سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڀُٽي چيو

باب: --

صفحو : 4

اختيار

 

                اسان کي اختيار حاصل آهي ته جدوجهد کي لڳي وڃون يا بيروني دٻائن هيٺ اچي جهـُڪي پئون ۽ سرد جنگ جي قبر جو هڪ پٿر بڻجي وڃون.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

تهذيب

 

                اسين پنهنجي روح کي پنهنجي ئي تهذيب جي تابڪاري اثرن کان الڳ ڪري نٿا سگهون.

] 16- مارچ 1966ع تي قومي اسيمبليءَ کي خطاب. [

 

خرابيون

 

                اسان سڀني جنگين کان وڏي ۾ وڏي جنگ ۾ رڌل آهيون ۽ اها جنگ، غربت، بدبختي ۽ فضول خرچيءَ جي خلاف جنگ آهي.

]13_جون 1964ع تي ا پ پ کي ڏنل انٽرويو.[

 

پرماريت

 

                بيٺڪي نظام هيٺ ڪيل اقتصادي ترقي اصلي ترقي نظام نه آهي. اها عوام جي استحصال ڪرڻ جي ترقي آهي.

]13_جولاءِ 1965ع تي قومي اسيمبليءَ کي خطاب.[

 

خطاڪاري

 

                مان پارسائيءَ جي دعويٰ نٿو ڪريان.

]حيدرآباد ڪنوينشن: 21 سيپٽمبر، 1968ع.[

 

پاسداري

 

                عنايت جي طور تي ليسن ڏيڻ جي سرشتي (تحقيق اهو هڪ سرشتو بڻجي ويو آهي) ڪيترن خاندانن جو ڀاڳ کولي ڇڏيو آهي. انهيءَ قسم جا ليسن (۽ پرمٽون) هڪ چيڪ جي مثال آهن، جيڪي قوم جي گڏيل ذريعن تي ڪڍيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته شيون خريد ڪندڙ کي آخرڪار اها قيمت ادا ڪرڻي پوندي، جنهن قيمت تي اهي ليسن وڪرو ڪيا وڃن ٿا.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

دور انديشي

 

                مستقبل جي پيشبندي، صحيح سياسي فيصلن ڪرڻ ۽ اسان جي عوام طرفان انهن مسئلن ۽ خطرن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي، جن کي انهيءَ دنيا ۾ مـُنهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جيڪا بقاء باهمي ۽ هلاڪت باهمي جي وچ ۾ غير يقينيءَ جي حالت ۾ هلي رهي آهي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

آزادي

 

                آزاديءَ جي طاقت کي فتح حاصل ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها هر انهيءَ طاقت کان وڌيڪ سگهاري آهي، جنهن لاءِ ماڻهو پنهنجي جان قربان ڪندو.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

وڏي طاقت

 

                ڪنهن وڏي طاقت (رکندڙ ملڪ) جو مقصد هاڻي اهو نه رهيو آهي ته روايتي طور تي دنيا کي فتح ڪري . . . پر سندس مقصد ماڻهن جي ذهنن تي قبضو ۽ اقتصادي غلبي خواهه ٻين ذريعن سان، ڪنهن سڌي طرح مداخلت ڪرڻ کان سواءِ، غير ترقي يافته قومن جي اڳواڻن جون وفاداريون حاصل ڪرڻ آهي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

عادتون

 

                حقيقتن جي چٽي سمجهه ۽ ڄاڻ خاطر، سوچ جي پراڻين عادتن کي ترڪ ڪرڻ ضروري آهي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org