يا رول ڪونهي. آباديءَ جو اپتڪار حصو، ڪمائيندڙ حصو، پنهنجي ”ڪمايل دولت“ کان محروم ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي اها ”ڪمايل دولت“ ئي آباديءَ جي کپتڪار حصي جي ”اڻڪمايل دولت“ بڻجي ٿي. جيڪا ئي هو پوءِ خريداريءَ جو فيشن قائم ڪرڻ ۾ صرف ڪن ٿا، ۽ ان سان ئي سرمائيداري سماج ۾ پوءِ شين جي دائمي گهرج، رڃ مثل ماڻهوءَ يا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي ۽ ڊوڙائيندي رهي ٿي. ۽ ائين سڄو سماج کپتڪاريت جي اڻ ڀرجندڙ خلا ۾، جيڪا هڪ ڌٻڻ به آهي، پهچندو ۽ غار ٿيندو وڃي ٿو. حرص هوس ۽ لامحدود بک جي خلا ۾، حيوانيت جي ڌٻڻ ۾.

بنيادي، حياتياتي، فطري انساني گهرجن جي ڀيٽ ۾، ٺلهي شين جي چاهت، محض خريداريءَ جو شوق، ڪڏهن به پورو ٿي نٿو سگهي. جيئن جيئن شيون حاصل ڪبيون تيئن تيئن نين فيشني، ۽ حد کان وڌيڪ فيشني، شين حاصل ڪرڻ خاطر، ”اڻڪمايل دولت“ کي پاڻ ڏانهن ريڙهڻ خاطر، کپتڪاريت جو ڀوت کاپي لاءِ اڀاريندو رهندو. مارڪيٽ ۾ هڪٻئي پٺيان سامان پيو ايندو. نيون موٽر ڪارون، ٽي ويون، ريفريجريٽر، بجليءَ جون جوجائون، ڪپڙن ڌوئڻ جون مشينون، فرش صفا ڪرڻ جا پائوڊر ۽ پالشون، کاڌي جا ۽ پيتي جا قسمين قسمين نمونا ۽ چسڪولا وغيره وغيره، آخر ايتري ساري سامان کي، ايترين سارين شين کي، خريد ڪري گڏ ڪري، اکين آڏو رکي، بلڪ اڄ خريد ڪري سڀاڻي اڇلائي، اسٽورن ۾، گهرن جي ڇتين تي، بالڪنين ۾، سيڙهين جي هيٺيان خالي جاين ۾ ڦٽي ڪري ڇڏڻ مان ڇا ورڻو آهي؟

غير سرمائيدار سماج ۾، سٺي سماج ۾، انساني سماج ۾، گهڻيءَ اپت جي ڪري اهي پاڻ ڀرائيءَ جا غير معقول مظاهرا رونما نه ٿيندا آهن. ڇو ته اتي فيشن کي، ٺلهيءَ کپتڪاريت کي، اقتصادي ترقيءَ جي عوض طور استعمال ڪونه ڪيو ويندو آهي. ان جو مطلب اهو ڪونهي ته اتي ماڻهو کائڻ پائڻ، رهڻ ۽ پنهنجي فرصت ۽ واندڪائيءَ کي سڦلي بنائڻ ۾ دلچسپي ڪانه ٿا رکن. يا انهن لاءِ ڪن مڙهيل اصولن تي يا ڪن عائد ڪيل احڪامن ۽ فرمانن تي، مجبور ٿي، عمل ڪندا آهن. فطري ڳالهه آهي ته اتي به رڌ پچاءَ جي سٺن طريقن، دسترخوان جي سينگارڻ، فضليت وارين ۽ وڻندڙ پوشاڪن پائڻ، گهرو آسائش ۽ سونهن صفائيءَ وغيره کي خاص اهميت ڏني وڃي ٿي. انسان دوست سماجن ۾ وڏي ڳالهه هيءَ هجي ٿي ته اتي نري خريداريءَ جي چاهه کي، کپتڪاريت جي حيواني شوق کي، هرگز زندگيءَ جو مقصد ڪري نٿو ليکيو وڃي ۽ نه ڪڏهن ليکيو ويندو. آءٌ جيڪو فلسفي ماديت کي مڃيندڙ آهيان ۽ روحانيت وارن جي طرفان مون تي الزام آهي ته رڳو کائڻ پيئڻ ۽ چوڙڻ ماڙڻ ئي مون لاءِ زندگيءَ جو مقصد آهي اهي ڳالهيون ڪري دنيا کي ترڪ ڪرڻ جي صلاح ڪونه ٿو ڏيان. آءٌ رڳو ان هڪ نقطي تي زور ٿو ڏيڻ گهران ته اڄ جي هڪ مهذب انسان جو اعليٰ تصور اهو آهي ته هن جي انساني شخصيت جو اظهار ٿئي هن جي خالص ۽ خاص اها خواهش هوندي آهي ته عقل جي قانونن مطابق سڀ جي فائدي ۾ زندگي ڪارائتي، صالح، صحيح ۽ سادي بسر ٿئي.

هڪ شخص جيڪو پنهنجي سموري ڄمار فيشن جي پٺيان ڊوڙندي وڃائي ڇڏي ٿو. جيڪو ڌيان جي ڇڪائيندڙ پوشاڪ جي ذريعي خودنمائيءَ جي ڪوشش ڪري ٿو، اهو اصل ۾ کل جهڙو ۽ رحم جوڳو شخص هوندو آهي.

خريداريءَ جي چاهت، محض کپتڪاري، سماجي اخلاقي اصولن جو ضد هوندو آهي. ان جي ڪري انيڪ خرابيون ۽ حيواني بدعتون پيدا ٿينديون آهن. ان سان انسان بدعمل، بي نفسو ۽ امنش بڻجي ٿو، ان کي ڪهڙيءَ طرح ٻنجو  ڏيئي سگهجي ٿو؟

روشن خياليءَ سان، ڪشاده دليءَ ۽ خنده پيشانيءَ سان، ڏيکاءَ، ڪوڙ ۽ منافقت جي پردي، کول سان، شين  جي معقول استعمال ۽ مناسب کاپي کان همٿائڻ سان، اجاين ضرورتن جي ڀيٽ ۾ معياريءَ ۽ فضيلت ڀرين ضرورتن جي ماپن ۽ ماڻڻ قائم ڪرڻ سان.

اڄ جي پنهنجي سماج جي حالتن جي ڇنڊ ڇاڻ مان پڌرو ٿئي ٿو ته اهڙيون اجايون ضرورتون جهڙوڪ تماڪ ڇڪڻ، بوتلون پيئڻ، گهڻو کاڌو کائڻ، گهرج کان وڌيڪ ڪپڙا ۽ جتيون ۽ ٻيون شيون خريد ڪرڻ، گهرن جي گهڻي ٺاهه ٺوهه ڪرڻ ۽ انهن جي نامعقول نوع سان سينگارڻ فطري نه پر غير فطري ضرورتون آهن. ۽ اهي ضرورتون فقط بي انصافيءَ تي بيٺل ۽ بي انصافيءَ سان هلندڙ سماج ۾ پيدا ٿين ٿيون ۽ موجود رهن ٿيون. بي انصاف سماج کي بقا ۽ دائميت جو پروانو انساني تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ميسر نه رهيو آهي. اهو بدلجندو آيو آهي. بدلجڻ لاءِ آهي، ۽ بدلجڻو ئي آهي. بيماري رهي پر بيماريءَ جي علامتن کان آجائي ٿئي ائين نه ٿيندو آهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org