سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: منهنجي شروعاتي زندگي

باب-5

صفحو :6

باب پنجون

چوٿين حصار رجمينٽ

The Fourth Hussars

 

هاڻي آءٌ ڪتاب پڙهندڙن جو تعارف هڪ وڏي اثرائتي شخصيت ۽ ڪردار جي مالڪ سان ڪرائڻ چاهيان ٿو جنهن منهنجي انهيءَ دور ۾ زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو هو. چوٿين حصارز رجمينٽ جي ڪمان ڪرنل بريبازون (Brabazon) جي هٿ هئي. اها رجمينٽ گذريل سال آئرلينڊ کان ايلدر شاٽ پهتي هئي ۽ ايسٽ ڪيولري بيرڪس ۾ رهائش پذير هئي. ڪرنل بريبازون جي ڪيترن سالن کان منهنجي ڪٽبن سان دوستي هئي. آءٌ پنهنجي اسڪول جي ڏينهن ۾ به هن سان ڪيترا دفعا مليو هوس. آءٌ سينڊهرسٽ ۾ هوس ته مونکي هن سان گڏجي رجمينٽل ميس ۾ ڊنر ڪرڻ جي خاص طور دعوت ملي هئي. منهنجي لاءِ اها وڏي نوازش ۽ انعام هو. انهن ڏينهن ۾ ڪيولري رجمينٽ جي ميس ڪنهن به نوجوان جي اک آڏو ڏاڍو متاثر ڪندڙ منظر پيش ڪندي هئي. تمام سهڻيون ۽ نيريون پوشاڪون پهريل ويهه يا ٽيهه آفيسر هڪ ٽيبل جي چوڌاري ويهندا هئا. گذريل ٻن سو سالن دوران راندين ۽ معرڪن ۾ انهيءَ رجمينٽ پاران حاصل ڪيل ٽرافيون ۽ ڪپ ٽيبل جي وچ تي سجايل هوندا هئا. مانيءَ وقت ميس ڪنهن شاهي ضيافت جو منظر پيش ڪندي هئي. مانيءَ دوران ادب آداب ۽ دٻيل نظم وضبط سان گڏوگڏ شين جي ڪثرت ۽ آب تاب جو وڏي پيماني تي مظاهرو ٿيندو هو ۽ رجمينٽ جون خاص ڌنون به پيون وڄنديون هيون. منهنجو اتي تمام خوشگوار انداز ۾ آدرڀاءُ ڪيو ويو. مون اتي تمام احتياط ۽ نيازمندي جو مظاهرو ڪيو ته مونکي پوءِ به ڪيترا دفعا اتي دعوت ملي. ڪجهه مهينن کان پوءِ منهنجي ماءُ مونکي ٻڌايو ته ڪرنل بريبازن کي ڏاڍي ڳڻتي آهي ته آءٌ سندس رجمينٽ ۾ شامل ٿيان پر منهنجي پيءُ ناڪار ڪري ڇڏيو آهي. حالتن مان لڳو پئي ته هن کي اڃا يقين هو ته هو پنهنجو اثر رسوخ هلائي مونکي انفنٽريءَ ۾ ڪميشن ڏيارائي ويندو. ڊيوڪ آف ڪوناٽ 60th Rifles مان منهنجي تبديليءَ تي به ناراضگي ظاهر ڪئي هئي ۽ انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪيو هئائين ته ڪي اهڙا طريقا به آهن جن جي مدد سان وقت اچڻ تي دشوارين تي حاوي ٿي سگهجي ٿو. اهي ڳالهيون هلندي منهنجي پيءُ خط لکيو هو: ”مونکي خبر آهي ته بريبازن آرميءَ جو هڪ بهترين سپاهي آهي پر کيس انهيءَ ڳالهه سان ڪو واسطو نه آهي ته انهيءَ ڇوڪري جو چوٿين حصار رجمينٽ ۾ وڃڻ بابت مٿو ڦيرائيندو وتي.“

پر اهو مٿو ته پڪي پُختي نموني ڦري چڪو هو. منهنجو پيءُ جڏهن آخري دفعو گهر آيو ته منهنجي معاملن ۾ ڪابه دلچسپي نه وٺي سگهيو. منهنجي ماءُ کيس تفصيلي طور ٻڌايو ته حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪري ويون آهن. هو هاڻي منهنجي ڪيولري آفيسر ٿيڻ تي بلڪل راضي ۽ خوش ڏسڻ ۾ پئي آيو. حقيقت اها آهي ته هن مون سان جيڪي آخري لفظ ڳالهايا هئا اهي هي هئا: ”تون گهوڙا وٺي ڇڏيا آهن؟“

****

منهنجو پيءُ 24-جنوري صبح جو سوير فوت ٿي ويو. انهيءَ رات آءٌ ڀر واري گهر ۾ سمهيل هوس. اتان مونکي نياپو موڪلي گهرايو ويو ته گروس وينر اسڪئائر مان اوندهه ۾ ڊوڙندو آيس. اهو انهيءَ وقت برف سان ڍڪيو پيو هو. هن جو آخري وقت بلڪل آرام سان ٿيو. حقيقت ۾ هو گهڻي وقت کان غشيءَ ۾ هو. منهنجا ڪيترائي خواب هئا ته هن سان دوستاڻو تعلق رکندس، پارليامينٽ جو ميمبر ٿي هن سان گڏ پارليامنيٽ ويندس ۽ هن جي مدد ڪندس. اهي سڀ خواب چڪنا چور ٿي ويا. هاڻي منهنجي لاءِ اها ئي ڳالهه باقي رهي هئي ته سندس ارادن جي حاصلات ۾ لڳو رهان ۽ هاڻي آءٌ وڏي حد تائين پنهنجي قسمت جو پاڻ مالڪ هوس. منهنجي ماءُ مدد ۽ مشوري لاءِ هر وقت موجود هوندي هئي. پر هاڻي آئون عمر جي ايڪيهين سال ۾ هوس ۽ هوءَ والديني ڪنٽرول وارو حق استعمال ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪندي هئي. حقيقت اها آهي ته هوءَ جلد ئي منهنجي پُرجوش حمايتي ٿي پئي ۽ پنهنجو اثر رسوخ ۽ بي انداز توانائي ڪم آڻيندي منهنجي منصوبن کي اڳتي وڌائيندي هئي ۽ منهنجن مفادن جو تحفظ ڪندي هئي. هو چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ به جوان خوبصورت ۽ پُرڪشش ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اسين ماءُ پٽ کان وڌيڪ ڀاءُ ڀيڻ وانگر گڏجي برابريءَ جي بنياد تي ڪم ڪندا رهياسين. گهٽ ۾ گهٽ مونکي ائين لڳندو هو ۽ آخر تائين ائين ئي معاملو هلندو رهيو.

****

مارچ 1895ع ۾ منهنجي چوٿين حصار رجمينٽ ۾ وڃڻ جي خبر گزيٽ ۾ اچي وئي. آءٌ پيش بندي ڪندي ڇهه هفتا اڳ وڃي رجمينٽ جي دخلڪار ٿيس ۽ فوراً ٻين سالٽرن آفيسرن سان گڏ ريڪروٽ آفيسر واري سخت ۽ محنت طلب ٽريننگ تي لڳي ويس. هر روز ڏينهن جو وڏو حصو رائيڊنگ اسڪول، اصطبل يا بيرڪ اسڪئائر تي گذرندو هو. منهنجا جيئن ته گهوڙيسواريءَ جا ٻه ڊگها ڪورس اڳ ئي ٿيل هئا تنهنڪري رائيڊنگ اسڪول لاءِ منهنجي چڱي تياري ٿيل هئي. پر آءٌ اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته فوجي گهوڙيسواريءَ جي لحاظ کان چوٿين حصار رجمينٽ ۾ جيڪا سختي آهي اهڙي مون اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي هئي.

انهن ڏينهن ۾ اصول هوندو هو ته نئين داخل ٿيل آفيسر کي پهريان ڇهه مهينا ريڪروٽ واري ٽريننگ ڪرائي ويندي هئي. هو عام سپاهين سان گڏ گهوڙيسواري ۽ ڊرل ڪندو هو ۽ کيس بلڪل انهن جهڙي سکيا ۽ تربيت ڏني ويندي هئي. رائيڊنگ اسڪول ۾ قطار جي منڍ ۾ يا پريڊ جي ميدان تي دستي جي ساڄي پاسي ۾ کيس سپاهين لاءِ مثال قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي هئي. اهو ڪم هر وقت نمايان ڪاميابيءَ سان سرانجام ٿيڻ ممڪن نه هوندو هو. ڊُگ يارلي ۾ هلندڙ گهوڙي تي چڙهڻ يا لهڻ، ڪڏهن بغير رڪين ته ڪڏهن زين کان سواءِ ئي High Bar تان گهوڙي کي ٽپ ڏيارڻ-ائين ڪرڻ دوران ڪڏهن ڪڏهن ته هٿ به پوئتي ٻڌل هجن يا گهوڙي جي اگهاڙي پٺيءَ تي ويهي گهوڙي کي چوتال ڊوڙائيندو وڃڻ دوران ضرور ڪي حادثا به ٿي پوندا هئا. ڪيترا دفعا ائين به ٿيو هوندو ته آءٌ رائيڊنگ اسڪول ۾ گهوڙيسواري ڪندي گهوڙي تان ڪري پيو هوندس ۽ جسم سور ۾ ڏکندو پيو هوندو پر پنهنجي انداز ۾ وڌ کان وڌ وقار ۽ فضيلت آڻيندي سونهري ڌاڳن سان مڙهيل ٽوپي کڻي وري مٿي تي رکي ڇڏي هوندم ۽ منهنجي حالت ڏسي ويهه ريڪروٽ لِڪي لِڪي پر دل کولي کلندا هوندا ته انهن جو آفيسر به ساڳيون تڪليفون پيو سهي جيڪي بار بار سهڻ سندن مقدر ٿي ويون آهن. منهنجي بدقسمتي جو انهن ڪارواين جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي منهنجي اها مُشڪ ڇڪجي پئي جنهن تي گهوڙي تي گرفت رکڻ جو دارومدار هوندو آهي. انهن ڏينهن ۾ گيلوانڪ (Galvanic) علاج اڃا دريافت نه ٿيو هو تنهنڪري سور ۽ تڪليف هوندي به پيو گهلجڻ کان سواءِ ڪو چارو ئي نه هوندو هو ۽ جيڪڏهن هڪ ڏينهن به ڪم جي موڪل گهربي هئي ته ڪم چور سمجهيو ويندو هو.

اسان جي رجمينٽ جو رائيڊنگ ماسٽر جوڪو جي نالي سان مشهور هوندو هو. کيس خوفناڪ ظالم حڪمران وارا طور طريقا اختيار ڪرڻ ۾ ته هونئن ئي مهارت حاصل هئي پر هو انهن هفتن دوران ڪو ڏاڍو چيڙاڪ طبيعت جو ٿي پيو هو. هڪ سيئنر سبالٽرن ايلڊرشاٽ ٽائيمز ۾ اشتهار جي صورت ۾ هي ٽوٽڪو ڇپرايو هو: ميجر--، گهوڙيسواري جو پروفيسر، ايسٽ ڪيولري بيرڪس، شڪار ٻارنهن سبقن ۾ سيکاري ڇڏيائين ۽ اسٽيپل چيز ارڙهن هفتن ۾. انهيءَ ڪري مٿس ٺٺول جو مينهن وسي پيو هو ۽ شايد اهو ئي سبب هو جو سندس رائيڊنگ اسڪول جي ڪلاس مان ڪنهن ماڻهو جي چپن تي ڪا خفيف مسڪراهٽ ئي ظاهر ٿيندي هئي ته هو سمجهندو هو ته اهو ماڻهو مٿس پيو کِلي.

بهرحال ڪجهه حدن ۾ رهندي آءٌ انهيءَ ڳالهه جو وڏو حامي آهيان ته نوجوانن کي وڏي خوشيءَ سان سادي زندگي گذارڻ سيکارجي. باقي نه ته هاڻي منهنجي سامهون ڏاڍي خوشين ڀري ۽ نوابي انداز واري زندگيءُ جا در کلي پيا هئا. رائيڊنگ اسڪول مان فارع ٿيڻ کان اڳ ئي نوجوان آفيسرن کي پنهنجن سپاهين سان گڏ ايڪسرسائيز يا روٽ مارچ تي وڃڻ جي اجازت ملي وئي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهي ڊرل ڪندا به هليا ويندا هئا. ڪيولري جو اسڪواڊرن پنهنجي پوري آب تاب ۽ سازن جي جهڻڪار سان ڊُگ ۾ مشقون پيو ڪندو آهي ته ان کي ڏسڻ جو پنهنجو مزو هوندو آهي. اهي ساڳيون مشقون جڏهن ڊيگ بجاءِ چوتال ۾ ٿينديون آهن ته ڏسندڙ جوش ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندو آهي، گهوڙن جي چرپر، انهن جي سازن جي جهڻڪار، گهوڙن جي آرائشي کنڀن جو لڏڻ ۽ لمڻ، هڪ جاندار مشين جو حصو هئڻ جو احساس ۽ وردي پوش سپاهين جو وقار اهي سڀ شيون گڏجي ڪيولري ڊرل کي هڪ عاليشان شيءِ بڻائي ڇڏينديون آهن.

هتي مون کي ناواقف پڙهندڙ جي فائدي لاءِ اها ڳالهه سمجهائي ڇڏڻ گهرجي ته ڪيولري وارا مشق ڪالم (Column) جي صورت ۾ ڪندا آهن ۽ جنگ وقت صف (line) ۾ هوندا آهن. اهي ڊرل ڪرڻ وقت جلدي جلدي جايون تبديل ڪندا ويندا آهن ۽ هڪ ترتيب (Formation) کان ٻي ترتيب ۾ ايندا ويندا آهن. ڪيولري جي وڏن دستن تي به اهي اصول لاڳو ٿين ٿا. ڪيولري جي رجمينٽ، برگيڊ کان ويندي ڊويزن کي به ناقابل يقين حد تائين مختصر وقت ۾ ڪيولري جي سڀ کان وڏي ترتيب يعني چارج (Charge) لاءِ تيار ڪري سگهجي ٿو.

هاڻي جنگ جي لالچي، گيدي ۽ موقع پرستاڻي ڊوڙ ۾ انهن سڀني ڳالهين جو بيڪار ٿي وڃڻ ڏاڍي شرم جهڙي ڳالهه ٿي لڳي. جنگ هاڻي عينڪون پاتل ڪيمسٽن ۽ جهازن يا مشين گنن جا ليور ڇڪيندڙ ڊرائيورن جي هٿن ۾ وڃي پئي آهي. پر سن 1895ع ۾ ايلڊر شاٽ ۾ اهڙيون ڪي به آفتون انسانذات تي نه ڪڙڪيون هيون. ڊريگون، لانسر ۽ سڀ کان وڌيڪ جيئن اسين سمجهندا هئاسين حصار رجمينٽن کي اڃا تائين جنگ جي ميدان ۾ روايتي عزت وارو مقام حاصل هو. جنگ جيڪا اڳ بيرحمي ۽ شان شوڪت وارو ڪم هوندو هو اهو هاڻي بيرحمي ۽ گندگيءَ جي مترادف ٿي ويو آهي. حقيقت اها آهي ته جنگ وارو ڪم هاڻي مڪمل طور بگڙجي ويو آهي. اهو سمورو جمهوريت ۽ سائنس جو ڏوهه آهي. جڏهن کان انهن ٻنهي کي سچي پچي جنگ ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني ويئي آهي تڏهن کان جنگ جي نصيب تي مهر لڳي وئي آهي. اڳ ۾ جنگ ائين ٿيندو هو ته تربيت يافته پيشور سپاهين جو ننڍڙو انگ پنهنجي ملڪ جي موقف جي حمايت ۾ قديم هٿيارن سان قديم جنگي چالون ڪم آڻيندي وڙهندو هو ۽ سندس قوم به هر گهڙي کين داد ۽ شاباس ڏيندي سندن همت وڌائيندي هئي. هاڻي عورتن ۽ ٻارن سميت ملڪن جون سموريون آباديون جنگ ۾ هڪٻئي جي سامهون ٿي هڪٻئي کي بيرحمي سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ۽ پوئتي فقط ڪجهه چُنجهين اکين وارا ڪلارڪ قاصائي جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ باقي رهن ٿا. جڏهن کان جمهوريت کي جنگ جي ميدان تي اچڻ ڏنو ويو آهي يا کڻي چئجي ته زوري گهڙي آئي آهي تڏهن کان جنگ شريفاڻو ڪم نه رهي آهي.

انهن سڀني ڳالهين جي باوجود 1890ع واري ڏهاڪي ۾ جنرل لڪ Luck- انسپيڪٽر جنرل- کي ٽيهن يا چاليهن اسڪواڊرن تي ٻڌل ڪيولري ڊويزن کي مشقون ڪرائيندي ڏسڻ ڏاڍي مزي جي ڳالهه هوندي هئي. اها ڊويزن نظم و ضبط جي لحاظ کان هڪ يونٽ ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اهي سپاهي جڏهن تياريءَ واري تربيت ۾ هوندا هئا ۽ پوءِ انهن کي 15 ڊگرين جي ڪنڊ ٺاهيندي فرنٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ملندو هو ته سڀ کان آخر واري برگيڊ کي مٽيءَ جي ڪڪر ۾ ٻه ميل ڊوڙڻو پوندو هو. مٽيءَ جو اهو ڪڪر ايترو ته گهاٽو هوندو هو جو پنج وال اڳتي ڪابه شيءِ نظر نه ايندي هئي. اهڙي صبح واري ڊرل ۾ ويهارو کن ماڻهن جو گهوڙن تان ڪرڻ ۽ ڇهه کن حادثا معمول جي ڳالهه هوندا هئا ۽ آخرڪار جڏهن لائين ترتيب وٺي بيهندي هئي ۽ رجمينٽ يا برگيڊ کي چارج جو حڪم ملندو هو ته ماڻهو جوش ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي رڙيون ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهندو هو.

پوءِ جڏهن اسين بيرڪن ۾ واپس پهچندا هئاسين ته اهي ڳالهيون سوچي منهنجا اهي جذبا ٿڌا ٿي ويندا هئا ته جرمنن وٽ ته اسان جي انهيءَ سڪيلڌي ڊويزن جهڙيون ويهه شاندار ڊويزنون آهن.

راڻي وڪٽوريا پاران فوج جي سلامي وٺڻ وقت به پريڊ جا شاندار مظاهرا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. هوءَ سلاميءَ واري جاءِ تي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺي هوندي هئي ۽ 25000 سپاهين تي مشتمل سموري ايلڊرشاٽ گيريسن جا گهوڙيسوار، پيادا، توپخاني، انجنيئر ۽ سروس ڪور جا ماڻهو نيرن، سونهري ۽ قرمزي لباسن ۾ سندس سامهون تجلا ڏيندڙ وهڪري جي صورت ۾ وهندا ويندا هئا. هاڻي مون کي اها ڳالهه ڏاڍي غلط لڳندي هئي ته فرانس، جرمني، آسٽريا ۽ روس جهڙيون يورپي طاقتون پنهنجن ملڪن ۾ ساڳئي ڏينهن ويهن مختلف جاين تي اهڙا مظاهرا ڪري سگهنديون. آءٌ سوچيندو هوس ته اسان جا مدبر ڪو اهڙو انٽرنيشنل ڪنوينشن ڇو نه ٿا ٺاهين جنهن جي روء سان اولمپڪ راندين وانگر هر ملڪ کي جنگ جي صورت ۾ برابر جي بنيادن تي نمائندگي ڏني وڃي. اهڙي طرح اسين آرميءَ جي هڪ مڪمل ڪور (Crops) جي ذريعي جنهن ۾ هر نسل جا بهترين ماڻهو شامل هجن دنيا تي حاڪميت جو مسئلو حل ڪري سگهون ٿا. پر وڪٽوريائي دور جا وزير ايترا حوصلي مند نه هئا. انهن پنهنجو موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو. اڳ ۾ جنگ ماهرن ۽ مناسب نموني ترتيب ورتل ماڻهن جي هٿن ۾ هوندي هئي جيڪي جنگ بابت سڀ ڪجهه ڄاڻندا هئا. انهن وزيرن انهي جنگ کي اهڙن ماڻهن جي هٿن مان ڪڍي ان کي فقط ماڻهن، مشنري ۽ مايا تي دارومدار رکندڙ هڪ بڇڙو ڪم بڻائي ڇڏيو آهي.

اسان مان جيڪي ماڻهو سمجهي ويا هئا ته جنگ ڪهڙي هيٺانهين درجي تي وڃي پهتي هئي اهي هاڻي لازماً انهيءَ نتيجي تي پهچي رهيا هئا ته هاڻي يورپ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به ٽڪراءَ ۾ برطانوي فوج ڪوبه حصو نه وٺندي. اسان حصو به ڪهڙن افعالن تي وٺنداسين جو اسانجي سموري ڪائنات آرمي جي هڪ ڪور جنهن ۾ هڪ ڪيولري ڊويزن آهي. باقي ڏئي وٺي وڃي مليشيا- سندس سربخت جو خير هجي- ۽ رضاڪار بچن ٿا. حقيقت اها آهي ته 1895ع واري دور ۾ جنگ جو شيدائي ڪوبه ليفٽيننٽ ۽ ايلڊرشاٽ ڪمانڊ جو ڪو به وڙهسان وڙهسان ڪندڙ اسٽاف آفيسر اها ڳالهه مڃي ئي نه ها ته اسان جي ننڍڙي آرمي وري ڪڏهن يورپ ۾ ڪنهن جنگي محاذ تي مڪلي ويندي. انهيءَ هوندي به هڪ اهڙو ڏينهن اچڻو هو جڏهن ڪيولريءَ جو هڪ ڪيپٽن، هيگ نالي، جيڪو لانگ ويلي تي اسان سان گڏ ڊرل ڪندو هو، محسوس ڪندو ته مرڪز کان هن وٽ ڪمڪ نه ٿي پهچي ڇاڪاڻ ته هڪ اهم جنگي معرڪي لاءِ هن وٽ چاليهن برطانوي ڊويزنن کان وڌيڪ فوج نه آهي. حالت اها هوندي ته فرسٽ آمريڪن آرمي ڪور هن سان گڏ هوندي مجموعي طور ڇهه لک ماڻهو ۽ چار سو آرٽلري برگيڊ هن سان گڏ هوندي.

آءٌ سوچيندو آهيان ته ڇا اسان جي ٻئي ڪنهن نسل انگن اکرن ۽ مقدارن جا اهڙا عقل چرخ ڪندڙ ڦيرا ڏٺا هوندا جهڙا اسين پيا ڏسون. جنهن به مادي يا مڃيل حقيقت بابت منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري وئي هئي ته اها مستقل ۽ نهايت اهميت واري آهي اها هاڻي مستقل نه رهي آهي ۽ پنهنجو وجود وڃائي ويٺي آهي ۽ جن به ڳالهين جي ناممڪن هئڻ بابت مونکي پڪ هئي يا مونکي اهو سيکاريو ويو هو ته اهي ناممڪن آهن اهي اڄ واقع ٿي ويون آهن.

****

ڪرنل بريبازون هڪ کُٽل آئرستاني زميندار هو جنهن جي زندگي برطانوي فوج ۾ گذري هئي. هو ايودا[1] (Ouida) جي هيرن (Heroes) جي هڪ مثالي صورت هوندو هو. هو 1860ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ Grenadier Guards ۾ نوڪري جي شروعات ڪرڻ کان وٺي فيشن جي دنيا ۾ اڳ کان اڳرو رهيو هو. هو لنڊن جي اعلى طبقي جو هڪ سڀ کان روشن ۽ چمڪدار فوجي ستارو هو ۽ پرنس آف ويلز جو زندگيءَ ڀر جو گهاٽو دوست رهيو هو. شاهي دربار هجي، ڪلب هجي، ريس ڪورس هجن يا شڪار جا ميدان هن کي هر جاءِ تي تمام برتر شخصيت تسليم ڪيو ويندو هو. هو جيتوڻيڪ سموري عمر ڪنوارو رهيو هو پر ڪنهن به لحاظ کان زن بيزار شخص نه هو. نوجواني ۾ ته هو لازماً خوش شڪل رهيو هوندو. هن جو قد بلڪل ايترو هو جيترو ڪنهن مرد جو هئڻ گهرجي. هو حقيقت ۾ ڇهه فوٽ نه هو پر لڳندو ڇهن فوٽن جو هو. هاڻي پنهنجي عمر جي بهترين دور ۾ هو ڏاڍو شاندار لڳندو هو. سندس اڀريل متناسب منهن مهانڊي، سفيد چمڪندڙ اکين ۽ مضبوط ڄاڙيءَ تي سندس شهپر ڏاڍا ٺهي بيهندا هئا. انهن شهپرن کي جيڪر قيصر به پنهنجو ناممڪن الحصول سمجهي ها. انهيءَ سان گڏوگڏ هو پاڻ کي اڳئين نسل وارن طرحدار جوانن وارا انداز ۽ آداب رکندو هو. سندس هڪ عجيب ڳالهه اها هئي ته هو انگريزي اکر `R` اُچاري نه سگهندو هو. اها خبر نه آهي ته اهو پيدائشي عارضو هوس يا پاڻ اختيار ڪيو هئائين. مجلس سُلجهيل ماڻهن جي هجي يا غير سلجهيل. سندس غير معمولي شخصيت ڪٿي به مونجهاري جو شڪار نه ٿيندي هئي.

سندس فوجي نوڪريءَ جو عرصو تمام ڊگهو ۽ تمام رنگارنگ گذريو هو. هن کي ڇهن سالن جي نوڪريءَ کان پوءِ تمام سخت مالي مشڪلات جي سبب گرينيڊيئر گارڊس کي ڇڏڻو پيو هو ۽ سخت تڪليفن جي دور مان گذريو هو. هن 1874ع واري ”اشنتي ڪئمپئن (Ashanti Campaign) ۾ جينٽلمين والنٽيئر طور ڪم ڪيو هو. هتي هن پاڻ کي ايترو ته نمايان ڪري ڏيکاريو جو اعلى حلقن ۾ ڏاڍي مضبوط تحريڪ شروع ٿي ته سندس ڪميشن بحال ڪئي وڃي. اهڙي عنايت اڳ ۾ ورلي ڪنهن تي ٿي هئي پر في الحقيقت هن تي ڪئي وئي. پرنس آف ويلز کي انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو فڪر هو ته هو سندس پنهنجي رجمينٽ –ڏهين حصار- ۾ مقرر ٿئي. اها انهن ڏينهن ۾ آرمي جي شايد سڀ کان امتيازي حيثيت واري رجمينٽ هوندي هئي. پر جيئن ته فوري طور ڪا جاءِ خالي نه هئي. تنهنڪري کيس وچ واري عرصي لاءِ لائين (Line) جي انفنٽري رجمينٽ ۾ مقرر ڪيو ويو. هن کان جڏهن پڇبو هو ته ”بريب! هاڻي ڪهڙي رجمينٽ ۾ آهين؟“ ته جواب ڏيندو هو : ”مون کي صحيح ياد نه آهي پر انهن جي بيرڪن جون مهاڙيون سائي رنگ جون آهن ۽ واٽرلو کان ويندي توهان اتي پهچي سگهو ٿا.“

پوءِ وارن سالن ۾ هن هڪ دفعو ايلڊرشاٽ جي اسٽيشن ماستر کان پڇيو هو ته ”لنڊن واري ٽرين ڪٿي آهي؟“ ”اها وئي هلي ڪرنل“، ”وئي هلي! ٻي آڻاءِ نه“.

هو آخرڪار ڏهين حصار رجمينٽ ۾ آيو ۽ 1878ع ۽ 1879ع ۾ افغان جنگ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي وڏو نالو ڪڍيائين ۽ پوءِ 1884ع ۾ ساڪم (Suakim)[2] جي آسپاس شديد لڙائي ۾ پڻ حصو ورتائين. هن کي جيئن ته جنگ ۾ حصو وٺڻ تي ٻه دفعا بريويٽ (Brevet)[3] مليون هيون تنهنڪري هو فوجي عهدي جي لحاظ کان حقيقت ۾ پنهنجي ڪرنل کان سينئر هو. انهيءَ مسئلي ڏاڍي پريشان ڪن صورتحال پيدا ڪري وڌي ۽ اهڙي صورتحال فقط انهن ڏينهن جي برطانوي فوج ۾ ئي پيدا ٿي سگهي پئي. ڏهين حصارز جي ڪرنل کي هڪ دفعو بريبازون جي اسڪواڊرن ۾ ڪا خامي ڏسڻ جو موقعو ملي ويو ۽ هن پنهنجي ناپسنديدگي ايتري حد تائين ڏيکاري جو انهيءَ کي واپس بيرڪن ۾ وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيائين. بريبازون لاءِ اها سخت شرمندگيءَ جهڙي ڳالهه هئي. بهرحال ڪجهه هفتا پوءِ ڪجهه فوجي مشقن لاءِ ڏهين حصارز رجمينٽ وڃي ٻي ڪنهن ڪيولري رجمينٽ سان گڏ هڪ برگيڊ جو حصو ٿي. انهيءَ صورت ۾ رجمينٽ واري سينئارٽي لاڳو نه هئي ۽ اعزازي فوجي عهدن جي بنياد تي برگيڊ جي ڪمان پاڻمرادو بريبازون جي هٿن ۾ اچي وئي. هاڻي بريبازون جو ڪمانڊنگ آفيسر سندس سامهون سندس ماتحت ٿيو بيٺو هو ۽ هن ڪجهه وقت اڳ جيڪي ڳالهيون ۽ شرمسار ڪندڙ جملا ٻڌا هئا اهي ئي هتي ورجايائين ۽ ”پنهنجي رجمينٽ ۾ واپس وٺي وڃو سر!“ جو حڪم ڏيندي ڳالهه ختم ڪيائين. آرميءَ جي فيشني طبقي ۾ انهيءَ واقعي جو ڏاڍو ذڪر هليو هو. انهيءَ ڳالهه کان ڪنهن کي به انڪار نه هو ته قانون بريبازون جي حمايت ۾ هو. انهن ڏينهن ۾ ماڻهو ڏاڍي بي لچڪ نموني پنهنجا حق مڃرائيندا هئا. هاڻي اها ڳالهه مناسب نه ٿي سمجهي وڃي. انهي معاملي بابت بهرحال ٻه رايا موجود هئا.

جيئن ته اها ڳالهه واضح هئي ته هو پنهنجي رجمينٽل سينئارٽي جي بنياد تي ڏهين حصارز جي ڪمان نه ڪري سگهي ها تنهنڪري وار آفيس (War Office) کيس 1893ع ۾ چوٿين حصارز جي ڪمان جي آڇ ڪئي. اها ڳالهه خود انهي رجمينٽ جي سينئر آفيسرن لاءِ شرم جو باعث ٿئي ها ڇاڪاڻ ته ڪا به رجمينٽ انهيءَ ڳالهه کي پسنديدگيءَ جي نظر سان نه ڏسندي آهي ته ڪو ٻاهريون  ماڻهو انهن کي ”ٺيڪ ڪرڻ“ جي ارادي سان انهن جي رجمينٽ ۾ اچي. هاڻي اهو زبردست ڪرنل جڏهن تمغن ۽ بڪلن سان سينگارجي پنهنجي سموري فوجي ۽ سماجي وجاهت سان گڏ پنهنجي ڏهين حصارز کان به وڌيڪ طويل روايتون رکندڙ رجمينٽ جي پهريون دفعو ڪمان سنڀالڻ آيو هوندو ته اتي اندروني طور ڏاڍي ڇڪتاڻ ته ضرور پيدا ٿي هوندي. بريبازون نئين رجمينٽ ۾ ٺهي هلڻ جي ڪوشش به نه ڪئي. ان جي ابتڙ هن وڏي اعتماد جو مظاهرو ڪيو. جنهن جي سبب سڀ ماڻهو نه فقط سندس مڪمل فرمانبردار ٿي پيا پر ڪيپٽن ۽ سبالٽرن ته سندس ڏاڍي واکاڻ ڪرڻ لڳا. ڪجهه سينئرن کي بهرحال پنهنجو مقام ياد ڏياريو ويو. هڪ رات هن تيز مزاج ميس پريزيڊنٽ کان اهو به پُڇي ورتو ته: ”۽ توهان ڀلا هيءَ شامپين ڪهڙي ڪيمسٽ کان وٺندا آهيو؟“

منهنجي نظر ۾ نوڪريءَ جي معاملن کان سواءِ جن ۾ هو ڊسيپلين جو تمام خيال رکندو هو باقي ٻين ڳالهين ۾ هو تمام وڻندڙ طبيعت جو مالڪ هو. پر مون جلد ئي اها ڳالهه محسوس ڪري ورتي ته جنگ، شڪار، مذهب، غير مذهب، ۽ ميس ۾ ٿيندڙ گفتگو جو اهم حصو رهندڙ اهڙن هڪ يا ٻن موضوعن کان سواءِ ڪرنل ڪافي وسيع مطالعو پڻ ڪيو آهي. مثال طور مون جڏهن هڪ دفعو گفتگو دوران “God tempers the wind for the shorn lamb” چيو ته ڪرنل مون کان پڇيو ته ”اها سٽ ڪٿان آندي اٿئي؟“ مون ڪجهه اطمينان سان جواب ڏنو ته اها سٽ جيتوڻيڪ بائيبل ڏانهن منسوب سمجهي وڃي ٿي پر اها حقيقت ۾ اسٽرن جي[4] (Sentimental Journey) ۾ آيل آهي. ”تو اهو ڪتاب پڙهيو آهي؟“ هن ڏاڍي معصوميت سان پڇيو؟ چڱو ٿيو جو آءُ فطري طور  سچ ڳالهائيندڙ آهيان ۽ اهو اعتراف ڪري ورتم ته مون اهو ڪتاب نه پڙهيو هو. پوءِ خبر پئي ته اهو ڪتاب ڪرنل جي خاص طور پسنديده ڪتابن مان هڪ هو.

ڪرنل جي طبيعت ۾ ڪجهه ڳالهيون سندس مقبوليت کي نقصان رسائيندڙ پڻ موجود هيون. مون پاران رجمينٽ ۾ جئائن ڪرڻ کان جلد ئي پوءِ هو سر ايولين ووڊ جهڙي شخصيت سان ٽڪراء ۾ اچي ويو. تڏهن ايلڊرشاٽ جي ڪمان سندس هٿن ۾ هئي. بريبازون رجمينٽ جي ورڪنگ يونيفارم ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون تبديليون آنديون. انهن مان اڪثر تبديليون عملي طور ڏاڍيون موزون ۽ مناسب به هيون. مثال طور هن ڊرل لاءِ سونهري جهالرن بجاءِ هيڊي رنگ جون پٽيون مروج ڪيون. اهي ڳالهيون ته بجاءِ خود ٿيون پر هو پاڻ ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي هيٺين چپ تي ننڍڙي امپيريئل ڏاڙهي رکندو پئي آيو. اها ڳالهه Queen’s Regulations جي سيڪشن ستين جي خلاف هئي جنهن مطابق: ”کاڏي ۽ هيٺين چپ کي صافي ڏني ويندي“. پر ٽيهن ورهين جي جنگ توڙي امن جي زماني ۾ ڪنهن به اعليٰ اختياريءَ بريبازون جي امپيريئل کي للڪارڻ جي جرائت نه ڪئي هئي. هو انهيءَ کي هڪ تسليم شده رعايت ۽ اداري طور قائم رکندو پئي آيو ۽ انهيءَ تي کيس تمام گهڻو ناز هو. هاڻي هن جيئن ئي پنهنجي رجمينٽ ايلڊرشاٽ جي ڪمانڊ هيٺ آندي ته سر ايولين به اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ اتاولو ٿي بيهي رهيو ته هو به ڪنهن جو لحاظ رکڻ وارو ماڻهو نه آهي. پتلونن تي هيڊي رنگ جون پٽيون غائب ٿي ويون، رجمينٽ سرج جي سئيٽرن ۾ ڊرل ڪرڻ جي عادي ٿي وئي هئي انهن کي نيڪالي ڏني وئي ۽ پراڻي دور واريون سونهري جهالرون ۽ ڪپڙي جون سوڙهيون جيڪٽون واپس اچي ويون. ڪرنل کي اهي حڪم مجبوراً مڃڻا پيا پر هن پنهنجون شڪايتون غير سرڪاري طور وار آفيس پهچايون. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سندس کنيل قدمن ۾ معقوليت موجود هئي ۽ اها ڳالهه سندس فائدي ۾ وڃي رهي هئي. حقيقت اها آهي ته اهي معقول ۽ ڪفايتي تبديليون پوءِ هڪ سال جي اندر ئي سموري آرميءَ ۾ لازمي طور لاڳو ڪيون ويون. پر تڏهن وار آفيس يا لنڊن ۾ به ڪنهن کي سر ايولين جي حڪم کي نظرانداز ڪرڻ جي جرائت نه هوندي هئي جو سندس هر ڳالهه ۾ ڪئينز ريگيوليشن جو حوالو موجود هوندو هو. سر ايولين کي جيئن ئي خبر پئي ته بريبازون سندس فيصلن تي تنقيد ڪئي آهي ته هن دليراڻو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو. هن ڪرنل ڏانهن لکت ۾ حڪم موڪليو ته سڀاڻي پريڊ تي هو پنهنجي ڏاڙهيءَ کي قاعدن موجب صافي ڏياري اچي. اها ڏاڍي بيعزتي جهڙي ڳالهه هئي پر بريبازون وٽ اهو حڪم مڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه هو. انهيءَ رات هن اها قرباني ڏني ۽ ايندڙ صبح جو ڏاڍو بدشڪلو ٿي پنهنجن سپاهين جي سامهون آيو. اهو منظر ڏسي انهن جو حيرت ۾ وات پٽجي ويو ۽ اصل حقيقت ٻڌڻ کان پوءِ کين ڏاڍو صدمو رسيو. ڪرنل انهيءَ صورتحال جو ايترو ته دل تي اثر ورتو جو هن پوءِ ڪڏهن به انهيءَ واقعي بابت هڪ لفظ به وات مان نه ڪڍيو ۽ سواءِ ڪنهن ضروري سرڪاري ڪم جي هن سر ايولين وُوڊ سان وري ڪڏهن به نه ڳالهايو.

هاڻي مون کي اهڙي شخص جي ماتحتي ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو ۽ جيڪو پوءِ پنهنجي زندگيءَ جا باقي ويهه سال منهنجو گهاٽو دوست ٿي رهيو. ڪرنل سياسي طور تمام پڪو ٽوري (Tory) هو. پروٽيڪشن، لازمي فوجي ڀرتي ۽ Contagious Diseases Act کي نئين سر جاري ڪرڻ اهي سندس اهم ۽ بنيادي متا هوندا هئا. هو حڪومتن ۽ سياستدانن کي انهيءَ پيماني تي پرکيندو هو ته اهي سندس پروگرام سان ڪيتري قدر هم آهنگي رکن ٿيون. پر سياست، فري ٽريڊ بابت تنازعو، لائيڊ جارج واري بجيٽ  توڙي السٽر وارو جهيڙو ڪا به ڳالهه اسانجن لاڳاپن کي ختم نه ڪري سگهي.

*      *      *      *

سن 1895ع واري اونهاري ۾ اسين سڀ اها خبر پڙهي ڏاڍا خوش ٿياسين ته هائوس آف ڪامنز ۾ Home Rule Government کي شڪست اچي وئي آهي ۽ لارڊ سالسبري ٻيهر حڪومت ٺاهي رهيو آهي. ماڻهو لارڊ روز بيري کي پسند ڪندا هئا ڇاڪاڻ جو اهي کيس محب وطن سمجهندا هئا. پر تڏهن هن جا دوست ڏاڍا خراب هوندا هئا. انهن خراب دوستن کيس ڇڪي هيٺ آڻي ڇڏيو. ماڻهو چوندا هئا ته هو ايترو ته ڪمزور هو جو کيس پنهنجن صحيح خيالن جي ابتڙ به هنن جي ڳالهه مڃڻي پئجي وئي. تڏهن به آئرش نيشنلسٽ ئي هن کي حڪومت ۾ رکيون ويٺا هئا جن بابت سڀني کي خبر هئي ته برطانوي سلطنت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان سواءِ هنن جي دل نه ٺري ها. آءُ هتي هڪ جملو جان مورلي بابت به آڻيان ٿو. ماڻهو چوندا هئا ته هن جو تمام گندن ماڻهن سان تعلق آهي ۽ اهو  فينين ۽ هر قسم جي غدارن سان گڏ اٿي ويهي ٿو. انهيءَ ڳالهه تي خاص طور خوشي جو اظهار ٿي رهيو هو ته چڱو ٿيو جو اهڙي حڪومت کي شڪست اچي وئي جنهن ڪورڊائيٽ[5] جي رسد ۾ ڪمي ڪري ڇڏي هئي. فرض ڪيو ته جنگ لڳي ٿي وڃي ته ڪورڊائيٽ کان سواءِ ڪيئن وڙهبو. ڪي ماڻهو وري چوندا هئا ته حقيقت ۾ ڪورڊائيٽ ته وڏي مقدار ۾ موجود آهي پر اهڙن ڪتن کي هڻڻ لاءِ جيڪا لٺ هٿ اچي اها چڱي! سچ پچ ته لبرل پارٽي انهيءَ وقت ايلڊر شاٽ ۾ ڏاڍي غير مقبول هئي. عام چونڊن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته باقي سمورو ملڪ اسان جو هم خيال هو ڇاڪاڻ ته لارڊ سالسبري 150 ووٽن جي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. ڪنزرويٽو پارٽي ملڪ تي ڏهه سال حڪومت ڪئي جنهن دوران انهن ڪافي جنگن ۾ به حصو ورتو جن جو بيان هن ڪتاب جي چڱي خاصي حصي تي آيل آهي. حقيقت اها آهي ته اهي حڪومت مان جڏهن نڪتا تڏهن انهن Protection جي حمايت شروع ڪئي. پوءِ لبرل پارٽي اچي وئي جنهن تمام وڏيون جنگون ڪيون. پر انهن سڀني ڳالهين جو بيان في الحال روڪجي ٿو.

وزارتي ضيافتن کان پوءِ ڊيونشائير هائوس ۾ ٿيندڙ پارٽي جي مون کي به دعوت ملي. اتي مون سڀئي نوان وزير ڏٺا. اهي پنهنجي نيري ۽ سونهري يونيفارم ۾ ڏاڍا سهڻا پئي ڏسڻ ۾ آيا. اهي جيتوڻيڪ اسان جي يونيفارم جهڙا شاندار ته نه هئا پر انهن کي پنهنجو هڪ انداز هو جنهن سبب اهي مون کي سٺا لڳا. مون پرڏيهي معاملن جي انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ مسٽر[6] جارج ڪرزن سان خاص طور وڃي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هو ڏاڍو باوقار ۽ هوندي سوندي وارو ڏسڻ ۾ پئي آيو ۽ منهنجين واڌاين کي ڏاڍي خوش اخلاقي سان قبول ڪيائين. هن مونکي اها ڳالهه سمجهائي ته سندس عهدو جيتوڻيڪ ننڍو آهي پر انهيءَ جي ذريعي هائوس آف ڪامنز ۾ فارين آفيس جي نمائندگي ٿيندي آهي. تنهنڪري هن اميد ٿي ڪئي ته هن خارجه پاليسي جي فقط دفاع ۽ تشريح ڪرڻ بجاءِ ان تشڪيل ۾ پڻ حصو ملندو. انهن ئي ماڻهن ۾ ڪجهه ويچارا غريب نوجوان به هئا جن سان ماڻهن گهڻي ميل جول نه ٿي ڪئي. پر انهن کي ٻين کان اڃان وڌيڪ مسڪرائڻو ٿي پيو ۽ اهي انهن ماڻهن وٽ وڃي کين اهي عهدا ملڻ تي واڌايون ڏئي رهيا هئا جيڪي انهن ويچارن پنهنجي لاءِ حاصل ڪرڻ گهريا هئا. آءُ جيئن ته انهن مان ڪنهن عهدي لاءِ زير غور ئي نه هوس تنهنڪري مون کي انهن مان ڪنهن سان ڪو به ساڙ نه ٿيو.

*      *      *      *

هيءُ ئي مسز ايوريسٽ جي فوت ٿيڻ جو وقت آهي. مون جيئن ئي سندس شديد بيماريءَ جي خبر ٻڌي ته کيس ڏسڻ لنڊن هليو ويس. هوءَ پنهنجي ڀيڻ جي ڪٽنب سان نارٿ لنڊن ۾ رهندي هئي. کيس خبر هئي ته سندس حالت خطري واري آهي پر کيس منهنجو ئي فڪر ۽ ڳڻتي هئي. تڏهن مينهن به ڏاڍو تيز وسي پيو هو ۽ منهنجو ڪوٽ پُسيو پيو هو. هن جڏهن انهيءَ کي هٿ لائي ڏٺو ته ڏاڍي پريشان ٿي وئي ته مون کي متان ٿڌ نه لڳي وڃي. بهرحال مون ڪوٽ لاهي چڱي طرح سُڪايو تنهن کان پوءِ ئي هو سامت ۾ آئي. هاڻي هن کي فقط منهنجي ڀاءَ جئڪ کي ڏسڻ جي خواهش هئي پر انهيءَ جو بندوبست نه ٿي سگهيو. آءُ سٺو اسپيشلسٽ وٺڻ لنڊن هليو ويس ۽ پوءِ ٻنهي ڊاڪٽرن سندس مرض بابت گڏي صلاح مشورو ڪيو. مون کي صبح جو سوير پريڊ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رات جو ٻارهين وڳي واري ٽرين ۾ ايلڊرشاٽ موٽي وڃڻو هو. صبح جو پريڊ ختم ٿيندي ئي آءُ واپس ڀڳس. هوءَ اڃان هوش ۾ هئي ۽ مون کي سڃاتائين ٿي پر پوءِ آهستي آهستي بيهوش ٿي وئي. موت هن کي ڪا  به تڪليف نه ڏني. هن ايڏي معصومانه ۽ ٻين جي خدمت ڪندي پيار ڀري زندگي گذاري هئي ۽ سندس عقيدو ۽ ايمان به اهڙو ئي سادڙو هو جو هن کي ڪنهن به قسم جو ڊپ نه هو. نه ئي کيس ڪو فڪر ۽ ڳڻتي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. هوءَ منهنجي سموري ويهن ورهين جي ڄمار ۾ منهنجي تمام پياري ۽ تمام گهري دوست رهي هئي. هاڻي مون انهي پادريءَ ڏانهن تار موڪلي جنهن وٽ هن تقريباً پنجويهه سال اڳ ڪم ڪيو هو. هو ڪمبرلينڊ ۾ رهندو هو ۽ هاڻي archdeacon ٿي ويو هو. اسان جي ملاقات قبر وٽ ٿي. مسز ايوريسٽ جي ديانتداريءَ سان ڪيل خدمتن بابت هن جي ذهن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون محفوظ هيون پر هو ننڍڙي ايلا کي پاڻ سان گڏ نه وٺي آيو هو.

منهنجي ذهن ۾ جڏهن انهن غريب پيرسن عورتن جو خيال ايندو آهي جن مان ڪيترين وٽ پنهنجي زندگي جي پڇاڙيءَ ۾ ڪير به سار سنڀال لهڻ وارو ۽ ڪو پئسو ڏوڪڙ نه هوندو اٿن ته مون کي خوشي ٿيندي آهي ته اسان جي ملڪ جو پينشن ۽ انشورنس جو نظام ٺاهڻ ۾ منهنجو به حصو آهي جيڪو اهڙين بي سهارا عورتن لاءِ خاص طور وڏي مدد جو وسيلو آهي ۽ اهڙو بهتر نظام دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نه آهي.


 


[1]  ايودا: فرانسي ۽ انگريزي ماءُ پيءُ مان ڄاول برطانوي ناول ليکڪا. فيشني اپر ڪلاس طبقي جي ڪردارن تي ٻڌل عام مقبول ناول لکيائين. اصل نالو Marie Lousise de la Rame سن 1908ع ۾ 69 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿي. (سنڌيڪار)

[2]  ساڪم: اتر اوڀر سوڊان ۾ ڳاڙهي سمنڊ تي هڪ بندرگاهه. (سنڌيڪار)

[3]  پگهار ۾ اضافي کانسواءِ اعزازي حيثيت. (سنڌيڪار)

[4] لارنس اسٽرن (1768ع-1713ع) آئرلينڊ ۾ ڄائو پادري. ناول ۽ خطبا لکڻ سان گڏوگڏ مقامي سياست ۾ پڻ بهرو ورتائين. لنڊن ۾ فوت ٿيو. سندس ٻيو مشهور ناول (Life and opinions of Tristam Shandy) آهي. (سنڌيڪار)

[5] گن-ڪاٽن، نائٽروجن گليسرين ۽ ويزلين مان ٺهندڙ بي دونهين ڌماڪيدار مادو – (سنڌيڪار)

[6] ڪرزن (1925-1859ع) اڳتي هلي انڊيا جو وائسراءِ پڻ ٿيو. وڏو مدبر ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو هوندو هو. پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪيترائي انتظامي سڌارا آندائين. (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org