سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو  جيون چرتر

باب: ٻارهون

صفحو : 12

ديوان ديارام گدومل ڊوليا 1904ع

باب ٻارهون

سيوا سدن، بئَندورا ۽ ايڪانت رهاڻ

 ڏيارام کي اِستري جاتيءَ جي سيوا ۽ اُنتيءَ جو تمام گهڻو اونو رهندو هو. هن جي دل ۾ هميشه ڏکه رهندو هو ته ڪيترا نه ڪنياءَ استريءَ جاتيءَ سان ٿي رهيا آهن. انهيءَ ڏکه جو اظهار سندس ڳئڪي ۾ ٿيل آهي؛ جنهنجو نالو رکيو اٿس ”استري جاتيءَ جي برخلاف اسان جا ست پاپ.“

انهن پاپن جو پرائشچت، سندس استري جاتيءَ جي سيوا مان رفارم ائسوسيئيشن (سڌار سڀا) جي ڪنيا پاٺشالائن ۽ بمبئَي واري سيوا سدن سنسٿا مان ظاهر آهي. سيوا سدن جو مول مقصد هو ته پڙهيل ۽ آپدا واريون استريون، پنهنجن اتيت، اڻ پڙهيل ۽ پدارٿ ۾ پيل استرين جي شيوا ڪنديون رهن ۽ سندن، تن من، دل، ڪم ڪار ۽ روزگار جي درستيءَ لاءِ ڪوشش ڪنديون رهن.

اها سڀا 11- جولاءِ 1908ع ۾ برپا ڪئي ويئي. پنهنجيءَ آتمڪ دينڪ وهيءَ ۾ ديوان ڏيارام، سيوا سدن جاري ڪرڻ لاءِ اُمنگه هن طرح ظاهر ڪيو آهي:-

”منهنجو مطلب آهي ته اهڙو سيوا سدن کولجي جنهن مان منجهس ڪم ڪندڙن کي پريم جوت، اُتساهه ۽ جيون جو الهام ملي سگهي. اهو اهڙو ته سندر هجي، جتي ڏکه ۽ درد جا تکي کان تکا ڏنگه، پاڻمرادو دردمند دلين تان لهي وڃن؛ جتي سورن ۽ سختين کان ستايل، دردن ۽ غريبيءَ کان پيڙيل دليون، سدائين ديا ۽ شانتيءَ جا آواز ٻڌي سگهن.“ اهي هئا سندن اندريان اُمنگه. پهرينءَ رپورٽ ۾ ظاهر ٿيل آهي ته سيوا سدن سڀا جو مطلب اهو هو، ته پنهجن ڀينرن لاءِ هڪڙو ڪُل اسٿاپن ڪجي، جنهن ۾ ودياليه، پستڪاليه، پرارٿنا ڀون ۽ هنري گهر به هجي، جنهن ۾ زالون هٿ جا هنر ۽ سندر ڪلائون سکي سگهن.تنهن کان سواءِ هڪ آرام گاهه ۽ اتٿي ڀون، هيڻن جي سنڀال لاءِ، ۽ باغيچي وغيره جو بندوبست به ڪجي. پهريائين گهر ڀاڙي تي ورتو ويو؛ پوءِ يڪدم پنهنجي جاءِ ٺهرائڻ لاءِ به پيسا ڪڍا ڪيا ويا. اُنهيءَ سڀا جو ٻيو مقصد هو ڀارتيه سيوڪائون تيار ڪرڻ، اُنهن لاءِ ڪم جو بندوبست ڪرڻ ۽ اُنهنجي هر طرح سهائتا ڪرڻ. پهريائين اُنهنجي لاءِ هڪ ٽريننگه ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي، جنهنجو چيئرمين پروفيسر گجر هو. ان ڪاميٽيءَ هڪڙي سکيا وِڌي تيار ڪئي، جا آنريبل جسٽس چندرا ورڪر، آنريبل مسٽر جي. ڪي. پارکه، پروفيسر ويلنڪر، مسٽر وي. دلال، مسٽر پي. آر. واڊيا ۽ مسٽر فتح علي شفيع احمد ۽ ٻين ودوانن بحال ڪئي ۽ بندوبست ڪيو ويو. ڪيتريون ڊاڪٽرياڻيون صحت سکيا تي مفت ليڪچر ڏيڻ لڳيون؛ ۽ تنهن کان سواءِ سوسائٽيءَ جي پريزيڊنٽ مسز راما ٻائي راناڊي ۽ ٻين ودوان استرين به پوري نيم تي وياکياڻ ڏيڻ شروع ڪيا.

انهيءَ کان سواءِ ڀرت جي ڪم سيکارڻ لاءِ مسز سونا ٻائي وڪاجي مودي سارو ڏينهن سيکارڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن مس اُرملا. بي. ديوٽيا سيبي جو ڪم ۽ ڌرمي ڀڄن سيکارڻ جو ڪم ڪندي هئي.

هڪڙي سيوڪا نيم پوربڪ اسپتالن ۾ ويندي هئي ۽ گل ڦل وڃي مريضن ۾ ورهائيندي هئي. اُها غريب سفيد پوشن جي گهرن ۾ به ويندي هئي ۽ چپ چپاتو هنن کي شاهوڪارن کان مدد وٺي پهچائيندي هئي. ٽي ٻيون به سيوڪائون زالن جي اسپتالن ۾ وڃي اُنهنجي دل وٺنديون هيون ۽ اُنهنکي خوش رکڻ ۽ ٻيءَ طرح سهائتا ڪرڻ جو ڪم ڪنديون هيون.

مرهٽي، گجراتي، پارسي ۽ مسلمان سيوڪائن جدا جدا ٽوليون ٺاهيون. هر هڪ پنهنجي پنهنجي نيات جي زالن ۾ يا هر قسم جي زالن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لڳي وئي. لکڻ، پڙهڻ، سبڻ ۽ دائڪي ڪم سيکارڻ لاءِ ڪلاس کلي ويا.

هن سڀا جو ٽيون مقصد هو سمورو وقت ڪم ڪندڙ استري سيوڪائون تيار ڪري انهن کي سکيا، صحت ۽ ٻين چڱن ڪمن ۾ لڳائڻ. وڏي وديا واريون استريون، جن جي مرضي سڄي عمر شاديءَ ڪرڻ تي ڪانه هجي، يا وديا پرايل وڌوائون جن کي پنهنجا ٻار ٻچا نه هجن، انهنکي سيکاري اهڙي ڪم ۾ لڳائڻ جو مقصد هو.

چوٿون مقصد هن سڀا جو هو سيوا سدن جون شاخون کولڻ. مسز راما ٻائي راناڊي، پريزيڊنٽ صاحبه تي اهو ڪم رکيل هو ته پوني ۾ شاخ کولي، مسٽر لال شنڪر کي چيو ويو ته احمدآباد ۾ شاخ کولي ۽ ڀيڻ شوگوريءَ تي سورت ۾ شاخ کولڻ جو ڪم رکيو ويو. نتيجو اهو ٿيو ته سورت ۾ وتيت وشرام کلي ويو؛ جنهنجي برپا ڪندڙن پنهنجا سمورا پئسا انهيءَ ۾ ڏنا ۽ جنهنجو اسٿائي ڪوش يا قائم فند 25000 رپين جو هو. احمدآباد ۾ به شاخ کلي ويئي؛ پوني ۾ انهيءَ ورهيه سو شاخ ڪانه کلي؛ پر پوءِ آخر هنن اهڙي شاخ کولي جا بمبئي جي سيواسدن کان به وڏي آهي. 1931ع ۾ مون اتي وڃي ڏٺو ته منجهس هڪ هزار کان وڌيڪ ڪنيائن ۽ استرين فائدو ٿي ورتو؛ ۽ پاٺشالا کان سواءِ ناري شالا، هنري شالا ۽ دڪان به منجهس هئا.

احمدآباد واري شاخ ٻن ورهين اندر ٽٽي ويئي؛ پر بمبئي واري ۽ پوني واري ٻئي تمام پڪي پائي تي آهن، ۽ تمام چڱو ڪم ڪري رهيون آهن. پوني واري شاخ، آزاد طرح سرونٽس آف انڊيا سوسائٽي جي سهاري هيٺ پئي هلي؛ ۽ بمبئي وارو سيوا سدن جتي ديوان ڏيارام برپا ڪيو هو، اُتيئي زور وٺندو ٿو وڃي. سيوا سدن جي پوئين رپورٽ (1930ع) مان معلوم ٿو ٿئي ته سيوا سدن جو ڪم مکيه پنجن حصن ۾ ورهائي ٿو سگهجي.

پهريون آهي استري سکيا جو ڪم. اُنهيءَ ۾ آهن ٻه حصا؛ هڪڙو ورنيڪيولر فائينل ۽ ماسترياڻين جو ٽريننگه ڪاليج جو 1914ع ۾ شروع ٿيو. اُنهيءَ ۾ 1930ع ۾ 109 ڪنيائون ۽ ناريون تعليم وٺي رهيون هيون. ٻيو گهرو سکيا جا ڪلاس، اُنهن ۾ 166 ڇوڪريون ۽ ناريون هيون. اُنهن ڪلاسن ۾ ماتري ڀاشا، انگريزي، اِبتدائي تواريخ، جاگرافي، حساب، ڀرت، ڪترڻ، سبڻ، روٽي پچائڻ، ڌوئڻ، ڊرائنگه، پينٽنگه، راڳه، گلن ٺاهڻ، اَوائلي ترت علاج، گهرو صحت ۽ بيمارين جي خبرداريءَ جو ڪم سيکاريو وڃي ٿو. جنهنکي به مٿين ڪمن مان جيڪي به ڪم سکڻا هجن، سي ڪم کيس سيکاريا وڃن ٿا. انهن سڀني کي سداچار ۽ سادگي ۽ سيواڪاري ٿيڻ تي به سکيا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي

ٻيو حصو آهي هنري شالا جو ڪم. اُنهيءَ ۾ 125 ڪنيائون ۽ ناريون داخل هيون. اُنهيءَ جو مقصد آهي غريب استرين کي ڪم سيکاري روزگار ۾ لڳائڻ. فقط اهڙا ڪم سيکاريا ٿا وڃن، جن مان غريب استريون پنهنجو روزگار پاڻ محنت ڪري جلد حاصل ڪري سگهن. جيڪو به ڪم ڪا ناري ڪري، تنهن جو اُجورو کيس ملي ٿو. ڏٺو ويو آهي ته ڪترڻ ۽ سبڻ جي ڪم مان استريون جلد روزگار حاصل ڪرڻ شروع ڪري ٿيون سگهن. اوُچي ڀرت جو ڪم به سيکاريو وڃي ٿو. بسڪوٽ ۽ مٺايون ٺاهڻ، جوراب اُڻڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪم مان به روزگار حاصل ڪري ٿيون سگهن.

ڪم جو ٽيون ڀاڱو آهي صحت رکيا. صحت رکيا جي ڪم لاءِ پاس ٿيل نرسون (دايون) رکيون ويئون آهن. جيڪي سيوا سدن مان سکي رهن ٿيون، سي گهڻو ڪري هڪ ورهيه مفت ۾ خوشيءَ سان ڪم ڪرڻ قبول ڪنديون آهن. اُنهن کي مفت يا تمام ٿوريءَ فيءَ سان غريب بيمارن جي شيوا ڪرڻ لاءِ موڪليو ويندو آهي.

ڪم جو چوٿون ڀاڱو آهي بدپيشي کان زالن کي بچائڻ، قيد ۾ پيل زالن جي خبرداري ڪرڻ، غريبن جي سهائتا ڪرڻ، اِهي ڪم به ڪيا وڃن ٿا.

سيوا سدن جو موُل مطلب هو سيوڪائون تيار ڪرڻ ۽ اهو آهي ڪم جو پنجون ڀاڱو. سيوڪائن تيار ڪرڻ لاءِ آشرم کليل آهي ۽ اُهي شيوا جو ڪم سکن، تنهن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ هڪڙو اَناٿ ۽ اَتيت آليه به آهي، جنهن ۾ 20 ٻار هئا. آشرم ۾ 34 زالون هيون، جن کي سيواڪاري ٿيڻ جو ڪم سيکاريو ٿو وڃي.

زناني ٽريننگه ڪاليج جي ڪمرن مٿان وڏو ليڪچر هال ٺهيل آهي، اُتي اُنهن ٻن دوستن ۽ پراُپڪاري آتمائن جا بوتا رکيل آهن؛ هڪڙو ديوان ڏيارام جو ۽ ٻيو بهرامجي ملباريءَ جو. تمام اڇي سنگمرمر جا ٺهيل آهن ۽ اُهي ٿلهي جا ٻئي طرف سينگاري بيٺا آهن. انهيءَ طرح جن اوچ آتمائن هن اُتم ڪم جو آرنڀ ڪيو، تن جا جسماني بوتا يادگار جي صورت ۾ اڃا تائين اُتي قائم آهن، ۽ سچي ڀاويءَ سان سيوا جو ڪم هلندو ڏسي سندن گيت آتمائون اُتي آنند ماڻي رهيون آهن. ٻوُٽو، جو هنن پوکيو، سو هاڻي وڌي وڻ ٿيو آهي. سندن هٿن جون سيکاريل ۽ مقرر ڪيل ديويون ڪم پييون هلائين. هڪڙي مس بي. اي. انجنير، ايم. بي. اي.، جي. پي.، ايم. اي.، ايل .ايل.، بي.، جا سيڪريٽري ٿي ڪم پيئي ڪري ۽ ٻي سشيلا ٻائي، جا نگهباني ۽ حساب ڪتاب پيئي هلائي. اُنهيءَ سڀا ۾ 1930ع ۾ اٽڪل 70 ميمبر هئا. ڳوٺاڻن جي ڪاميٽيءَ تي 12 تمام وڏو ڏيريون استريون هيون ۽ ويهه کن مفت ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻيون ۽ ماسترياڻيون هيون ۽ سڄو ڪم 20 استرين جي ڪائونسل هلائي رهي آهي.

ديوان ميٺارام ڌرمادا ٽرسٽ

سيوا سدن جي ڪم سان ديوان ڏيارام جو اهڙو پريم لڳي ويو، جو هن پنهنجي پينشن جا ڏينهن انهيءَ ڪم کي ڏيڻ جو پڪو اِرادو ڪيو. جيڪو سندن شڀ ڪم سنڌ ۾ ٿي هليو، تنهن جو پورو پرٻنڌ رکي پاڻ نرچنت ٿي، انهيءَ ڪم لاءِ پاڻ کي فارغ رکڻ ٿي چاهيائين. پنهنجي ڀاءُ کان جيڪا ملڪيت کيس ملي، سا هونئن به ته ڏيارام ڌرم جي ڪم ۾ لڳائيندو هو، پر هاڻي بمبئي پاسي وڃي پڪو ٿي ويهڻ کان اڳ سندس ارادو ٿيو، ته انهن سڀني ڌرم جي ڪمن کي پڪي پائي تي بيهاري ٻين کي سؤنپجي؛ تنهنڪري سنه 1911ع جي اپريل مهيني جي 13 تاريخ 12- بجي ڏيارام، ٽرسٽ جو پڌرنامو رجسٽر ڪرايو. منجهانئس ٿورا ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا، جن مان ٽرسٽ جو مدعا چڱي طرح معلوم ٿيندو.

اُنهي پڌرنامي جي منڍ ۾ لکيل آهي ”1. مان داسن جو داس ڏيارام گدومل. عمر 53 ورهيه، کشتري، رهندڙ حيدرآباد سنڌ جو، جيوت ۽ جيوت ۾ هٿ آيل وستو امانت سمجهي ۽ عمر تي آڌار نه رکي، هيٺيون ٽرسٽ پرسڌ (ظاهر) ڪريان ٿو.

”گهر جي جاين کان سواءِ ۽ پنهنجي پگهار يا پينشن کان سواءِ، ٻي سموري منهنجي ملڪيت، متحرڪ خواهه غير متحرڪ، اڳئين حساب ڪتاب روءِ ۽ هلي چليءَ موجب، گهڻن ورهين کان سارو جنڪ ڌرمادا آهي ۽ مان هاڻي پرسڌ ڪريان ٿو ته سدائين سارو جنڪ ڌرمادا رهي. (انگريزيءَ ۾ پبلڪ چيئريٽبل ٽرسٽ.) هيءُ منهنجو مظهر، مون کي ۽ منهنجي وصي وارثن، حقي عيوضين ۽ سڀني ڪٽنب جي ڀاتين کي ٻڌندڙ آهي.“

”6. هن ٽرسٽ جو نالو ديوان ميٺارام ڌرمادا ٽرسٽ آهي.“

”7. هن ٽرسٽ جي خاص مراد هيءَ آهي ته گيان يگيه سدائين هلي ۽ پڻ دکن جي نورتي ٿئي؛ جنهنڪري ماڻهو پرماتما جو ڌيان ڪري سگهن ۽ سندس پرجا جي سيوا ڪري سندس پيارا ٿين.“

ٽرسٽي يا ٽرسٽين تي ڪي ڪم رکيل آهن جن مان مکيه هيٺيان آهن:-

”گدومل سنسڪرت اسڪول، ميٺارام ڌرم شالا ۽ ساڌو آشرم هلائڻ لاءِ اٽڪل 1200 رپيا ساليانه.

باقي سڀ صافي پيدائش ٽرسٽ ملڪيت جي پهريائين هلي چلي ورڇ ڪري هيٺين ڪمن ۾ لائڻ، يعني اؤشڌ سهائتا 1200 رپيا، استري وديا سهائتا 1200 رپيا، سڪالرشپون 1200 رپيا، وديا وِرڌي ۽ وديا پرچار سهائتا 1200 رپيا. ٽرسٽ جي مراد بجاءِ آڻڻ لاءِ وقت جو ٽرسٽي مٿيان انداز ڦيرائي سگهي ٿو. اؤشد سهائتا هلي چليءَ موجب ديوان ميٺارام گشتي خيراتي اسپتال دواران ڏيئي سگهجي ٿي ۽ پڻ ٻيءَ طرح. استري وديا سهائتا هلي چليءَ موجب حيدرآباد سنڌ سوشل رفارم ائسوسيئيشن جي ڪنيا شالائن کي ڏيڻ گهرجي. باقي ٽي رقمون سموريون سڪالرشپن طور خرچ ڪرڻ ۾ اچن، ته انهيءَ ۾ اعتراض ڪونهي؛ ڇاڪاڻ جو منهنجي شرڌا سڪالرشپن ۾ تمام گهڻي آهي ۽ اُهي با شرطن يا بي شرطن، جيئن ٽرسٽيءَ کي واجب ڏسڻ ۾ اچي تيئن ڏئي ۽ نه رڳو پرشن کي، پر استرين کي به، جي وجهه ملي.

جيڪڏهن مٿين رقمن ڪاٽڻ بعد صافي پيدائش مان بچت ٿئي ته ٽرسٽي پر سال وانگي ڇهه سؤ رپيا ساليانو منهنجي پگهارن مان برپا ڪيل غريب ڪنيائن جي شادي فنڊ ۾ ڏئي. اهو فنڊ هاڻي منهنجي متر ديوان تاراچند شوقيرام آڏواڻيءَ جي حوالي آهي. گپت اُپڪار لاءِ ٽرسٽي ڌار داخلائون رکي سگهي ٿو.

باقي جيڪا بچت رهي، تنهن مان هر سال ڪجهه رقم سڪالرشپ فنڊ کي ڏئي ۽ جيڪي رهي سو اهڙن پراُپڪار جي ڪمن ۾ لائي، جن ڪري هن ٽرسٽ جي مراد پوري ٿئي؛ مثلاً اهڙن پر اُپڪار جي ڪمن ۾، جن لاءِ حيدرآباد سنڌ ۾ چئريٽبل سوسائٽي، انڊسٽريل ائسوسئيشن، هيلٿ سوسائٽي، سوشل رفارم ائسوسيئشن ۽ ايڊيوڪيشن سوسائٽي ۽ بمبئيءَ ۾ سيواسدن سوسائٽي ۽ ڪنزمپٽو هومس سوسائٽي (سلهه گهر وارن لاءِ صحت گهرن جي سوسائٽي) برپا ڪيلون آهن. ٽرسٽي انهن سڀائن جي معرفت سندن پر اُپڪاري ڪمن لاءِ خرچ ڪري سگهي ٿو. مٿيون سڀ سڀائون رجسٽر ٿيل آهن ۽ منهنجو انهن سان لاڳاپو آهي.“

مٿين ٽڪرن مان خبر پئجي سگهندي ته ديوان ڏيارام جو هردو ڪيترو نه ديا سان ڀريل هو ۽ سندس دماغ ڪيئن نه پيو هميشه پراُپڪار کي پڪي پائي تي هلائڻ جا خيال ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري سندس هلايل ڪم اڃا تائين پيا هلن. جيتوڻيڪ انهن جي شڪل ۾ کڻي ڪٿي ڪٿي ڦيرڦار آيو هجي، ته به گيان يگيه هلائڻ جو مقصد سندس ڪم هلائيندڙن جي سامهون هميشه آهي، جيئن ته ٽرسٽ ڪرڻ کانپوءِ سندس ٽرسٽيءَ ديوان شيرومل، سنڌ نئَشنل ڪاليج کي مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو، جو انهن کي ٽرسٽ مان ڪيترن ڏينهن تائين ملندو رهيو آهي. انهيءَ ئي گيان بگيه ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت بلؤٽسڪي پريس هلائي ويئي ۽ هاڻي ٻه سال ٿيا جو ديوان ڏيارام جو فرزند مسٽر ڪيولرام ولايت مان گهمي آيو ته اچي هڪڙو آشرمن جي نموني تي سٺو هاسٽل، شيوا ڪنج نالي اُنهيءَ جڳهه تي اسٿاين ڪيو اٿس، جتي ڪراچيءَ ۾ چؤياريءَ جا سنگتي رهندا هئا يعني جتي ديوان ڏيارام، ساڌو هيرانند، مسٽر گپتا، ديوان ڪؤڙومل ويهي سنڌ جي سڌاري جا پهه پچائيندا هئا.

 جون 1911ع ۾ ديوان ڏيارام پينشن ورتي ۽ سمورو وقت باندرا واري بلوُبنگلي ۾ رهڻ لڳو ۽ سيواسدن جي ڪم ۾ زور شور سان لڳي ويو. سنه 1911ع ۾ سيواسدن کي هڪ سؤ رپيا مهيني سر مهيني دان ڏيندو رهيو ۽ سنه 1912ع ۾ پنج سؤ روپيا سال ڏيندو رهيو ۽ هر روز پنج ڪلاڪ کن اچي ڪم ڪندو هو. اهو قصو سنه 1913ع تائين هليو. سيواسدن جي منٽ بوڪ مان خبر ٿي پوي ته تاريخ 3 مارچ 1913ع جي ديوان ڏيارام جي دل ۾ حياتيءَ ۾ نئين قدم کڻڻ جو پڪو ارادو ٿيو، جنهنڪري هن سيواسدن کان پلوَ آجا ڪرڻ ٿي چاهيا. هڪ ٻه ميٽنگون سڏائي صفحن جا صفح ضروري هدايتن جا لکي مس انجنير کي پنهنجو جنرل سيڪريٽريءَ وارو ڪم سونپي ۽ سندس ڪم ڪاريون لکيل طرح مقرر ڪري، ديوان ڏيارام پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو قدم کنيون، جنهنڪري سنڌ ۽ گجرات ۾ سندس ڏاڍي نندا ٿي.

اُرملا ديويءَ سان شادي

اهو قدم هو اُرملا ديويءَ سان شاديءَ ڪرڻ جو. اُرملا ديوي، گجرات جي مشهور ڪوي، پنڊت ڀولاناٿ ديوٽيا جي پوٽي، ناگر برهمڻ ڪل جي نينگري هئي. سندس پتا پروفيسر ديوٽيا، اصل ديوان ڏيارام سان گڏ چئن چونڊيلن سٽئَچوٽري سول سروس وارن مان هڪ هو. پينشن وٺڻ کان پوءِ هو ايلفنسٽن ڪاليج ۾ گجراتيءَ جو پروفيسر ٿي ڪم ڪندو هو. هو ايم. اي. جا ڪلاس وٺندو هو، ۽ گجراتي ساهتيه ۾ پرماڻڪ ليکيو ويندو هو. پروفيسر ديوٽيا ۽ سندس ساري ڪٽنب سان ديوان ڏيارام جو ڏاڍو دوستيءَ ۽ مترتا جو رستو هو؛ تنهنڪري جڏهن ديوان ڏيارام به پينشن وٺي آيو تڏهن ٻنهي گڏجي بئندورا ۾ هڪڙو بنگلو اڌو اڌ ڀاڙي تي ڪيو. انهيءَ بنگلي جو نالو هو بلو بنگلو. اڌ حصي ۾ جدا رهندو هو ديوان ڏيارام ۽ اڌ ۾ پروفيسر ديوٽيا ۽ سندس ڪٽنب، يعني سندس زال ۽ ٻه ڌيئر، جن مان هڪ هئي اُرملا ديوي.

اُرملا ديوي تمام سشيل ۽ گڻ وان ديوي هئي. سيواسدن جي پهرينءَ رپورٽ ۾ هن بابت ڄاڻايل آهي ته هوءَ هفتي ۾ ٽي ڏينهن سيواسدن ۾ سيبو، ڪروشيءَ (انگريزي آر) جو ڪم ۽ اوچو ڀرت سيکاريندي هئي ۽ هار مونيم تي ڀڄن ۽ پرارٿنائون ڪرائيندي هئي. ديوان ڏيارام به سيواسدن ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ اُرملا ديوي به. ڪجهه وقت بعد، سيواسدن جو هڪ جدا مرڪز بئندورا ۾ به کوليو ويو ۽ انهيءَ مرڪز جي خاص طرح سنڀاليندڙ ٿي اُرملاديوي.

بلو بنگلي ۾ ساڻ ساڻ رهندي ۽ سيواسدن ۾ گڏجي ڪم ڪندي ديوان ڏيارام ۽ اُرملا ديويءَ کي اهڙيءَ طرح ٻه ورهيه گذري ويا.

آخر اوچتو ئي اوچتو سنه 1913ع ۾ مارچ مهيني ۾ ديوان ڏيارام، بمبئي جي سيواسدن جو ڪم مس انجنير کي سؤنپيو ۽ کيس سڄي ڪم لاءِ هدايتون لکي ڏنيون. جڏهن مسٽر ديوٽيا ۽ سندس ڌرمپتني احمدآباد جي سوشل ڪانفرنس تي ويا هئا، تڏهن ديوان ڏيارام سکن جي آنند جي طريقي موجب اُرملا ديويءَ سان شادي ڪئي ۽ اُتان سڌا دارجيلنگه ۾ ويا. سندن پٺيان مسٽر ديوٽيا ۽ اُرملا ديويءَ جي ماءُ به سندن وينتيءَ موجب اتي وڃي ساڻن شامل ٿيا. اتي ديوان ڏيارام هننکي هڪڙو ڊگهو خط لکي پنهنجي شاديءَ بابت سڀ حقيقتون پيش ڪيون. سندس سس سهري کين آشرواد ڏني ۽ ڪجهه هفتا اُتي رهي وري بئندورا اچي رهيا.

ملڪ ۾ هاهاڪار مچي ويو. سنڌ جي اخبارن ديوان ڏيارام جي انهيءَ قدم کڻڻ تي تمام گهڻو چوٻولو مچايو. ديوان مرليڌر ۽ ٻين مترن ديوان ڏيارام ڏانهن خط لکيو ته ڪهڙو جواب ڏيون، هيئن پيئي اوهان جي گلا ٿئي. ديوان مرليڌر ڏانهن 13- جون 1913ع ۾ ديوان ڏيارام هيءُ جواب لکيو:-

“Spare me not, condemn me freely. The world is giving me what I badly wanted- its scorn. The denouncers are truly my friends. Say not a word against them. Silence is golden.”

”مونکي ڇڏيو نه، مونکي بيشڪ ڏوهه ڏيو. ماڻهو مونکي اُها شيءِ ٿا ڏين، جنهنجي مونکي ڏاڍي گهرج هئي. سچ پچ ”ننديا هماري جو ڪري، ميت همارا سوءِ“. اُنهن گلا ڪندڙن جي برخلاف هڪ لفظ به نه چئو. ماٺ ۾ ئي مزو آهي. سانت ئي سوني اَٿوَ.“

ديوان به سنتن واري ڪار ڪئي- جئن سنتن چيو آهي:-

صبر ۾ ٿي ويهه، چپ ٻوٽي تون چپ ڪر،

 پرائيءَ ڳليءَ نڪري، تون پنهنجيءَ ڳليءَ پيهه،

سڄڻ جو سنيهه، من منجهه ئي مينگهو چوي.

 ڏيارام وڌيڪ ايڪانت رهاڻ ۽ انترمکي ٿيندو ويو. هڪ ورهيه مؤن ورت کڻي ڌارن ڪيائين؛ نه ڪنهنکي ڏسي نه ڪنهن کي لکي. لاچاري سببن کان سواءِ ڪنهنکي ڪين ڏسندو هو. جيئن ته ڪيترا ورهيه پوءِ، ٻيو ته ٺهيو، پر خود مهاتما گانڌي ڏسڻ ويس ته اُنکي به لکي موڪليائين ته مون ايڪانت ۽ مؤن جو ورت ڌارن ڪيو آهي، جي اوهين ان ۾ مدد ڏيو ته بهتر، پر جي آگيا ڪريو ته اهو ورت ڀڃان. مهاتما تنهن تي آشيرواد ڏيئي هليو ويو.

انهن ڏينهن ۾ فقط ديوان تاراچند، مسٽر ڪيولرام ۽ ديوان شيرومل ڏانهن ڪم ڪار لاءِ خط لکندو هو. انهن خطن مان مختصر احوال هن طرح ٿو معلوم ٿئي:-

18 اپريل 1913ع واري خط مان معلوم ٿو ٿئي ته ديوان ڏيارام پرڻجي لوئي جبلي سئَنيٽوريم دار جيلنگه ۾ ويو آهي. لکي ٿو ته قدرتي نظارو هتي تمام سندر آهي؛ مونکي سچ پچ ايڪانت ۽ فرحت ۽ آرام آهي صحت گاهه ۾ اسان کي ٻه رپيا ٻارهن آنا هر روز ڏيڻا پوندا آهن.

ديوان شيرومل چئنراءِ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org