سيڪشن: ادب

ڪتاب: ببلو گرافي

باب:

صفحو:1

ببلو گرافي

شاهه تي لکيل ڪتابن جي

عبدالجبار جوڻيجو

 

ناشرطرفان ٻه اکر

 

سنڌ جي سدا حيات شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح، ڪلام ۽ پيغام جي اڀياس لاءِ، پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي جي ٺاهيل هي ببلو گرافي، ڪمال ادب ۽ احترام سان شاهه سائينءَ جي عقيدتمندن ۽ سنڌي زبان جي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿي.

سنڌي زبان ۾ چوڻي آهي ته ”ڀلئون ڀل جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي.“ سو، هن ببليوگرافيءَ ۾ به واڌاري ۽ سڌاري جي امڪان کي ته رد ڪرڻ اجايو آهي. هونئن به موضوع ئي اهڙو آهي، جنهن تي نوان نوان ڪتاب پيا ڇپبا. تاهم، مسٽر نفيس احمد ناشاد مسودي تي نظرثاني ڪري منجهس ڪي واڌارا ڪيا آهن. آس اهائي آهي ته شاهه سائينءَ جي هي ببليوگرافي سندس محقق کي ڪم اچي.

”سنڌي ڪتاب گهر، ڪراچي“ انگريزيءَ توڙي سنڌيءَ ۾ سنڌ تي ڪافي سٺا ڪتاب شايع ڪيا آهن. ان جو مالڪ، جناب مظهر يوسف، ميرٺ مان لڏي پاڪستان آيو ۽ ڪراچي ۾ گهر ڪري ويٺو. هن انهيءَ تجويز تي خوشيءِ جو اظهار ڪيو، ته سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ڪتاب گهر، هي ڪتاب گڏجي شايع ڪن، ته جيئن ٻين اردو ۽ سنڌي ناشرن کي به اهڙي ترغيب ملي. اميد ته ڪتابن جي اشاعت سان اهو مقصد پڻ حاصل ٿيندو.

سنڌي ادبي بورڊ

15 فيبروري ، سن 2000ع             غلام رباني آگرو

                                           اعزازي سيڪريٽري

 

ديباچو

 

شاهه عبدللطيف ڀٽائي جي زندگي ۽ رسالي جي باري ۾ پهرين مون ببليو گرافي تيار ڪئي، جا سنڌالاجي ءَ 1977ع ۾ شايع ڪئي. ان کان پوءِ آءُ ان طرف ڌيان نه ڏيئي سگهيس. ڪتاب، مخزن ۽ رسالا ته ذاتي لئبرري ءَ ۾ ايندا ويا، پر ڪم جي ابتدا نه ڪري سگهيس، شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ منهنجي ڪاوشن مان استفادو ڪيو ۽ هڪ ببليو گرافي تيار ڪئي.

1998ع جي ابتدا کان مون هن پنهنجي ڪاوش کي وڌائي هي ٻيو ايڊيشن تيار ڪيو آهي. ڪنهن به موضوع تي ڪتابن ۽ مقالن جي فهرست تيار ڪرڻ لاءِ هڪ شخص جون ڪاوشون ڪافي نه هونديون آهن. ڪو مقتدر ادارو هن ڪم کي بهتر طور مڪمل ڪرائي سگهي ٿو. مون پهرين ايڊيشن کان وٺي هن ڪم کي ڪهڙي طرز ۽ انداز تي ڪيو آهي، ان جو تت هي آهي:

رسالي جي قلمي نسخن بابت انگن اکرن جي ڀيٽ، تصديق ۽ استفادو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تاليف شاهه جي رسالي جا سرچشما (1972ع) تان ڪيو ويو آهي، اڳتي هلي منهنجي شاگرد غلام مصطفيٰ کهڙي پي .ايڇ.دي جي ٿيسز 1992ع ۾ مڪمل ڪئي، ان جي ڪم ۾ به قلمي نسخن جو واڌاو مواد آهي، اتان به استفادو ڪيم، هن فهرست ۾ سنڌي،اردو، فارسي، عربي، انگلش جا ٽائٽل موجود آهن. پنجابي ۽ براهوئي جي ترجمن جا ٻه عنوان به شامل ڪيل آهن.

گجراتي ۽ بلوچي ترجمن جا حواله ملي نه سگهيا. نور ڪاشميريءَ جو ليلا چنيسر ۽ ڪن ٻين سرن جو ترجمو .1960ع ڌاري رسالي پنجابي ادب، لاهور ۾ ڇپيو، اُهي پرچا هٿ اچي نه سگهيا .

هب ببليو گرافيءَ جو بنيادي مقصد تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ گهربل مواد جي نشاندهي ڪرڻ آهي. ڪتاب هن سلسلي ۾اوليت رکن ٿا. پر مقالن جي اهميت کان به انڪار ڪونهي، ڪيترن مقالن جي مجموعن مان مقالن جون فهرستون به ڏنيون ويون آهن. پوئين دور (19997-77ع) جي مقالن جي مجموعن جو ئي ذڪرڪيو ويو آهي، انهن جون فهرستون نه ڏنيون ويون آهن، ڇو جو بيشتر جو عنوان  ئي اهڙي نشاندهي ڪري ٿو مثال طور ”سر رامڪلي“ (مقالن جو مجموعو، مرتب حميد سنڌي) اخبارن ۾ به ڪي مقالا ڇپجندا رهيا آهن، انهن ’مان ڪي ڪتابن ۽ مقالن جي مجموعن تان ئي کنيا وڃن ٿا. پوءِ به ڪي ٻيا هوندا، اخبارن جي مقالن جي فهرست مرتب ڪرڻ وقت طلب به آهي ۽ ڪو ادارو عملي ۽ اسڪالر جي مدد سان اهو ڪم ڪرائي سگهي ٿو.

         اهو صحيح آهي ته ڪي غيراهم ڪتاب، چوپڙيون مون کي هٿ نه آيون هونديون. ڪوشش ڪري نئين زندگي ، سنڌ اطلاعات کاتي ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جون فهرستون ڏنل آهن، پر مقالن جون فهرستون مڪمل ڪيل آهن، پوين ٻن ادارن جي مخزنن جون فهرستون ڏنل آهن، پر مقالن جون فهرستون نه ڏنيون ويون آهن، ڇو جو انهن جا عنوان ئي واضح ۽ مواد جي نشاندهي ڪندڙ آهن. اهڙيءَ ريت رسالي جي قلمي نسخن، ڇاپن، علحدا سرن، منتخبن، حياتي ۽ ڪلام تي لکيل ڪتابن کانسواءِ انهن اهم ڪتابن جو به  ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ شاهه صاحب جو ذڪر آهي، پهرئين ڇاپي وقت منهنجي استاد محترم مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ فارسيءَ جي فاضل استاد ڊاڪٽر نبي بخش قاضي منهنجي هر طرح مدد ڪئي. قاسمي صاحب ترتيب ۾ ۽ قاضي صاحب جرمن حوالا ڪڍي ڏيڻ ۾ ڀال ڀلايا مجموعي  طور هن ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو  شاهه صاحب تي ڪيل ڪم مددگار رهيو. هنن سڀني استادن ۽عالمن جو آءُ دل سان ٿورائتو آهيان.

“لطيفيات “ جي منهنجي 1977ع واري ڇاپي کان پوءِ 1996ع ۾ لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي هڪ ببليو گرافي شايع ڪئي. ان جي مرتب محترمه ڊاڪٽر درشهوار، شايع ٿيڻ کان پوِءِ هڪ ،ملاقات ۾ ٻڌايو هو ته منهنجي ڪتاب لطيفيات مان گهڻي مدد ملي.جڏهن اهو ڪتاب ڏٺو ته ان ۾ منهنجو ٿورو مڃيندي محترمه ڀيڻ لکيو آءُ شخصي  طور ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجوجي شڪر گذار آهيان، جنهن جي لطيفيات جي عنوان سان مواد سهيڙي 156صفحن جو مختصر ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي طرفان 1977ع ۾ پڌرو ڪيو هو اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اسان لطيفيات کي رهبر ٺاهي اڳتي ڪم ڪيو آهي.  ”(اداري طرفان).

اهو صحيح آهي ته ڊاڪٽر در شهوار جي هن ڪاوش ۾ ٻيو به گهڻو مواد آيو. البته ڪٿي ڇاپي ۾ نالا غلط ڇپجي ويا. جهڙوڪ سلطان علي بدران سلطان احمد (132) ۽ لطف علي شاهه بدران قطب علي شاهه (ص418-419).

ببليو گرافي طويل ان ڪري ٿي آهي جو قلمي رسالن  جي سرن جا تفصيل به ڏنا ويا آهن. فارسي ڪتابن جا انگ اکر ساڳيا ۽ڪيفيت منهنجي مواد مان هوبهو ورتل آهي ۽ عربي جا انگ اکر سنڌي ۾ڏنا ويا آهن. مجموعن ۾ آيل مقالن جون فهرستون به ڏنيون ويون آهن، جيڪي 1977 کان پوءِ جون مون نه ڏنيون آهن.

بهرحال ببليو گرافي ۾ گھڻيون داخلائون رهجي ٿيون وڃن.  بهر حال محترمه ڀيڻ ڊاڪٽر در شهوار جي هيءَ ڪاوش قابل ستائش ۽ نهايت ڪارآمد آهي. ڊسمبر 1997ع ۾ هوءَ دنيا مان پردو ڪري ويئي.خدا کيس جنت  ۾ جاءِ عطا ڪري (آمين).

منهنجي هن فهرست (ببليو گرافي)۾ڪتاب ۽ مجموعا 425 ۽ مقالا 800 کان مٿي آهن. ننڍا مضمون ۽ مقالا  هزارن کان مٿي هوندا. ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي ، پر جهڙو حال حبيبان ،تهڙو پيش پريان.

30 جون 1998ع

عبدالجبار جوڻيجو

 

    (1)  شاهه جو رسالو (قلمي نسخا).

 

1 آخوند فضل عليءَ وارو نسخو (1269هه).

ڪيفيت : هن ۾ 34 سر ۽ 150 ورق آهن. سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي.

2 آخوند محمد شفيح وارو قلمي نسخو (1273هه).

ڪيفيت :هن ۾ 34 سر ۽ 187ورق آهن.

(3)ابراهيم شاهه وارو قلمي نسخو.

ڪيفيت: وڌيڪ انگ اکر دستياب نه ٿيا.

(4)ڀٽائي، مئين احمد وارو قلمي نسخو.(1294هه).

ڪيفيت: هن ۾ 34 سر ۽ 204 ورق آهن، مئين احمد جو ٻيو به قلمي نسخو ، جنهن ۾ 34 سر ۽176 ورق آهن.

(5) ڀٽائي، مئين محمد ۽ مئين حسين وارو  قلمي نسخو (1300هه).

 ڪيفيت: هن ۾ 40 سر ۽ 328 ورق آهن.

(6)ٺوڙهي لتڻيءَ (ڪڇ وارو)قلمي نسخو.(1270هه).

ڪيفيت: ميان محمد حافظ جو لکايل آهي.

(7)ٿهيم، عبدالله وارو قلمي نسخو (1383هه).

ڪيقيت: هن ۾ 39سر ۽ 509 ورق آهن.

 (8)پتافي، غلام قادر وارو نسخو (1331هه).

ڪيفيت: هن ۾ 36سر ۽ 706 ورق آهن.

(9) پيرل ٿيٻي وارو نسخو (1373هه).

ڪيفيت: هن ۾ 28 سر آهن.

(10) حاجي شاهنواز  وارو نسخو (1255هه).

ڪيفيت: ڳوٺ جوڻا (ضلعو بدين) ۾ سيد علي مير شاهه وٽ موجود آهي.

(11) خيرپور وارو قلمي نسخو .

ڪيفيت: هن ۾ 27 سر آهن.

(12) دلدار فقير وارو قلمي نسخو (1279هه).

ڪيفيت: محمد حنيف صديقيءَ جي لئبريءَ ۾ موجود آهي.
(13) سيد مٺو شاهه ( سيراني تعلقو ۽ ضلعو بدين) وارو قلمي نسخو (1334هه)

ڪيفيت: هي نسخو 1955ع) ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي کي استفادي لاءِ ڏنو ويو.

(14) شهداد جماليءَ وارو قلمي نسخو (1300هه).

ڪيفيت: بمبئي ڇاپي تان اتاريل آهي.
(15) ظفر ڪاظميءَ وارو قلمي نسخو.

ڪيفيت: هن ۾ 224 صفحا آهن.

 (16) فقير ابوبڪر وارو قلمي نسخو (1206 هه).

ڪيفيت: وڌيڪ دستياب نه آهي.

(17) فقير لعل محمد وارو قلمي نسخو (1329 هه).
ڪيفيت: هن ۾ 406 ورق آهن.

(18) قاضي عبدالحميد بن عبدالباقي وارو قلمي نسخو (1281هه).

ڪيفيت: هن ۾ 36 سر ۽ 269 ورق آهن.

(19) قاضي موسيٰ وارو قلمي نسخو.

ڪيفيت: هن ۾ 19 سر آهن.

(20) ڪئپٽن انسٽئڪ وارو قلمي نسخو.

ڪيفيت: هن ۾ 284 صفحا آهن، تهران جي ڪتبخانه ملي ملڪ ۾ 1304هه ۾ داخل ٿيو.

(21)گنج، قلمي نسخو (1270 هه).

ڪيفيت: ڀٽ شاهه تي موجود آهي، هن ۾ 28 سر آهن.

(22) لونگ فقير وارو قلمي نسخو.

ڪيفيت: هي فقير بدين شهر لڳ ڳوٺ استاد حاجي عبدالجبار جمالي ءَ جو رهاڪو هو . 1956 ع ۾ وٽس رسالو ڏٺو ويو.

(23) محمد اسماعيل رنگريز وارو قلمي نسخو (1334هه).

ڪيفيت: هن ۾ 743 ورق ۽ 36 سر آهن.

(24)محمد اسماعيل ڀٽيءَ وارو قلمي نسخو (1342هه).

ڪيفيت وڌيڪ معلومات دستياب نه آهي.

(25)محمد صالح بهراڻيءَ وارو قلمي نسخو (گنج )

(1936ع).

ڪيفيت: سر ڪلياڻ سان شروع ۽ بسنت تي ختم. ڪل 36سر آهن.

(26) ميان عبدالڪريم طيب  ٺٽويءَ وارو قلمي نسخو.

ڪيفيت: هي ڪل  ٽي نسخا آهن.

(27) مير امام بخش وارو قلمي نسخو (1270هه).

ڪيفيت: هن ۾ 32 سر ۽ 279 ورق آهن.

(28) مير عبدالحسين سانگيءَ وارو قلمي نسخو (1890ع).

ڪيفيت: وڌيڪ معلومات دستياب نه آهي.

(29)ميهر فقير وارو قلمي نسخو.

ڪيفيت: هن ۾ 36 سر آهن.

(30) مئين نور محمد وارو قلمي نسخو.

ڪيفيت: هن ۾ 324 صفحا آهن، ٽن ڪاتبن لکيو آهي. ۽ معنائون توڙي سمجهاڻيون فارسي زبان ۾ ڏنل آهن.

(31) ولي محمد شاهه وارو قلمي نسخو.

ڪيفيت: هن ۾ 31 سر ۽ 443 ورق آهن.

(32) نامعلوم ڪاتب جو، ڪڇ وارو قلمي نسخو (1297هه).

ڪيفيت: هن ۾ 17 سر آهن.

(33) نامعلوم ڪاتب  جو لکيل (1780ع )

ڪيفيت: بلڙيءَ ۾ موجود آهي.

(34)نامعلوم ڪاتب جو لکيل.

ڪيفيت: هن ۾ 28 سر ۽ 199ورق آهن. منصوره ۾ موجود آهي.

(35) نامعلوم ڪاتب جو لکيل.

ڪيفيت: هن ۾ 28سر ۽ 284 ورق آهن.برٽش ميوزم  ۾ موجود آهي. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ، ڊاڪٽر بلوچ جي صحيح سان 1969ع ۾ شائع ڪيو.

(36) نامعلوم ڪاتب جو لکيل.

ڪيفيت: هن ۾ 26 سر ۽ 146ورق آهن، انڊيا آفس لئبرريءَ ۾ موجود آهن.

(37) نظاماڻي، اميد عليءَ وارو قلمي نسخو 1275 هه)

ڪيفيت: هن ۾  34سُر ۽ 164 ورق آهن.

(38) نظاماڻي، تاج محمد وارو قلمي نسخو (1342هه).

ڪيفيت: هن ۾ 35 سر ۽ 282 ورق آهن.

(39)نعمت، مائي ملياڻيءَ وارو قلمي نسخو (1270هه).

ڪيفيت: مير نور محمد جي ديري لکايو.

(40) نيڪ محمد وارو قلمي نسخو.

ڪيفيت: هن ۾ 33 سر ۽ 198 ورق آهن.

(41) هالائي، عبدالحق وارو قلمي نسخو( 1282هه).

ڪيفيت: هن ۾ 35 سر ۽ 256 ورق آهن.

(42) هالائي، هدايت الله وارو قلمي نسخو (1270هه).

ڪيفيت: هن ۾ 32 سر ۽ 427 ورق آهن، هن قلمي نسخي جو مالڪ ۽ لکائيندڙ حڪيم ٺارو مل نصرپور وارو آهي.

(2)شاهه جو رسالو (مختلف ڇاپا)

(1) آڏواڻي، ڪلياڻ بولچند، شاهه جو رسالو،  هندوستان ڪتاب گهر بمبئي 1958ع.

ڪيفيت: شاهه صاحب جي سوانح، متن، شعر جي معنيٰ مطلب ۽ داستان ڏنل آهن. ڌاريون ڪلام خارج ڪيل آهي. هن ڇاپي مان چونڊ مجمل رسالو ڀارت ،مان 1961ع ۾ نڪتو ۽ مڪتبه اسحاقيه ڪراچيءَ 1976ع ۾، ۽ پوءِ به ڇپيو.

(2) بختيارپوري، محمد ابراهيم.شاهه جو رسالو  هيمنداس ڪتبخانه سکر 1931ع.

ڪيفيت: لٿو ۾ ڇپيل آهي. ڪاتب عبدالله سومرو آهي.

(3) بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر) شاهه جو رسالو،  شاهه عبدالطيف ثقافتي مرڪز حيدرآباد 1969ع.

ڪيفيت: برٽش ميوزيم واري قلمي رسالي کي ساڳي ترتيب سان شايع ڪيو ويو آهي.

(4) بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر) شاهه جو رسالو ، شاهه عبدالطيف ثقافتي مرڪز حيدرآباد 1974ع.

ڪيفيت: ٽن آگاٽن قلمي نسخن جي آڌار تي ترتيب ڏنل آهي.

(5) بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر) شاهه جو رسالو،  شاهه عبدالطيف ثقافتي مرڪز حيدرآباد 1977ع.

ڪيفيت: سر سسئ سان شروع ٿيندڙ ڏهن قلمي نسخن تي آڌاريل آهي، جيڪي  1207-1165 دوران لکيا ويا آهن.

(6) بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر) . شاهه جو رسالو(1) ، شاهه عبدالطيف ثقافتي مرڪز حيدرآباد 1989ع.

ڪيفيت: جلد پهريون ڪلياڻ ۽ يمن تي آڌاريل آهي، منڍ ۾ تفصيلي مقدمو آهي، مختلف پڙهڻيون، معنيٰ مطلب، سمجهاڻيون ۽ نوٽس ڏنل آهن هيءَ ڏهن جلدن جي رٿا آهي.

(7) ايضاَ----- شاهه جو رسالو (2)، شاهه عبدالطيف ثقافتي مرڪز،1992ع.

ڪيفيت: هن جلد ۾ سر کنڀات، برورو، سري راڳ ۽ سامونڊي شامل ڪيا آهن.

(8) ايضاَ-----  شاهه جو رسالو (3)، شاهه عبدالطيف ثقافتي مرڪز  1994ع.

ڪيفيت: هن جلد ۾ سر گهاتو، کاهوڙي، ڪاپائتي، بلاول، پرڀات، ڪارايل ۽ ڏهر شامل آهن.

(9) ايضا----- شاهه جو  رسالو(6)، علامه قاضي تحقيقي رٿا اشاعت حيدرآباد،1996ع.

ڪيفيت: هن جلد ۾ سر رپ، پورپ، رامڪلي ۽ آسا شامل ڪيا آهن.

 

(10) ايضاَ----- شاهه جو رسالو(10)، علامه قاضي تحقيقي رٿا اشاعت حيدرآباد، 1997ع.

ڪيفيت: هن جلد ۾ رسالي ۾آيل ڌاريون ڪلام شامل ڪيل آهي. جيئن ٻين جلدن ۾ عنوان ”شاهه جو رسالو - شاهه جو ڪلام“ ڏنل آهي. ته هن ڏهين جلد ۾ عنوان ” شاهه جو رسالو، رسالي جو ڪلام“ ڏنو ويو آهي، باقي جلد  نمبر 4 ۽ 5 ڇپائي هيٺ آهن. انهن ،مان جلد چوٿين ۾ سسئي جا پنج ئي سر ۽ جلد پنجين ۾سر ليلا چنيسر، مومل راڻو، ڪاموڏ ۽ سورٺ ايندا، جلد ستون ، اٺون ۽ نائون به اڃا ن ايندا.

(11) تارا چند شو قيرام، شاهه جو رسالو، تعليم کاتو بمبئي سرڪار 1900ع.

ڪيفيت: هي سرڪاري ڇاپو سڏجي ٿو، ٽيون ڇاپو 1923ع ۾ شايع ٿيو.

F.A. Broochaus لسپيا  (12)ٽرومپ، ارنيسٽ  (ڊاڪٽر ) شاهه جو رسالو،  (جرمني) 1866ع.

ڪيفيت: هي شاهه جي رسالي جو پهريون ڇاپو آهي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ٻيو ايڊيشن 1985ع ۾ شايع ڪيو آهي، هن ۾ فقط 22سر آهن.

(13)  ڏيپلائي، محمد عثمان، شاهه جو رسالو، دفتر لطيفي حيدرآباد، 1951ع.

ڪيفييت:  فقط متن آهي ۽ سمورو ڌاريون ڪلام به شامل آهي، 1963ع ۾ شيخ غلام علي سنز حيدرآباد هن ڇاپي جو هڪ پاڪيٽ سائز ايڊيشن شايع ڪيو.

(14)سومرو، محمد عالم، (ڊاڪٽر) شاهه جو رسالو،  (الف - ب وار) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1994ع.

ڪيفيت:ڪلياڻ آڏواڻي جي مرتب ڪيل رسالي کي اگيان رکي الف- ب وار ترتيب ڏنل آهي، ماستر محمد سومار شيخ بدين واري به ههڙي ڪاوش ڪئي هئي. اهو رسالو اڻ ڇپيل آهي.

(15) شاهواڻي، غلام محمد.شاهه جو رسالو، آر - ايڇ- احمد برادرس حيدرآباد، 1950ع.

ڪيفيت: مقدمي ۽ حاشيي ۾ معنائن سان تيار ڪيل آهي، ٻه ٻيا ايڊيشن به شايع ٿيا آهن.

(16) قاسمي، غلام مصطفيٰ (مولانا)، شاهه جو رسالو، (ٻن جلدن ۾)، بشير احمد ائنڊ سنز ڪراچي،1951ع.

ڪيفيت: هن ڇاپي ۾ مقدمو ۽ معنيٰ مطلب به ڏنل آهي.

(17) قاضي آءِ .آءِ. (علامه)، شاهه جو رسالو، (سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع.

ڪيفيت: سر ڪيڏارو شامل ڪيل نه آهي، متن جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏنل آهي ۽ سرن جي ترتيب به ٻي آهي. سهڻي آخر ۾ آهي، مقدمو ڏنل نه آهي. ڇاپو ٻيو 1986ع ۽ ٽيون 1993ع ۾ شايع ٿيو.

(18) قاضي، محمد ابراهيم، شاهه جو رسالو، مطبع حيدري بمبئي، 1867ع.

ڪيفيت: لٿو ۾ آهي، هن ڇاپي  جا پوءِبه ڪيترا ايڊيشن نڪتا، جيڪي 1876ع، 1886ع، 1889ع،1893ع، 1899ع، 1911ع، عام   پبلشرن هن ڇاپي تي آڌاريل ڪڍيا.

(19) گربخشاڻي. هوتچند، مولچند،  شاهه جو رسالو، (ٽن جلدن ۾ ) 1923، 1924ع، ۽ 1931ع ۾ بالترتيب ڇپيا. پهريان ٻه جلد ڪشمير جي ڇاپخاني ڪراچيءَ ۾ ۽ ٽيون جلد گورنمينٽ پريس ڪراچي ۾ ڇپيو.

ڪيفيت: ٽنهي جلدن ۾ بالترتيب 5، 6 ۽ 7 سُر آيل آهن. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ٽنهي جلدن جا گڏيل 1979ع ۽ 1985ع ۾ شايع ڪيا 1967ع ۾ جلد پهريون آواز ادب حيدرآباد شايع ڪيو داريون ڪلام خارج ڪيل آهي.

(20) دائود پوٽو، عبدالغفار گوهر ، شاهه جو رسالو،    ( رسالي جي ڏسڻي) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1994ع.

ڪيفيت: الف- ب وارو رسالو آهي.

(21) مرزا قليچ بيگ،  شاهه جو رسالو، هنسراج پرنٽنگ پريس سکر 1913ع .

ڪيفيت: هن ڇاپي ۾ ڌاريون ڪلام موجود آهي. 1923ع ۾ پوڪرداس شڪارپور ۽ 1950ع ۾ يوسف برادرس حيدرآباد، به هڪ ڇاپو آندو. 1994ع  سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري به هڪ ڇاپو شايع ڪيو آهي.

(22) ميمڻ، محمد صديق (خانبهادر) . شاهه جو رسالو، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 1951ع.

ڪيفيت : لٿو ۾ آهي ۽ بمبئي ڇاپي جو عڪس آهي.

(23) بريل ۾ --- شاهه جو رسالو، سنڌالاجي جي لئبرريءَ ۾ موجود آهي ۽ پنجن جلدن تي مشتمل آهي.

(24) گنج جي عنوان سان شاهه جو رسالو، حاجي الهداد جنجهيءَ ترتيب ڏنو. 1994ع ۾ آڪاش پرنٽرس حيدرآباد ۾ ڇپيو.

(25) گنج (ڀٽ شاهه): مشهور ۽ بنيادي، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز  1995ع ۾ ٻن جلدن ۾ اصل ۽ نئين صورتخطيءَ ۾ شايع ڪيو، 5000 رپين وارو خاص ايڊيشن به اڳ ۾ شايع ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org