سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

باب: --

صفحو :1

تحفة النسوان

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

ديباچو

 جڏهن سرڪاري تعليم کاتي جا هاڻوڪار درجيوار سنڌي ڪتاب تيار ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۾ ٿي آيا، تڏهن، مسلمانن جي اعتراض تي، ڪاميٽيءَ اهو سوال اُٿاريو هو، ته ”مشهور مسلمان مرد خواهه عورتون ڪٿي آهن، جن جو احوال سبقن ۾ ڏجي؟“ نيٺ، مشڪلات سان، ڪي ٿورا اهڙا سبق داخل ڪيا ويا، سي به مڙسن جا، پر مشهور مسلمان عورتن جي ته زياده مشڪلات نظر آئي. انهيءَ مشڪلات لاهڻ لاءِ، ڪنهن معزز دوست جي صلاح سان، مون هيءُ ڪتاب لکيو، جنهن جي پڙهڻ مان هيترو فائدو ٿيندو، ته مسلمان، جي اڃا زناني تعليم تي دل نهاد ٿي سعيو نٿا ڪن، جيئن ٻيون قومون ٿيون ڪن، تن کي جڏهن هن پڙهڻ مان معلوم ٿيندو، ته بيشمار شريف عورتون مشهور ٿي گذريون آهن، تڏهن هو پاڻ به اهڙيءَ تعليم جي پکيڙڻ ۾ سعيو ڪندا.

          هن ڪتاب جو مضمون گهڻن عربي، فارسي ۽ اردو ڪتابن تان گڏ ڪيو ويو آهي. گهڻن جو ذڪر تاريخن ۽ تذڪرن ۾ ڏنل آهي. اُنهن جو تعداد ايترو وڏو هو، جو مون فقط ڪن ٿورن جو مختصر بيان، گهڻو ڪري تاريخي سالن جي ترتيب سان ڏنو آهي، ۽ ٻين جو پڇاڙيءَ ۾ رڳو نالو ۽ نشان ڏنو آهي، نڪي مون انهن جي ڪلام جو ڪو انتخاب ڏنو آهي، جيئن اصل ڪتابن وارن ڏنو آهي. مگر ڪتاب تي نظر ڪرڻ مان هيترو بيشڪ ثابت ٿيندو ته مسلمان عورتون ٻين قومن کان گهٽ مشهور نه آهن. انهن مان ڪي حڪمران مدبر ۽ بهادر ٿي گذريون آهن. ڪي زاهد ، عابد، صالح ۽ فياض ٿي گذريون آهن، ۽ ڪي عالم، فاضل، فصيح بليغ ۽ شاعرا ٿي گذريون آهن.

          هي ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ وراهيو ويو آهي؛ پهرئين ۾ عرب ۽ عجم جون مشهور عورتون ڏنيون ويون آهن. ٻئي ۾ خاص هندستان جون، ۽ ٽئين ۾ انهن کانسواءِ، ٻين مشهور عورتن جون ياداشتون، مختصر اشاري سان ڏنل آهن.

 

قليچ بيگ

حيدرآباد                     

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org