سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: سون ورنيون دليون

صفحو :8

 

 

[28]

ڀانئيان پيئي، دوزخ جي باهه ۾ ٿي جلان. اي بيوفا آسمان ! اي بيدرد فلڪ! هاڻ هڪڙي ته منٿ منهنجي به مڃ. اهڙو ڪم ڪر، جو هنن پنهنجين اکين سان آلڊينهوفر کي رٿ ڪاتر ڳوڙها ڳاڙيندو ڏسان! انهيءَ رٿ جي جدائيءَ جو اهڙو ڪو جل ڏينس، جو ڇاتي بنهه ڇڄي پويس ! آءُ، پوءِ جيڪا منهنجي لاءِ جوڙيئي، اها مٺي مٺي ڪري ڀوڳينديس: اهڙو تنهنجو امُر ٿيو، ته جان جيان، تان منهن تي برقعو تي برقعو وجهي ڇڏيان، ته اُهو به منظور، پر هيءَ منجهي آس ڪيئين به پڄاءِ. ٻين ڏوهن جو صدقو ته وٺي چڪيم. مٺي ٻار کان ڌار ٿيس. سڪيلڌي ڀاءُ کان وڇڙيس. هن ڏوهه جو ڪفارو، باقي پنهنجو پاڻ ٿي آڇيانءِ. مون سان اهو مڙيوئي وڙ ڪر.“

پُٽ کي مٽي ڏيئي، اڪيلي سر گاڏيءَ م چڙهي اميرياڻي جاءِ تي پئي موٽي، تنهن وير واٽ تي ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ دعا پئي پنيائين!

جوت ٻري، سنجها ٽري، تنهن ٽاڻي هيءَ سنڀري وري گهر کان ٻاهر نڪتي.

آلڊينهوفر جي بنگلي تي اچي پڇيائين: رٿ ويٺي آهي؟

ماڻهوءَ ورندي ڏنيس: جنهن ڏينهن ...تڏهانڪر رٿ هتي ٽڪي ئي ڪانه. رهي ئي ٻيلاين وٽ

”۽ ٻڍڙي؟“

”اُها به اڄ سويرو پُٽ وٽ ويئي. ائنا کي سڏ ڪريان؟“

”نه. آءُ آلڊينهوفر کي گڏبيس.“

”سائين ٻن  ڏهاڙن کان بي مزي آهي. مزمان مڙهي کي ڏسي ئي ڪونه.“

”تون وڃي ٻڌائينس، ته اميرياڻي گوئرن آئي آهي. اوهان ۾ ضروري ڪم اٿس.“

”حاضر!“

کن پَلڪ ۾ اميرياڻيءَ کي آلڊينهوفر مٿي سڌائي ورتو.

چيائينس: بس، ڌڻيءَ کي اها اچي وڻي!

اميرياڻيءَ ڪُڇيو ڪونه.

وري چيائينس: تنهنجي لاءِ ته پچ ۾ پچ ٿيو!

تڏهن به وٺي رڳو سرد آه ڀريائين.

آلڊينهوفر کي جو ڏٺائين، ته مُننهن اُداس اٿس، سو اچرج پئي کاڌائين، ته ڪارڻ ڪهڙو؟

پر رکي رکي نيٺ ڇُلي، چي، ”مون کي ته پچ ۾ پچ لڳو، پر تنهنجو ته ٺپ ٺريو؟“

آلڊينهوفر پڇيس: سو ڪيئن؟

وراڻي ڏنائينس: ٻڌايانوَ؟ هيلڊار ويچاري کي ته خواب خيال به ڪونه هو، ته جنهن سُڃيءَ ٻانهن جي پٺيان پاڻ الاجي ڪيئن ڪري ولوڙيو هئائين، تنهن کي ڪو تو ڇَلي ڇڏيو هو. هن مُٺيءَ به حق تي پيار ڪونه ٿي ڏنس. ڪيئن؟ ڪوڙ ٿي چوان؟ ڇو ڪڇين نٿو؟

”مون نه ڪڇيو، ڇاڪاڻ، ته نٿي چاهيم ته توکي ڪو ڏک ۾ ڏک ڏيان. تنهن ۾ وري به ٿو چوانءِ، ته منهنجي زبان نه کولاءِ. ڳالهه کي سمجهين، ته موٽي گهر هلي وڃ.“

”اُٽلو ئي چور ڪوٽوال کي ڏنڊي! مون توسان ههڙو پير ڀريو، تنهن لاءِ منهنجو ٿورو – شڪر ته ڪونه ٿو مـڃين، اُٽلو مون تي وريو ٿو اچي. سُڌ اٿيئي، ته چارلس جا بند انهيءَ ڪين – ٿيئيءَ کان آجا ڪنهن ڪرايا؟ مون. نه ته تون به من جي مراد چڱي پسين ها! ڪُڇ ، ڪُڇ – ڪين توکي به کانئس لڄ ٿي اچي؟ تون به ته ڪين منجهانس کٽو ٿي پئين؟“

”جيتوڻيڪ انهن ڳالهين ۾ تنهنجو وڃي ڪجهه ڪين، ته به آءُ توکي ٻڌايان ٿو، ته رٿ کي آءُ برابر دليؤن جانيؤن ڀانئيان ٿو.“

نيٺ ڀانس ڀانسيئي. هاڻ ته باقي به تنهنجي لاءِ ڪم سولو ٿي پيو. چارلس قيد ۾، تنهنجي ساري سر! توکي ته ڌڻيءَ ڏات ڏياريو !“

”تون ڀُلي آهين! رٿ اڃا به هيلڊار جي رهندي.“

”تڏهن تون ساڻس وهانؤ ڪونه ڪندين؟“

”منهنجي ته جيءَ جو جياپو آهي. پر ڌڻيءَ جي امر کي ڪير آڏو ڦري؟ پاڻ اهڙي جوڙ جوڙي اٿس؛ تنهن ڪارڻ اسان جو پرڻي جو سَٺو نه بيٺو. تون سمجهين ڪانه ٿي  ته ڇو؟“

”نه ! جوڙ ڌڻيءَ جي! ڪهڙي جوڙ جوڙي اٿس؟

”هيلڊار بيڏوهو آهي، ايترو ته تون به ڄاڻين ٿي!

”ڀلا؟“

”سو رٿ جي مرضي نه ٿي، ته هن اوسر ۾ اڪيلو ڇڏي ڏيانس!

”۽ جي ڏوهه اَٿس ثابت ٿيئي؟“

”هيلڊار جي سچ پچ ڏوهي نڪري پيو، ته پوءِ رٿ به ڇٽل ٿيندي. پر رٿ جي دل هن جي حق ۾ لوڏو...“

”جي عدالت کيس بيڏوهو ٺهرائي؟“

”تڏهن ته رٿ قيام کانئس ڌار ڪانه ٿيندي!“

اها سڌ سڻي، ڪارولائين جي تتي هنئين تي ڇنڊو پئجي ويو. آلڊينهوفر کان پڇيائين: تون ڇا ٿو ڀانئين؟ زهر ڪڪي کي چارلس ڏنو؟

”نه، رٿ به ائين ٿي سمجهي.“

”رٿ ته اڌ چري آهي. پوءِ ڀلا، تو رٿ کي ڇا چيو؟“

”مون پاڻ کيس موڪل ڏني، ته چارلس جي وڃي هنياري وٺ !“

”سچ چؤ! تڏهن اوهان به هڪٻئي تان آسرو پليو؟“

پر آلڊينهوفر رڳو اک جي اشاري سان ئي سهم ڏنيس، ۽ چيائين: معاف ڪج، جو مون توتي ويسهه نه آندو. هاڻ ٻڌ ته ٻڌايانءِ: زهر ڪڪي کي سچ پچ چارلس ڪونه ڏنو؛ سو اوهان هڪٻئي کان ٻاروهي لاءِ وڇڙيا!

پوءِ به تو پاڻ اچي ڀاءُ کي ورائي ورتو؟“

”آءُ تڏهن ڇا ڪريان؟ پاڻ ڪري بچاءُ ڏئي ته آءُ هتي هوس ئي ڪونه.“

”تون ڀاءُ ڪاتر ڪوشش ئي ڪانه ڪندينءَ؟ سڪيلڌو ڀاءُ اٿيئي.“

”اهي ته ليئون نه وجهينم. پر تون سچ ٿو چوين، چارلس جي ملائڪن کي به سڌ ڪانهي، ته زهر ڪنهن ڏنو! سچو ڏوهي ته پوءِ به ڪونه پڪڙيو؛ ڇو ته هو ڪڏهوڪو پسار ٿي ويو. پر سڌ اٿيئي ته اُنهيءَ کي به زهر ڏنو ڪنهن؟ مون.- چيو هو مانس، ته وڃي رٿ جي کير واري جام ۾ وجهه !“

Text Box: 214
169
147
145
139
130
 
116
112
 
102
 

 

آلڊينهوفر جي دل ۾ به تنهن ڏينهن اهڙو گمان گذريو هو، پر گمان کي هٽائي ڇڏيو هئائين. هينئر اهو گمان سچو نڪري پيس. اميرياڻيءَءِ کي چيائين: تون جيڪس وڦلين پيئي؛ هوش جاءِ نه اٿيئي.

 

اميرياڻيءَ ورندي ڏنيس: اهو اُلڪو تون نه ڪر منهنجو هوش بلڪل جاءِ آهي: پهريائين آنڊي جي ڄر لڳيم، تڏهن سان ديواني ٿي پيس؛ پر هينئر جيڪي چوان ڪريان ٿي، سو سمجهان پيئي. ڏس، مون کان ائين منهن نه موڙ مون ڏي ڌڪار سان نه نهار. تون مون سان ڏاڍ نه ڪرين ها، ته آءُ هيئن کاٻار جان ئي ڪانه ها. پر بس، ”لکيو جو للاٽ، سو قلم ڪياڙيءَ نه وهي!“ هاڻ ڀلا آءُ موڪلايان ٿي. منهنجي منو ڪامنا سڌ ٿي، تنهن لاءِ آءُ ڌڻيءَ جو ٿورو ٿي مڃان!

 

 

[29]

سرو جي مند – ٻنين ۽ جهنگ ۾ هوا جا گهو گهاٽ پئي پيا. وڻن جا سڪل پن اُڏامي، قبرستان ۾ به اچي ڍير مڙيا هئا. پير مرد ٻيلائيءَ گوڏا کوڙي، ڌيءَ جي قبر وٽ دعا پئي پني. اُٿيو، تڏهن به دل تي اهوئي کٽڪو هوس؛ ته ڪنهن جي سائينءَ مت کسي، جنهن ههڙن ڪونڌرن کي زهر ڏيئي ماريو! هيلڊار ۾ ته شڪ پيس ئي ڪونه ٿي –چي، ”هن مڙس اهڙي هچا ڪڏهن ڪانه ڪئي هوندي“ – قبرن ڏي نهاري، هنن سرڳواسين جي روحن کي آراڌيائين، ته ”بابا، اوهان ٻه لال ته بک ٿيا، هاڻ اوهان جي پٺيان هو ويچارو ٽيون بيڏوهو جيو به وڃي، سو ڪهڙو نياءُ ؟ اوهان ئي ڪا هن واردات تي روشني وجهو، جو سچو ڏوهاري سزاياب ٿئي.

اتي ئي وڻن جي پنن ۾ کڙ کڙ جو آواز ٿيو. جان کڻي ڪنڌ ورائي، ته نظر وڃي هڪڙي نشئيءَ تي پيس، جنهن جي وات مان ڌپ پئي آئي. هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ته هو به وڌي اڳڀرو ٿيو، ۽ هٿ ڊگهاري هٿ ۾ ٿي ڏنائينس، ته ٻيلائيءَ هٿ ۾ هٿ ڪونه ورتس دل ۾ چيائين: خدايا! ڇا، هي منهنجي سوال جو جواب ته ڪونهي؟ شولز ۾ ته منهنجو ڪڏهن اهڙو گمان پيوئي ڪونه! هن جو ڪو هنن سان وير ٿوروئي هو! پڇيائينس: تون هتي ڪيئن پيو ڏسجين؟ اسان ته ٻڌو ته تون  آمريڪا لڏي وئين؟

”اڃا اوڏهين ويو ڪونه آهيان، سنڀران پيو. هيترا  ڏينهن هنبرگ م موج پئي اُڏايم، ڏوڪڙ سڀ خلاص ٿي ويا. هتي آيو آهيان، ته سفر لاءِ ڪجهه ڏؤڪڙ ڇڏايان.“

”ڏوڪڙ ڪنهن کان ڇڏيائيندين؟ هتي تنهنجو اوهي نه واهي؟“

”ير، ماٺ ڪيو ويٺو هج. ڌر اهڙي چتائي اٿم، جو هڪڙي اکر چوڻ سان منهنجا کيسا پر!“

ٻيلائيءَ سمجهيو  ته ڦڙٻاٽ ٿو هڻي، سو منهن ڦيرائي، ويو ٿي هليو. پر شولز هٿ کان جهلي کڻي بيهاريس. چي، ”ائين وري توکي ڇڏيندس ڪيئن. ساجهر لاڪؤن هڪڙو پٽ ڪونه چاڙهيو اٿم. سيءَ ۾ بيٺي پيئي سڪي ويو آهيان. جيستائين ڪو پئسو ڏوڪڙ وڃي تاڻيان تيستائين ڪا چڪي دڪي پياري، وات ڪڙو تون ئي ڪرائينم.“

”مون وٽ چڪي دڪي آهي ئي ڪانه. تون شهر ۾ نٿو وڃين.“

”تون ويندين، ته پڇ پڇ ڇاجي ٿيندي؟ آءُ ته سمجهان ئي ڪونه ٿو؟“

”سچ ٿو چوين؟ پڇ پڇ ڪانه ٿيندي؟ آءُ  پيو ڊڄان، تڏهين ههڙيءَ ٿڌ ۾ پاڻ اچي هتي لڪايو اٿم. پر منهنجي وئي کان پوءِ ڪجهه ٿيو ته ڪين؟ هيلڊار جي ته خبر ڪر. ڪٿي پيو وسي؟“

” هيلڊار خون جي شڪ منجهه بيدريافت قيد پيو ڀوڳي.“

”خون جي شڪ ۾؟ سچ ! سو وري ڪيئن؟ آءُ ته ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. پر پنهنجيءَ ڪنوار تي يا ته آجڙيو پئي، يا خون ڪري ڇڏيائينس !“

”پنهنجيءَ ڪنوار کي؟“

”هائو، زهر ڏيئي ڪين ماري وڌائينس !“

”توسان ڳالهه ڪنهن ڪئي؟“

”ڇو ڳالهه وسري ويئي اٿيئي ڇا؟ آءُ جنهن ڏينهن هتان روانو ٿيان، تنهن ڏينهن ڪين اهو قصو بڻيو؟“

ٻيلائيءَ رڳو ڪنڌ ويٺي  ڌوڻيو.

”هاڻ ياد آيو؟ ڏس ته سهي، ڪم ڪهڙو ڪيائين ! ويچاريءَ کي زهر ڏيئي ماري ڇڏيائين!“

ٻيلائيءَ ماٺ ڪيو پئي سندس ڳالهه ٻڌي، پر نهاريائينس منهن ۾ ائين پئي، جو ڄڻ سندس انت ٿي سوڌيائين.

تنهن تي سڀاوي کن پلڪ زبان هن به ڪري جهلي – وري چيائين: هيلڊار کي چٽو ڪهڙو لڳو؟ هونءَ کانئس جند نٿي ڇڏائي سگهيو ڇا؟ پر ٻڌاءِ ته سهين ته هن ڳالهه نسبت لوڪ چون ڇا پيا؟

ٻيلائيءَ جيئن پئي هن جي ڳالهه ٻڌي، تيئن سراپ پئي ورتس. نيٺ همٿ جهلي، هن کي ٻانهن کان وٺي، قبرون ڏيکاري، چيائينس: مردود! هيڏانهن ڏس، ٻن جيون جي هچا سر تي کنئي اٿيئي! زهر جنهن ڪاتر تو کير ۾ وڌو، تنهن کي ته ڌڻيءَ هٿ ڏيئي رکي ورتو، راهه ويندي؛ اميرياڻيءَ جو پنڙيو پٽ ۽ منهنجي ايوا ٻئي صدقي ٿي ويا!

شولز کي ڏڪڻي وٺي ويئي. ڳالهايائين ٿي، ته اکر اکر تي ٿي هٻڪيو – چي، ”مون ... مون... سمجهيو... مون ... ٻڌو... مون ڀائنيو...“

”تو ڀانئيو ته خدا توکان حساب وٺندو ئي ڪونه! مون کي ٻڌاءِ، ته هنن ويچارن توکي ڏک سور ڪهڙو ڏنو هو، جو تو کير ۾ کڻي زهر ملايو؟“

”خدا جو قسم... آءُ ايمان سان...“

”هچارا ! بي ايمان! انهيءَ ناپاڪ زبان سان خدا ۽ ايمان جو ته نالو نه وٺ.“

”اعتبار ڪر، مون کي خبر به ڪانهي، مون ته چيو، هيلڊار کي ٿو پٽايان..“

”ڪار منهان، هيءَ هچاتنهنجي ئي سر تي آهي.“

”رڳو منهنجي نه، مون سان گڏ ٻيون به جيو آهي. خدا جو قسم، آءُ به انهيءَ جي ڦند ۾ ڦاسي ويس.“

”ڀانئين ٿو، ته ائين ٻئي کي به لوئيندس، ته آءُ ڇٽي ويندس؟“

”آءُ سچ ٿو چوان، مون کي لب آڇي، زهر اميرياڻيءَ ڏنو.“

”اميرياڻي؟ ڪل ته ڪانه ٿڙڪي اٿيئي؟ پاڻ سان گڏ، ڇو ٿو مفت هن اشراف عورت جو نالو لوئين؟“

”چوانءِ ٿو ڳالهه ڪري مڃ: مون کي زهر ڏنائين، ته کير جي جام ۾ وجهي، هيلڊار جي مڱيندي کي کپائي ڇڏ. پر تون مون کي هيئن پڪڙي ڇو بيٺو آهين؟ مون کي ٿاڻي تي ٿو وٺي هلين ڇا؟

”منهنجي ته شئي مون کي موٽي ڪانه ملندي، سو هونءَ ته جيڪر آءُ ڇڏي ڏيانءِ؛ پر مفت ويچارو هيلڊار آئيءَ ۾ ٿو اچي، تنهن جو ويچار ٿيو ٿئيم.“

”اڄوڪو ڏينهن ترس. آءُ اميرياڻيءَ کان رقم ڇڏائي، پسار ٿي وڃان. پوءِ تون وڃي سرڪار ۾ خبر ڏج – ائين هيلڊار تي به ڇنڊو ڪونه پوندو، آءُ به ڇٽي ويندس.“

”اميرياڻي هتان تڏهين هلي ويئي.“

”ڀلا ڀانئين ٿو، مون کي سزا ڪهڙي جڙندي.“

”آءُ نٿو چئي سگهان. جي سچ اميرياڻيءَ توکي ڇيڙيو هو، ته سزا هلڪي ملندءِ.“

”پر اميرياڻي سچ هتي ڪانهي؟“

”نه“

”آءُ ڀلا پاڻهي ٿاڻي تي هلان ٿو. هينئر توکان پاڻ ڇنائي ڀڄان به، پر هو دوزخي ڪتا ڇڏيندم؟ تنهن کان وري به هيئن چڱو.

خبر آسپاس بجليءَ جيئن وٽڙي ويئي، ته زهر کير ۾ شولز وڌو هو. عدالت ۾ شولز بچاءُ اهو ڏنو ته آءُ جنهن ڏهاڙي هيلڊار جي شورش تي نوڪريءَ مان موقوف ٿيس، تنهن ڏهاڙي ٽپڙ ويٺي ٻڌم، ته اميرياڻي اچي مون سان ڳالهين ۾ پيئي. مون پهريائين ته کيس منهن ئي ڪونه ٿي ڏنو، جو هيلڊار ۾ خار هئم، پر پاڻ جڏهن هڪڙي سکڻي کوکي لاءِ ڳري رقم آڇيائينم تڏهن آءُ ميڻ ٿي ويس. هوريان هوريان مون کي اهڙو ٻڌي ڇڏيائين، جو مون سندس لب وٺي، ساڻس ٻول ڪيو ته رٿ جي کير ۾ اڄ ئي وڃي ٿو زهر ملايان. زهر به مون کي پاڻ ئي ڏنائين، کير جو ڏس پتو به وٽانس ئي پيم.“

اميرياڻيءَ کان جڏهن عدالت سمجهوتو گهريو تڏهن هن مائيءَ رڳو ايترو ڄاڻايو: ”مون ته هن ماڻهوءَ کي عمر ۾ ڏٺوئي هڪ لڱا آهي.“

عدالت مان نيٺ اهو فيصلو ٿيو، جو شولز کي ڏهه ورهيه جنم ٽيپ ملي، ۽ هيلڊار صفا ڇٽي ويو.

 

[30]

” ڏينهن واه جهڙو ٿيو آهي. غم گوندو وسريو وڃن. پر هينٺر  ته تون به قبول ڪندينءَ، ته اونهارو ڇا سيارو، اسان جي جهنگ ۾ رنگ لڳيو ٿو وڃي!“

”هائو. توکي اڳي سچ ٿي چيو. آءُ هاڻ سياري ۾  به سندس اوٽ ڪانه ڇڏينديس.“

”ايوا ويچاريءَ کي اڳ ۾ ئي ڄاڻ هو، ته نيٺ تنهنجي به جهنگ سان سياري اونهاري دل ٻجهي ويندي. تنهنجو ته ڌڻيءَ بيون به وارو ورايو: داديهن به هاڻ هت ويجهي اٿيئي. تون به اسان وٽ ڌين- ڀينرن جيئين پيئي گذارين.“

”پر ايوا جا ڪانهي!“

”بس، جا جوڙيائين سا واه واه. “

اتي ائنا وٺي ڪن ڦرڙايا – چي، ”ڪنهن جي ٿي گاڏي اچي؟ آلڊينهوفر جي ته ڪانهي؟ متان ائنا آهي؟“

”نه، دادي صبوح جي پهر ۾ هيڏانهن لڙي ئي ڪانه.“

گاڏي بيٺي، ته منجهانس هڪڙو مڙساڙو لهي پيو. ائنا دريءَ مان نهاري، رٿ کي چيو: هيلڊار آيو اٿيئي؛ اُٿي گڏجينس.

”ڇو نه؟ وسري ويئي ڇا، ته منهنجو مڱيندو ٿئي؟“

”تڏهانڪر وري سندس خبر چار ٻڌجي ئي ڪانه!“

”پوءِ ڇا؟“

”آءُ ڀلا وڃان ٿي. اوهان ڀل پاڻ ۾ اڪيلا هجو.“

هيلڊار جي منهن جو رنگ سو اُٻاٽيو پيو هو، پر اُداسائي منجهس ڪانه ٿي ڏٺي – رٿ چيس: آءُ پاڻ اکيون پايو ويٺي هيس. سمجهيم پئي اڄ اوهان اوس ايندا.

هيلڊار ورندي ڏنيس: آءُ تنهنجو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جو مون کي صفا وساري ڪونه ڇڏيو اٿيئي.

رٿ چيس: اوهان هي چيو ڇا؟ آءُ اوهان کي ڪيئن وسارينديس؟ مون ڀانءِ ته چنتا ٿوري ڀوڳي آهي!

”چنتا مون به ڏاڍي ڀوڳي آهي!“

”معاف ڪجو، جو مون کي اهو فهم ئي لهي ويو! پر مون کي ته منڍ کان ئي پڪ هئي، ته اوهان تي تهمت ثابت ٿيندي ڪانه.“

”هائو، تهمت مون تي ثابت ڪانه ٿي؛ ۽ عدالت مان منهنجا بند آجا ٿيا.“

وري کن رکي، چيائينس: آءُ ته هيڏانهن بئنچ تي ٿي ويهون.

هيلڊار جي مغز ۾ خيالن جي ڌم ڌمان پئي پيئي، پر ڪا مهل سمجهائين ڪونه ٿي، ته ڪيئن سندس پڌر پايان. نيٺ سندس زبان اڪلي – رٿ کي چيائين: هن پلڪ لاءِ آءُ سڪيس ٿي. سچ پچ جيئن ڀانئيم پئي، اهڙيائي منجهانس فرحت پيئي اچيم. هن گهڙيءَ جي سک تان ٻيا سؤ سک گهوري ڇڏجن. هن جي سانڀر آئيندي منهنجي جيءَ جو جياپو ٿيندي.

رٿ ورندي ڏنيس: اوهان هيئن ڳنڀير ٿي ٿا ڳالهايو، مون کي الاجي ڇا پيو ٿئي؟

”تون ڀانئين ٿي، ته آءُ ماڻهو ئي ٻيون ٿي پيو آهيان؟ انهيءَ ۾ سچ پچ ذري جو شڪ ڪونهي. “

”هي سڀ چنتا جا ڪم آهن. پر رکو ڌڻيءَ تي، هوريان هوريان من ٺهر ۾ اچي ويندو.“

”من منهنجو ڪڏهوڪو ٺهر ۾ اچي ويو. اهو تون الڪو نه ڪر. البت مون ۾ ٻي ڦير ڦار ڏاڍي ٿي آهي!اُهو ڏينهن ياد اٿيئي، جو ساڳئي هن بئنچ تي ويٺا هئاسون، تو پنهنجي داديءَ جي ويٺي مون سان ڳالهه ڪئي، ۽ مون پاڻ کي ساڻ پئي ڀيٽيو، ته توکي ڳالهه نه پئي وڻي؟“

”هائو پيارا، ياد اٿم.“

”ياد اٿيئي، انهيءَ ڏينهن مون  توسان انجام ڪيو هو، ته آءُ پاڻ پَلي توکان جدا ٿي ٿو وڃان؟ هائو، اهي ڳالهيون توکي ياد پون ٿيون – هاڻ هيڏانهن منهنجين لوندڙين ڏي نهار! سمجهين ٿي، هي اَڇا هتي ڪيئن پيم؟ حق بنا حق قيد ٿيس؛ يا خون جو مون ۾ ڪنهن شڪ ئي نيو؛ يا سڳيءَ ڀيڻ خوني ٺهرايم؛ يا نام ناموس منهنجو خاڪ ۾ ملي ٿي ويو – انهيءَ ڪارڻ؟ نه. هي ڪم، دل ڏکن ڏڌيءَ جو اٿيئي! راتين جون راتيون ساڻس ويهي جهيڙيو اٿم. نيٺ مڃايوٿيمانس. مون هڪ لڱا تنهنجي ڳالهه ٻڌندي، هام هنئي هئي، ته وقت پئي، آءُ به تنهنجيءَ داديءَ جهڙو ٿي ٿو سگهان! ڪهڙي سُڌ، آءُ به سندس جُتيءَ ۾ پير پائي وڃان! اڄ آءُ فخر سان ٿو چوان ته پنهنجيءَ ان مراد کي حاصل ڪيو اٿم. ياد هوندءِ، ته هن هنڌ تي مون پنهنجو ڏنل وعدو توسان ٽوڙيو هو. پوءِ ته آءُ ٻيلي ۾ لنگهي ويس، پر اتان به دل کي آٿت ڪونه آيم. اوچتو ڪَن تي پريتمن جي ڳالهاءَ جو پڙلاءَ پيم...“

”پيارا، مون ڳالهه سمجهي...“

”نه تو ڳالهه سَڄي ڪانه سمجهي.آءُ ٿو توکي ٻڌايان: هن پريتمن هڪٻئي کي دل جو راز ٻڌايو، تڏهن مون کي ڄاڻ ٿيو، جو مون هٿ وٺي پنهنجي ستياناس ڪئي.  منهنجو مٿو چڪر کائي ويو، سچ پچ توسان سچي محبت منهنجي ان ٽاڻي کان وٺي ٿي. پر پنهنجن هٿن سان پاڻهي پير تي ڪهاڙو هڻي ويٺو هوس – چيم، ”پنهنجي ڪيي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب“ – آءُ جنسي ديوانو ٿي پيس! پوءِ جيڪي وهيو واپريو، تنهن جي آپٽار آءُ ڪانه ٿو ڪريان... پر تو پنهنجو ڀال ڀلائي، جڏهن وري قيد ۾ اچي، مون کي پنهنجيءَ درياه دليءَ سان پنهنجيءَ ”سون ورنيءَ دل“ جو ٻيو ثبوت ڏنو، تڏهن مون به پاڻ سان پران ڪيو، ته جي هيءَ آپدا مون تان ٽري، ته آءُ به پنهنجي دل پَلي، توسان اهڙوئي وڙ ڪندس. انهيءَ ڏهاڙي کان وڍي دل سان ٿوري چٽاڀيٽي ڪانه کاڌي اٿم. پر ٻلهار وڃان پنهنجي مالڪ تان؛ جو نيٺ مون ۾ اها سگهه وڌائين! اڄ انهيءَ دل ۾ آنند جون لهرون ڇوليون پيئون مارين، هاڻ ڀلا آءُ موڪلايان ٿو. آلڊينهوفر ڄاڻ آيو، مون چئي ڇڏيوٿيمانس ته هن ٽاڻي اڃج... آءُ وري به تنهنجو شڪر بجا ٿو آڻيان جو تو ئي مون کي سنئين رستي لاٿو!“

رٿ کي ڳلن تان لڙڪ لڙي پيا. هيلڊار جو هٿ وٺي ڪري پنهنجي ڇاتيءَ تي رکيائين – رڳو چيائينس: چارلس!

”پنهنجي سک ۾ مون ياد ڪندي رهج، ڌڻيءَ جي درگاه ۾ دعا پنج، ته منهنجي به خير سان نبهي اچي. ائين ڄاڻج ته آءُ به هڪڙو جيوُ هوس جنهن کي...“

”سون ورني دل هئي!“ ائين چئي رٿ پنهنجو هٿ ڪري سندس مٿي تي رکيو. هن به ڪنڌ کڻي اڳيانس نئڙايو.

هيلڊار اٿي روانو ٿيو، ته آلڊينهوفر اچي انهيءَ جڳهه تي ويٺو. چيائين: ٻليدان ته ههڙو!

 

 

 

[31]

”رٿ پياري! کن ته هيڏانهن اڃجانءِ.“

”اجها، ڪڪي کي ننڊ ڪرائي ڄاڻ آيس. دادي اڃا ٻيلاين وٽان موٽي ڪانهي؟“

”ڇو ، چارلس اڃا پيو جاڳي ڪيئن؟“

رٿ ويٺي ڪڪي کي ننڊ ڪرائي ته آلڊينهوفر اوچتو ئي ائين سڏ ڪيس. ڪڪي ڀانئيو، امان اٿي ٿي تنهن ماءُ کي چيو: اسان تون وڃين متان!

رٿ ورندي ڏنيس: نه مٺڙا ! آءُ ويٺي آهيان. دادي اچي، پوءِ وينديس.

پر چارلس کي ننڊ آئي، تڏهن به رٿ ئي ويٺي رهي. آلڊينهوفر تڏهن وٽس لنگهي آيو- چيائينس: ڇو، ڳالهه وسري ويئي ڪيئن؟

ورندي ورايائين: ڪڪو جيئن ننڊ ڪري، ته مون کي ٻي ڳالهه ياد ئي ڪانه بيهي.

”اڄ هڪڙو خط آيو اٿم. ٻڌائيندينءَ ته ڪنهن جو هوندو؟“

هيلڊار جو

”هيلڊار جو؟“

”هائو – لکيو اٿس وري ڪم تي چڙهيو آهيان. خير سان پيئي نبهيس. پر اٻاڻڪو ٿو گذاري. ڀلا گهر جي سونهن اٿس ئي ڪانه. پڻس به گذر ڪري ويو. انت ويلي پڻس ڪوٺايو هوس، جتي ڀيڻ کي به گڏبو.“

”پوءِ؟“

”ڀيڻس ڏوه باسيو.“

”پوءِ چارلس ڇا چيس؟“

”چارلس چيس: مون توکي معاف ڪيو.“

”مون ته اڳ ۾ ئي ٿي ڄاتو، ته چارلس ائين ئي ڪندو.“

”خط ۾ امان تي هڪڙو ڪم رکيو اٿس.“

”ڪهڙو؟“

”پڻس وٽآن جيڪو ورثو مليو اٿس، سو چئي ٿو ته آءُ سمورو ٻيلاين کي ڏيئي ڇڏيان، اوهين اُتن زور لايو، ته مون کي موٽائين نه تون ڀانئين ٿي ته ٻيلائي ڳالهه مڃيندا؟“

”نه.“

”هيلڊار کي به جيڪس اهڙو شڪ ٿي پيو. تنهن ڪري ڄاڻايو اٿس  نه جي ٻيلائي پير نه کوڙين، ته ملڪيت سموري خيرياتي ڪمن ۾ خرچي ڇڏجو.“

”پنهنجي لاءِ ڪجهه ڪونه رکيو اٿس؟ سڀ ڏيئي ٿو ڇڏي!“

”مٺڙي وٽس اڃا هڪڙي وٿ رهندي.“

”هائو: ”سون ورنيون دل“!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org