سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو :1

تذڪره مشاهير سنڌ

(ڀاڱو ٻيو)

مولانا دين محمد وفائي مرحوم

 

ناشر طرفان ٻه – چار لفظ

        مرحوم و مغفور مولانا دين محمد وفائي اسان جي سنڌ جو ڄاتل سڃاتل وڏو عالم، اديب ۽ صحافي هو. ڪن کيس علم جو ڏيئو به ڪوٺيو آهي. صحافت کان علاوه به هن ڪئين ڪتاب لکيا آهن.

        سندس اها خواهش هئي ته سنڌ جي ولين، عالمن ۽ شاعرن وغيره جي حياتي جو احوال لکي شايع ڪريان، جنهن ڪم لاءِ هن ڪافي ڪوششون به ڪيون، پر ساڻس حياتي وفا ڪانه ڪئي. هن انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترين ئي شخصيتن جي حياتي جو احوال قلمبند ڪيو، پر ڇپائڻ کان اڳ ۾ ئي سائينءَ جي سڏ تي لبيڪ چئي دارلبقاء  ۾ وڃي داخل ٿيو. شال الله تعالٰي کيس جنت نصيب ڪري – آمين.

        سنڌي ادبي بورڊ همت کان ڪم وٺي انهن حياتي جي احوالن کي شايع ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو، جنهن ۾ مرحوم پير حسام الدين راشدي صاحب به گهڻي مدد ڪئي هئي. پير صاحب پهريون جلد نظر مان ڪڍيو هو ۽ مقدمو ۽ حاشيا به لکيا هئا. اهو پهريون جلد سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1974ع ۾ شايع ڪيو ويو هو ۽ انهيءَ ئي جلد جو ٻيو ايڊيشن به تازو 1985ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ان جلد ۾ 124 شخصيتن جي حياتيءَ جو احوال ڏنل آهي. تمام گهڻي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مرحوم پير حسام الدين راشدي به اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.

        اسين ڌڻي در دعاگو آهيون ته الله پاڪ مرحوم دين محمد وفائي صاحب ۽ مرحوم پير حسام الدين راشدي صاحب جن کي جنت نصيب ڪري جن هي ادبي ڪم سرانجام ڏنو آهي.

        هاڻي مرحوم مولانا دين محمد وفائي جي ڇڏيل باقي مواد کي به سنڌي ادبي بورڊ ٻن حصن ۾ ورهائي ٻن جلدن ‎ ۾ شايع ڪري رهيو آهي. جنهن جو هي ٻيو جلد توهان جي هٿن ۾ آهي، منجهس 170 شخصيتن جو احوال ڏنل آهي. اسين تمام گهڻي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن باقي رهيل مواد وارو ٽيون جلد به عنقريب شايع ڪري سگهون.

        اسين محترم علي نواز وفائي جو به شڪريو ادا ٿا ڪريون جو هن صاحب هن ڪم ۾ ذاتي دلچسپي ورتي آهي.

 

ڄام شورو                              (محمد حسين ترڪ)

10- شوال 1405 هجري                       قائم مقام سيڪريٽري

مطابق 29- جون 1985ع                سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

متن

تذڪره مشاهير سنڌ

(جلد ٻيو)

 

125- حضرت مخدوم نوح هالائي

        صاحب ڪرامات و فتوح حضرت مخدوم نوح ولد مخدوم نعمت الله ولد مخدوم اسحاق ولد محمد شهاب الدين ولد مخدوم فخرالدين سهروردي صديقي هالائي.

        هالا شهر ۾ هي ئي بزرگ (فخرالدين) سڀ کان پهريان اچي مقيم ٿيو، جتي قوم هالا ۽ لاکا مان شادي ڪيائون ۽ اتي ئي آل اولاد سان حياتي گذارڻ لڳو. اصل خانداني طرح پيري مريديءَ جو سلسلو به جاري ٿيل هو ۽ مخدوم نعمت الله مخدوم نوح جي والد سڳوري جا به ڪيترائي معتقد ۽ مريد هئا ۽ هن فرزند ارجمند جي ولادت باسعادت جون پيشنگويون به ڪيترن درويشن جي واتان ٻڌي چڪو هو، خصوصاََ مخدوم نوح هوتياڻي کيبرائي ۽ ٻين ولين جون بشارتون مشهور ٿيل هيون.

        مخدوم نوح صاحب جو تولد سنه 911 هجري ۾ ٿيو. ستن  ڏينهن جا مس هئا ته ٻانگ ٻڌڻ کان پوءِ صاف زبان سان ڪلمو شهادت پڙهيائون، جنهن کي سوَن ماڻهن ٻڌو!  چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ مخدوم عربي ديانه جي مدرسي ۾ قرآن شريف پڙهڻ واري زماني ۾ هڪ ڏينهن نديءَ تي غسل ڪري ڦرهي ميساري رهيو هو، ته اوچتو ڪشف واري حالت ۾ حضرت سيدنا محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ۽ سيدنا حضرت علي رضه جي زيارت جو شرف حاصل ٿيس ۽ انهيءَ ڦرهي تي حضور صلعم جن ڪجهه سٽون لکي ڏنس ۽ سبق ڏنائونس، جنهن کان پوءِ سمورا علوم مٿس کلي پيا ۽ انهيءَ ڏينهن لاالھ الالله جي ذڪر جي تلقين ڏيڻ جي اجازت به ملين. انهيءَ ڏينهن حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضه ظاهر فرمايو ته هي منهنجي اولاد مان آهي. ساڳيءَ طرح پيغمبر خدا صلعم  به فرمايو ته اسان جي اولاد مان به آهي. (دليل الذاڪرين)

        حضرت مخدوم نوح جي زندگي عشق ۽ محبت الاهي جي استغراق ۾ گذري هئي. اگرچه ظاهري علم جي لحاظ کان فقط قرآن شريف پڙهيل هئا، مگر هر هڪ سوال جو جواب جدا جدا. اهڙي علمي نموني ۾ ڏيند اهئا، جو وڏا وڏا علماءَ حيران رهجي ويندا هئا.

        هڪ دفعي ٺٽي ۾ اچي وارد ٿيا، جتي ڪيترا علماءَ ۽ طلباءَ سندن علمي لياقت جي امتحان لاءِ اچي موجود ٿيا. پاڻ هڪ آيت جون ايتريون معنائون فرمايائون، جو سڀ حيران رهجي ويا.

        ٻي روايت آهي ته هڪ دفعي عالمن ۽ طالب العلمن جي وڏي جماعت حضرت مخدوم صاحب کان قرآن جي ڏکين آيتن جي معنيٰ سمجهڻ جو ارادو ڪري سندن خدمت ۾ آئي ته فقط هنن جي اچڻ کان پوءِ حضرت مخدوم صاحب فرمايو ته عالمن کي گهرجي ته علم جو بيان ڪن ته ٻين کي فائدو رسي. ان کان پوءِ پاڻ زبان فصيح سان بيان ڪرڻ لڳا. 32 تفسيرن جا نالا وٺندي فرمايائون ته فلاڻي تفسير ۾ هن ريت آهي ۽ فلاڻي ۾ هن ريت آهي. ان کان پوءِ حقيقت ۽ طريقت جون معنائون بيان فرمايائون، جن مان عالمن ڪي سمجهيون ڪي نه سمجهيون. آخر عالمن ۽ شاگردن عرض ڪيو ته اسان جي حق ۾ دعا گهرو. پاڻ فرمايائون ته آءٌ الحمد پڙهان ٿو، اوهان آمين چوندا وڃو. جڏهن الحمد پڙهي پورو ڪيائون ته اهي حاضر مجلس آمين چوندڙ ولايت جي درجي کي وڃي رسيا. آخر ۾  مخدوم صاحب فرمايو ته ڪي اهڙا فقير به آهن جو سموري ڄمار سورت الحمد لله جي معنيٰ ڪندا رهن ته به پوري ڪانه پوي.

        وقت جي حاڪمن مان مرزا محمد باقي مشهور  ظالم سندن خدمت ۾ ٻه دفعا ٺٽي ۾ حاضر ٿيو ۽ مرزا جاني به سندن زماني ۾ گاديءَ تي ويٺو. مرزا باقي جو وڏو فرزند مرزا پاينده طبع جو ديوانو هو جنهن ڪري هو گادي تي  نه وهاريو ويو هو، پر سندس پٽ مرزا جاني گاديءَ تي ويٺو.

        دليل الذاڪرين ۾ نقل آهي ته  مرزا پاينده خان کي حضرت مخدوم صاحب  جي خدمت ۾ دعا لاءِ آندو ويو ته کيس بيماريءَ کان شفا نصيب ٿئي، مگر پاڻ ڪو توجهه ڪونه ڏنائون، ڇاڪاڻ جو انهيءَ شخص مخدوم لعل شهباز جي گنبذ ۾ هڪ دفعي هڪ عورت سان هٿ چراند ڪئي هئي، جنهن ڪري هن جي ديوانگي هميشه لاءِ قائم رهندي آئي.

         مخدوم صاحب شريعت جا ايڏا پابند هئا جو ڪڏهن به نماز جماعت کانسواءِ ادا نه ڪندا هئا. هڪ دفعي عشا جي نماز جماعت سان گسي وين ته شهر کان ٻاهر نڪتا ۽ هڪ غيبي جماعت اچي جمع ٿي، جنهن کي امامت ڪري نماز پڙهايائون، پر جماعت کي هٿان نه ڇڏيائون.

        بهاءُالدين دلقپوش (گودڙيي) کان نقل آهي ته هڪ دفعي مخدوم صاحب ٺٽي جي جامع فرخ ۾ تشريف فرما ٿيا. جمعه نماز کان پوءِ اٽڪل هڪ هزار ماڻهن منهنجي معرفت سندن هٿ چميا، جن مان هر هڪ پنهنجي درجي آهر معرفت ۽ ولايت کي پهتو، جن مان حضرت صابر سومرو، شيخ تاجن، شيخ حبيب رحه ۽ سيد عبدالڪريم بلڙيءَ وارو مشهور آهن، جن کي ڪشف ڪرامت سان سموري سنڌ سڃاڻي ٿي. انهن وٽان هزارين ماڻهو معرفت جو رستو سکي پنهنجي ڪماليت کي رسيا آهن.

        سنڌ جي بادشاهه مرزا محمد باقي تي مغل بادشاهه اڪبر.  ڏاڍو ڏمريل هو، سو مرزا جي گرفتار ڪرائڻ لاءِ لشڪر چاڙهي سنڌ تي موڪليائين. اڪبري فوج سنڌ ۾ قتل ۽ غارت ڪندي، اڳتي وڌي رهي هئي. ماڻهو حضرت مخدوم صاحب وٽ فريادي آيا. پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ عاقبت بخير ڪندو. آخر اها فوج هالن جي ويجهي اچي پهتي، جنهن ڪري شهر ۾ ڏاڍو ڏهڪاءُ ۽ شور پيدا ٿيو.، حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ سمورو احوال اچي  پيش ڪيائون. پاڻ ٿوري مٽي چپٽي گهرائي پنهنجي تريءَ تي رکي، هيٺين دعا پڙهي فوج ڏانهن دم ڪيائون، جنهن ڪري اها فوج انهيءَ وقت اتان پوئتي هٽجڻ لڳي ۽ اهڙي ڀاڄڙ پين، جو وڃي هندستان ۾ دم کنيائون.

دعا هي آهي؛

بسم الرحمٰن الرحيم- اللهم لڪ الحمد و لڪ المجد ولڪ الشڪر واليڪ المتڪاء وانت المستعان وبڪ المستغاث والتڪلان و منڪ الفرح ولاحول ولاقوة الا بالله العلي العظيم وصلي الله عليٰ خير خلقه محمد وآله واصحٰبه اجمعين.

        بادشاهه لشڪر جي ڀاڄ جو سبب معلوم ڪرڻ گهريو ته هنن چيو ته هالن جي لڳ طوفان ۽ دهشت طاري ٿي، جنهن ڪري جانيون بچائي اچي گهران نڪتا آهيون. ڪنهن درويش، شاهي  درٻار ۾ عرض ڪيو ته اهو ڪنهن وليءَ جي ڪرامت جو ڪرشمو آهي، باقي ٻيو ڪوبه سبب معلوم نه ٿو ٿئي.

        ان کان پوءِ اڪبر بادشاهه دوباره فوج عبدالرحيم خان خانان جي سرڪردگي هيٺ مڪلي ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضري جو به حڪم ڪيو، مگر  عبدالرحيم خان خانان جن هالن ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ مخدوم صاحب وفات ڪري ويو ۽ سندس فرزند مخدوم امين محمد جي خدمت ۾ نياز حاصل ڪيائين ۽ شاهي سوکڙيون به پيش ڪيائين. ان کان پوءِ ٺٽي تي ڪاهي ويو. ان وچ ۾ مرزا محمد باقي مري چڪو هو ۽ سندس فرزند مرزا جاني گادي تي هو، جنهن کان پوءِ اڪبر سنڌ فتح ڪري ورتي.

         حضرت مخدوم نوح جي ڪشف ڪرامات ۽ ڪمالات تي ڪيترائي سندس همعصر ۽ بزرگن ۽ پوءِ وارن جا ڪتاب لکيل آهن جتي تفصيل سان بيان ٿيل آهي. هت مختصر طور دليل الذاڪرين ۽ ارشاد الطالبين مان ڪجهه نقل ڪيو ويو آهي. ازانسواءِ، مخدوم صاحب جي سوانح بابت شيخ بهاءُالدين دلقپوش جو رسالو ۽ ميان فتح محمد قريشي جو رسالو ۽ ڪيترا جدا جدا ڪتاب لکيل آهن. پوئين وقت ۾ سفينة النوح از مخدوم پير غلام حيدر صاحب هالائي ۽ راحت القب و الروح تذڪره مخدوم نوح، جامع اوراق، دين محمد وفائي جا ڪتاب به انهيءَ باب ۾ ڏاڍا ناياب آهن.

        مخدوم صاحب سهرورديه طريقي جو امام ۽ اويسي  طريقي جو اولياءُ هو. ڪلمه لا الھٰ الا الله جي توحيدي تلقين ڏيندو رهيو.  سندس وقت ۾ ئي سوين ڪامل خليفا ۽ فيض جا صاحب سنڌ ۾ خدا شناسي جو رستو ڏيکاريندا رهيا، جن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڪيو ويندو.

        مخدوم صاحب چار شاديون ڪيون هيون، جن مان ٻارهن فرزند ۽ ڪجهه نياڻيون پيدا ٿيون، فرزندن جا نالا هي آهن:

        ميان امين محمد، ميان حامد، ميان نور محمد، ميان احمد (اهي چارئي ترڪ قوم يعني باجار قبيلي جي بي بي مان هئا) پنجون ميان دائود، ميان موسيٰ، ميان هارون، ميان يوسف، فرزند ميان آدم (اهي ٻئي گهر مان هئا) ميان ميران محمد و ميان ابراهيم ملقب بادهم ثاني ۽ ميان جلال الدين ٽئين گهر مان هئا. چوٿين بي بي سهتا قوم مان هئي جنهن مان ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو.

        ارشاد الطالبين ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾  ڪماليت جا مالڪ سڀ کان وڏا مرشد ٻه بزرگ گذريا: پهريون مخدوم بلاول ٻيو مخدوم نوح ۽ وڌيڪ لکي ٿو ته مخدوم نوح جو پنهنجي وقت ۾ سڀ کان سرس درجو هو.

        ايڏي وڏي ڪماليت ۽ بزرگي واري  انسان ڪامل 87 سالن جي ڄمار ۾ سواءِ ڪنهن بيماريءَ جي هن دنيا فاني مان صبح جي وقت لاڏاڻو ڪري هميشه واريءَ حويلي ۾ منتقل ٿي ويو. اهو واقعو خميس ڏينهن 27 ذوالقعد 998هه ٿي گذريو. مخدوم صاحب جي قضيه بابت ملا قاسم جي هيءَ نظم پڙهڻ جي لائق آهي:

غرق درياء  شهادت محو مطلق بس بدان

پاک از آلاء قساوت نوح مخدوم انس وجان

بو يزيد و بو سعيد و بشرحافي و جنيد

در مراتب در مناقب کم زپس ايشان مدان

طالبان او که از احصاء و حصر آمد فزون

چون ستاره هر يکي زايشان مناره در جهان

جوق و جوق طالب اوچون ملک درهفت چرخ

صف صف اندر صبح و شام از جان و دل الله خوان

هان ولايت ختم شد بر افتخار اهل فخر

چون نبوت ختم شد بر مفخر آخر زمان

آمدي گر بردر او مرد جاني غافلي

ذاکري زنده دل گشتي زفيضش آن زمان

بود آنگه نهصد و هم زياده بوده فزون

سال تاريخ ولادت آن ولايت کيش دان

مدتي عمر گرامي آن گرامي مايه را

جمله هشتاده هفت سال بود اندر جهان

سال فوت آن غوث حق پرسيد شد چون از خرد

از سر حسرت فغان برداشت آنگه گفت هان

آن سنه نهصد و هشتاد هزده وقت صبح

بيست هفتم در شب پنجشنبئه ذي قعد دان

(مختصرا از دليل الذاکرين)

 

 

126- سيد ابوبڪر لڪعلوي

 

        سيد ابوبڪر لڪياري (لڪعلوي) عالم ڪامل نامور وقت جو، ڪشف ڪرامت جو مالڪ، حضرت مخدوم نوح جي وڏن خليفن ۽ پيارن دوستن مان آهي.

        مريد ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي هن خواب ۾ هڪ  ملائڪ کي لا الھٰ الالله جي ذڪر ڪندي ڏٺو، جنهن کان پڇيائين ته ذڪر جي اها ترتيب ڪنهن کان سکي اٿئي؟ هن جواب ڏنو ته هالن جي شهر ۾ مخدوم لطف الله مشهور مخدوم نوح ان ريت ماڻهن کي ذڪر  ڏسيندو آهي تنهن ڪري اسان به ساڳي ريت مشغول آهيون. سيد صاحب انهيءَ کانپوءِ جڏهن سجاڳ ٿيو تڏهن مخدوم صاحب جي خدمت ۾  اچي ايترو گهڻو ڪجهه حاصل ڪيائين، جو مخدوم صاحب جي  پهرين خليفن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

        (1) اهو بزرگ پنهنجي ڳوٺان (لڪي) يا ٻئي ڪنهن شهر مان جڏهن مخدوم صاحب جي خدمت ۾ ايندو هو، تڏهن پنهنجي پڄندي آهر، هر قسم جون سوکڙيون  مخدوم صاحب جي خدمت ۾ آڻيندو هو.  اهو اخلاص ۽ محبت هن حد کي پهتل هئي، جو هڪ دفعه ٺٽي مان ڪيتريون سوکڙيون ۽ سامان ٻيڙي ۾ کڻائي، مخدوم صاحب جي خدمت ۾ اچي هالن ۾ پهتو.  جڏهن مسجد شريف ۾ پير رکيائين، تڏهن ياد آيس ته مخدوم صاحب جو سرمو خريد ڪيو هوم، سو اتي ئي وسري ويو آهي، جنهن ڪري مسجد مان پوئين پير واپس ٿيو ۽  ٺٽي پهچي سرمو کڻي پوءِ خدمت ۾ آيو.

        چون ٿا  ته سامان ۽ اسباب جي جيڪا ٻيڙي ڀرائي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ آيو ٿي، ان ۾ ڪپڙا ۽ ٻيو  سامان ته هو پر سون چاندي ۽ اناج جا قسم به هئا، جنهن تي سيد صاحب کي سندس فرزند عرض ڪيو ته مال تمام گهڻو آهي،ان مان ڪجهه اسان کي به ڏياريو ته ڪجهه خرچ ڪريون ۽ ڪجهه قرض ۾ ڏيون. مگر شاهه صاحب هن جي عرض کي نه ٻڌو. سمورو اسباب جڏهن مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پهچايو ويو، تڏهن پاڻ سيد صاحب کي فرمايائون ته اولاد جو حق سڀني تي شرعي طرح لاڳو آهي، جو ادا ڪرڻ گهرجي. اسان جي گذران جو ضامن الله ئي بس آهي، تنهن ڪري اوهان ضرورت آهر هن مان پنهنجن ٻارن کي ڏيو ها ته بهتر هو. سيد صاحب روبرو ۽ ادب کان ڪجهه چئي نه سگهيو، پر مخدوم صاحب جي اهليه محترمه بيبي مريم جي معرفت عرض ڪيائون ته اسان جي اولاد ۽ پٽن پوٽن کي به الله جي سپرد ڪريو، جنهن جي نعمت ۽ مهرباني جو ڪو ڇيهه ئي ڪونه آهي. ان تي مخدوم صاحب فرمايو ته سيد صاحب جو اولاد چوڏهن پيڙهين تائين زميندار ۽ امير ٿي رهندا.

        (2) ڪو ماڻهو هڪ هنداڻو سيد صاحب جي خدمت ۾ کڻي آيو ڪپڻ کان پوءِ ڏاڍو مٺو نڪتو. سيد صاحب ٻئي ٽڪرا هٿن تي جهلي لڪي جي شهر مان کڻي اچي هالن ۾ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پهتو.

        (3) سيد صاحب ايتريقدر فنا في المرشد هو، جو سندن زبان مان جيڪو لفظ به ٻڌندو هو، ته ان تي هڪدم عمل ڪندو هو. ڪڏهن دير پوڻ نه ڏيندو هو.

        (4) سموري زندگي ۾ جمعه نماز قضا ڪانه ڪئي هوائين.

        (5) پنج وقت نماز جڏهن پڙهندو هو، تڏهن سجده ڏيڻ وقت ڪجهه قدم پوئتي هٽي، پوءِ سجده ڏيندو هو. ان بابت پڇيو ويو ته جواب ۾ چيائين ته ڇا ڪريان جو ڪعبة الله سجده واريءَ جاءِ تي نظر اچي ٿو، جنهن ڪري ان کان هٽي سجدو ڪريان ٿو.

        (6) هميشه صبح ۽ عصر (وچين) جي نماز کان پوءِ ٻارهن هزار دفعا لا الھٰ الله جو ذڪر ڪندو هو، ان کان سواءِ نفل ۽ ٻيا وظيفا به پڙهندو رهندو هو.

        (7) دهليءَ جي هڪ فقير کي  خواب ۾ معلوم ٿيو ته سنڌ جي ڳوٺ لڪي ۾ هڪ بزرگ رهي ٿو، جنهن جو قدم حضرت موسيٰ ڪليم الله جي قدم تي آهي. هو اتان ڪهي سندس خدمت ۾ اچي پهتو. ڏٺائين ته هڪ درويش سادي لباس سان مسجد ۾ ويٺو آهي، جنهن کي دنيا جو ظاهري ڪوبه ٺاهه ٺٺ ڪونه آهي.هن فقير جي دل ۾ آيو ته هي ماڻهو  وري ڪيئن ايڏي درجي جو هوندو؟ جڏهن کيس جواب ۾ چيو ويو ته ڪبوتر متارو به باز ڏٻري جي مٽ ڪونه ٿيندو آهي، تنهن ڪري ظاهري معاملي تي نظر ڪرڻ نه گهرجي، تنهن کان پوءِ پشيمان  ٿي معافي ورتائين.

        (8) هڪ دفعي سيد ابوبڪر فرمايو ته عرش کان  به گهڻومٿي هميشه مون کي حضور رهي ٿو، ان تي هڪ طالب علم کي وهم آيو ته  سيد صاحب پنج وقت نماز اسان سان پڙهي رهيو آهي، سو ڪهڙي وقت اوڏانهن غائب ٿيندو هوندو. جواب ۾ فرمايائون ته اهي سڀ ڪشف جا معاملا آهن، جن کي ظاهري اکين وارا پروڙي نٿا سگهن. وڌيڪ فرمايائون ته اهي سڀ ڳالهيون نفس جي خوش رڪڻ لاءِ نه آهن، پر الله تعاليٰ جي نعمت جي اظهار ڪرڻ ۽ شڪريه طور آهن. و اما بنعمت ربڪ فحدث.

        سيد صساحب جي پنهنجي پير ڀائي، وڏي درويش،بهاءُالدين دلقپوش سان ڏاڍي دوستي هئي. بهاءُالدين سيد صاحب لاءِ قرآن شريف جو ترجمو به لکيو هو جنهن جو هڪ نسخو اڄ تائين موجود آهي.

        سيد صاحب حضرت مخدوم نوح رحه جي وفات کان پوءِ چوڏهن يا پندرهن سال زنده هو ۽ حضرت مخدوم نوح جنهن رات وفات فرمائي ٿي ته ان وقت سيد صاحب کي ياد فرمايو هئائون، جو ساڳي رات جي صبح جو لڪي مان هالا پهچي ويو ۽جنازه نماز ۾ شريڪ ٿيو.

        اگرچه وفات جي مقرر تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي، مگر واقعات مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته هن صاحب 11 صدي  جي پهرين اڌ ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو آهي.

(دليل الذاڪرين)

 

127- بهاءُ الدين دلقپوش ٺٽوي

 

        عالم، زاهد، صوفي فقه، حافظ بهاءُالدين گودڙيو (دلقپوش) قوم جو ميمڻ، شروع ۾ غوث بهاء الدين ملتاني جي سهرورديه سلسلي ۾ شريڪ ٿيو، ان کان پوءِ جمعه جاڙيجي معرفت حضرت مخدوم نوح جي مريدن ۾ داخل ٿيو. ڄمار جو وڏو حصو مخدوم صاحب جي خدمت ۾ رهي فيض حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب جي فرزندن کي تعليم به ڏيندو رهيو.

        (1) هن جي ڄمار جا سمورا لمحا، نماز ذڪر، وظيفه يا قرآن ۽ حديث، فقه ۽ تصوف جي ڪتابن لکڻ ۾ گذرندا هئا. ڪوبه وقت دنيائي ڪم ۾ ڪونه گذرندو هوس، تان جو ماني کائڻ وقت به هڪ لقمي جي چٻاڙڻ کان ٻئي لقمي جي کڻڻ واري فرصت ۾ ڪجهه لکي وٺندو هو، يا ڪو قول فرمائيندو هو. هو سمورو وقت قال الله و قال الرسول بيان ڪندو هو ۽ دين جي بزرگن جا حالا ٻڌائيندو رهندو هو.

        (2) رات  ڏينهن ۾ هميشه هڪ ختم  ڪلام الله جو پورو ڪندو هو، مگر رمضان ۾ 3 ختما ڪڍندو هو، يعني ته هڪ ڏينهن جو ۽ هڪ تراويح ۾ ۽ هڪ پوئين رات ۾.

        فرمائيندو هو ته دنيا جي سڀني درويشن جا وظيفا ۽ ختما آ5 پڙهي چڪو آهيان، باقي مخدوم نوح صاحب رحه وانگر هي طاقت حاصل ڪانه ٿي اٿم، جو پاڻ گهوڙي جي هڪ رڪيب ۾ پير رکندي، ٻئي رڪيب تي پير پهچڻ تائين قرآن جو ختمو پورو ڪندو آهي ۽ آءٌ ان مدت ۾ فقط پندرهن سيپارا پڙهي سگهان ٿو.

        (3) هميشه وضو سان رهندو هو. حضرت مخدوم نوحه صاحب جو فرمائڻ هو ته بهاءُالدين وڏو عاقل آهي، جو  هميشه وضو جي هٿيار سان پاڻ  کي سينگاريل رکي ٿو. صوفين جو قول آهي ته الوضوء سلاح المئومن يعني ته وضو شيطان جي روڪڻ لاءِ مومن جو هٿيار آهي.  گهڻو ڪري اڳين جي وضو سان عشا جي نماز ادا ڪندو هو.

        (4) هن جي عادت هوندي هئي جو ڪنهن به جانور کي پنهنجي هٿ سان نه ماريندو هو. جوَن ۽ مڇر مارڻ به کيس ڏکيو لڳندو هو.

        (5) ظاهري شرعي علمن کان سواءِ جعفر، تڪسير، مسخرات،  تعويذات ۽ علميات جو  به وڏو عالم هو.

        (6) هڪ ڏينهن مسجد ۾ لکڻ ۾ مشغول هو ۽ اتي ڪنڊ ۾ هڪ ڪوڙهيو ٽنڊو منڊو پيل هو. شيخ بهاءُالدين هن کي چيو ته اُٿ ۽ ڪوزين مان پاڻي کڻي اچ ته مس ۾ وڌو وڃي. هو ٽنڊو منڊو اڃا چريو ته اٿڻ جي طاقت پيدا ٿي پيس ۽ الله تعاليٰ جي قدرت سان  چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ هٿ ڄڻ رونڊائي ڪونه هئس. ڪوزو پنهنجن هٿن سان کڻي آڻي خدمت ۾ پيش ڪيائين. مگر بيمار کي چئي ڇڏيائين ته اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪج، نه ته ساڳي بيماري توکي موٽي اچي وٺندي،  البته منهنجي وفات کان پوءِ ڀلي ظاهر ڪج.

        (7) سنه 1035هه ۾ جڏهن شهزادو خورم (شاه جهان) پنهنجي والد سلطان جهانگير کان ناراض ٿي، ٺٽي پهتو، تڏهن ٺٽي جي گورنر شريف لملڪ يڪ چشم شهزادي جو سخت مقابلو ڪيو ۽ کيس ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو. ان وقت شاهزاده شيخ بهاءُالدين دلقپوش جي خدمت ۾ پهچي بادشاهت لاءِ دعا گهري. شيخ بهاءُالدين آية الڪرسي جو نقشو ڀري، شهزادي کي ڏنو ته اهو جهنڊي ۾ ٻڌي ڇڏي، اُميد ته هندستان جي بادشاهت سندس ئي حصي ۾ ايندي. ٺٽي جي گورنر شريف الملڪ کي جڏهن اها سڌ پئي ته بهاءُالدين، بادشاهه ۽ اسان جي مخالف جي هن ريت امداد ڪئي آهي، تڏهن درويش کي گرفتار ڪرائي کڻي جيل ۾ بند ڪيائين ۽ سندس محبوب ترين املاڪ يعني ڪتاب سمورا تاراج ڪرائي ڇڏيائين.

        شيخ بهاءُالدين کي سندس پٽن ۽ عزيزن گهڻو ئي چيو ته اهڙي دعا گهرو، جو شريف الملڪ جو خاتمو ٿي وڃي،  ڇو ته مشڪل وقت ۾ ڪرامت جو اظهار ڪرڻ جائز آهي، پر پاڻ ان کان صفا انڪار ڪيائون. پوءِ آخر جڏهن شاه جهان تخت تي ويٺو، تڏهن شريف الملڪ ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪرايو ويو! (دليل الذاڪرين)

        (8) سيد  عبدالڪريم بلڙيءَ وارو جڏهن مٽاريون ڇڏي بلڙي ۾ رهيو، تڏهن اتي زمينداري سيد مير علي نالي هڪ زميندار جي هئي، جنهن ميان عبدالڪريم کي ٻني ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ هونءَ به کيس تڪليف پهچائيندو رهندو هو. جنهن تي ميون ڪرمي، بهاءُ الدين دلقپوش ۽ مخدوم سلطان ابراهيم ولد حضرت مخدوم نوح کي ميڙ وٺي، سيد مير علي ڏانهن آيو ته کيس ٻني ڏيڻ ۾ سهولت ڏئي. جڏهن اتي پهتا تڏهن مير علي چيو ته ڳالهائڻ جو حق سيد عبدالڪريم کي آهي يا مخدوم ابراهيم کي آهي باقي بهاءُالدين کي نه آهي. شيخ بهاء الدين فرمايو ته صاحبزاده ابراهيم منهنجو شاگرد آهي ۽ ميان عبدالڪريم مون کان ورهن جا ورهه سلوڪ جا پنڌ سکندو هو ۽ ننڍا ننڍا تصوف جا ڪتاب پڙهندو رهيو آهي، تنهن ڪري گفتگوءَ جو حق مون کي آهي. سيد مير علي غرور ۾ اچي چيو ته هليو وڃ ميمڻ، توکي مون سان ڳالهائڻ جو حق ئي ڪونه آهي! هن (عبدالڪريم) گداگر لاءِ سفارشي بڻجي آيو آهين! ان تي بهاءُ الدين چيس ته اوهان ئي ڪونه هوندا، ته پوءِ اسان کي هتان ڪير تڙيندو؟ آخر نتيجو هي نڪتو  ته هڪ  روايت موجب مير علي بروقت بُل کائي مري پيو.

        ٻيءَ  روايت موجب پنهنجن ماڻهن کي چيائين ته هن مڙس جي نگاهه مون کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ جو بستري تي ڪريو ته پندرنهن ڏينهن کان پوءِ موت جي هميشه واري ننڊ جي حوالي ٿي ويو. (ارشاد الطالبين و دليل الذاڪرين)

        ٻيون به سندس ڪرامتون ۽ ڳالهيون بي شمار آهن. مخدوم صاحب جي وفات کان پوءِ گهڻن خليفن ۽ فقيرن جو مرجع هو.

        جامع اوراق، فقير دين محمد وفائي، بهاءُالدين دلقپوش جي دستخط  مترجم قرآن شريف جو هڪ نسخو پڻ مخدم غلام حيدر صاحب آف هالا جي ڪتب خاني ۾ ڏٺو. جنهن جي آخر ۾لکيل آهي ته:

ترجمة القرآن يوم الخميس من شهر صفر 1012هه ختمھ الله تعاليٰ و ختم ڪتابة الترجمة بالخير و الظفر في تاريخ الف و ثلاث عشر بيدالفقير بهاءُالدين المحرر حروف الترجمة بفضل الله الملک المنان.

        ٻئي هنڌ فارسي ۾ لکيل آهي:

        تحرير ترجمه در سال ثلاث عشر و الف بوده بدست فقير بهاءُ الدين گودڙيه باعث اين تحرير سيد سادات طالب وصول رب العالمين سيد ميان ابوبکر لکياري است سلمه الله تعاليٰ

        انهيءَ ترجمي تي سيد ابوبڪر جي پٽ ۽ پوٽي جون مهرون به آهن. ترجمه فارسي زبان ۾ شنگرف جي مس سان لکيل آهي ۽ قرآن جا الفاظ ٿلهي قلم سان ڪاري مس سان آهن. ڪٿي ڪٿي ٿورو حاشيه به آهي. سنڌ جو هي وڏو عالم صوفي، عامل ڪامل يارهين صدي ۾ وفات فرمائي ويو، ۽ پوءِ اگرچه تاريخ جي مقررائي ڪانه ٿي سگهي ٿي.

        تحفة الڪرام جي لکڻ  موجب سندس مقبرو مڪلي تي مٺي درويش جي لڳو لڳ آهي.

 

 

128- درويش مٺو ٺٽوي

 

        مٺو فقير اڻ پڙهيل ماڻهو هو مگر هو جڏهن حضرت مخدوم نوح عليه الرحمته جي خدمت ۾ پهچي ذڪر جي تلقين کان مشرف ٿيو، تڏهن هن تي ظاهري ۽ باطني علمن جو دروازو کلي پيو.

        هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته ٺٽه مان جڏهن مريدي جي ارادي سان مخدوم صاحب وٽ آيو تڏهن فقط منهن مبارڪ جي مشاهدي سان اسم الله – الله جو سندس دل ۾ بي اختياري جاري ٿي ويو. هو پورا ست سال مخدوم صاحب جي خدمت ۾ رهي پيو.

        هي اڻ پڙهيو، اُمي فقير، جڏهن قرآن شريف جي تفسير يا ٻين علمن جو بيان ڪندو هو تڏهن جا وڏا وڏا عالم سندس قول کي قبول ڪندا هئا، بلڪ ڪن وقتن تي عربي ۽ فارسي شاعرن جا مشڪل کان مشڪل قصيدا ۽ شعر سندس خدمت مان حل ڪرائيندا هئا.

         ٺٽه ۾ ان وقت قاضي احمد نالي هڪ وڏو عالم رهندو هو جنهن کي امام اعظم ثاني سڏيندا هئا. ان کي ٻڌايو ويو ته هڪ  درويش آهي جو ظاهري علم پڙهڻ کان سواءِ  ۽ صرف – نحو، فقه-معاني ۽ تفسير حديث، فقه جي تحصيل کان سواءِ سمورن علمن جو بيان ڪري ٿو ۽ عربي جا مشڪل قصيدا حل ڪري وڃي ٿو. قاضي احمد ٽي بيت قصيده برده وغيره جا مشڪل کان مشڪل ذهن ۾ رکي درويش مٺي جي خدمت ۾ پهتو. اڃا قاضي صاحب بيت پيش ئي نه ڪيا هئا ته هن جي معنيٰ صرف ۽ نحو ۽ لغت موجب بيان ڪري ٻڌايائين. ڪي اهڙيون معنائون به ڪيائين، جو قاضي صاحب لاءِ نيون هيون.  عرض ڪيائين ته اها ڪئين ادا ڪئي وئي، ان کي وري ته ٻڌايو ته صاف طرح سمجهه ۾ اچي.

        فقير صاحب چيو ته اوهان ڏٺو هوندو ته جن وتل ماڻهو قرآن شريف پڙهي ويندو آهي پر جڏهن جن ڇڏي ويندو اٿس ته هن کي ڪجهه به نه ايندو آهي. اهڙيءَ طرح اسان فقيرن سان ٿئي ٿو ۽ پنهنجي اختيار سان ڪجهه به نٿو چئجي. قاضي فقير جو ان کان پوءِ هميشه معتقد ٿي رهيو ۽ هميشه خدمت ۾ ايندو هو.

        مٺو درويش ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن اکين تي آڱريون رکي  چوندو هو ته هنن ٻنهي اکين سان الله تعاليٰ کي ڏٺو اٿم. ٺٽه جي علماء کان پڇيو ويو ته علم عقائد ۾ هنن اکين ساڻ هن دنيا ۾ خدا جي ڏسڻ جو انڪشاف ڪيل آهي ۽ فقير ڇا چئي رهيو آهي؟ جواب ۾ چيائون ته عقائد جو مسئلو ‎ٺيڪ آهي، پر هي درويش وري هڪ ٻئي رنگ ڍنگ جو آهي، ڇاڪاڻ جو سماع ۾ وجد واري حالت ۾ سجدو ڪندو آهي (مطلب ته هن کي انهيءَ بي خودي ۾ ڪا شئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي جنهن کي هو سجدو ڪري ٿو).

        وقت جي مشهور درويش سکيري کان پڇيو ويو ته وجد جي بيهوشي ۽ بي خودي واري حالت ۾ حضرت مٺو جو وحدت جي جام سان مدهوش هوندو آهي ان وقت به سندس سجدو قبله ڏانهن هوندو آهي؟ درويش سکيري چيو ته سندس مرشد جي برڪت  سبب آهي، جو هو سنت جي طريقه جو مطابع آهي جنهن ڪري حضرت مٺي کان بيهوشي ۾ غير شرعي ڪم ظاهر نه ٿو ٿئي.

        قاضي محمد مسعود نصرپوري کان روايت آهي ته هڪ دفعه مخدوم صاحب جي خدمت ۾ هڪ درويش ڪجهه صوفيانه شعر ڳائي رهيو هو ته مٺي فقير تي وجد ۽ بي خودي طاري ٿي وئي، ايتريقدر جو پنهنجو پيراهن به لاهي ڳائيندڙ کي ڏنائين. مان اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان ٻڌو ته فقير جي بدن جو هڪ هڪ وار الله جي اسم چوڻ ۾ مشغول هو.

        مٺو فقير اڳين جي نماز کان پوءِ عشا جي نماز تائين قبله کي ڪڏهن به پٺي ڏئي نه ويهندو هو، حضرت مخدوم نوح صاحب عليه  الرحمته جو پوٽو مخدوم محمد امام ولد محمد يوسف جو بيان آهي ته مان مٺي فقير کان پڇيو ته حديث قدسي ۾ آيو آهي ته ”الانسان سري وانا سره“ يعني ته انسان منهنجو راز ۽ آءٌ ان جو راز آهيان. ان مان ڪهڙو انسان مراد آهي؟ پاڻ فرمايائين ته اهو انسان ڪامل يعني محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم آهي جنهن جي  محبت لاءِ ٻي مخلوق پيدا ڪئي وئي آهي. ٺٽه جي حاڪم سيد بازيد جي فقير مٺي سان اعتقاد ۽ محبت هوندي هئي، هو جڏهن به خدمت ۾ ايندو هو ته 20 روپيا نذرانو رکندو هو، اُهي روپيا ائين جو ائين اُتي پيا هوندا هئا، نه فقير جا خادم کڻندا هئا ۽ نه حاڪم جا نوڪر، پر ٻيا ڪي ماڻهو کنيو هليا ويندا هئا. هڪ ڏينهن سيد بازيد فقير صاحب کان پڇيو ته اسان ۽ اوهان هڪ جهڙا ماڻهو آهيون ۽ کاڌو پيتو ۽ ٻيا انساني ڪم به هڪجهڙا آهن پوءِ به ماڻهو اوهان کي اهل الله ۽ اسان کي اهل دنيا هوڏانهن پنهنجي وس آهر اسان به الله جي طلب ڪندا رهون ٿا؛ فقير چيو ته ڳالهه ٺيڪ آهي مگر اوهان جو مقصد ئي دنيا طلبي ۽ آرام سان رهڻ آهي ۽  اسان جو مقصد دنيا مان فقط هيترو آهي ته لقمه کائي ذڪر لاءِ طاقت حاصل ڪريون، ان  کان وڌيڪ اسان جو ڪو ٻيو مطلب ڪونه آهي، پر دولتمند هن دنيا جي مردار کي کائڻ کان پوءِ ان کي ئي پنهنجو ڇاڻو بڻائي ان تي سمهي رهن ٿا ان مان لذت حاصل ڪن ٿا. قرآن شريف ۾ ارشاد آهي ته: زين للناس حب الشهوات من النساء و البنين و اللقناطير المقنطرة من الذهب والفضة والخيل المسومة والانعام والحرث ذلک متاع الحيوة الدنيا.

        پير فقير جو مشرب آهي ته سڀني شين کان الله لاءِ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏجن، ورتبتل اليه تبتيلا.

        هڪ دفعه پنهنجي جماعت سان ڪيڏانهن سفر ڪندي هڪ ڳوٺ ۾ اچي نڪتو، اتي جي وڏيره صاحب اڳ  ۾ ئي خيرات جي ارادي سان ڪيترا جانور ذبح ڪري طعام جو انبار تيار ڪري ڇڏيو هو. جنهن ڪري ڪجهه پاٽيون کاڌي جون ڀري آڻي درويش مٺي جي جماعت وارن کي ڏنائون. جماعت مان هڪ فقير  وڏيره کي ڇيو ته بس ايترو ئي طعام ڏنو ويندو يا اڃا وڌيڪ به ملندو، ته ان ريت پورت ڪئي وڃي. وڏيره چيو ته جيترو گهرندا، اوترو ڏينداسين. فقير جواب ۾ چيو ته اوهان جيتريون پاٽيون آنديون آهن سي به تمام گهڻيون آهن مگر اسان جي فقيرن مان هڪ لاءِ پورت نه ڪري سگهنديون.

        وڏيره چيو ته سائين فقيرانه بادشاهي جي لباس ۾ ائين ڪوڙ هڻڻ نه گهرجي،  ڇو ته هي جيڪو کاڌو آندو اٿم سو هڪ کان وٺي ٻن سوَن ماڻهن جي پورت ڪري سگهي ٿو، آخر اوهان ڇا چئي رهيا آهيو. اهي لفظ (ڪوڙ جا) جڏهن درويش مٺي ٻڌا تڏهن جوش ۾ اچي پنهنجي هڪ مريد علي نالي جنهن کي گل خن چوندا هئا، حڪم ڏنائين ته کاءُ پوءِ گلخن فقير وڏيره واريون آندل پاٽيون ته کاڌيون پر خيرات لاءِ جيڪو انبار گوشت ۽ چانورن جو تيار ڪيو ويو هو سو به کائي چٽ ڪيو، پوءِ ڳوٺ ۾ ڪاهي پيو جيڪو به ڏڌ، کير ڌوئونرو هو ۽ ٻيو گهرن ۾ ڪجهه رڌو پڪو پيو هو سو به کائي ويو. آخر ماڻهن جي گهرن جا پڃر ۽ ڪک ڪانا کائڻ لڳو، ان کان پوءِ وڏيره پشيمان  ٿي فقير مٺي جي خدمت ۾ معافي وٺڻ آيو ته مان فقير کي ڪوڙو چيو آهي ان جي معافي ڏيو! جنهن کان پوءِ گلخن فقير کي کائڻ کان منع فرمايائين. (دليل الذاڪرين)

        مٺو فقير جامع فرخ ۾ گهڻو وقت رهندو هو ۽ سندس رهڻ جو مڪان ٺٽي جي  آگر محله ۾ آهي. ماڻهو سيد علي شيرازي تان ميڙو ختم ڪري پوءِ مٺي فقير وٽ اچي گڏ ٿيندا آهن. هن جو هڪ عجيب دانائي جو  مقولو آهي، چوندو هو ته منهنجي (نالي) جي مٿي تي رفع (پيش) يعني وڏائي اچي ته مٺو بڻجي پوان، يعني بڇڙو ۽ بدحال. جيڪڏهن مٿي ته زبر (يعني خودي جو خيال) اچي ته مٺو ٿيان، يعني کوٽو. پر مٿي تي ڪسر يا زير اچي ۽ هيٺاهون ٿيان ته پوءِ مٺو ٿي پوان، يعني شيرين. سندس مقبرو مڪلي تي پير آسات جي پيرن کان بهاءُ الدين گودڙيه سان گڏ آهي. (تحفت الڪرام)

        وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي. مگر معاصرين جي لحاظ سان هو يارهين صدي جي رجالن مان آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org