سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: غازي صلاح الدين

باب-1

صفحو :2

وارياسي پٽ مان ٻِٽُ ويندي، ترڪ پنهنجي سنگتيءَ کان سندس نالو پڇيو، يورپيءَ وراڻي ڏني: ”اڃا پنهنجي نالي ظاهر ڪرڻ جو ضرور نٿو سمجهان، پر ڪينيٿ ”سڏجان ٿو، پنهنجي ملڪ ۾ مون کي ٻيا لقب مليل آهن، پر اهي اوهان کي اُچارڻ ئي ڏکيا لڳندا.“ تون هاڻ پهلوان، مونکي پنهنجو نالو سُڻاءِ؟“

ترڪ: اي چيتي وارا جوڌا، منهنجو نالو شير ڪوهه آهي. آءُ ڪردستان جو ويٺل آهيان ۽ سلجوق نالي گهراڻي مان آهيان. اسان جي گهراڻي کان وڌيڪ مان وارو هتي ٻيو ڪو به گهراڻو ڪونه ليکبو آهي.

ڪينيٿ: هائو، مون پاڻ ٻڌو آهي ته اوهان جو سلطان انهيءَ ناليري خاندان سان آهي.

ترڪ: انگلنڊ جي بادشاهه رچرڊ جي اسين گهڻي ناموس پيا ٻڌون. اوهين هن جي رعيت آهيو، ڪيئن؟.

ڪينيٿ: هن مذهبي ويڙهه ۾ آءُ سندس طرفدار آهيان ۽ مون کي آبروءَ وارو درجو آهي. آءُ رهندڙ به انهي ملڪ جو آهيان، جنهن ۾ هو راڄ ڪري ٿو، پر اصل کان آءُ هن جي رعيت ناهيان.

ترڪ: انهي جي معنى ڇا؟ اوهان جي هڪڙي ملڪ ۾ 2 بادشاهه آهن ڪيئن؟

يورپي: رچرڊ انگلينڊ جو بادشاهه آهي ۽ آءُ سڪاٽلنڊ جو ويٺل آهيان. اهي ٻه جدا ملڪ آهن، انهن ٻنهي ملڪن جا رهاڪو وقتي پاڻ ۾ آئيٽندا آهن، پر هن مذهبي ويڙهه ۾ ٻيئي هڪجيترو چاهه وٺندڙ آهن، جيئن توهان پاڻ اکين سان ڏٺو هوندو.

اهڙي طرح ڳالهيون ڪندا، پاسو پاسي سان لائي، هي ڌڱ مڙس رڻ مان رمندا رهيا. سج لاڙائو ٿيو ته يورپي جوڌي ڏٺو ته هن اوجهڙ پاسي اسين فقط ٻه ڄڻا نه آهيون، پر ڪو ٽيون به اسان جي ڪڍ پيو اچي. اهو ٽيون ڄڻو ڊگهو ۽ پتلو هو ۽ ٻڪريءَ جي کل سان بت ڍڪيل هوس. يورپي پهريائين سمجهيو ته هيءَ عجيب ۽ جهنگلي صورت، جا ٽڪرين تان ۽ وڻن وچان حيرت جهڙيون ڦڙتيون کائيندي ۽ تکو ٽپندي پئي اچي، سا ڪو جن ڀُوت آهي!. هن امالڪ پنهنجي ڀالي ۾ هٿ وڌو ته ايتري ۾ هو الله لوڪ اچي پهتو ۽ ترت لغام جهلي چيائين: ”آءُ انگلنڊيءَ جي مَٺ وارو سنياسي آهيان. منهنجو نالو ٿيوڊرڪ آهي. شينهن ۽ چيتا ڀلي منهنجا سنگتي ٿين ۽ منهنجي کُڏڙيءَ ۾ پناهه وٺن، پر هيءَ ٻڪري انهن جي ڏاٺن ڀر نه ڊڄندي.“ اتي ترڪ هن يورپي جوڌي کي چيو ”هن جيڪي چيو سو تو نه سمجهيو هوندو. پر آءُ هن جو مطلب پوري طرح سمجهي سگهان ٿو. هن جي چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته اسين هلي، سندس غار ۾ آرامي ٿيون، حقيقتون هن جي غار کان سواءِ ٻي ڪا جاءِ هتي آهي ئي ڪانه، جتي اسين سڄي رات مٿو لڪائي سگهون. تنهنجي ڍال تي چيتي جي شڪل آهي، تنهن ڪري توکي چيتو ٿو ڪوٺي، منهنجو نالو شير ڪوهه آهي، تنهن ڪري مون کي شينهن ٿو ڪوٺي ۽ سندس بت ٻڪريءَ جي کل سان ڍڪيل آهي، تنهن ڪري پاڻ کي ٻڪري ٿو سڏي. توکي جنهن وٽ اڄ رات رهڻو هو، سو توکي سولائيءِ سان پاڻمرادو گڏجي ويو، هاڻ بهتر ٿيندو ته اسين سندس پٺ وٺي هلون، پر سڀ وقت نظر ۾ رکندا هلونس، جو هيءُ واچوڙي وانگر تکو پيو وڃي.“

يورپي جوان اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ هي ٻيئي ڄڻا هن جي پٺ وٺي اُٿي هليا.

 

باب ٻيو

 

غار ۾ اسرار

اينگاڊيءَ جي مڙهيءَ وارو سنياسي هن رڻ جي واٽن جو چڱيءَ پر واقف هو. هو تمام ڦڙت ۽ چالاڪ هو، سو پهن پيچرن تان، توڙي سوڙهين سڳرن مان، هنن سوارن جي سونهپ ڪندو هليو. ترڪ جيتوڻيڪ هلڪي بار سان هو ۽ سندس گهوڙو اوکين لاهين چاڙهين جو هيراڪ هو ته به هتان سواري ڪندي هن کي گهڻي ڏکيائي پئي ٿي. هو يوروپي، جنهن مٿان لوهي زرهه جو بار هو، ۽ جنهن جي گهوڙي تي بوجو به گهڻو هو، تنهن کي اڻانگن چاڙهين تان چڙهندي، توڙي لاهين تان لهندي، پل پل اهو ڊپ پئي ٿيو ته اجهوئي اونڌو ٿِي ٿو ڪِران-نيٺ اهو جوکائتو پنڌ سک سان پورو ٿيو، ۽ هي هڪ غار جي منهن وت اچي بيٺا. اتي سنياسي هٿ ۾ ڏياٽي کڻي اچي اڳيان بيٺن. هينئر يوروپيءَ کي دلجاءِ ٿي. هُو انهيءَ ساعت گهوڙي تان ٽپ ڏيئي لٿو، ۽ غار ۾ اندر گهڙيو.

اها غار ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل هئي: ٻاهرئين ڀاڱي ۾ ٻنهي سوارن پنهنجا وَهٽَ هڪ ڪنڊ ۾ ٻڌا. انهيءَ وچ ۾ فقير اندرئين ڀاڱي کي ٺاهيو ٺوڪيو، ۽ پوءِ هي ٻيئي کيس اندر وڃي مليا. غار جي ٻاهرئين ڀاڱي مان هڪڙي ڪوٺيءَ ڏانهن لنگهه دروازي ڀرسان هو.

اها ڪوٺي ڪشادي هئي ۽ سنياسيءَ جي سمهڻ جي جاءِ هئي. اتي ٻه موم بتيون رکيل هيون، جي درويش ٻاريون. غار ۾ هڪ ميز جي اڳيان ٻه ڪرسيون رکيل هيون، تن تي ٻنهي مهمانن کي ويهاريائين. درويش پوءِ انهيءَ ميز تي ڪجهه ڀاڄي، دال، سُڪل گوشت ۽ روٽيون انهن لاءِ آڻي رکيون. جڏهن هو کاڌو کائي رهيا، تڏهن باقي جيڪا جوٺ اَٺ بچي، سا درويش ميز تان کڻي ويو. پوءِ هنن جي اڳيان شربت جا پيالا آڻي رکيائين، ۽ چيائين: ”ٻچا ڌڻيءَ جو نالو ياد ڪري، هيءُ پِي وڃو“. اهي ئي پهريان لفظ هئا، جي سنياسيءَ غار ۾ هنن سان ڳالهايا. ايترو چئي، پاڻ غار جي ٻاهرئين ڀاڱي ڏي ويو، جتي سندس عبادت جي جاءِ هئي، شايد اتي وڃي بندگيءَ ۾ مشغول ٿيو. انهيءَ وچ ۾ سرڪينيٿ پنهنجي سنگتيءَ شير ڪوهه کان ڪيترائي سوال هن درويش بنسبت پڇيا. هن چيس ”اهو سنياسي هڪ ڪرستان آهي. هو اصل هڪ وڏو جنگي سردار هو، پرهاڻ سڀ دنيوي لاڳاپا لاهي، پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏهارا جيروشلم ۾ گذارڻ لاءِ آيو آهي.“ انهيءَ گفتگو هلندي هنن پيرن جي هلڻ آهٽ ٻُڌي. تنهن تي ترڪ پنهنجي سنگتيءَ کي اشارو ڏيئي چيو: ” ماٺ ڪر! هيءُ سائين لوڪ اسان کي چوڻ اچي ٿو ته هاڻي ننڊ ڪريو، مون کي سندس دستور جي سڌ آهي- هن کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي ته کيس ڪو بندگي ڪندو ڏسي. جلدئي سنياسي اندر آيو، ۽ ڳنڀير آواز سان چيائين: ”سڳورو نالو آهي انهيءَ ڌڻيءَ جو، جنهن ڏينهن جي ڪشالن پٺيان آرام لاءِ رات ٺهرائي آهي، جنهن ۾ ٿڪل بت کي تازي ڪرڻ لاءِ ننڊ خلقي اٿس.“ ٻنهي جوڌن چيو ”آمين!“ هو پوءِ، ميز وٽان اُٿيا ته درويش اشاري سان بسترا ڏيکارين. هي بسترن تي وڃي ليٽيا ته درويش رمندو رهيو. هي ٻيئي پهلوان ٿڪل هئا، تنهنڪري ستتئي ننڊ کڻي وين.

ڪينيٿ ڳچ تائين ڳوُڙهي ننڊ ڪئي. ڪنهن وقت اهو سنياسي هن جي هنڌ وت آيو. هن کي هڪڙي هٿ ۾ چانديءَ جي بتي هئي، تنهنڪري ٻئي هٿ سان هن جي ڇاتيءَ تي زور ڏيئي، هن کي جاڳايائين. هو پاسو ورائي، وائڙو ٿي نهارڻ لڳو. سنياسيءَ چپن ۾ چيس: ” ڪڇ ڪين، مون کي تو سان ڪا خلاصي ڳالهه ڪرڻي آهي، اُٿ! اُٿي چوغو پائي، هوريان هوريان منهنجي پٺيان اچ.“ ڪينيٿ پاڻ ترار ٿي کنئي ته سنياسيءَ ڪن ۾ چيس: ”جيڏي اسين هلون ٿا، اوڏي روحاني ترار گهرجي، ۽ اتي رڪ جي هٿيار جي ضرورت ڪانهي.“ هن دلير  مڙس يڪدم پنهنجي اها ترار هنڌ هيٺان رکي ڇڏي، باقي هڪ ڀالو، جو چيلهه سان ٻڌل هوس، سو ٻڌوئي پيو هوس، پوءِ هن حيرت جهڙي سنياسيءَ جي پٺيان ويو. هي ٻيئي اهڙو هوريان هوريان نڪري ٻاهر ٿيا، جو امير جي اک نه کلي، ۽ هو اُتي ئي ستو پيو هو. غار جي ٻاهرئين ڀاڱي ۾ عبادت جي جاءِ هئي، ۽ اتي ڏيئو پئي ٽمڪيو. سنياسيءَ اتي اچي، اهڙي سچائيءَ ۽ پريم سان عبادت ڪئي، جو هيءُ يوروپي جوان هن کي پنهنجي دل ۾ ڪاملن جي قطار ۾ ليکڻ لڳو. ڪجهه وقت عبادت ڪرڻ کان پوءِ، سنياسيءَ پڇيس: ”تون انگلنڊ جي بادشاهه رچرڊ جا مون ڏي سلام کڻي آيو آهين ڪيئن؟“ جوڌي جواب ڏنو: ”انگلنڊ جو بادشاهه بيمار هو، تنهنڪري وٽانئس مون کي ڪو به حڪم ڪو نه مليو. آءٌ ڪرستان شهزادن جي منڊليءَ مان ٿو اچان.“ سنياسي پڇيس: ”ڀلا، ڪا نشاني!“ ڪينيٿ وراڻي ڏني: ”مون کي چيائون ته تو کان جي نشاني پڇي ته تون هي لفظ چئج: ”بادشاهن هڪ فقير کان پنيو.“ هن چيس: ”اها نشاني مون کي دل سان لڳي آئي. سچ ڪري پڇين ته آءٌ تو کي ڀليءَ ڀت سڃاڻان ٿو، پر تڏهن به دستور آهي ته جيڪو سپاهي پهري تي بيٺل هوندو آهي، سو دشمن توڙي دوست کان پريان ئي هڪل ڪري پڇندو آهي ته ڪير آهين؟ مون کي به انهيءَ ڪري تو کان پڇڻو پيو، جو منهنجي جوابداري رواجي پهريدار کان وڌيڪ نازڪ آهي. ائين چئي، هن پهلوان کي پنهنجي پٺيان اچڻ لاءِ اشارو ڏنائين. پوءِ هڪ ٻل-اسٿان يا قربانگاهه جي پٺيان وڃي، هڪڙو اشڪنجو ڦيرايائين ته غار جي ڪنڊ وٽان هڪ دوازو کلي پيو، ۽ انهيءَ وٽ هڪ ڏاڪڻ ڏسڻ ۾ آئي. سنياسيءَ ڏيئو هن جوڌي جي اڳيان ڪيو، ۽ ٻيئي ڄڻا چڙهڻيءَ تان چڙهي، هڪ اونداهي ڪوٺيءَ ۾ ويا. اتان وري هڪ ٻي ڏاڪڻ مٿي ٿي ويئي، مٿي هڪ ڪنڊ ۾ دروازو هو، جنهن جي ٻاهران ڪيتريون ڪليون کتل هيون. درويش انهيءَ دروازي ڏي وڌيو، ۽ پنهنجي سنگتيءَ کي چيائين: ”هيءُ در ٽي ڀيرا کڙڪاءِ.“ هن اڃا کڙڪايو ته دروازو پاڻيهي کلي پيو، ۽ هڪ مندر جهڙي جاءِ ڏسڻ ۾ آئي. غار ۾ ٻين هنڌ ڪو ڪاريگريءَ جو ڪم ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو، پر هتي ڪاريگر حد ڪري چڪا هئا. اها عبادت جي جاءِ ٽَڪر ٽاڪي جوڙي هئائون، ۽ ان کي اهڙو سهڻو ۽ سوڌو بنايو هئائون، جو ان جي ڏٺي دل پئي خوش ٿي. درويش پاڻ پاسي ٿي بيٺو ۽ ڪينيٿ قربانگاهه اڳيان مٿو ٽيڪيو. پوءِ اتي چوڌاري پئي نهاريائين ته اوچتو هڪ ٻرٽانئون در پاڻمرادو کلي پيو، ۽ هڪڙو ڪاٺ جو وڏو ٽڪر نظر چڙهيس-جنهن تي ڪي اکر اُڪريل هئا، جي ٻهڪيا پئي. اُهي لاٽن ٻوليءَ جا لفظ هئا، ۽ انهن جو مطلب هو.[1]

”سچو صليب.“ ساڳئي وقت گاني جو آواز ٻڌڻ ۾ آيس: ائين سمجهيائين ته ڪي زالون گڏجي ڀڄن پيون ڳائين. ڀڄن پورو ٿيو ته ٻرٽانئين دروازي واري جاءِ موٽي پاڻيهي بند ٿي. سر ڪينيٿ سانت ڪري، اتي ڌڻيءَ جي بندگي بيٺي ڪئي، تان جو ڪڪڙن فجر جي ٻانگ ڏني. انهيءَ صبح جي سوير مهل هڪ ننڍي روبي گهنڊ جو آواز هن جي ڪن پيو، پر سڌ ڪا نه ٿي پيس ته اهو آواز اچي ڪٿان ٿو. هن کي وري به اڳيون صليب ظاهر ڏسڻ ۾ آيو. جيئن هن، اُن جي اڳيان گوڏا کوڙي، بندگي ٿي ڪئي، تيئن وري به زالن جا مٺيءَ لات وارا گيت ٻڌڻ ۾ آيس: اهي آواز جيئن پوءِ تيئن ويجها پوندا آيا. سگهو ئي هڪ ڳجهو دروازو کلي پيو، جو هيستائين ڪينيٿ کي ڏسڻ ۾ نه آيو هو. هن گنبذ دار ڪوٺيءَ ۾ هاڻ وڏي پڙلاءَ سان گاني جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هيءُ وِير وسمي ۾ پئجي ويو، تازي کليل دروازي ۾ ڪري اکيون کپايائين. اتان هڪ وڏي جماعت اندر ايندي ڏٺائين: جن مان چار سهڻا ڇوڪر برف جهڙن اڇن چوغن ۾ ڍڪيل، ٻه-ٻه ٿي اندر گهڙيا. پهريائين ٻه ڇوڪر واسوڙا لوڏيندا، واس ڌوپ ڪندا  آيا، ۽ پويان ٻه وري گلن جي ورکا ڪندا مندر ۾ گهڙيا. انهن جي پٺيان پهريائين هڪڙيون ڇهه ۽ پوءِ ٻيون ڇهه زالون اندر آيون. پهرين ڇهن ڄڻين کي اڇي پوشاڪ، مٿان ڪارا برقعا هئا، جن مان ظاهر هو ته هو پڪيون ستيون هيون، جن حق بخشي، سڄي ڄمار گوشي نشينيءَ ۾ عبادت ڪرڻ جو پڪو پرن ڪيو هو. پوين ڇهن کي اڇا برقعا هئا، جن مان معلوم ٿي ٿيو ته جوڳ جي مارڳ ۾ هوُ اڃا نَولَ هيون، ۽ سڄي ڄمار حق بخشي ويهڻ جو پرن ڪو نه ڪيو هئائون، پر رڳو اتفاق سان ٻين ستين جي سنگ ۾، مندر ۾ اچي عبادت ڪنديون هيون. پهرين ڇهن ڄڻين کي هٿن ۾ وڏيون تسبيحون يا مالهائون هيون، ۽ پوين ڇهن کي ڳاڙهن ۽ اڇن گلن جا هار هٿن ۾ هئا. اهي سڀ گيت ڳائينديون  قربانگاهه جي چوڌاري طواف ڪرڻ (پرڪرما ڏيڻ) لڳيون. ڦيرن ڏيندي سندن ڪپڙن جا پَلوَ ڪيترا ڀيرا ڪينيٿ کي ٿورو ٿورو پئي لڳا، پر هنن ڏانهس اک کڻي به ڪين نهاريو. ڪينيٿ سمجهي رهيو هو ته هن وقت آءٌ پنهنجي عيسائي مذهب جي اهڙي مَٺ ۾ آهيان، جنهن ۾ ڪيتريون زالون ۽ مرد دنيا ترڪ ڪري، پنهنجي سڄي ڄمار ڌڻيءَ جي عبادت ڪرڻ ۾ گذاريندا آهن. هنن زالن جنهن مهل پهريون ڦيرو پئي ڏنو، تنهن مهل ڪينيٿ پنهنجي دل ۾ ائين پئي سمجهيو ته هي رواجي دنيوي زالون نه آهن، پر انهن جو درجو مٿي آهي، جو هي سڀ دنيوي تعلق ٽوڙي ڪري، انهيءَ جي عبادت ٿيون ڪن، جنهن جي ئي عبادت ڪرڻ جُڳائي. جڏهن ٻيو ڀيرو هنن ڦيرو ڏٺنو، تڏهن هو وري اتان لنگهيون جتي هيءُ جوڌو گوڏا کوڙيو ويٺو هو. انهيءَ گهمري اڇن برقعن وارين زالن مان هڪڙيءَ هن وٽان لنگهندي، پنهنجي هار مان هڪ گل ڇنو، جو سندس هٿن مان ڪِري ڪينيٿ جي پير تي وڃي پيو. هن پهلوان ڇرڪ ڀريو، پر ڪڇيائين ڪين، جو ڀانيائين ته شايد اتفاق سان گل پاڻيهي ڇڄي ڪريو هوندو. تنهن هوندي به ٽئين ڦيري ڏيڻ مهل هن سورهيه جو سمورو ڌيان انهيءَ گل ڪيرائيندڙ عورت ۾ وڃي کُتو . هن جو ويس وڳو ۽ هلڻ چلڻ ٻين پنجن زالن جهڙو پئي لڳو، تنهنڪري هن کي سڃاڻڻ ڏکيو هو، ته به هن دلاور جي دل هن جي ديدار لاءِ ائين تڙپڻ لڳي، جيئن ڪو پکي ڪوڙڪيءَ ۾ تڙپندو آهي. ٽئين ڦيري ڏيڻ ۾ هنن زالن کي ٿورو وقت لڳو، پر هن جوان لاءِ هر هڪ گهڙي وڌي ورهيه ٿي پيئي. نيٺ جنهن سُندريءَ لاءِ هن هيڏي اڪير مان پئي واجهايو، سا ويجهي ٿي. جڏهن ٽيون ڀيرو هن وٽان لنگهي، تڏهن پنهنجو ٺاهوڪو هٿ رئي جي پلوَ مان ٻاهر ڪڍيائين، ۽ وري هڪ گل جي مکڙي ڪيرايائين، جا هن جوڌي جي پيرن تي اچي پيئي! ائين کڻي چئجي ته پهريون گل اتفاق سان ڪِريو هوندو، پر اها ساڳي ڳالهه ٻيو ڀيرو اتفاق سان بلڪل نه ٿي هوندي. وڏي ڳالهه ته جنهن سهڻي ۽ نازڪ هٿ مان گل ڪِريو، سو جيتوڻيڪ رئي مان اڌو گابرو ٻاهر نڪتل هو، ته به سڃاتائين ته اهو هٿ منهنجي من موهڻيءَ جو آهي. انهيءَ ڳالهه لاءِ جيڪڏهن ڪا ثابتي کپندي هيس ته اها هيري جي منڊيءَ مان ٿي مليس، جا هن اپڇرا جي آڱر ۾ پيل هئي. هيءَ سون ورني سندري، جنهن جي وار جي هڪ هڪ تار هن جي اندر لاءِ ڪٽار هئي، سا هتي ڪيئن آئي! هينئر دنيا ترڪ ڪري جوڳڻ بني آهي ڇا؟ انهن خيالن ڪينيٿ کي پهريائين منجهائي پريشان ڪري ڇڏيو، پر پوءِ ڀانيائين ته هيءُ سڀ سپنو يا دل جو ڦرڻو هوندو. ڪينيٿ اڃا انهن ويچارن ۾ هو ته پهريون ڇهه ڪارن برقعن واريون ڪماريون هڪٻئي پٺيان کليل دروازي مان لنگهي، موٽي ٻاهر ويون. آخر جنهن هيم ورني هن ٻه ڀيرا اشارا ڏنا هئا، سا ٻاهر نڪتي. ٻاهر وڃڻ وقت هن ڪنڌ ورائي ڏانهس نهاريو، ۽ زور سان پنهنجي برقعي جو پلوءُ  لوڏيائين جو هن جوڌي ڏٺو.  پوءِ ته دروازو ٺڪاءُ سان موٽي بند ٿيو، ۽ شبدن جو آواز بس ٿي ويو، ڪوٺيءَ ۾ اوندهه ٿي، ۽ سر ڪينيٿ اوندهه ۾ اڪيلو رهجي ويو. جڏهن اها سهڻي صورت موهڻي مورت هن جي اکين کان غائب ٿي ويئي، تڏهن هيءُ مڙس سندس خيالن ۾ اتي ئي اهڙو ڄمي ويو، جو ڄڻ ڪنهن جادو ڪيو هوس.

سگهوئي هڪ بُهري مان ٻه ڄامڙا نڪري، انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ آيا ته هن مڙس جا خيال ٽٽي ويا. ڄامڙن مان هڪ زال هئي ۽ ٻيو مرد هو. ٻنهي نفرن وانگر اچي ڪوٺيءَ کي ٻهاري ڏني. جڏهن ٻيئي هن پهلوان جي ويجهو آيا تڏهن ٻهاري پائڻ بند ڪري، هن جي سامهون ڏيئو جهليائون، جنهنڪري هن کي سندين سُوٻٽ جهڙين شڪلين جانچڻ جو وجهه مليو. هنن به کيس ڏسي، وٺي ٽهڪڙو مچايو. سندين اهڙي هلت تي سر ڪينيٿ کي مٺيان لڳي ۽ پڇيائين: ”اوهين ڪير آهيو، ۽ ڇو هن پاڪ مڪان ۾ مسخري لائي ويٺا آهيو؟“ مرد چٻري کان وڌيڪ کهري آواز سان وراڻي ڏني: آءٌ ڄامڙو نيڪٽينس آهيان“ زال ڏائڻ جهڙي سنهيءَ ڪِيڪَ ۾ چيو: ”مان هن جي پران پياري گنيوارا آهيان.“ سرڪينيٿ وڃڻ لاءِ چين پر هو هوڏ ٻڌي بيهي رهيا. ايتري ۾ جنهن پاسي کان ڪينيٿ هن عبادتگاهه ۾ آيو هو، تنهن پاسي کان ڪينيٿ هن عبادتگاهه ۾ آيو، تنهن پاسي کان آواز آيو: ”ماٺ ڪريو، بيوقوف! توهان جو ڪم لٿو، هاڻ روانا ٿيو.“ حڪم ٻڌي ٻيئي ڄامڙا هليا ويا. ترت ئي سنياسيءَ اچي، پنهنجي مهمان کي هيٺ غار ڏي موٽائي نيو. اُتي سرڪينيٿ اچي، سچي صدق سان ڪجهه مهل مالها ڦيري، ۽ پوءِ بستري تي ليٽي پيو. سگهوئي ڳُوڙهي ننڊ کڻي ويس. صبح جو جاڳيو ته ڪن ضروري ڳالهين بابت سنياسيءَ سان گفتگو ڪيائين. هن ڪو ڪم ڏسيس، تنهنڪري ٻه ڏينهن ٻيا به هن غار ۾ گذارڻ جو ٺهراءُ ڪيائين، اهي ٻئي ڏينهن هن پنهنجي دستور پٽاندر عبادت ڪئي، پر جنهن ڪوٺيءَ ۾ پنهنجي محبوب جو ديدار ماڻيو هئائين، تنهن ۾ وڃڻ ڪو نه مليس.

 

باب ٽيون

 

دشمن وتان دوا ۽ دعا

جارڊن نديءَ جي ڀر وارو ٽَڪرائتو بر پٽ جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، سو ڇڏي هاڻ انگلنڊ جي بادشاهه رچرڊ جو احوال ڏجي ٿو. رچرڊ جي ڇانوڻي انهيءَ وقت عقر ۽ عسقلان جي وچ ۾ هئي. ساڻس نه رڳو پنهنجو، پر يورپ جي ٻين بادشاهن جو لشڪر به ججهوئي هو. سموري ڪٽڪ جو پاڻ سردار هو ۽ ڏاڍي اميد هيس ته انهيءَ فوج جي وسيلي فتحمند ٿي، جيروشلم ۾ پنهنجي اختياري ڄمائيندس. سندس اڻپڇو پئون ٻارهن ٿئي ها، پر ڇا جو گهر ڦٽل هون. ساڻس ٻيا جيڪي يوروپي شاهزادا هن ڪم ۾ حامي هئا، تن جو هتي اچڻ کان پوءِ ساڙ وچان ميلاپ ٽٽي پيو هو، جنهنڪري سوڀ کٽڻ جو آسرو خير ڪو هو.

صفا صبح جي مهل هئي. رچرڊ بيماريءَ سبب بستري داخل هو. سندس روشن اکيون ڪي تپ جي بٺَ ۽ ڪي من جي ڳڻتيءَ ڪري ٻريون پئي. سندس منهن مان معلوم پئي ٿيو ته هي شينهن جهڙو مڙس بيماريءَ سبب ڳري ويو هو. اگهائيءَ ڪري حجامت نه ٺهرائي هئائين: کاڏيءَ ۽ چپن تي وار گهنجيا منجهيا پيا هئس. سندس بستري سان لڳو لڳ سر ٿامس ڊپوا نالي هڪ جانٺو جوان بيٺو هو، جو سندس ويجهو مائٽ ۽ وفادار خدمتگار هو. هن کي جو بيمار  بادشاهه جي سنڀال لهڻي هئي، سو ٽي راتيون ساندهه اک به ڪين لاتي هئائين. تنبوءَ جي هڪ ٻي ڪوٺيءَ ۾ بادشاهه جا ڪي گهرو عملدار ويٺا هئا. هنن کي اها ئي ڳڻتي هئي ته اسان جو خاوند ڪيئن ڇٽندو، ۽ خدا ئين نه ڪري، جي مري ويندو ته اسان جا الائجي ڪهڙا حال ٿيندا!

ڪيتري مهل بادشاهه تپ وچان نستو ٿيو پيو هو. آخر پاسو ورائي سر ٽامس کي چيائين: ارمان آهي جو تون اسانکي ملڪ راڄ جي ڪا سٺي خبر چار ڪو نه ٿو سڻائين؟ افسوس! اسان جا جنگي جوان هينئر زالن جهڙا ٿي پيا آهن ۽ اسان جون زالون مندر ۽ مڙهيون ڀيٽينديون وتن! هينئر اهڙي ڪا پهرئي ڪانهي جا مڙسي ڪري، اسان جي پهلوانيءَ جو ڌاڪو وجهي. سر ٽامس وراڻي ڏني، قبلا، حال جنگ بند آهي. پوءِ وڙهڻ جو ڪم اسين ڪهڙو ڪريون؟ مهاراڻي، شهزادي ۽ ٻيون وڏ گهراڻيون اينگاڊيءَ جي مَٺ جي زيارت لاءِ ۽ سائينجن جي هن اگهائيءَ ڇٽڻ لاءِ سکائون سکڻ وييون آهن. ڌڻي اوهان جي بيماري لاهي ته اسان لک کٽيا! رچرڊ بادشاهه بيماريءَ جي ڇتائيءَ مان چيو: تڏهن شاهي گهراڻي جون عورتون ۽ نياڻيون اهڙن جوکائتن هنڌن ڏي ويون آهن؟ اتي ته اهڙا بدمعاش پيا ٻڌجن جن کي نڪو هيٺين واٽ جو، نڪو ٿين ڀوءُ. ٽامس وراڻي ڏني: ”سلطان صلاح الدين خاطري ڏني آهي ته واٽ تي سندن وار جو به نالو ڪو نه ڳنهندو.“ رچرڊ چيو: ”برابر انهيءَ مومن سلطان ۾ اسان اجايا گمايا نيان آهن، جنهنڪري هن کي اسان کان ان جو حساب وٺڻ کپي. ڌڻي ڪري اسين پيرين سيرين ٿيون ته پوءِ هن سان ائين لڙبو، جو ڪرستان توڙي مسلمان ٻيئي بيٺا ڏسندا.“ ائين چئي تپ جي جوش وچان هن پنهنجي ساڄي ٻانهن بستري مان ٻاهر ڪڍي، اهڙي تيزيءَ مان لوڏي جو ڄڻ ته ڪا ترار يا تير هٿ ۾ هئيس، جنهن سان سلطان جي جوهردار پڳ ڌارو ڌڪ ٿي هنيائين. سر ٽامس اُمالڪ بستري تي ٺاهي سمهاريس، ۽ جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي پرچائي بس ڪرائيندي آهي. تيئن بس ڪرايائينس، ۽ چيائينس: ”قبلا، ٿورو ٺرو. تئونس ۾ من کي تپڻ نه ڏبو آهي. توهان کي ٿوري ڪڻس آهي، سا لهي ته پوءِ ڀلي جنگ جي ميدان ۾ هلي لڙجو.“ رچرڊ ڇتائيءَ سان چيو: ڪڻس! چڱو ڀلا اسان کي ته ڪڻس ٿي آهي، پر ٻين عيسائي شهزادن کي ڪهڙي ٻري ورتو آهي: ڇا ٿيو آهي فرانس جي فلپ کي؟ ڪهڙي اگهائيءَ آسٽريا جي بزدل بادشاهه ۽ ٻين ڪانئر راجڪمارن کي اچي ورايو آهي؟ اسان کان پڇ ته اسين ٻڌايونءِ. سستي ويڙهي ويئي اٿن. نستائيءَ ۽ سُستائيءَ ورايو اٿن. اهڙي ڪنهن مرض ۾ مبتلا به آهن جو چلڻ چڪي ويا اٿن ۽ ڳالهائي نٿا سگهن. اندر ۾ اهڙو ڪو هائُو اچي ويٺو اٿن، جو جيڪي منجهن ساهتُو ۽ سڌير آهن تن جو به هنياءُ کاڄي ويو آهي. پنهنجن وڏن جو ننگ ناموس ٻوڙيو اٿن ۽ ڌڻيءَ کان نا اُميد ٿي ويٺا آهن.“ سر ٽامس چيو: ”ڌڻيءَ جي ليکي، اهو جوش ۽ غصو ڇڏيو. قبلا، مدارالمهام اوهين آهيو. ٿوروئي ويچار ڪريو ته اوهان جي سُکالائيءَ سبب ٻين کي ڇا اُڄهندو هوندو؟“ رچرڊ چيو، هاڻ چٽَ ٿو ٻڌينم، پر اهي چٽيون ڪهڙي ڪم جون؟ يورپ جا هيترا سورهيه سپاهي هتي اچي ڪٺا ٿيا آهن ۽ رڳو هڪ ڄڻي جي ناچڱائيءَ ڪري ٻانهون ٻڌي ويٺا آهن!“ اڄ ته کڻي رچرڊ بيمار آهي، پر سڀاڻي جي مري پوي، ته پوءِ هي ٽيهه هزار جوڌا جنگ جوٽڻ جي بدران عذر واري ويهندا ڇا؟ اسان جي اگهائيءَ سبب پاڻ مان ڪو ٻيو اڳواڻ ڇو نٿا چونڊين؟“ سر ٽامس چيس: ”هو اڳيئي اهڙيءَ صلاح مشورت ڪري رهيا آهن. اتي رچرڊ بادشاهه ڳالهه کي ورُ ئي اُلٽ ڏنو ۽ چيائين: هان! تڏهن اسان جا طرفدار اسان کي جيئري ئي مئن گڏ ليکي ويٺا آهن؟ وري ڪا غيرت آيس، سو چيائين: نه، نه. اهو چڱو ڪم ٿا ڪن ڪنهن کي ٿا مقرر ڪن؟ سر ٽامس چيو ۽ عهدي ۽ اقبال کي ڏسي، فرانس جي بادشاهه کي پنهنجو مهندار ڪن ته عجب ڪونهي. اتي رچرڊ خارن مان چيو: ادو به ڍائو ته ادي به ڍائي! فرانس جو بادشاهه جيڪا ڪوڏر هڻندو، سا ڏيهه به ڏسندو.  اسين پنهنجي دل ڪري ائين ٿا سمجهون ته هو اسان کي جيروشلم تي ڪاهڻ بدران هو مرڳوئي اسان کي پئرس ڏي موٽائي وٺي هلندو. انهيءَ گفتگو هلندي بادشاهه ڪو آواز ٻڌو. سر ٽامس کي چيائين: ٻڌ ته سهي، هي ڇا جو آواز پريان ٻڌڻ ۾ ٿو اچي؟ سر ٽامس چيو: آءٌ ڀانيان ٿو ته فلپ بادشاهه جو لشڪر تُتريون ۽ توتاڙا ٿو وڄائي. رچرڊ چيس: تون ته ڪو ڪنن کان گهٻرو ٿو ڏسجين. ڪرستان قوم ڪڏهن به اهڙو شور نه مچائيندي آهي. هيءَ ته ترڪن جو آواز پيو ڀانئجي. سگهو وڃي پتو ڪڍي اچ ته ڪهڙا بيگانا آدمي اسان جي ڇانوڻيءَ تي ڪاهي آيا آهن.


[1] ”سچو صليب“ يعني اهو ساڳيو صليب، جنهن تي حضرت عيسى کي ڦاهيءَ چاڙهيو هئائون. ساڻس گڏ ٻن چورن کي به ساڳي سزا ملي هئي. جيروشلم جو ڪالويري ٽڪر، جتي ٽنهي کي صليب تي چاڙهيو هئائون، اتي ٽيئي صليب رومن بادشاهن جي قاعدي موجب پوريا ويا هئا. شهنشاهه قسطنطين، جنهن جي نالي پٺيان قسطنطنيه شهر سڏجي ٿو، تنهن جي ماءُ سينٽ هيلينا، عيسوي چوٿين صديءَ ۾ اهو هنڌ کوٽارايو ته ٽيئي صليب لڌا، پر سڌ نٿي پيئي ته ڪرست وارو صليب ڪهڙو هو. پوءِ اهڙو نشان مليو؛ جنهن مان سچي صليب جي سڌ پيئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org