سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

باب-1

صفحو :1

محمد ايوب کهڙو

جراءتمندانه سياسي زندگي

ڊاڪٽر حميده کهڙو

 

انتساب

 

مان هن ڪتاب کي وطن جي

 

نئين ٽهي

 

سان منسوب ڪريان ٿي.

 

حميده کهڙو

 

شڪرگذاري

 

بابا 1920ع واري ڏهاڪي کان وٺي 1980ع تائين پنهنجي حياتيءَ جي پڄاڻيءَ تائين پکڙيل سياسي زندگيءَ جو تقريبا سڄو ريڪارڊ ڇڏي ويو آهي. بهرحال 8 5 9 1 ع ۾ پهرين مارشل لا مڙهجڻ مهل جڏهن نه رڳو مسلم ليگ جي آفيسن کي سربمهر ڪيو ويو ۽ دستاويز ضبط ڪيا ويا پر سندس ذاتي ڪاغذ پٽ پڻ سرڪاري تحويل ۾ ورتا ويا، ڪيترائي اهم ڪاغذ ۽ دستاويز گم ٿيڻ سبب ڪيتريون ئي وٿيون پئدا ٿين ٿيون. ڪجهه ڪاغذ ڊاڪٽر زيديءَ جهڙن پاڻ ارپيل تاريخدانن جي ڪاوشن سبب ٻيهر حاصل ٿيا پر لازمي طور تي ڪي جهول ۽ نقص برقرار رهيا.

مون گذريل پندرهن سالن کان وڌيڪ عرصو سندس حياتي، شعبي ۽ دؤر سان لاڳاپيل دستاويزن جي ذخيرن کي ممڪن حد تائين چڪاسيو ۽ تحقيق ڪئي آهي. بابا جي ڪاغذن پٽن کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو ۽ جوڳو مواد انڊيا آفيس لائبريريءَ مان مليو. هت مون انهن ڏينهن کان وٺي جڏهن اها وهائيٽ هال ۾ پروقار انڊيا آفيس واري عمارت ۾ هئي، جتي مون سنڌ ۾ برطانوي شاهي راڄ تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد کان وٺي بليڪفرائرس برج روڊ تي گهٽ باوقار وايو منڊل ۾ ان جي منتقل ٿيڻ کان پوءِ بابا جي حياتي ۽ دور تي منهنجي ڪم تائين سالن جا سال لڳايا آهن. انهيءَ تحقيقي ڪم ۾ منهنجن ڪيترن ئي سٺن دوستن منهنجي مدد پئي ڪئي آهي. پر خاص طور مارٽن موئير ۽ رچرڊ بنگل آهن، جن کي انڊيا آفيس لائبريريءَ ۾ موجود مسودن ۽ سرڪاري ريڪارڊ جي بي مثال ڄاڻ آهي. آءٌ سندن انتهائي ٿورائتي آهيان.

آءٌ ڊاڪٽر عتيق ظفر شيخ ۽ اسلام آباد واري پاڪستان نيشنل آرڪائيوز جي عملي جا به ٿورا مڃڻ ٿي چاهيان جيڪي ڪيترن ئي سالن تي پکڙيل منهنجي تحقيق ۾ انتهائي مددگار ۽ اُتساهيندڙ ثابت ٿيا. آءٌ هيرالڊ پبليڪيشن ۽ خاص طور تي حميد هارون جي انتهائي ٿورائتي آهيان جن مون کي ڪيترن ئي سالن تائين ڊان لائبريريءَ کي استعمال ڪرڻ، قائداعظم جي ڊان پڙهندي ٺهيل چتر استعمال ڪرڻ ۽ 8 3 9 1ع  جي هڪ تصوير استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني. ”تواريخ گنجينا جهان نما“ هٿ ڪرڻ تي تمام گهڻي مهرباني غلام مصطفيٰ کهڙي جي ۽ سندس ذريعي کهڙا شريف جي مخدوم ڪٽنب جي ڄاڻ ۽ لائبررين لاءِ ان مخدوم خاندان جي ٿورائتي آهيان.

آءٌ پنهنجي مرحوم اعزازي چاچي ۽ دوست جي ايم سيد جي انتهائي مقروض آهيان جنهن پنهنجي دستاويزن ۽ ڪاغذن پٽن جي شاندار ذخيري کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجون ذاتي ساروڻيون پڻ مون سان ونڊيون. آءٌ مرحوم پير علي محمد راشديءَ جي مون کي ڏنل تفصيلي انٽرويو کي به ٿورائتو رهندي ياد ٿي ڪريان، جنهن جي سنڌ ۽ عالمي سياست بابت انوکي ڄاڻ ۽ ڪيترن ئي واقعن ۽ ڪردارن بابت سندس بي تڪلف ڪچهري مان مون کي هندستان ۽ گڏوگڏ هن صوبي جي سياست جو املهه ادراڪ ٿيو.

پنهنجائپ ۽ ٿورن سان مرحوم ميان ممتاز دولتانا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه کي ياد ٿي ڪريان جنهن ننڍي کنڊ جي آزاديءَ تائين جي ۽ ان کان پوءِ وارن واقعن جي پنهنجي تجزئي سان مون کي نوازيو.

سالن تائين مون اهڙن انيڪ عوامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جيڪي آزاديءَ واري جدوجهد ۽ هن خطي جي سياست ۾ شريڪ رهيا آهن. مون سنڌ ۾ مقرر ٿيل انگريز عملدارن بشمول سنڌ جي عظيم تاريخدان ايڇ ٽي لئمبرڪ، بابا جي اڻٿڪ ويري ۽ پنهنجي پڇاڙيءَ ۾ نرم گوشو رکندڙ سر هيو ڊائو، سنڌ جي آخري انگريز گورنر ۽ بابا جي دوست سر فرانسس ميوڊي ۽ ڪيترن ئي ٻين سنڌ جي  پراڻن عملدارن بشمول سرپيٽرڪ ڪيڊل، سر سڊني رڊلي، سر چارلس ڪلي، سنڌ جي اڳوڻي چيف جج سر گاڊ فري ڊيوس سميت انيڪ ماڻهن سان ڳالهايو آهي. مون شاندار آءِ سي ايس آفيسر ۽ زبردست تاريخدان مرحوم سر پينڊيريل سان تفصيلي ۽ ڪارائتا بحث ڪيا آهن ۽ مرحوم پروفيسر جيڪ گيليگر جنهن سمجهيو ٿي ته آءٌ جيڪڏهن ڪوشش ڪريان ته تاريخ لکي سگهان ٿي، وٽان اُتساهه ماڻيندي رهيس.

آءٌ پنهنجي ايڊيٽر ايلزبيٿ ڊيوس جي اورچائپ سان مسودو پڙهڻ، انتهائي ڳنڀير داستان جي اُپٽار واسطي سندس املهه تجويزن ۽ مواد ۾ تمام گهڻيون درستگيون ڪرڻ تي سندس ٿورائتي آهيان. آءٌ ابتدائي باب پڙهڻ، پنهنجون ڪارائتيون تجويزون ڏيڻ ۽ مون کي اها خاطري ڪرائڻ ته اهو ڪتاب اڀياس جوڳو آهي، تي آمريڪي پرڏيهي سروس جي ڊينئل ليو ٽن جا ٿورا ٿي مڃان .... امان جي حوصلي ڏيارڻ ۽ ڪاغذ پٽ ۽ تصويرون ڳولهڻ ۾ هٿ ونڊائڻ تي، ڀائرن، ڀينرن ۽ دوستن جي باب مڪمل ٿيڻ تي ان جي اڀياس ڪرڻ ۽ مون کي ڪم جاري رکڻ لاءِ اُتساهڻ تي مهربانيون. سڀ کان وڌيڪ ٿورائتي آهيان پنهنجي مڙس جي، جنهن نه رڳو همت ڏياري پر هيترن سالن تائين گهر ۾ پکڙيل ڪاغذن جي جهنگل کي ٿانيڪو ڪرڻ ۾ مدد ڏني.

آخر ۾ آءٌ انگريزيءَ ۾ هيءُ ڪتاب ڇپرائڻ واسطي فيروز سنز جي ظهير سلام جي ذاتي دلچسپي وٺڻ کي قدر جي نگاهه سان ٿي ڏسان. هو ان جي تياريءَ جي سمورن مرحلن ۾ انتهائي سهڪار ۽ ڏاهپ ڀريو رهيو ۽ اشاعت کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجي معمول کان وڌيڪ سرگرم رهيو. هيءُ ڪتاب ڇپجڻ ۾ مهارت، صبر ۽ سهائتا جو مظاهرو ڪرڻ تي فيروز سنز جي گل افشان جي انتهائي ٿورائتي آهيان.

سنڌي ترجمي لاءِ آءٌ الهه بچايو مرڻاس جي ٿورائتي آهيان جنهن تمام محنت ۽ لگن سان هي ڪم سرانجام ڏنو ۽ رات ڏينهن ترجمي ڪرڻ  وارن سان رابطي ۾ رهي ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ وسان نه گهٽايو.

 

حميده کهڙو

 

باب پهريون

 

 

سنڌ جي قديم سر زمين

جنهن سنڌ ۾ محمد ايوب کهڙو پيدا ٿيو، سا تمام ڇڊي وسايل، هندستان جي ننڍي کنڊ ۾ سنڌوءَ جهڙي زور آور درياءَ جي ڄڻ ته اهڙي سوغات هئي، جتي پهچڻ به سخت مشڪل هوندو هو. ڇو ته ان کي اوڀر کان ٿر جو وڏو رڻ پٽ ننڍي کنڊ جي باقي حصي کان ڇني ڌار ڪيو بيٺو هو ۽ الهندي کان شاهي جبلن جون قطارون ۽ بلوچستان جا سخت مزاج قبيلا مٿس پهريدارن طور هئا.

سنڌ کي ڪنهن سمي هندستان جي تواريخ جو ماٺو پاڻي سڏيندا هئا. اها سنڌ، جيتوڻيڪ بمبئي کاتي سان ڳنڍجڻ واري دور کان پوءِ ته بلڪل ماٺو پاڻي ڪونه هئي. تڏهن به عملي طرح سنڌ جي سرزمين ڄڻ ته بمبئي کاتي جي طاقتور ڪامورن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن لاءِ شڪار گاهه بڻيل هئي. جتي اهي ٻارهوئي سياري جو گشت ڪري ڍنڍن جي پکين جو شڪار ڪندا هئا ۽ پڻ سنڌو درياءَ جي اڃان مٿئين پاسي پهچي درٻاريون ۽ ڪچهريون رچائيندا هئا، جتي مڪاني وڏيرا اچي حاضر ٿيندا هئا. جن مان ڪن کي انعام ۽ اعزاز ملندا هئا ته ڪن کي دڙڪا داٻا نصيب ٿيندا هئا. ڪن کي ڪرسيون ملنديون هيون ته ڪن کي تنبيهون ٿينديون هيون. اهڙي طرح انگريز مائي باپ جي حشمت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ گهڻو خوف پکيڙيو ويندو هو. لاٽ صاحب (1)، ان کان ٿورو گهٽ درجي تي سنڌ جي ڪمشنر صاحب ۽ پڻ ماتحت ڪامورن سنڌ جي رعيت مٿان اهڙو ته دٻدٻو، وڏائي ۽ شان ڏيکاريو هو جو اهو لقاءُ ڏسڻ وٽان هوندو هو!

بمبئيءَ جي انتظامي سرڪاري عملدارن لاءِ مٿين آمدني ڪمائڻ لاءِ سنڌ بلڪل هڪڙي خاطر خواهه جاءِ هئي. جڏهن سنڌ کي 7 4 8 1 ع ۾ بمبئي کاتي(2) سان ملايو ويو، تڏهن سچ ته بمبئيءَ ۾ انگريز شهنشاهيت جي تعمير ۽ ضرورت آهر انتظامي ڪاروبار لاءِ تيار ٿيل ۽ پاليل اڀرندڙ وچولو ۽ بابو طبقو هت پيدا ڪونه ٿيو هو. نه ته هيل تائين انهن سرڪاري ڪامورن بمبئي پريزيڊنسيءَ جي باقي ٻين علائقن جو جهڳو ئي جهڻ ڪري ڇڏيو هو. ياد رهي ته هندستان ۾ بمبئي انگريزن جي سڀ کان پراڻي ملڪيت هئي.

بمبئيءَ جهڙي مغربي طرز جي شهر ۾ شهرين جي لڳاتار دانهن ڪوڪن ۽ ڀنڊڪي لائي ڏيڻ واري حالت کان ٿڪل ڪامورا، نئين مصر، سنڌ ۾ اچي ٿڪ پٽيندا هئا. ان طرح ڪامورا شاهيءَ لاءِ سنڌ ڄڻ ته بهشت هو. سنڌ ملڪ ۾ ڍنڍون ۽ ڍورا هئا. اتي حيوان ۽ پکي هئا، جتي بمبئيءَ جا ڪامورا ڪڙا اچي شڪار ڪندا هئا. سنڌ جا ماڻهو ڄڻ ته اٻوجهه رعيت هئا. زميندار، تابعدار مخلوق هئا ۽ سنڌ جا سردار ٺاهوڪا جانٺا جوان هئا، ان طرح شهنشاهيت جا محافظ هن ملڪ ۾ اچي پنهنجو روح ريجهائيندا هئا.

هندستان ۾ انگريزن جي فتحن جي تواريخ ۾ سنڌ تي قبضو گهڻو دير سان ٿيو هو ۽ انگريزي سلطنت تعمير ڪرڻ واري تواريخ ۾ سنڌ تي قبضو ڪرڻ وارو قصو به خود هڪ عجيب مثال هو. اوڻويهين صديءَ جي پهرينءَ چوٿائيءَ ختم ٿيڻ تائين انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان ۾ سڀ کان وڏي طاقت بڻجي چڪي هئي، ڇو ته تيستائين ان اتر ۽ ڏکڻ هندستان ۾ اڪثر علائقا پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ڇڏيا هئا. مغل شهنشاهيت جي زوال دوران جيڪي رياستون خود مختيار ٿي چڪيون هيون، سي هاڻي انگريزن جون تابعدار ۽ انهن جي حفاظتي مدد جي انتظام هيٺ اچي ويون هيون. خود مغل شهنشاهه انگريز جو وظيفو کائيندو هو، انگريز سرڪار جيستائين هت پهتي هئي، تيستائين سندس مالڪيءَ جو دم ڀريو ويندو هو. پنجاب ۽ سنڌ جا فقط ٻه مکيه ملڪ وڃي رهيا هئا، جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح انگريزن جي اختيار کان بچيل ۽ اڃان خود مختيار هئا. ان طرح انهن اتر الهندي جي سرحدي دنيا کي خيبر ۽ بولان لڪن وٽان پهرو پئي ڏنو. انهيءَ وقت نيپولين بونا پارٽ فرانس مان اڀريو ته هن جي اڀرندي دنيا ۾ وڌايل دلچسپين ۽ خاص طرح هن پاران مصر فتح ڪرڻ کان پوءِ انگريزن کي به جنسي ڦڦڙي وٺي وئي، پوءِ ته هن هندستان ۾ پنهنجي مفاد جي پيش نظر افغانستان ۽ ايران جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ شروع ڪيو. ان طرح نه رڳو فرينچ خطري جو اڳ ٻَڌڻ لاءِ پر 5 1 8 1 ع کان پوءِ جيئن ته روس جي خطري جو راڪاس به هنن ملڪن ڏانهن ڪر کڻي بيٺو هو، تنهن ڪري انگريزن سنڌ ۽ پنجاب ۾ پنهنجو دخل گهڻو وڌائي ڇڏيو. اهو ئي دور هو جڏهن روس جي زار شاهيءَ تمام وڏي جنگي چال Great game)) جي نيتي شروع ڪئي ۽ ماسڪو سرڪار وچ ايشيا کي فتح ڪرڻ جي ارادي سميت گرم سمنڊ جي پاڻيءَ تائين پهچڻ جو رخ ڪيو، پر 2 4 8 1 ع جي ڪابل تي ڪاهه واريءَ تباهه ڪندڙ مهم جي شرمندگي مٽائڻ لاءِ جهڙي طرح انگريزن پوءِ 1843ع ۾ سنڌ کي کسيو، تنهن صورتحال انگريزي سلطنت جي وڌائڻ واري مهم جي زماني ۾ به اعليٰ حاڪمن کي ڪنهن حد تائين پشيمان ڪري وڌو. توڙي جو انگريز قوم جو سڄو بي درد حاڪم طبقو دنيا ۾ ٻيگهي مچايون بيٺو هو، ته به سنڌ جي ناجائز طور فتح جي مهم ۽ سرچارلس نيپيئر جي ان بدتميز ڪارنامي سندن لاءِ گهڻي بدنامي پکيڙي.*

سنڌ جي فتح ڪرڻ سان هندستان جي گورنر جنرل لارڊ النبرو ڄڻ ته ڪابل ۾ انگريزن کي مليل سخت شڪست ۽ انگريزن جي شهرت کي لڳل سخت ذلت جو ڪجهه بار هلڪو ڪرڻ چاهيو. سنڌ کي هٿيار به قديم دور جا هئا ۽ ان جو لشڪر به پراڻي طرز جو هو، سو انگريزن جي هندستان ۾ ترتيب ڏنل لشڪر جي تجربيڪار فوجي دستن ۽ جديد هٿيارن جو ڪٿي پيو مقابلو ڪري سگهجي ۽ نتيجي ۾ آسانيءَ سان قبضو ڪيو ويو.

بهرحال شهنشاهيت ۾ اهو اضافو ڪيترن ئي سببن کان ته ان زماني ۾ بي مثال هو ۽ ڪمپنيءَ  جي باقي والاريل ملڪن کان مختلف به.

جيتوڻيڪ وقت بوقت سنڌ کي مشرق توڙي مغرب جون توسيع پسند شهنشاهيتون قبضو ڪري پاڻ سان ملايو به پئي آيون، جن ۾ اوڀر کان پانڊوا، موريا، دهلي جا سلطان ۽ مغل ٿي گذريا آهن ۽ الهندي کان آريا اڪيمني، ساساني، يوناني ۽ عرب آيا. پر سنڌ جيڪو هندستان جي تواريخ ۾ تمام پراڻو الهندو ملڪ رهيو ۽ جنهن جون حدون هڪ پاسي عربي سمنڊ جي ڪناري طور آهن، تنهن ڪيئي ڊگها دور آزاد ۽ خود مختيار حيثيت سان به ماڻيا ۽ پنهنجي طور هن جيڪو ڪلچر تخليق ڪيو، سو ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جاگرافيائي طور هيءَ سر زمين سڀن کان علحده هئي. الهندي کان سليمان جبلن جي قطار ۽ خونخوار بلوچ قومن هن کي سنڀاليو ۽ اڀرندي کان وڏي رڻ پٽ، ٿر هن کي پهرو پئي ڏنو آهي. سنڌو درياءُ جيڪو نالو ان کي آرين ڏنو هو، سو سنڌ جي جياپي جو سبب رهيو آهي. اهو سنڌو ئي آهي جنهن تان نه رڳو سنڌ تي نالو پيو، پر هندو، هندستان، انڊيا سڀئي سنڌوءَ جا بدليل نالا آهن.

ٽالپر حاڪم، جن کان انگريزن سنڌ ورتي، تن سنڌ تي اٽڪل سٺ ورهيه راڄ ڪيو ۽ هنن هتي ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي حڪومت ورتي هئي. ڪلهوڙا اصلوڪا سنڌي هئا، جن پنهنجي دور ۾ زوال ۾ ويندڙ مغل شهنشاهيت کان سنڌ کي آزاد ڪرايو هو. ٽالپر هڪ مختصر بلوچ قبيلو هو، جيڪو ڪلهوڙن جي مريديءَ ۾ هوندو هو. ڪلهوڙن ٽالپرن کي پنهنجي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ گهرايو هو. ٽالپر قافلن جي صورت ۾ آيا هئا.

وحشي جابلو پهاڙي ماڻهو جن کي ڊگهيون ۽ تمام ويڪريون شلوارون ۽ ڊگهيون قميصون پهريل هيون، مٿي جا وار تمام ڊگها ۽ وڏن پٽڪن ۾ بند، پهاڙي نيون ۽ ڪسيون پار ڪرڻ دوران سي پنهنجون رڍون ڪُلهن تي کنيون پئي آيا، سندن زالون اٺن تي ڀٽَ ۽ لورا ۽  مشهور بلوچ بهادر اڳواڻن جي جڳ مشهور ڪارنامن جا قصا ڳائيندا آيا. ٽالپرن سنڌ تي 3 8 7 1 ع کان 3 4 8 1 ع تائين راڄ ڪيو ۽ انهيءَ ئي سال 7 1  فيبروري تي مياڻي ۽ 2 2  مارچ تي دُٻي جي جنگين ۾ ٽالپرن جون فوجون فيصلي ڪندڙ شڪست کائي ويون ۽ سنڌ انگريز سلطنت جو حصو بڻجي وئي.

انگريزن جي فتح وقت سنڌ جي ايراضي اٽڪل 4 9 9 ،2 5  چورس ميل هئي ۽ آدمشماري اٽڪل 2 2  لک هئي. جنهن جي اڪثريت مسلمان هئي، روايتي طرح سنڌ گهڻو ڪري ٽن جاگرافيائي حصن ۾ هئي، جيڪي حصا درياءَ جي وهڪري جي نسبت سان هئا: سرو (مٿو) مٿين سنڌ، وچولو (وچ) دادو شهر کان حيدرآباد تائين ۽ لاڙ (لڙيل) يا هيٺانهين سنڌ، حيدرآباد کان سمنڊ تائين. سر چارلس نيپيئر، جنهن جنرل سنڌ کي فتح ڪيو، سو سنڌ جو گورنر ٿيو ۽ هن پنهنجي اعتبار جوڳن فوجي عملدارن جي ذريعي ئي گهڻو ڪري حڪومت ڪئي. سنڌ کي ٽن ڪليڪٽرين ۾ ورهايو ويو: ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، انهن ضلعن تي جيڪي ٽي جدا جدا ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا تن جو مکيه ڪم هو ڍل اوڳاڙڻ. ڪليڪٽر جي عهدي جو نالو ئي اها ڳالهه ظاهر پيو ڪري. ڪليڪٽر جو وڌيڪ ڪم امن امان قائم رکڻ به هو. هن تي اها ذميواري به هئي ته پنهنجي عهدي جي رکيل ڪمن بابت گهڻي ۾ گهڻي معلومات رکي، جيئن وڌ ۾ وڌ روينيو جي اوڳاڙي به ٿئي ته انتظام رکڻ ۾ به سهولت رهي. انگريزن جي اوائلي دور ۾ جيڪي بنيادي معلوماتي انگ اکر گڏ ڪيا ويا، اهي ئي اڃان اسان جي معلومات جو بنياد آهن. انهن ئي انگن اکرن جي بنياد تي اسان کي پنهنجي صوبي جي جاگرافيائي ۽ تواريخي توڙي سنڌ جي عوام، ان ۾ قبيلن ۽ رسمن رواجن بابت حقيقتن جي ڄاڻ پوي ٿي. جيڪڏهن ان وقت بنيادي ڄاڻ بابت گهربل انگ اکر گڏ نه ٿين ها ته اهي گم ٿي ويل هجن ها. شڪارپور جو ڊپٽي ڪليڪٽر (جنهن ۾ هاڻوڪو ضلعو لاڙڪاڻو به شامل هو)، سو چوئيتاليهين ريجمينٽ، بينگال نيٽو انفئنٽريءَ (ديسي پيادل فوج) جو ليفٽيننٽ هيوُ جيمس هو، جنهن ”چانڊڪا“ پرڳڻي، لاڙڪاڻي ضلعي جي روايتي نالي تي پنهنجي تمام هڪ اهم رپورٽ لکي. ان رپورٽ ۾ لاڙڪاڻي جي تواريخ، جاگرافي، ريج ۽ پاڻي ڏيڻ واري سرشتي ۾ پوک راهڻ بابت تمام غور سان ۽ ڊگهي جاچ ڪئي اٿس. هو لکي ٿو ”ٻنين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ جيڪي سهنجايون ڪري ڏنل آهن تن جي ڪري چانڊڪا اتر سنڌ جو باغ آهي ۽ حقيقت ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته ميرن لاءِ دولت جو هڪ ذريعو ثابت ٿيو آهي.“

سکر بئراج* ٺهڻ کان اڳ وارن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ پوک درياءَ جي ڪپرن سان ٿيندي هئي ۽ ان جو مدار سالياني دريائي ٻوڏ تي هوندو هو. واهن جو وهڪرو به گهڻو ڪري درياءَ جي ٻوڏ سان واسطو رکندو هو. فقط ڪي ٿورڙا دائمي واهه هوندا هئا. تنهن ڪري زمين پوکڻ ۽ ٻني ٻارو سڌاري ٺاهڻ جو ڪم درياءَ کان گهڻو پري، زور وٺي نه سگهيو.

سنڌ جي مصر سان ڀيٽ به اجهو انهيءَ ڪري ٿيندي هئي جو درياءَ جي ٻنهي پاسي ڪچي ۽ ڪجهه ميل پڪي تي ڏاڍي گهڻي آبادي ٿيندي هئي. پر پوءِ ڪنارن کان پري وڃڻ بعد زمين غير آباد ٿيل هوندي هئي. درياءَ جي ساڄي پاسي پوک لائق زمين کان وٺي بلوچستان جي سرحد تائين جبل شروع ٿي وڃن ٿا ۽ درياءَ جي کاٻي پاسي کان آبادي ٿوري گهٽ ٿيندي پوءِ هڪ ڊگهي پري ويندڙ ٿر جو رڻ پٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ختم ٿي وڃي ٿي. ساليانو ايندڙ ٻوڏن ۾ جيڪو بيحد گهڻو لٽ پئي ايندو رهيو آهي ۽ درياءَ جي ڪنارن کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ انهيءَ لٽ سنڌ جي زمينن کي، جتي جتي اهي قابل ڪاشت ۽ پاڻيءَ جي پيچ لاءِ سازگار رهيون آهن، تن کي ڏاڍو اپتائتو پئي بنايو آهي. انهيءَ زمين ۾ رڳو ٿورڙي پورهئي سان، ڇٽ سان ڪاهيل ٻج ۽ درياءَ جي پاڻيءَ واري ريج جي نتيجي ۾ سنڌ جا اهي ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ هميشه آباد رهيا. ڇو ته اهڙي ٿوري محنت سان به فصل ڏاڍا سٺا ٿيندا هئا. ان اپت تي سنڌ جو مختصر آدم ڏاڍو سکيو وقت پيو گذاريندو هو. هندستان جي سڄي ننڍي کنڊ ۾ سنڌ اندر سڀ کان وڻندڙ ۽ عجيب ٻيلا ۽ ڍنڍون هيون جتي هر سال اتر کان سائبيريا جا قسمين قسمين پکي سياري جي سيءَ کان بچڻ لاءِ ڪهي اچي ترسندا ۽ واهير به ڪندا هئا.

سنڌ  ۾ جنهن دور ۾ انگريز آيو، تنهن سمي سنڌ جو نظارو ئي اور هو. جتي قدرت جي جوڙجڪ، ماڻهن جو رويو ۽ سوچ ۽ انهن جي زندگيءَ جو سرشتو حيرت انگيز نموني يڪسان هو. تصوف ماڻهن ۾ پسند هو جيڪو اسلام جو هڪ نرميءَ وارو سرشتو آهي ۽ صوفي بزرگن تي ٻارهوئي هندن ۽ مسلمانن جا ميڙ انهيءَ حقيقت جا شاهد هئا. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ مسلمانن جو تعداد 5 7  في سيڪڙو رهندو هو ته به ٻئي قومون ڏاڍي قرب ۽ ميٺ محبت سان رهندڙ هيون. سنڌ جي مسلمانن جي اڪثريت پوک سان لاڳاپيل هوندي هئي.

زمين جا مالڪ زميندار سڏبا هئا، اهي زمين جي پراڻن سڌاريل سرشتن جا وارث هئا. جن گذريل ڪئين صدين ۾ زمين جي سڌاري جي اها صورت اختيار ڪئي هئي. اهي سڌارا ڪنهن زماني ۾ وڏن انتظامي سڌارڪن جهڙوڪ اڪبر اعظم يا سنڌ جي ڪلهوڙن حاڪمن ۽ ٽالپرن جي وائسراءِ نواب ولي محمد خان لغاريءَ عمل ۾ آندا هئا. اصل ۾ زمين تي انهن قبيلن پوک شروع ڪئي هئي جيڪي اتر کان ڏکڻ ڏانهن سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندا رهيا. پهرين پهرين انهن پنهنجا ڳوٺ درياءَ جي ڀرسان آباد ڪيا. پر جڏهن درياءَ پنهنجي ٻوڏ ۽ پائيندڙ سان انهن کي پائي ٿي ويو، تڏهن اهڙا ڳوٺ ماڻهن وري ٻئي هنڌ ڪري پئي ٻڌا. اهڙا وڌيڪ ۽ مضبوط ڳوٺ پري ڪري ٻڌا ويا جيڪي گهڻو ڪري قبيلن جي سردارن جي نالن تي هئا، جن کي وڏا ڪوٽ ڏنل هوندا هئا. خاص ڪري زميندارن، سردارن ۽ سندن مائٽن جي وڏن ۽ ويڪرن گهرن کي ڪوٽ ڏنل هوندا هئا. اهي ڪوٽ اڪثر ڪري اوڏڪا مٽيءَ جا ٺهيل هوندا هئا. باقي ماڻهن جا گهر ڪوٽ ٻاهران زميندار پاران آڇيل زمين تي ڪچين سرن ۽ ڪکاون ڇتين جا هوندا هئا. اهڙي ڳوٺ جو آدم مختلف ڪمين ڪاسبين، هارين نارين جهڙوڪ واڍي، رازي، ڪنڀر، مڱڻهار، ڪورين، موچين، حجام، داين وغيره تي مشتمل هوندو هو.

ڳوٺ جي ضرورت مطابق واڻيو (اوڌر ڏيندڙ) دوڪاندار، مولوي (مڪتب قائم ڪندڙ ۽ ٻانگ صلوٰة لاءِ)، زميندار جو ڪمدار (مئنيجر زمين لاءِ)، منشي (حساب ڪتاب سنڀاليندڙ) ۽ زميندار توڙي ڳوٺ وارن لاءِ  مختلف ضرورتون پوريون ڪندڙ ماڻهو هوندا هئا. ڪيترن ڳوٺن ۾ فقير به رهندا هئا، جيڪي دعا ڌاڳو ڪندا هئا ۽ جن جو روحاني ناتو سڌو سنئون ڌڻي سڳوري سان ڄاڻبو هو. جنهن ڳوٺ ۾ ڪو فقير نه هوندو هو تنهن ڳوٺ کي نڀاڳو ڳوٺ سمجهبو هو.

ٻهراڙيءَ واري سنڌ، زميندار تي دارو مدار رکندي هئي. هن وٽ ئي زمين هوندي هئي، جيڪا ماڻهن جي اڪثريت جي روزيءَ جو ذريعو هوندي هئي. زميندار ئي ڳوٺ جو وڏيرو ۽ بچاءَ جو ذميدار هو. هوئي انصاف ڏياريندڙ هوندو هو ۽ ڳوٺاڻي دنيا کان ٻاهر جيڪي به ڪاروبار ۽ معاملا سرانجام ڏيڻا هئا، تن کي زميندار پيو منهن ڏيندو هو.

ڳوٺ جي ماڻهن جي حالت جو دارو مدار انهيءَ واسطيدار زميندار جي حالت تي هوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ جو زميندار ڪمزور هوندو هو ته اهو انهن ئي ماڻهن لاءِ ائين نقصان ڪار هو جيئن ڪو ظالم زميندار. جيڪڏهن ڳوٺ جو زميندار عدل پرور هو، پوءِ کڻي سخت به هو، نرم مزاج هئڻ بدران ڀلي سخت مزاج هو، پر ظالم نه هو ته پوءِ اهڙو زميندار تمام عمدي قسم جي زميندارن مان هڪڙو ڪري ليکيو ويندو هو. جنهن ڳوٺ جي وڏيري کي انصاف ڪرڻ ۽ ماڻهن جي مسئلن سمجهڻ جي صلاحيت هوندي هئي، تنهن کي ڄڻ ته تمام نعمتي گڻ حاصل هئا. اهو هن جو ڪم هو ته ڳوٺ جي ماڻهن جي اٿڻ ويهڻ ۽ گڻ اوگڻ تي نظر رکي ته جيئن اوچتو ڪنهن واردات ٿيڻ جي حالت ۾ کيس ڪنهن مسئلي نبيرڻ ۾ مشڪلات نه ٿئي.

هو روزانو اوطاق ۾ ويهي ڪچهريون ۽ گڏجاڻيون ڪندو هو. جتي ڳوٺ جون خبرون، آسپاس جون خبرون چارون ۽ ڪمدارن يا ڪن مسافرن يا ڪن اتفاقي مهمانن ذريعي ٻاهرين دنيا جون آندل خبرون کيس پهچنديون رهنديون هيون.

علائقي اندر ننڍن وڏن ڏوهن بابت به جاچ رکندو هو. درياءَ جي رخ ۽ چاڙهه جي به خبر رکندو هو. ٻاهرئين ماحول جي به خبر چار رکندو هو. سنڌ ڏانهن لاٽ صاحب جي سالياني دوري بابت يا سنڌ جي ڪمشنر جي مزاج ۽ ضلعي جي نئين ڪليڪٽر جي سلسلي ۾ معلومات به رکندو هو. ان طرح وڏيرو ڪڏهن پنهنجي اوطاق واري ڪچهريءَ مان يا ڪڏهن ويجهي ڪنهن شهر گهمڻ وقت ان ڳالهه کان واقف ٿيندو  هو ته مهاراڻي وڪٽوريا جرمن شهنشاهه قيصر خلاف لڙائيءَ جو اعلان ڪرڻ واري آهي. قسطنطنيه جو خليفو گهڻو ڪري جرمنيءَ جو پاسو وٺندو يا انگريز سرڪار جو ۽ جڏهن کيس اها خبر پئي ته ترڪيءَ جي ڪمال پاشا يورپي اتحادي طاقتن خلاف چڱو پاڻ موکيو آهي تڏهن وڏيرو ڏاڍو سرهو معلوم ٿيندو هو. وڏيرو پنهنجي سياسي سوچ جي سلسلي ۾ ائين خبردار هوندو هو جيئن ٻوڏ يا سوڪ بابت اڳواٽ خبردار رهندو هو، ڇو ته ان طرح سندس راڄ تي اثر ٿي پيو. جيئن ته علائقي جو دارومدار پاڻيءَ جي صحيح رسائيءَ تي هو، تنهن ڪري حڪومت جي نيڪ نظر کيس هر حالت ۾ گهربي هئي، ڇو ته اُن ريت ئي پاڻيءَ جو صحيح انتظام حاصل ٿي پئي سگهيو. ڪنهن به زميندار واسطي حڪومت سان گڏ هجڻ ضروري هوندو هو. جي نه ته به انتظامي عملدارن سان اهڙو طريقو هلڻ هن لاءِ نهايت ضروري هوندو هو. جيئن سندس ڪم ڪاريون ۽ مسئلا اٽڪي نه پون.

سرڪار جي ناراضگيءَ جي حالت ۾ سندس زمين کي ملندڙ پاڻي آسانيءَ سان بند ٿي پئي سگهيو ۽ جيڪي واٽر ڪورس ۽ واه سندس زمين کي آباد پيا ڪن تن جا مهاڳ ۽ وهڪرا بدلجي ٿي سگهيا. ان ريت ته نه رڳو پاڻ پيو تباهه ٿئي پر سوين هاري ڪٽنب به برباد پيا ٿين. تنهن جو مطلب ته سندس راڄ اندر موجود ڳوٺ ڦٽي پيا وڃن. ان ڪري زميندار تمام نازڪ حيثيت ۾ هو. هڪ طرف ته کيس حاڪمن وٽان عزت ۽ عهدو به درڪار هو، پر ٻئي طرف هن کي پنهنجي ماڻهن ۽ پوئلڳن جي اڳيان سرڪار جو گهڻو چاپلوس ۽ پڇ لٽڪائو به مشهور ٿي نه رهڻو هو، ڇو ته ان ريت سندس عزت کي ڌڪ پئي رسيو ڇو ته زمينداري راڄ ۾ زميندار جي عزت ئي راڄ وارن جي عزت ڄاتي ويندي هئي. سامراجي دور ۾ زميندار جي  زندگي خاص طور ائين هئي ڄڻ ته هو ڪنهن ڇڪيل رسيءَ مٿان ڪاريگريءَ سان پنڌ ڪندو هجي.

جيتوڻيڪ نظرياتي طور تي زمين سرڪار جي هئي، پر ڇاڪاڻ ته قديم قبيلن اهي زمينون پئي آباد ڪيون ۽ انهن تي ئي آباد ٿي ويا هئا، نتيجي ۾ اها (زمين) زميندارن جي ئي ٿي وئي، جيڪي عملي طرح زمين جا مالڪ هئا. ان وقت زمين ڪاهڻ يا ٻني آباد ڪرڻ جو سرشتو اهو هئو ته پوک ۾ حصو رکيو ويندو هو. هاريءَ کي زميندار وٽان مندائتي نموني ڪنهن هڪ فصل لاءِ يا وري سدائين پوک واسطي ٻني مقرر ٿي ملندي هئي. مطلب ته جيسين هاري پاڻهي نه هليو وڃي تيسين هن کان زمين نه ڦربي هئي يا هو ڏوهه جهڙوڪ خون ڪري يا زناڪاري جهڙي الزام هيٺ اچي ڪنهن پاءَ پلاند ۽ برادريءَ جي فيصلي سان آجو نه ٿئي، ته اهڙي حالت ۾ اهڙي هاريءَ کي اها زمين ڇڏي هليو وڃڻو پوندو هو. ان طرح اهڙو هاري زميندار جي مرضيءَ پٽاندڙ ئي ٻني آباد پيو ڪندو هو. ان کان سواءِ زميندار جا ڪجهه موروثي ۽ پيڙهين کان آبادي ڪندڙ هاري به هئا، جيڪي روايتي طرح سدائين کان اهڙي ٻني ڪاهيندا پئي آيا، جن کي زميندار ڪڏهن به بي دخل نه ڪندو هو. تنهن کان سواءِ سنڌ ۾ گهڻا گشتي پورهيت به هوندا هئا جيڪي ڦٽين  جي چونڊي ۽ لاباري جي موسمن ۾  ۽ وارا بنديءَ جي دوران واهن تي کاٽين کڻڻ ۽ نون واهن کوٽجڻ جي وقت نمودار ٿيندا هئا، مندائتي پورهئي لاءِ اتر سنڌ کان بروهي ۽ بلوچ قبيلا ايندا هئا، اهي روزگار جي سهاري لاءِ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ٻاهران پنهنجي مال جا ڌڻ بيهارڻ لاءِ وڏيون واڙيون ۽ ننڍيون وستيون به ٺاهيندا رهندا هئا. اهڙا قبيلا الهندي کان جهالاوان جبل پار ڪري ڪوٽڙيءَ جي آسپاس ۽ لاڙ جي الهندي حصي ۾ لابارن ۽ ٻين موسمي پورهين ۾ هٿ ونڊائيندا رهندا هئا. ان طرح اڀرندي کان به ڀيل ۽ ڪولهي ڦٽين چونڊڻ ۽ لابارن جي ڪم وقت پهچي ويندا هئا.

ساڳئي وقت افغانستان کان پاوندا، پٺاڻ ۽ گاد به واهن جي کاٽين، رستن جي تعمير ۽ عمارتن جي ٺهرائڻ ۾ هر سال مزوريءَ لاءِ ايندا رهندا هئا. مطلب ته سماج ۾ اهو خانه بدوش مزدور طبقو ڪنهن خاص ڳڻپ ۾ نه هو. ٽالپرن جي دور ۾ انگريزن جي اچڻ کان ٿورو اڳ تائين سنڌي سماج ۾ سڀ کان اعليٰ جاگيردار هو. اهي ئي فوجي ڪمانڊر هئا ۽ اهي ئي مالڪ هئا. سڀ کان وڌيڪ اثر رکندڙ اهي جاگيردار هئا، جيڪي يا ته ٽالپر حاڪمن جا مائٽ هئا يا ته بلوچ قبيلن جهڙوڪ لغارين وغيره مان هئا. اهو قبيلو نواب ولي محمد لغاريءَ جو هو، جيڪو ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ ڏاڍو قابل عملدار هو.

بلوچ سردارن جو سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ حيدرآباد جي آس پاس ۽ ٻن ٻين ننڍين گادين خيرپور ۽ ميرپور خاص ڀرسان زمينن تي قبضو هوندو هو ته جيئن ضرورت پوڻ تي هنن جا لشڪر، رياست جي بچاءَ لاءِ وقت سر هڪيا حاضر هجن. جاگيردارن جي اها ذميداري ڪانه هوندي هئي ته زمين کي آباد ڪن يا انهن جي سنڀال سڙي ڪن. اهو ڪم موروثي طور زمين جي مالڪن جو هوندو هو، جيڪي زميندار سڏبا هئا. جاگيردار ته رڳو، کين حوالي ٿيل، جاگير مان ڍل اڳاڙڻ لاءِ سرڪار پاران ڪاراوا هوندا هئا. جاگيردار زمين جا مالڪ نه هئا، پر سرڪار پاران زميندارن کان سرڪار لاءِ ڍل وصول ڪرڻ وارا هئا. ان طرح ان وقت ڄڻ ته سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج کي هڪ اهڙي مخروطي اوچي عمارت سان ڀيٽي پيو سگهجي، جنهن جي ننڍڙيءَ چوٽيءَ تي رڳو ٿورو تعداد جاگيردارن جو هو، ان کان هيٺ ۽ سڀ کان مکيه حيثيت ۾ زميندار طبقو هو ۽ پوءِ آخر ۾ مُلو هيو، جيڪو ڳوٺ جي مڪتب ۽ مسجد جي سار سنڀال لهندو هو ۽ ساڳئي وقت استاد به هو. تنهن بعد ڪئين ڪاريگر ۽ ڪمي ڪاسبي هوندا هئا: هنرمند ۽ بي هنر مزدور، موروثي توڙي غير موروثي هاري، ڊکڻ ۽ واڍا ۽ سڀ کان هيٺ مندائتا پورهيت جهڙوڪ بروهي، باگڙي، اوڏ، ڀيل ۽ ڪولهي.

انگريزن جي 3 4 8 1 ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ انهن جاگيرن کي زبردست نموني ڪٽي ننڍو ڪري ڇڏيو، باقي رڳو ٿورو مقدار زمين جو اصلي اڳوڻي حاڪم طبقي جي آڪهه مان رهيل ڀاتين کي ڏنو. يا انهن اڳوڻي حاڪم ڪٽنب جي ڪن ويجهن بلوچ سردارن کي به ڪجهه ٻني ٻارو ڏنو ويو ۽ يا وري سرحدي قبيلن مان ڪن کي سياسي رشوت طور ٿوريون جاگيرون ڏنيون ويون جهڙوڪ چانڊيا ۽ مگسي قبيلا، جيڪي سنڌ، بلوچستان، سرحد تي رهندڙ هئا، ڇو ته اهي باقاعده ضلع انتظاميه جي ضابطي هيٺ اچڻ وارا نه هئا. ان کان اڳ درسگاهن ۽ درگاهن کي اڳوڻين حڪومتن جيڪي وقف ملڪيتون ڏنيون هيون سي به گهڻي قدر گهٽايون يا بند ڪيون ويون.

حقيقت ۾ اڻويهين صديءَ جي آخر تائين رڳو اهي زمينون بخشش ۾ يا جاگيرن طور بحال رکيون ويون، جيڪي سياسي طور ضروري ڄاتيون ويون.

انگريزن کان اڳ سنڌ جون ٻهراڙيون توڙي شهر، حيدرآباد جي حڪمران جا رعيتي هئا، ڇو ته اتي خود مختيار سنڌ جي گادي مقرر هئي. اهو شهر ٽالپرن کان اڳ ڪلهوڙن آباد ڪيو هو، جن ارڙهين صديءَ جي اوائل ۾ ئي مغلن کان سنڌ کي آزاد ڪرايو هو پر ڪلهوڙن کي نيٺ سندن خاص پوئلڳن ٽالپرن، ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري حڪومت تان لاهي ڇڏيو. توڙي جو ٽالپرن سنڌ تي ٽن جدا جدا خودمختيار حڪومتن: حيدرآباد، خيرپور ۽ ميرپور خاص جي گادين تان راڄ ڪيو، مگر مکيه گادي حيدرآباد ۾ قائم رکي وئي. ٽالپرن اتي ئي پنهنجي درٻار ۽ ڪامورا شاهيءَ جو مرڪز رکيو. اتي ئي ديوان جو سيڪريٽريٽ ۽ ان جا عامل اسسٽنٽ مقرر هئا. حيدرآباد ۾ ئي وزيراعظم ۽ ٻيا سرڪاري صلاحڪار رهندا هئا. حيدرآباد جو شهر مشهور ڪلهوڙي بادشاهه ميان غلام شاهه اعظم، ڪاروباري لحاظ سان ۽ ڏاڍي عمدي حساب ڪتاب سان آباد ڪيو هو. گنجي ٽڪر جي ڏاکڻي ڪپر سان شاهي پڪو قلعو ٺهرايل هو جيڪو سڄوئي پڪين سرن جو جڙيل هو. ان جي شاهي دروازي سامهون شاهي بازار سنئين سڌي ٻه ميل اتر طرف جوڙي وئي هئي. شاهي قلعي ۾ جيڪي جايون هيون تن ۾ حاڪمن جي خاندان جا ديرا هئا، سرڪاري خزانو ۽ فوجي سامان رکڻ جون جايون، ٻيون سرڪاري جايون ۽ ميرن جي درٻار به اتي ئي هئي. شهر جي ٻاهران اعليٰ درجي وارن اميرن جا گهر ۽ ٽنڊا آباد ڪيل هئا. جهڙوڪ نواب ولي محمد لغاريءَ جو ٽنڊو ولي محمد، مرزا اسماعيل جو مرزا جو پاڙو، ٽنڊو آغا، ٽنڊو مير محمود، ٽنڊو ٺوڙهو وغيره.

حيدرآباد جي شاهي بازار جي ٻنهي پاسن کان مختلف گهٽيون ۽ پاڙا هئا، جيڪي مختلف ڪمن ۽ هنرن سان لاڳاپيل ماڻهن جي رهڻ لاءِ وقف هئا. جهڙوڪ عاملن جو پاڙو، خدا آبادي پاڙو، وغيره جتي درٻار سان وابسته عملدار قلعي جي آفيسن جي ويجهي دنگ سان رهندڙ هئا. ان کان ٿورو پري ريشم اُڻڻ وارن لاءِ ريشمي گهٽي، سونارن لاءِ سونارڪي گهٽي وغيره ان طرح حيدرآباد شهر هر سطح جي سرڪاري ڪامورن سميت هر قسم جي ڌنڌي واپار جو مرڪز هو.

طبيعت مطابق سنڌي ماڻهو، سرنديءَ آهر ٽري وڃڻ وارا ماڻهو هئا ۽ ورلي ڪو مذهبي تڪرار ٿيندو هو. هندن جي خلاف ڪجهه واقعن جو بيان جنهن کي انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ضرورت کان زياده وڌائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي، سي واقعا دراصل هروڀرو ائين مبالغو ڪري پکيڙيا ويا ته جيئن انگريزن کي سنڌ تي سندن پاران ڪيل قبضي کي ڪنهن طرح جائز ڪوٺڻ جو ڪو بنياد ملي پوي. ان طرح انگريزن اهو مشهور ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي ته هنن جن اڳوڻن حاڪمن کي حڪومت تان لاٿو هو، سي وڏا ڪي ظالم هئا! جيڪي حقيقت ۾ ائين هرگز ڪين هئا!!

سنڌ جي آدمشماريءَ جي اڪثريت مسلمان هئي ۽ گهڻي ۾ گهڻي ٿورائي واري قوم هندو هئي. ڌنڌي  وغيره ۾ جيتوڻيڪ سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ واضح فرق هو،  ته به بزرگن کي مڃڻ ۽ لوڪ راڄ جي رسمن ۾ گهڻو ڪري ٻئي ڌريون پنهنجو گڏيل ورثو رکنديون هيون. سنڌ جا هندو اصل ۾ ذات پات جي متڀيد ۾ هندستان جي هندن جيان نه هئا. سنڌ ۾ گهڻا هندو پنجاب کان آيل هئا ۽ هنن جو ڌرمي لاڙو گهڻو ڪري گرونانڪ جي جاري ٿيل پنٿ ڏانهن هو. هو پنهنجي ٻارن کي شوق سان سک بنائڻ پسند ڪندا هئا. اڪثر هندو پاڻ کي فخر سان نانڪ شاهي سڏائيندا هئا. بنيادي طرح سنڌ جا هندو ٻن پور وڇوٽ فرقن ۾ ورهائجي چڪا هئا. هڪڙا عامل، جيڪي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ انتظامي عملدار ۽ سيڪريٽريٽ جا ڪامورا ۽ حڪومت جا صلاحڪار هئا. ميان غلام شاه ڪلهوڙي جو اهو صلاحڪار ديوان گدو مل ئي هو، جنهن حيدرآباد کي سنڌ جي گادي بڻائڻ جو مشورو ڏنو هو.

اهي عامل ئي هئا، جن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سرڪاري ملازمتن ۾ ڪاموراشاهيءَ جي جوڙجڪ کي مضبوط ڪيو ۽ بعد ۾ ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ به انهن ئي سرڪاري عملدارن جي کوٽ پوري ڪئي ويئي، عامل ڪامورا شاهيءَ جي هر سطح تي آساميون فراهم ڪري پئي سگهيا. جهڙوڪ صلاحڪار هجن توڙي منشي، امير وزير هجن توڙي سرڪاري نمائندا يا سفير.

منشيءَ جي عام فهم قلم سان عامل، سرڪار جو ڪوبه ڪم صحيح طرح سرانجام ڏئي پئي سگهيا. پوءِ اهو عهدو کڻي ڪلارڪ جو هجي يا ڪنهن معتبر وزير يا بادشاهت جي سينئر آفيسر جو! خزاني واري وزير يا ديوان جو عهدو ته ڄڻ عاملن کي ورثي ۾ مليل هوندو هو. يا انهن قلمدانن تي عاملن جي ئي هڪ هٽي هوندي هئي. جن خاندانن وزارت خزانه جو قلمدان سنڀاليو هو، تن کي اڃان سوڌو ”ديوان“ سڏيو پيو وڃي.

سنڌ ۾ هندو جاتيءَ جي ٻئين طبقي کي ”ڀائيبند“ سڏبو هو. جنهن ۾ واپاري طبقو هو، واڻيوBanker) ) ۽ دوڪاندار. سنڌ جي جهنگ جهر ۾ واڻيي جو هٽ ضرور هوندو هو ۽ ساڳئي وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي هندو واپاري ”سنڌ ورڪيءَ“ جي لقب سان واپار ڪندي نظر ايندا هئا. هنن جون هُنڊيون ڏيهان ڏيهه پکڙيل ۽ مڃيل هونديون هيون جيڪي دنيا جي واپاري طبقن ۾ تسليم ڪيل هونديون هيون. اتر ۾ ماسڪو جي تجارتي حلقن تائين توڙي ڏکڻ اوڀر ۾ ايشيا ۽ ان کان به پري اهي هُنڊيون مڃيل هيون. ڀائيبندن جي ذات هونئن ته ساري سنڌ ۾ موجود هئي، پر خاص طور مشهور ٿي خدا آباد ڳوٺ ضلعو دادو وارن جي ڪري. سترهين ۽ ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ اتر سنڌ جو شڪارپور، اتي جي و اڻين جي هُنڊينBanking Cheques) ) ۽ تجارتي مرڪز سبب اتر هندستان توڙي وچ ايشيا ۽ اولهه ايشيا ۾ تمام مکيه شهر ليکبو هو. وچ ايشيا کان، اولهه وارن ملڪن کان ۽ ڏکڻ ايشيا ۽ ڏور اوڀر کان مال جا قافلا شڪارپور کان ضرور لنگهندا هئا ۽ اتان پوءِ اهو مال مختلف ملڪن ڏانهن موڪلبو هو. شڪارپوري واپارين ۽ واڻين پنهنجي قابليت ۽ سخت محنت سان ڌنڌي واپار ۽ ناڻي سيڙائڻ جي ڪاروبار ۾ اعليٰ درجي واري ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ان طرح ئي سنڌ ورڪين طور دنيا ۾ مشهور ٿي ويا. هو ٻار ٻچا ۽ زالون سنڌ ۾ ئي گهر ڇڏي دنيا جي دور دراز علائقن ۾ هليا ويندا هئا، وقت ۽ معاملن جي نسبت سان ڪڏهن دير ته ڪڏهن جلد جلد واپس پنهنجي ٻارن وٽ به ايندا هئا.

ان طرح ”سنڌ ورڪي“، ڄڻ ته واپاري دنيا ۾ پاڻ وقف ڪري ڇڏڻ جو هڪ خاص خطاب جڙي پيو! هنن جي انهيءَ ذهني يڪسؤيءَ ۽ محنت ڪري سنڌ کي تن ڏينهن ايترو ته مشهور ۽ آسودو ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ڪير تصور به نه ٿو ڪري سگهي.

سنڌ ورڪين جي محنت سان آندل دولت ۽ آسودگيءَ جي نتيجي ۾ ارڙهين صديءَ جي زماني ۾ به هندستان جي ننڍي کنڊ جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ آزاد مسلمان بادشاهت موجود هئي. شڪارپور جا واڻيا، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دورن ۾ حڪمرانن کي ناڻي مهيا ڪرڻ ۽ قرض ڏيڻ ۾ هر وقت تيار هوندا هئا.

جيئن ئي اوڻويهين صدي اڳتي وڌندي آئي، تيئن شڪارپور جو زور به گهٽجڻ لڳو. روس جيGreat game) ) يا قبضي گيريءَ جي سياسي چال، واپاري قافلن جي شڪارپور وٽان لنگهي وڃڻ جي ضرورت کي ڌڪ رسايو، ڇو ته روس ۽ انگريزن جي وچ ۾ الهندي هندستان کان وچ ايشيا ۽ ايران جي پاسي تائين سياسي ۽ جنگي چال، ڇڪتاڻ کي ڏينهون ڏينهن وڌايو. واپاري قافلن جي اچڻ وڃڻ ۽ ان طرح وچ ايشيا ڏانهن توڙي اوڏانهن کان هندستان ۽ سمنڊ رستي مال جي اتر ڏکڻ اچ وڃ کي ڌڪ رسايو، تنهن ڪري شڪارپور تي ان منڊيءَ جو به اثر پيو. ويتر جو هندستان تي انگريزن جو مڪمل قبضو ويجهو اچي پهتو، سو نتيجي ۾ واپاري راهون خشڪيءَ بجاءِ سمنڊ ذريعي شروع ٿيون، جن جا حقيقي طور هلائيندڙ انگريز ئي هئا.

پر  جڏهن شڪارپور جي اهميت ختم ٿي تڏهن ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته سنڌ جي ڀائيبندن تي ڪو نقصانڪار اثر پيو، بلڪ هنن وقت پٽاندڙ پاڻ کي به بدلايو ۽ انگريزن جي فتح بعد نين حالتن ۾ ڪراچي بندرگاهه ٿي پيو هو، تنهن ڪري سنڌ جا ڀائيبند ڪراچي جا سڀ کان وڏا واپاري بڻجي ويا، پر عاملن حيدرآباد ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو ۽ ان شهر کي ايشيا جو سڀ کان خوبصورت شهر بڻائي ڇڏيائون. حيدرآباد جديد تعليم لاءِ لاتعداد اسڪولن ۽ ڪاليجن جو شهر ۽ عمدين عمارتن ۽ باغن ۽ پارڪن جو شهر هو. انگريز دور ۾ حيدرآباد شهر ڏاهن جي رهڻ جو مکيه هنڌ هو. اتان نوان نظريا ايندا هئا ۽ هلچل جو زور هوندو هو. اهو شهر هندن توڙي مسلم ثقافتن جو ڳڙهه هوندو هو.

انگريزي بيٺڪيت واري راڄ اچڻ کان اڳ ته سنڌ ۾ شهري مرڪز ۽ مکيه شهر ته اجهو هينئن هئا: گادي حيدرآباد، مکيه واپاري گنج شڪارپور ۽ درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي آباد جاڙا شهر سکر ۽ روهڙي هئا، جن جي وچ ۾ تواريخي ٻيٽ بکر هو. لاڙڪاڻو اتر سنڌ ۾ اناج جي واپار جو گودام هو، وچولي سنڌ ۾ حيدرآباد کان سواءِ گمبٽ ۽ نصير آباد ڪپڙي اڻڻ جا مرڪز هئا. سنڌونديءَ جي ساڄي ڪناري سان حيدرآباد کان هڪ سؤ کن ميل اتر اولهه ۾ قديم زيارتگاهه سيوهڻ هو، جنهن جو بيان ”چچ نامه“ (3) ۾ ٿيل آهي، جيڪو جڏهن ٻڌ ڌرم وارن جو شهر هو، تڏهن سيوستان (شِواستان) سڏبو هو، جيڪو شهر محمد بن قاسم اٺين صديءَ عيسويءَ جي شروع ۾ فتح ڪيو هو. ان شهر پنهنجو مذهبي مرتبو، سچ ته هر دور ۾ قائم رکيو. هندن جي زماني ۾ توڙي ٻڌ ڌرم جي وقت توڙي مسلمانن جي دور ۾ هي شهر بدستور مذهبي مرتبي وارو زيارت گاهه ۽ تيرٿ آهي. هي اهو شهر آهي جنهن تي ڏند ڪٿائن مطابق، سڪندر اعظم به اچي پنهنجي ڇانوڻي هنئي هئي ۽ قلعو ٺهرايو هئائين.

لاڙ ۾ حيدرآباد کان هيٺ ٺٽو شهر هوندو هو، جيڪو وچولي دور ۾ سمان خاندان جي گاديءَ جو هنڌ هو. ڪنهن زماني ۾ اهو ايڏو برک ۽ آباد شهر هو جو اڪيلي ان شهر ۾ چار سؤ ڪاليج هئا، ان شهر کي سورهين صدي ۾ پورچوگيزن باهه ڏئي ساڙيو هو، جنهن کان پوءِ ان شهر کي وري ڪڏهن اڳوڻو اوج نصيب نه ٿيو. سنڌ ۾ انگريزن جي آمد وقت ڌاري سنڌونديءَ جي ڇوڙ کان اولانهين ڪنڊ تي عربي سمنڊ جي ڪناري تي، ڪراچيءَ جو بندرگاهه هو، جنهن اڃان درياءَ جي بندرگاهن، شاهه بندر ۽ لاهري بندر جي جاءِ والاري اهميت اختيار ڪرڻ شروع ڪئي هئي.

نيپيئر توڙي لارڊ ايلنبرو، (جيڪو سنڌ جي فتح وقت هندستان جو گورنر جنرل هو) تن ٻنهي کي سنڌ ۾ ڏاڍيون ڪي گهڻيون اميدون هيون. سنڌ ۾ اهي اهڙو ته مثالي انتظامي سڌارو آڻڻ جا منتظر هئا، جنهن کي ڏسي دنيا دنگ رهجي وڃي ها! ان سلسلي ۾ هڪ موقعي تي لارڊ ايلنبرو، نيپيئر کي لکيو:

”سنڌ ۾ اسان کي جيڪي سوچڻو ۽ ڪرڻو آهي سو لازمي طرح سڀ ڪجهه ان جي مستقبل واسطي ڪرڻو آهي. اسان کي هر طرح هڪ نئين مصر تخليق ڪرڻي آهي. آئيندي جي عظيم الشان مقصدن جي حصول اڳيان اسان کي موجوده موقعي جي حساب سان ڪابه رنڊڪ وجهڻي ناهي. سنڌ ۾ اسان کي اهڙو ڪردار ادا ڪري ان ڳالهه جي تلافي ڪرڻي آهي جيڪا اسان هندستان ۾ عمل ۾ آڻي ڪين سگهيا آهيون. هن نئين ملڪ ۾ يورپي انتظامي طرز تي ايشيائي علائقو وجود ۾ آڻڻو آهي. اسان کان جيترو ٿي سگهي اوترو عوام ذريعي ئي ڪاروبار سرانجام ڏياريون. رڳو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پاران اسان کي ڪجهه به ڪرڻو ناهي. اسان کي هن ملڪ ۾ اهڙي ته حقيقي روشن خيال حڪومت قائم ڪرڻ کپي جنهن جي انتظامي سڌارن کي ئي پنهنجو لازمي مقصد سمجهون“ (4.(

نيپيئر اهي پيو خواب ڏسندو هو ته اهڙو ڏينهن ايندو جڏهن سنڌوندي اتر الهندي هندستان جي اهڙي شاهراه هوندي جنهن ۾ ٻيڙين ۽ جهازن جا هشام هوندا. جن ۾ پهچ کان ٻاهر سرزمين جهڙوڪ اتر الهندي افغانستان، وچ ايشيا، روسي شهنشاهيت جي سرحدن کان آندل واپاري سامان دريائي رستي سمنڊ تائين پهچندو ۽ تنهن کان پوءِ يورپ روانو ٿيندو. ايلنبرو ۽ نيپئر وٽ ايڏيون ته وڏيون رٿون هيون جن موجب سنڌ ۾ نئين دور جي آمدرفت ۽ رستن جو هڪ وسيع ڄار پکيڙڻو هو. جن مطابق ڪراچيءَ ۾ هڪ جديد بندرگاهه، پنجاب ۽ اڃان پرتي تائين ريلوي جو وسيع سرشتو هجي. خشڪيءَ جا روڊ ۽ رستا هجن. اهڙا واهه ۽ ڪئنال هجن، جن ۾ ٻيڙيون ۽ ننڍا جهاز هلائي سگهجن. ناڪو ۽ واپاري محصول نه وٺجن. اهي سڀ اهڙيون مکيه ذميواريون هيون، جيڪي ايسٽ انڊيا ڪمپني هرگز پنهنجي ذمي ڪين کڻي ها. بهرحال نيپيئر کي جيڪا رقم هٿ لڳي، تنهن سان ته هو اڃان واهن جي ڊيگهه ۽ ماپ تي خرچ ڪري سگهيو ۽ ڪراچي بندرگاهه جو ابتدائي ڪم ۽ نئين انتظامي جوڙجڪ کي قائم ڪري سگهيو. جيستائين سنڌ بابت پنهنجي خوابن جي ڪنهن ٿوري حصي جي تعمير ئي پوري ڏسي سگهي تيستائين هو سنڌ ۾ ڪونه رهيو ۽ سنڌ جا وڻ ڇڏي ويو. پوءِ ته سنڌ کي بمبئي کاتي جهڙي ديو سان ڳنڍيو ويو، جتي سنڌ جي معاملن کي نه بنيادي حيثيت هئي ۽ نڪي تڪڙن اپائن لاءِ ضرورت، بس پوءِ سنڌ تي نه ڪڏهن چڱي طرح بمبئي سرڪار ڌيان ڏيڻ ضروري ڄاتو ۽ نڪي ڪلڪتي واريءَ مرڪزي سرڪار غور ڪيو. سنڌ وري هڪ ڀيرو ”بيٺل پاڻي“ واري دور ڏانهن موٽي وئي.

پر سن 9 4 8 1 ع ۾ هڪ هوشيار منتظم ايڇ-بي-اي فريئر جي سنڌ ۾ مقرر ٿي اچڻ سان ان بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪي ڇوليون پيدا ٿيون. فريئر صاحب پنهنجي دور جي مشڪل حالتن هوندي به اپاءَ وٺي روڊ ۽ رستن قائم ڪرڻ لاءِ بنيادي جديد سرشتو وجود ۾ آندو ۽ انتظام ۾ گهڻي قدر گهربل سڌارا آندا ۽ ان کي ٺيڪ ڪيو. فريئر، جنرل جان جيڪب (5) جي زبردست مدد ۽ حمايت سان ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين وجهرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن کان پوءِ ڪراچي درياءَ سان ڳنڍجي پئي ۽ اتان کان آگبوٽ سروس ذريعي ملتان تائين ڳنڍجڻ ڪري، پوءِ اتان وري ملتان کان پنجاب تائين ۽ اوڀر ڏانهن دهليءَ تائين ريلوي ذريعي ملي وئي. فريئر اڃان اڳتي اپاءُ ڪندي بندرگاهه تعمير ڪرايو ۽ انتظاميا ۾ سڌارا به آندائين. هن نيپيئر جي قائم ڪيل ڍل اوڳاڙڻ جي سرشتي کي ٿورو هلڪو بنائڻ تي توجهه ڪيو، جيڪو حقيقت ۾ ظلمي ۽ ڄڻ ته چَٽي هو، جيتوڻيڪ ان ۾ اڻويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ ويهين صديءَ جي اڳياڙيءَ تائين ٿورو معقول سڌارو اچي سگهيو.

فيريئر سڀ کان وڏو ۽ قيمتي احسان اهو ڪيو جو هن سنڌ ۾ تعليمي سرشتو قائم ڪيو. هن سنڌي ٻوليءَ جو درجو، تعليم جي ذريعي طور تسليم ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ طور انتظامي، ڪاروباري ۽ عدالتي ٻولي به تسليم ڪيو ويو. انگريزي سان گڏوگڏ سنڌي زبان عدالتن ۾ ۽ ٻين انتظامي سرڪاري آفيسن جي پڻ ٻولي تسليم ٿي وئي.

هن ساڳئي وقت سنڌ ۾ اڳي کان موجود ديسي تعليم جي حالت جي باري ۾ رپورٽ تيار ڪرائي، جنهن تعليم کي انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ رقمون ۽ چندا ملڻ بند ٿي ويا هئا ۽ جيڪا تعليم گهڻي قدر تباهه حال ٿي چڪي هئي پر ته به ان جي رهيل جوڙجڪ جي برباديءَ مان ان جي حيثيت ۽ اهليت جو اندازو خوب لڳائي پيو سگهجي.(6)

هن سرڪاري امداد سان هلندڙ اسڪولن جو هڪ بنيادي سرشتو قائم ڪيو، جنهن مطابق روايتي مذهبي تعليم جا اسڪول به هلندا رهيا ۽ انهن کان جدا غير مذهبي خانگي اسڪول به وجود ۾ آيا، جن ۾ بنيادي سائنسي مضمون توڙي روايتي سماجي مضمون به پڙهايا ويا. پر جيڪي به رٿون فريئر سنڌ لاءِ تيار ڪيون تن ۾ 7 5 8 1 ع واريءَ اٿل پٿل کان پوءِ گهڻي قدر ڪتر آندي وئي، ڇو ته انگريزن لاءِ هاڻي خرچ جي سلسلي ۾ اوليت جو  درجو فوج لاءِ ٿي ويو. اها اهڙي قسم جي اوليت هئي جنهن جي نتيجي ۾ تعليم توڙي ٻين ڪن سهولتن آڻڻ جهڙين رٿن تي خرچ ٿيڻ ذري گهٽ تمام گهٽجي ويو. جو ڪجهه هيل تائين منظور ٿيل خرچ به هو، تنهن ۾ زبردست ڪتر اچي وئي. انهن حقيقتن جي پيش نظر فريئر جو پروگرام ڪنهن حد تائين جاري ته رهيو پر بيٺڪي راڄ جي اوائلي حاڪمن جي اپائن جو روشن پهلو، بهرحال حقيقت جو روپ ڪڏهن به وٺي نه سگهيو.

ان وقت اتر سنڌ جي سرحد تي جيڪب صاحب ٻروچ قبيلن کي مطمئن ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. جنهن دوران مکيه سردار، قلات جي خان، بيگلار بيگيءَ جي هٿ هيٺ قبيلن جي وارثيءَ کي تسليم ڪرڻ سان، اڻ سڌي طرح انگريزن جي حڪمرانيءَ جو سرشتو قائم ڪيو پئي ويو.

سنڌ جي غير واضح سرحد پار مزارين، بگٽين، مرين ۽ ٻين طاقتور ۽ گهٽ طاقتور  قبيلن سان اهڙي ته گهڻي سياڻپ وارو ورتاءُ ڪيو ويو ۽ هڪ اهڙو ته سرشتو ترتيب ڏنو ويو جيڪو اڄ تائين ائين هلي پيو. اصل ۾ مکيه قبيلن جي خودمختياريءَ کي تسليم ڪري انهن تي قلات جي خان جي بالادستي قائم ڪري خان سميت انهن سڀني کي انگريز سرڪار جو تابعدار بنايو ويو هو.

ساليانا جرڳا سڏائبا هئا، جن ۾ سنڌ جو ڪمشنر يا بمبئيءَ جو گورنر اچي، گهوڙن ۽ چوپائي مال جي ميلي توڙي سنڌ ۽ بلوچستان جي رئيسن ۽ سردارن جي ميڙن جون صدارتون ڪندا هئا. انهن موقعن تي اڀرندي وارا بلوچ قبيلا توڙي سنڌ جا سردار شريڪ ٿيڻ، پاڻ لاءِ تمام ضروري سمجهندا هئا ۽ اعليٰ انگريز عملدارن جي نظرداريءَ هيٺ ويهي راڄوڻا فيصلا ۽ جرڳا نبيريندا هئا. جيڪب آباد ۽ سبيءَ ۾ اهڙا ساليانا ميڙ ڪوٺائڻ ذريعي انگريزن پنهنجي انتظام کي ائين ئي پختو رکيو، جيئن ڏکڻ ايشيا جي هن ننڍي کنڊ کي هنن اڻ سڌي طرح واري انتظام هيٺ قابو رکيو. اهو اهوئي شاندار ۽ دٻدٻي وارو سرشتو هو جنهن سان قبيلن ۽ راڄن جا چڱا مڙس انگريزن پاران تسليم ڪيا ويندا هئا ۽ راڄن جي فيصلن کي نبيرڻ لاءِ سردارن ۽ پڳدارن جي طئي ڪيل طريقي سان اهڙو ته امن وارو ماحول پيدا ڪيو ويو جنهن سنڌ جي سرحدي علائقن کي امن جي معاملي ۾ پنجاب ۽ اتر الهندي سرحدي صوبي  ۽ ٻين اهڙن سڀني علائقن کان هڪ ممتاز حيثيت ڏئي ڇڏي.

پر اتر هندستان ۾ 7 5 8 1 ع ۾ جيڪو انقلاب برپا ٿيو، تنهن سنڌ ۾ فريئر ۽ جيڪب جي ٿيل ڪم کي بي رحميءَ سان روڪي ڇڏيو. دهليءَ ۽ ٻين علائقن جي وري فتح ڪرڻ کان پوءِ انگريزن جي حڪمرانيءَ جي طريقي ۾ تمام گهڻو ڦيرو اچي ويو ۽ هنن سڀ کان وڌيڪ ڌيان بچاءَ واري ڪم کي ڏنو، توڙي جو انگريز سرڪار جو دٻدٻو ۽ انتظام وري اڳئين جيان قائم ٿي ويو، پر پوءِ هنن سڌارن ۽ ٺاهه ٺوهه جي سلسلي ۾ خرچن جي رقم کي گهڻي قدر گهٽائي ڇڏيو. ان کان پوءِ انگريزن هندستان ۾ يورپي طرز تي سڌارو ۽ تهذيب قائم ڪرڻ جو ڪم ڇڏي ڏنو. جيتوڻيڪ هنن پنهنجو ضابطو وري قائم ڪري ڇڏيو هئو هندستان کي انگريزي شهنشاهيت ۾ باقاعدي شامل ڪري ڇڏيو هئائون.

ان بعد عيسائي تبليغي اپائن تي به سختي ڪري ڇڏيائون ۽ هندستاني ماڻهن کي پنهنجي جدا جدا ذات پات ۽ مذهبي متڀيدن پٽاندر اڪيلو ڇڏيو ويو. تيستائين سرڪار ڪنهن جو نالو به نه وٺندي هئي جيستائين ڪنهن جي عقيدي ۽ ذاتي سرگرميءَ مان شهنشاهيت اندر امن کي خطرو نه هجي.

مذڪوره ڏيهي بغاوت انگريزن جي دلچسپي ۽ شوق کي ڌڪ هنيو هو ۽ بعد ۾ وائسراءِ کان وٺي هيٺين ليول تي ڪليڪٽر تائين هنن حڪومت جا ڪم ته بيشڪ سرانجام ڏنا پئي ۽ فيصلا به ٿيندا هئا. انصاف به پلئه پوندو هو ۽ ڪجهه سڌارا به ٿيا پئي پر هنن دليئون ڪم ڪونه پئي ڪيو. شهنشاهيت جي محافظن هونئن ته مقرر گروهه طور فرض پئي سنڀاليا، پر لارڊ ڪرزن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به حقيقي تصور ۽ روح سان ڪم ڪونه ڪيو. وڌيڪ پوءِ نه مئڪالي پيدا ٿيو ۽ نڪي موڳو لارڊ ايلنبرو جهڙو ڪو عملدار مليو. مثال طور صوبائي سطح جي سرڪار جو ئي نمونو وٺجي ته نتيجي ۾ ترقيءَ جا رستا بند ٿي چڪا هئا. نه تعليم لاءِ خرچ پئي رکيو ويو، نه رستن لاءِ ۽ نه واهن لاءِ بجيٽ ۾ ڪا خاص رقم مخصوص پئي ٿي. روزمرهه جي سماجي ۽ مثالي زندگيءَ لاءِ مٿين بنيادي ڪمن لاءِ رقمن کي سخت ڪتر جو نشانو بنايو ويو. ان کان پوءِ هندستان کي ان جي قديم حالت تي بلڪ  اڃا به ناقابل يقين اڻ سڌريل حالت تي ڇڏيو ويو، جنهن حالت کي جيڪر نيپيئر جهڙو ماڻهو تيزيءَ سان درست ڪرڻ چاهي ها.

سڄي دنيا جي ترقي يافته ۽ صنعتي طاقت برطانيه سان رڳو ڪنهن طرح طاقت جي زور تي هندستان جو لاڳاپو جوڙيو ويو هو. جنهن ۾ هندستان اهڙو وچولي دور وارو ملڪ هو، جنهن جي حالت اڃا مشيني دور کان به اڳ واري هئي.

جيئن سامراجي طاقتون ماتحت ملڪن کي هلائڻ لڳيون هيون تيئن هندستان کي به انگريزن هلائڻ شروع ڪيو. حالانڪ انگريز فني ۽ انتظامي طور هندستان جي حالتن جي پيش نظر ان کان صديون اڳتي وڌيل هئا.

هندستان ۾ بغاوت کان هڪدم پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي والاريل علائقن کي رسمي طرح برطانيه جي تاج حوالي ڪيو ويو ۽ راڻي وڪٽوريا ”مهاراڻي“ جو لقب اختيار ڪيو. هن ترت ئي هندستان جي رعيت کي مڪمل تحفظ جو يقين ڏياريو ۽ اعلان ڪيو ته سندن خلاف ڪابه انتقامي ڪاروائي نه ٿيندي، پر تنهن هوندي به 7 5 8 1 ع  جي واقعن پنهنجا تيز اثر پٺيان ضرور ڇڏيا. لڙائيءَ جي دوران  ٿيل ظلمن وڪٽوريا واري دور ۾ انگريزن جي رد عمل کي بهرحال ظاهر ڪيو پئي ۽ لارڊ ڪئننگ جي ڪوششن ۽ نرميءَ به انهيءَ انتقامي رد عمل جي حالتن کي ٿورو ڪجهه مس گهٽايو.

اتر هندستان جي مسلمانن کي انهيءَ بغاوت لاءِ جوابدار سڏيو ويو ۽ انگريز حاڪمن مسلمانن کي ناقابل اعتبار قرار ڏنو. توڙي جو پنجاب جا مسلمان انگريزن سان نه رڳو وفادار رهيا، پر کين بغاوت جي چٿڻ ۾ مدد به ڪيائون. ائوڌ ۽ آگري وارن گڏيل صوبن (U.P) جي مسلمانن کي وري آباد ڪرڻ جو سلسلو انگريزن تڏهن هٿ ۾ کنيو، جڏهن سر سيد احمد خان ڪوشش ڪئي، ڇو ته هو بغاوت جي ڏينهن ۾ ڳجهيءَ طرح انگريزن سان وفادار رهيو هو ۽ هن انهيءَ بغاوت کي مسلمانن لاءِ صاف صاف تباهيءَ برابر محسوس ڪيو هو. هن پنهنجي ان حيثيت کي ڪم آندو، هو سامراجي طاقت جو قابل اعتبار نوڪر هو ۽ انگريز حاڪمن کي هن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين مسلمانن کي سمجهڻ ۾  اصل ۾ غلط فهمي ٿي آهي. ان طرح هن مسلمانن جي جذبات کي حاڪمن وٽ پهچايو. هن ان ريت انهن علائقن جي مسلمانن کي وري ملڪ جي مکيه ترقياتي رستي تي پهچائڻ شروع ڪيو.

اهي هن شخص جا اپاءَ ئي هئا جو گڏيل صوبن جي مسلمانن انگريزي ٻولي سکڻ ۽ غير ديني تعليم پڙهڻ شروع ڪئي. سر سيد نه رڳو پنهنجي قوم کي هندستان جي بيٺڪي راڄ ۾ عام زندگيءَ جي ڪاروبار سان گڏجي هلڻ ۾ مدد ڪئي پر جديد صنعتي دنيا جي ضرورتن آهر اسلام جي مطلب ۽ مفهوم سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين.

سر سيد ۽ ڪلڪتي واري سڌارڪ ۽ سياستدان سيد امير علي جي اپائن جو ان وقت واري هندستان جي مختلف صوبن جي مسلمانن تي توڙي اوڻويهين صدي جي سنڌ جي ترقيءَ لاءِ گهڻو اثر ٿيو.

سيد امير عليءَ مسلمانن جي سڌاري لاءِ آل انڊيا محمدن ايسوسيئيشن جي نالي سان هڪ سياسي ۽ سماجي تنظيم ٺاهي ۽ ساڳئي نموني صوبائي تنظيمون پڻ ٺهرائڻ لاءِ هن سڄي هندستان جا دورا به ڪيا. سنڌ ۾ ان راهه تي حسن علي آفندي ڪم شروع ڪيو. هو تعليمي ميدان ۽ سياست ۾ هڪ مکيه منتظم هو. هن 2 8 8 1 ع ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن قائم ڪئي، جيڪا تنظيم سنڌ ۾ پهرين مسلم تنظيم هئي. ان تنظيم پوءِ صوبي جي خدمت اڌ صديءَ تائين سرانجام ڏني. هن پوءِ سنڌ ۾ مسلمانن جي ٻارن کي نئين دور جي غير مذهبي ۽ سائنسي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام نالي هڪ اسڪول به قائم ڪيو. هن صوبي ۾ مسلمانن لاءِ اهو اسڪول تمام گهڻو اهم ثابت ٿيو ۽ ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين جن سنڌي ماڻهن سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪيو سي ان سنڌ مدرسته الاسلام جا پڙهيل هئا.

انگريزن پنهنجي سهوليت ۽ مناسبت مطابق ائين حڪومت پئي ڪئي، ڄڻ قانون جي حڪومت پيا ڪن. هنن قاعدن ۽ قانونن کي اهڙيءَ ريت ڪم آندو جو مقامي ماڻهن تي حڪومت هلائي سگهن. سنڌ ۾ هو مقامي حالتن کان قطعي اڻ ڄاڻ رهيا. تنهن ڪري سندن جاري ڪيل فوجداري ۽ ديواني قاعدن قانونن خاص طرح ٻهراڙين وارن لاءِ رڳو مسئلا پيدا ڪيا.

انهن قاعدن جي غلط لاڳو ٿيڻ جو خاص سبب اهو ئي هو، جو انتظامي عملدار بمبئي سرڪار جا هئا. بمبئي ڄڻ ته دکن هندستان يا ڏکڻ هندستان جو هڪ اهڙو علائقو سمجهڻ کپي جيڪو سنڌ کان بهرحال بلڪل مختلف آهي. حقيقت ۾ ائين چئبو ته ڏوهن ۽ ديواني ڪيسن لاءِ گهڻي قدر ڦير ڦار سنڌي ماڻهن جي حياتين کي پيڙي ڇڏيو.

ڍل جا قانون ۽ ڍل جي جمعبندي جا نوان قاعدا، بمبئي سرڪار جي انگريزي انتظام واري تجربي مان حاصل ٿيا هئا. جڏهن ته اتان جون حالتون سنڌ جي ڀيٽ ۾ بنهه مختلف هيون. نتيجو اهو ٿيو جو سنڌ جا ماڻهو ڏاڍو مونجهاري جو شڪار ٿي ويا ۽ سخت مشڪلات جي منهن ۾ هئا. ڪيترائي خاندان انهن غير مناسب قانونن ڪري برباد ٿي ويا ۽ مورڳو نئون طبقو اهڙو وجود ۾ آيو جيڪو نئين سرشتي سان ساز باز ڪري هلي پئي سگهيو. نه رڳو فوجداري ۽ ديواني شعبن ۾ تبديليون آيون، پر اقتصادي ۽ سماجي جوڙجڪ ۾ به ڦيرو آيو. نئين تعليمي سرشتي شروع ٿيڻ سان ملڪ اندر شهنشاهيت جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ رڳو هيٺين طبقي جو آفيسر طبقو وجود ۾ اچڻ لڳو ۽ ماڻهو رڳو نوڪرين لاءِ پڙهڻ لڳا.

ڪليڪٽرن ۽ ڪمشنر جي آفيسن لاءِ ڪلارڪ، تپيدار ۽ مختيارڪار بڻجڻ لاءِ ماڻهن تعليم وٺڻ بابت پاڻ وقف پئي ڪيو، جڏهن ته اڳي سنڌ ملڪ جو تعليمي سرشتو ديني هوندو هو.

انگريزي راڄ جي نئين سرشتي ۾ مڪاني ڪامورن جي تجربي تي ئي ضلعي جو ڪليڪٽر ۽ پوليس سپرنٽينڊنٽ دارو مدار رکندا هئا ته جيئن انهن جي ذريعي ضلع اندر کين روزمرهه جي حالتن ۽ عام ريتن رسمن جي خبر پوندي رهي.

تنهن ڪري انهن ڪلارڪن ۽ مختيارڪارن جو انتظاميه ۽ عوام تي گهڻو اثر هوندو هو. انهن ننڍن ڪامورن جو ايترو وڏو عهدو ڪونه هو جيترو سندن اثر حاڪم توڙي رعيت تي هوندو هو. حاڪمن لاءِ اهو طبقو نهايت ضروري هو، ان ڪري به ته اهي ڪجهه ڪجهه انگريزي ڳالهائي به سگهندا هئا. اهي ئي مقامي ڪامورا هوندا هئا جيڪي اعليٰ عملدارن لاءِ گشت جا پروگرام به ٺاهيندا هئا ته تَرَ جي زميندارن سان لهه وچڙ ۾ به رهندا هئا. اهي ئي گشت دوران ۽ منزلن وقت تنبو هڻائيندا هئا ۽ ڪڪڙ ۽ ڇيلا ڪهائي صاحبن لاءِ دعوتن جو انتظام ڪندا هئا ۽ صاحبن اڳيان عرض ۽ درخواستون پيش ڪرائڻ ۽ صاحبن سان ملاقاتين جو موقعو مهيا ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪرائيندا هئا.

ايندڙ هڪ سئو سال تائين جديد رياست جي جوڙجڪ ٺاهڻ ۾ لڳي ويو. ان ريت سنڌ جيان درحقيقت باقي سمورو هندستان، ٿڙندي ٿاٻڙندي روئندي مرندي نيٺ جديد دور ۾ اچي پهتو ۽ جتي ماڻهن جو ريلوي، تار، ڇاپخاني، سياسي ۽ سماجي ادارن سان واسطو پيو ۽ نئين زماني جي رعيتي راڄ يا نمائنده سرشتي جي شروعات ٿي. هنن حالتن ۽ ان جي ڦير گهير سان قدرتي طور هندستان جي ماڻهن تي ۽ ان طرح سنڌ جي ماڻهن تي به بنيادي اثر پيو. ڪجهه ڏهاڪن بعد نه رڳو قانوني سرشتي جي فوجداري ۽ ديواني پهلوئن تي اثر پيو، پر سماجي جوڙجڪ تي به اثر پيو. هڪ نئون رعايت يافته طبقو وجود ۾ آيو ۽ پراڻو ڪلاس تباهه ٿي ويو ۽ جيئن ته ايتري ۾ هندستان جي ننڍي اپکنڊ ۾ توڙي سنڌ ۾ ويهين صديءَ جي پرهه ڦٽي چڪي هئي، تنهن ڪري هن قديم سر زمين سنڌ جي تواريخ ۾ به نئين دور کي جنم ملي ويو.

محمد ايوب کهڙو صاحب به هن صديءَ جي پهرين سال ۾ ڄائو ۽ ويهين صديءَ جي پهرين اڌ کان به وڌيڪ عرصي دوران وقت جي انتهائي اهم واقعن سان زندگيءَ جي آخري لمحن تائين لاڳاپيل رهيو.

 

 

 

وضاحتون ۽ حوالا:

(1) هندستان جي وائسراءِ کي ۽ بمبئي جي گورنر کي توڙي برٽش انڊيا جي ٻين کاتن (Presidencies) جهڙوڪ  بنگال ۽ مدراس جي گورنرن کي لاٽ صاحب يا (Lordships)  جي لقبن سان ياد ڪبو هو.

(2) بمبئي جو شهر ۽ ٻيٽ اصل ۾ انهيءَ پورچوگيز شهزاديءَ کي ڏاج ۾ مليو هو، جنهن جي چارلس ٻئين سان سترهين صديءَ ۾ شادي ٿي هئي. تنهن ڪري بمبئي، انگريزن جي املاڪ ۾ سنڌ جي فتح کان به ٻه صديون اڳ اچي چڪي هئي.

(3) ”چچ نامون“ ننڍي کنڊ هندستان جي تواريخي واقعن ۾ سڀ کان اوائلي ڪتاب آهي. ان ڪتاب ۾ اُموي خاندان جي جنرل محمد بن قاسم هٿان اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ فتح ڪرڻ جو بيان آهي. اهو ڪتاب منڍ ۾ عربيءَ ۾ لکيو ويو پر هن وقت عالمن وٽ جيڪو ڪتاب آهي اهو ان جو فارسي ترجمو آهي، جيڪو ڪجهه وقت پوءِ عربيءَ مان فارسي ۾ ترجمو ڪيو ويو هو.

(4) ايلنبرو، نيپيئر کي 12 اپريل 1843ع تي لکيو، ”حميده کهڙو جي ڪتاب“ ميڪنگ آف ماڊرن سنڌ“ صفحو 2 1 -3 1  مطابق

(5) ڏسو ڪتاب ”جان جيڪب آف جيڪب آباد“ لنڊن 1960ع ايڇ – ٽي لئمبرڪ جو لکيل.

(6) ڏسو حميده کهڙو جي ڪتاب Making of Modern Sindh, 1972 ۾ ٻوليءَ ۽ تعليم وارو ڀاڱو.


 


*    ”پنچ“ نالي ان وقت جي هڪ چرچائي قسم جي انگريزي رسالي سنڌ جي لفظ کي لاطيني لفظ UNO سان تشبيهه ڏيئي، سنڌ جي فتح ۾ اخلاقي ڏوهه جي نشاندهي ڪئي. ان چرچي مطابق سنڌ جي فاتح چارلس نيپيئر ئي پنهنجي وطن هڪ تار موڪلي، جنهن ۾ هن لفظ Peccavi لکيو،  ان جو مطلب آهي ”مون گناهه ڪيو آهي.“

*  لائيڊ بئراج واقع سکر يا سکر بئراج، (جيئن اهو ڄاتو وڃي ٿو) 2 3 9 1 ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ انگريز شهنشاهيت ۾ موڪي پاڻي ڏيڻ جو تمام وڏو سرشتو هو، ان زماني ۾ اهو دنيا ۾ سڀ کان وڏو بئراج هو. اهو انجنيئرنگ جو ته هڪ حيرتناڪ ڪارنامو هو، پر دنيا ۾ ڪاريگريءَ جو به هڪ خوبصورت نئون مثال هو. انهيءَ بند ٻڌجڻ سان اتر سنڌ ۾ نه رڳو پوک لاءِ پاڻيءَ جي پيچ ڏيڻ وارا واهه دائمي ٿي پيا، پر پوک لائق زمين به تمام وڌيڪ ٿي ويئي. گهڻي قدر زمينن کي هاڻي سم ۽ ڪلر وڪوڙيو آهي، پر اهو نقصان بيراج ٺهڻ کان گهڻو پوءِ ظاهر ٿيو آهي. جڏهن ته واهن جو سرشتو تيار ڪرڻ وقت رٿ ۾ اهو تاڪيد ٿيل هو ته سڀني واهن کي سيمينٽ سان پڪو ڪيو وڃي، پر خرچ گهڻو اچڻ جي پيش نظر شايد انهن واهن کي پڪو نه ڪرايو ويو نه ته جيڪر ايڏو سخت نقصان نه ٿئي ها جيڪو هينئر سم ۽ ڪلر جي شڪل ۾ سنڌ ۾ ٿيو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org