سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :24

انهن سڀني شين جي اهيمت رانديڪن کان وڌيڪ نه هئي ۽ انهن ۾ هاڻي فقط انهيءَ ڪري دلچسپي آهي ته اهي انسان جي اڏامڻ جي خواهش جا ابتدائي جا اهڃاڻ آهن پر انهي هڙتڪڙ واري اوڻيهين صدي دوران دنيا کي نين ۽ اچرج جهڙين شين لاءِ وڏو تحرڪ ملندو رهيو هو. اهڙي دور ۾ ايف. ايڇ. وين هام (F.H.Wenham) هڪ مشين ڊزائين ڪئي جنهن ۾ هڪ ٻئي مٿان ٻه سطحون هيون. هن انهي مشين کي ايروپلين (Aeroplane) جو نالو ڏنو. وين هام کي انهي ايئرپلين ۾ ڪاميابي نه ملڻ جو ٻين شين سان گڏوگڏ هي به سبب هو ته کيس ڪا صحيح انجڻ نه ملي سگهي هئي.

ٿامس مئاءَ (Thomas Moy) 1874ع ۾ هڪ وڏين امنگن سان ٺاهيل مشين سان اهو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن به وڏيون ۽ ننڍيون سطحون ڪم آنديون پر انهي سان گڏوگڏ ٻه تمام وڏا پکا ۽ هڪ هلڪي ٻاڦ واري انجڻ به ڪم آندائين. مشين کي بيهڻ لاءِ ٽي ڦيٿا لڳل هئا ۽ ٺاهيندڙ جي سوچ اها هئي ته انهي کي هموار زمين جي ٽڪر تي هلايو ويندو ۽ توقع ڪئي پئي وئي ته اها چڱي اسپيڊ وٺڻ کانپوءِ هوا ۾ لوهه پائيندي. پوءِ جيتوڻيڪ هر شي صحيح هلي پر اها ڪل هوا ۾ اڏامي نه سگهي.

 

2

 انساني نسل جي اهڙي ڪا گڏ ٿيل ذهانت آهي ڇا جيڪا جرم سيلن (Germ Cells) تائين پهچي وڃي ٿي ۽ وقت بوقت ڪو اهڙو انسان پيدا ٿيندو رهي ٿو جنهن کي ڪنهن اهڙي مسئلي متعلق تمام گهڻي اندروني ٻوجهي مليل هوندي آهي جنهن بابت انسانذات زمانن کان ڪشالا پئي ڪيا هوندا آهن؟ نيوٽن ۽ ڪشش ثقل، پاسچر ۽ مائڪروبس، مينڊل ۽ توارث ۽ لينگلي ۽ اڏام لاءِ به اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه چئي سگهبي ڇا؟

سموئيل پيئرپانٽ لينگلي (Samuel Pierpont Langley) روڪسبري ميسا چوسٽس ۾ 22 آگسٽ 1834ع تي ڄائو. هن کي ڇوڪراڻي وهيء ۾ ئي پکين ۽ سندن پرن ۾ عام رواجي کان وڌيڪ دلچسپي هوندي هئي. سڀئي ڇوڪرا پکين کي اڏامندو ڏسي ريسون پيا کائيندا آهن ۽ ويٺا سوچيندا آهن ته اهي اهو ڪم ڪيئن ٿا ڪن؟ اها ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ چاليهه ورهيه اڳ ته صحيح هئي. هاڻي انهن جي سپنن لاءِ گهڻو ڪجهه نه رهيو آهي پر سموئيل جون سوچون اجايون نه هيون. انهن جي سامهون ڪو مقصد هو ۽ انهن جي پٺ تي تجزيو ۽ گهرو مشاهدو هو.

هو بوسٽن هاءِ اسڪول مان ته ڪنهن طريقي سان ڪامياب ٿي ويو پر ڪاليج بابت ته سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو. سام جي تنهن وقت مکيه سوچ اها هئي ته هو ڪو روزگار حاصل ڪري ۽ هن شايد ائين پئي سوچيو ته هاءِ اسڪول گريجوئيٽ هئڻ جي صورت ۾ هن وٽ زندگي کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل مهارتون موجود آهن. اچرج جهڙي ڳالهه اها آهي ته هن انجنيئر ۽ آرڪيٽڪتٽ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

هن شهرت يا دولت نه ٿي چاهي پر هن جي ذهن ۾ اها سوچ هئي ته رياضي ۾ ڊرائنگ جو شوق رکندڙ ماڻهو کي تعمرات ۾ ڪو چڱو ڪم ڪرڻ جي قابل هئڻ گهرجي. هو ذهن ۾ اهڙي معقول سوچ رکندي شڪاگو ويو هليو. اها وڏي باهه کان پندرهن ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي. اهو تڏهن ڏاڍي رونق وارو ننڍڙو شهر هوندو هو ۽ ڏاڍي  تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو ۽ اتي ڪنهن به اهڙي تعميراتي انجنيئر جي وڏي گهرج هوندي هئي جيڪو پلان ٺاهي ۽ جايون جوڙائي سگهي. لينگلي جون حالتون سڌرنديون ويون ۽ هو پنهنجي ڪفايتي طبيعت سبب پنهنجو منافعو بچائيندو ويو تان جو ست ورهيه گذرڻ کانپوءِ جڏهن سندس عمر 30 ورهيه هئي ته هو پنهنجو ڌنڌو ڇڏڻ ۽ واپس سائنس ڏانهن وڃڻ جي قابل ٿي ويو.

ايندڙ ٽن ورهين دوران هو دوربينون ٺاهيندو ۽ فلڪيات جو مطالعو ڪندو رهيو. يورپ ۾ هڪ سال گذرڻ کانپوءِ ون لاڪ کيس هارورڊ جي رصد گاه ۾ اسسٽنٽ طور نوڪري جي آڇ ڪئي. هو جڏهن هارورڊ ڇڏي انا پولس نيول اڪيڊمي ۾ رياضي جو پروفيسر ۽ رصدگاه جو ڊائريڪٽر ٿي ويو تڏهن سندس عمر 36 ورهيه هئي. هن ماڻهوءَ وٽ جيتوڻيڪ ڪاليج جي ڪا ڊگري به نه  هئي ۽ نه ئي هن ڪي وڏا وڏا ڪتاب پڙهيا هئا پر هن پنهنجون اکيون ۽ پنهنجو دماغ استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ سوال پڇڻ جو پنهنجو خدائي حق ڪم آندو هو ۽ انهن سوالن جا جواب پڻ ياد رکيا هئا.

اهڙي وڏي سوچ رکندڙ ماڻهو کي اهو ننڍڙو انا پوليس پاڻ وٽ نه رکي سگهي ها. پٽسبرگ جي ويسٽرن يونيورسٽي جڏهن فلڪيات ۽ فزڪس جي پروفيسر جي ڳولها شروع ڪئي ته لينگلي ئي انهيءَ ڪم لاءِ بهترين ماڻهو نظر آيو. اهڙي طرح هو پٽسبرگ ويو ۽ اتي ئي هن پنهنجي زندگي جو بهترين ڪم سرانجام ڏنو. اتي هن طيف (Spectrum) جي ڏسڻ ۾ نه ايندڙ ڪرڻن تي محنتون ڪيون ۽ انفراريڊ ڪرڻن جي مطالعي ۾ مدد لاءِ پنهنجو بولو ميٽر (Bolo meter) ايجاد ڪيو. اهو اوزار ايترو ته نفاست سان ٺهيل هو جو ٽيمپريچر ۾ آيل ڊگري جي هڪ لکين پتي جيتري تبديلي به نوٽ ڪري وٺندو هو. هن انهي اوزار جي ئي مدد سان نئين طيف جي موجودگيءَ جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو جنهن بابت ڪنهن کي ڪو وهم گمان ئي نه هو جنهن ۾ هن کي اهڙي (Wave length)  وارا ڪرڻا نظر آيا جهڙي اڳ ۾ ڪنهن جي به معلوم نه ٿي هئي.

 

3

انهن سڀني ڳالهين جو ته هوا کان ڳرين مشينن جي اڏام سان ڪو تعلق نظر نه ٿو اچي. پر اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته لينگلي سڀ کان اڳ هڪ سائنسدان، هڪ تجربا ڪندڙ ۽ محتاط نموني ڪم ڪندڙ ماڻهو هو. هو جڏهن پکين جي اڏامڻ واري پنهنجي ننڍ پڻ جي سوال ڏانهن آيو ته هن سڀ کان پهريان انهي جو پنهنجي ليباريٽري ۾ جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي هڪ سوال ۾ هڪ سو مسئلا ويڙهيل هئا ۽ هن جي رٿا اها هئي ته انهن مان هڪ هڪ کي ڌار ڪري انهن جو اڀياس ڪري ڪي بنيادي قانون ٺاهي. هن اليگاني (Allegheny) ۾ پنهنجي ليباريٽري ۾ هڪ ڦرندڙ ٽيبل ٺاهي هئي جنهن جي ٻانهن ستر ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان گردش ڪري سگهندي هئي. هن هوا جي Buoyancy بابت تمام تفيصلي انگ اکر گڏ ڪيا هئا. هن کي اها ڳالهه نظر آئي جنهن جو کيس اڳي ئي شڪ هو ته پراڻا ڪتاب غلط هئا. ڇاڪاڻ ته هن جي راءِ هئي ته اهي جيڪڏهن صحيح هجن ها ته ڪنهن ابابيل کي هوا ۾ رهڻ لاءِ ماڻهو جيتري طاقت گهربل هجي ها. پنهنجي ٽيبل تي ڪيترائي تجربا ڪرڻ کانپوءِ کيس آخرڪار ايتري خبر پئجي وئي ته اسپيڊ، پرن جي پکيڙ ۽ هوا جي (Buoyancy)  جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟

تقريباً انهي ئي وقت کيس سمٿسونين (Smithsonian) انسٽيٽيوٽ جو سيڪريٽري ڪري واشنگٽن گهرايو ويو. پر هو پنهنجي نئين ڪم جي باوجود به اڏام تي پنهنجو اڀياس جاري رکيون آيو. هن سوچيو ته هاڻي هڪ ماڊل مشين جي ذريعي پنهنجي نتيجن جي درستگي ڏيکارڻ جو وقت اچي ويو هو. کيس انهي ماڊل جي مشين لاءِ ٻين سڀني مسئلن جي برابر تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو. هن انهي لاءِ ٻاڦ، ڪاربونڪ ايسڊ گئس ۽ ڪمپريسڊ گئس کي آزمائي ڏٺو پر فقط ٻاڦ ئي اطمينان بخش طريقي سان ڪم ڪيو. بهرحال انهن تجربن ڪافي وقت ورتو ۽ هو مئي 1896ع ۾ ئي ڪنهن واقعي چڪاس لاءِ تيار ٿي سگهيو.

سندس مشين جو وزن 30 پائونڊ هو. (اهو وزن 13.60 ڪلوگرام جي برابر ٿئي ٿو. سنڌيڪار.) اها 6 فوٽ ڊگهي هئي. انهي جي هڪ پر کان ٻئي پر تائين پکيڙ 13 فوٽ هئي ۽ انهي ۾ هڪ ليٽر کان ٿورو وڌيڪ ِٻارڻ جي گنجائش هئي. هن جئين ته پنهنجي ماڊل کي اڏام کان واپسي تي پرزا پرزا ٿيڻ نه ٿي چاهيو تنهن ڪري هن انهي کي پوٽوميڪ درياءَ مٿان اڏارڻ جي رٿ رٿي. مشين کي ڇهين مئي تي ٽيسٽ ڪيو ويو ۽ اها اڏامڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. مشين جملي ٻه اڏامون ڪيون جن مان هرهڪ ۾ تقريباً اڌ ميل جيترو فاصلو طي ڪيائين اها ٻارڻ ختم ٿيڻ تائين هوا ۾ رهي ٿي ۽ پوءِ آهستگيءَ سان پاڻي تي اچي ٿي پئي.

انسان هوا تي سوڀ ماڻي ورتي هئي.

اها آزمائشي مشين جيتوڻيڪ ڪو ماڻهو نه کڻي وئي هئي پر اها جيڪڏهن ڪجهه وڏي هجي ها ته ماڻهو کي به مٿي هوا ۾ کڻي وڃي ها ۽ کيس پکين سان برابري ڏياري ڇڏي ها. لينگلي جي به اها ئي سوچ هئي ۽ واشنگٽن جي حڪومت جي به اها ئي سوچ هئي. تنهن ڪري ڪانگريس هن لاءِ پنجاه هزار ڊالرن جي رقم منظور ڪئي جيڪا انسان کڻي سگهندڙ جهاز ٺاهڻ ۾ ڪم اچڻي هئي.

 

4

انسان ناڪام ماڻهن جي هڏن تي پير رکي مٿي چڙهندو آهي. اهو هڪ کان وڌيڪ دفعا راجربيڪن، برونو ۽ لينگلي جهڙن پنهنجي دور کان اڳتي وڌيل ماڻهن جا ڍانچا اورنگهي مٿي ٿيو آهي. ڪاش لينگلي وٽ جيڪر ڪا ڪم جهڙي ۽ ڀروسي جوڳي گئس انجڻ يا وڪٽري انجڻ هجي ها!

هو همٿ ۽ اعتماد سان ڀرجي پنهنجي اڏامندڙ مشين ٺاهڻ جي ڪم ۾ لڳي ويو. اها هر لحاظ کان پنهنجي ڪامياب ماڊل جهڙي پر ان کان ڪجهه وڏي هجي ها ۽ انجڻ ۽ وڌيڪ ٻارڻ جي سبب وڌيڪ لاڳيتي اڏام ڪري سگهي ها. هو ست ورهيه پنهنجي مشين تي ڪم ڪندو؛ انهي کي ٽيسٽ ڪندو، تجربا ڪندو ۽ اميدون ڪندو رهيو ۽ نيٺ 1903ع ۾ پنهنجي محنت کي ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

مشين پوٽوميڪ درياءَ جي ڪناري تي رکي وئي. ڇا اها اڏامي سگهندي؟ ڇو نه؟ بلڪل انهيءَ جهڙا ماڊل اڌ ميل ۽ منو ميل اڏاڻا هئا. لينگلي پنهنجي مشين کي هوا ۾ موڪلڻ جو به هڪ ڏاڍو تفصيلي اوزار ڊزائين ڪيو هو ۽ اهو ڪم ۾ اچڻ لاءِ تيار هو. هاڻي اهو سبب ڪڏهن به معلوم نه ٿي سگهندو ته هن پنهنجي مشين کي هوا ۾ آڻڻ لاءِ انکي  ڪنهن هموار رستي تي هلائڻ جو طريقو ڇو نه اختيار ڪيو هو جئين اها مٿي کڄڻ واري اسپيڊ ۾ اچي پوءِ اڏامي ها! هن کي اهڙين ڪلن بابت خبر به هئي پر هن پنهنجي جهاز کي سڌو سنئون هوا ۾ موڪلڻ کي ترجيح ڏني.

سموري دنيا جون نظرون لينگلي ۾ هيون. اهو پنهنجي مشين ڪڏهن اڏاريندو؟ اها ڪنهن کي به خبر نه هئي ۽ سموري آمريڪا جي وڏين روزاني اخبارن جي رپورٽرن ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش نه رکندي انهيءَ ڇپري جي ڀرسان اچي خيما کوڙيا هئا جنهن ۾ مشين رکيل هئي. لينگلي نويڪلائي ۽ چپ چپاتي چاهي ٿي جئين هو پنهنجي سهولت سان ٽيسٽ ڪري سگهي. پر هاڻي هن ۽ سندس مهم لاءِ ڪو پردو رهيو ئي نه هو.

آخرڪار هن محسوس ڪري ورتو ته ٽيسٽ ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ٿي سگهندي. جڏهن اڏام جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڏسندڙن جو هڪ ميڙ گڏ ٿي ويو. جهاز جيئن ئي هوا ۾ نڪتو ته انهي کي هوا ۾ موڪلڻ واري اوزار (Launching Device) ۾ ڪا خرابي ٿي پئي ۽ جهاز صحيح نموني آزاد نه ٿي سگهيو ۽ فوراً پاڻي ۾ وڃي ڪريو.

ماڻهن ۾ کل کجڪو پئجي ويو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سموري ملڪ لينگلي جي ناڪامي جي خبر پڙهي پر لينگلي همٿ نه هاري. هن کي پڪ هئي ته جهاز ۾ ڪا به خرابي نه هئي ۽ هن فوراً ٻي ٽيسٽ لاءِ تياريون شروع ڪيون. هن دفعي ڪا ننڍي ۾ ننڍي ڳالهه به نظرانداز نه ڪئي وئي ۽ هر ممڪن احتياطي اپاءُ ورتو ويو جيئن مشين کي هوا ۾ اچڻ جو موقعو ملي سگهي.

پر قسمت لينگلي جي خلاف هئي. مشين جي پڇ ۾ لڳل هڪ رسيءَ  مشين کي منهن ڀر وڃي پاڻيءَ ۾ ڪيرايو. انجنيئر کي وڏي مشڪل سان مرڻ کان بچايو ويو ۽ مشين واپس زمين تي پهچڻ تائين ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي. لينگلي ناڪام ٿي ويو هو.

ٻئي ڏينهن آمريڪا جي هر اخبار ۾ لينگلي جي حماقت (Langleys fooly) تي کل جا ڪوڪرا لڳا پيا هئا. پادري انهيءَ ڪوشش کي خدا جي شان ۾ گستاخي ڪوٺي انهي خلاف پرچار ڪرڻ لڳا. سندن چوڻ هو ته: ”خدا جي جيڪڏهن انسانن کي اڏارڻ جي مرضي هجي ها ته هو انهن کي خود پر به ڏئي ها.“ ڳنڀير ۽ ڄاڻو سائنسدان چوڻ لڳا ته ڪشش ثقل جي مسئلي تي ڪڏهن به غالب ٿي نه سگهبو ۽ پکي به انهي ڪري ٿا اڏامن جو انهن جون هڏيون پوريون ۽ پر هلڪا آهن. انهي ڳالهه ۾ ڪو واڌاءَ به نه هو. اهي ڳالهيون فقط 25 ورهيه اڳ واقعي به چيون ويون هيون.

لينگلي لاءِ پنجاهه هزار ڊالرن جي مقرر رقم به ختم ٿي وئي ۽ آبادگارن تي ٻڌل ڪانگريس جنهن جي ڪنن ۾ ”لينگلي جي حماقت“ جا لفظ ٻري رهيا هئا انهيءَ هن لاءِ وڌيڪ رقم منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. لينگلي جي دل ڀڄي پئي. هن کي خبر هئي ته سندس مشين ۾ ڪا به خرابي نه هئي. کيس اها به خبر هئي ته خود مشين ته ٽيسٽ ئي نه ٿي هئي ۽ اصل نقص مشين کي هوا ۾ موڪلڻ واري اوزار ۾ هو. هن هڪ وڌيڪ موقعي جي درخواست ڪئي پر هن لاءِ ڪي به وڌيڪ موقعا نه رهيا هئا. هو اڻ ڄاڻ ماڻهن جي تنقيدن ۽ ٺٺولين کان دل برداشتو ٿي 1906ع ۾ فوت ٿي ويو.

 

5

خوش قسمتي  سان لينگلي جي مرڻ کان اڳ پنهنجي ڏاهپ جو وڏو حصو ولبرل ۽ اورول رائيٽ کي ڏئي ويو هو. هن وانگر انهن ڀائرن به پنهنجي مسئلي ۾ ڏاڍي احتياط سان هٿ وڌو هو. اهي گهڻو وقت  ته پکين جي اڏام جو اڀياس ڪندا رهيا ۽ ڪيترن مهينن تائين پنهنجي ڪم کي گلائيڊرن تائين محدود رکيائون. اهي جاسوس اکين کان لڪي پنهنجي مشين جو اصول ٺاهيندا رهيا.

جنهن سال لينگلي جي حماقت هوا ۾ اڏامڻ ۾ ناڪام ٿي هئي انهيءَ ئي سال يعني 1903ع ۾ رائيٽ ڀائرن 59 سيڪنڊ اڏام ڪئي هئي. انهن ٻئي سال 45 اڏامون ڪيون ۽ 24 ميلن جو فاصلو اڏامندي اڌ ڪلاڪ تائين هوا ۾ رهيا.

بلڪل انهي وقت موٽر گاڏيون (Automobiles) به استعمال ۾ اچي رهيون هيون. انهي جو مطلب هو ته سٺيون ۽ وڌيڪ ڀروسي جهڙيون انٽرنل ڪمبسشن انجڻيون هٿ اچي سگهن ٿيون. رائيٽ ڀائر به انهن نئين انجڻين مان فائدو وٺڻ ۽ انهن کي جهازن ۾ ڪم آڻڻ لاءِ تيار ويٺا هئا.

اورول رائيٽ 1908ع م ورجينيا رياست ۾ فورٽ ماير ۾ هڪ سرڪاري ٽيسٽ ۾ پنهنجي جهاز ۾ هڪ ڪلاڪ ۽ ٽي منٽ اڏام ڪئي. پوءِ  هن هڪ مسافر به پاڻ سان کنيو ۽ ڇهن منٽن ۾ چار ميل اڏاڻو. انهي کانپوءِ ته هوا بازي ۾ ٿيندڙ ترقي دنيا کي هڪ ڳوٺ م تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

پر مٿي ويندڙ جهاز ۾ پڪو اعتماد رکندڙ انسان جي ذهانت آخري وڏو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. هوا ۾ سڌو مٿي چڙهڻ ۽ سڌو هيٺ لهڻ اڃا ممڪن نه ٿي سگهيو آهي. اهو ڪم به ڪهڙي وقت به ٿي سگهي ٿو. بهرحال اهو وقت ايترو پري نه آهي ۽ ائين ٿي وڃڻ سان جهاز آسمان ۾ ائين پيا اڏامندا جيئن هاڻي ڪارون روڊن تي پيون ٿيون هلن.

لينگلي جي حماقت ڏهن ورهين تائين واشنگٽن جي نيشنل ميوزيم ۾ رکي رهي. ميوزيم گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو شروع ۾ ته اها ڏسي کلندا هئا پر پوءِ اهي انهي کي ڏسي اچرج مان پڇندا هئا ته اڇا اها اڏامي هوندي؟ ڇا انهيءَ کي واقعي ڪو موقعو مليو هو؟

گلين ايڇ ڪرٽس (Glen H.Curtis) طئي ڪيو ته انهن سوالن جا جواب ڳولهڻ گهرجن. تنهن ڪري هن حڪومت کي درخواست ڏني ته کيس لينگلي جي حماقت کي اڏارڻ جي موڪل ڏني وڃي. ماڻهو دعويٰ ڪن ٿا ته پوٽو ميڪ درياءَ ۾ ٻه دفعا ڪرندڙ مشين ۾ هن جديد انجڻ لڳائڻ کانسواءِ ڪا به تبديلي نه آندي. مئي 1914ع ۾ اها ٽيسٽ ڪئي وئي ۽ مشين پاڻ کي لاڳيتي اڏام جي قابل ڪري ڏيکاريو.

انهي مان ثابت ٿيو ته لينگلي جي حماقت پنهنجي وقت کان اڳ آيل ڏاهپ هئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org