سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:1

اسان جو قلم هڪ عَلم

حميد سنڌي

ڇپائيندڙ پاران

 

60 جي ڏهاڪي ۾، سنڌي ادب ۾، ليکڪن جي هڪ کيرڌار ظاهر ٿي هئي، پرجوش، باهمٿ، ۽ بهادر... جن سنڌي ادب ۾ جرئت ڀريو ساهت سرجيو ۽ سنڌي ادب جو مانُ مٿاهون ڪيو، حميد سنڌي صاحب، پنهنجن اهڙن ئي همصرن ۾ تڏهن مور جي ڪلنگيءَ وانگر نمايان ٿيو. پهرئين ڪهاڻيڪار، پوءِ وطن پرست ايڊيٽر، پُرجوش مقرر پوءِ بهترين منتظم ۽ علمي ادبي ادارن جو سربراهه. ماضيءَ ۾ ’جشنِ روح رهاڻ‘ هاڻي وري ’بزمِ روح رهاڻ‘. ائين سندن ساري حياتي عملي جدوجهد جو استعارو ۽ اهڃاڻ بڻي ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعِل راهه پڻ . حميد صاحب جنهن اڌ صدي اڳ علمي ادبي سفر شروع ڪيو. اُهو اڄ به ساڳئي جوش خروش سان جاري و ساري آهي ۽ سندن قلم ۾... اڄ به... لکڻ لاءِ مس روشن آهي، ۽ روشنيون پکيڙي رهي آهي. بطور قلم ڌڻي حميد صاحب گهڻ پاسائين تحريرن جا خالق آهن ۽ ڪيئي شاندار ڪهاڻيون، مقالا، مضمون، تاثر، تقريرون ، سندن ڪريڊٽ تي آهن، جن منجهان چونڊ ڪري هن ’اينٿالاجي مالها‘ ۾ انهن کي سموهيو ويو  آهي. حميد صاحب جي ڏات ۽ ذات جي باري ۾ سندن ڪيترن ئي همصرن وقت به وقت جيڪي مضمون لکيا، اُنهن مان به چونڊ تحريرون هن ڪتاب جي زينت بنايون ويون آهن، سهيڙ جي ان ڪم ۾، سنڌي ادبي بورڊ کي نصير مرزا صاحب جو به تعاون حاصل رهيو، اميد ٿا رکون ته هن اينٿالاجي کي پڙهندڙ نه فقط پسند ڪندا... پر جيءَ ۾ جايون به  ڏيندا.    

الهڏتو  وگهيو

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو

 

منهنجي پاران

 

ٻه اکر

 

حب الوطني ڏوهه ناهي. پر اها مالڪ جي عنايت آهي جو هر انسان جي سرشت ۾ شامل ڪئي وئي آهي. ايئن انسان جي صفتن ۽ جوڙجڪ ۾ اڳيان اڳيان آهي. جڏهن حب الوطني، وطن جي مٽي سان عشق سيکاريندي آهي ته ماڻهو ئي ٻيو ٿي ويندو آهي. ها سائين! اسان پنهنجي سنڌ وطن جي مٽي مان ڳوهيل مٽيءَ ڪري هن سدوري سهڻي ۽ معصوم ڌرتي سان عشق ڪيو ۽ وچن واريا، پر جڏهن اڄ سنڌواسين لاءِ ڌرتي ٽامڻي ڪئي وئي آهي ته اسان محب وطن جهونن جوڳين جا هاڻي عشق ٿڌا ٿي ويا آهن. هن ڌرتيءَ ورهاڱي جو سور سٺو، هاڻي ٽُڪرن ۽ پلاٽن ۾ ورهائجي ڀاڱا ٿيندي سهڻيءَ وانگي پئي وڪامي ۽ پنهنجن کان کسجي ڪٿي بحريه ٽائون نالي قائم ڪيل شهر، ڪٿي ذوالفقارآباد، ڪٿي ٻيلا برباد، سوسائٽيون آباد، ٻنيون ٻارن جا نقشا ئي گم. نوان کاتا، نيون ديهون، نوان ٻارا، سنڌ جو نقشو ئي نئون. نيون لالچون نوان دلبا، نوان آسرا، ڪير ڪُڇي؟ ماڻهن کي هڪ پاسي بيروزگاري ماريو ٻئي پاسي ڪوڙن آرڊرن ۽ نون روزگارن جا آسرا مليا (ڏسو نئين بجيٽ ڀاڱو پهريون)

بدامني، ڏاڍائي، ڪوڙا جرگا، قبيلائي جهيڙن سان سنڌ جي ماڻهن جي نسل ڪشي، ڌاڙا ڦرون، ڪارا ڪاريون، قبضا مافيا، ڇا! هي اچي اچي سڀ برايون بڇڙايون هاڻي ويچاري سدوري سنڌ جو مقدر بڻجي چڪيون آهن؟ ڇا اسين واپس جهالت، انساني حقن جي لتاڙ واري دؤر ڏانهن وڃي رهيا آهيون. علم ادب مان ڦُٽندڙ روشني جا واعدا اسان جيڪي هنن بيوس ماڻهن سان ڪيا هئا سي سڀ ڪوڙا ثابت ٿيندا. وطن ويڙهيچن کي وري ڪئين سچي علم جا، سُک سپنا ڏيکاريا هئا اُنهن جي هنن کي ساڀيان ڪير پسائيندو؟ ڇا هي نئون نڪورو نوجوان نسل، جن جون پاڙون هن ڌرتي تي ڄڻ کُتل ئي ناهن. ۽ هو هن وطن جي مٽي جي عشق کان به آگاهه ناهن، نه ئي هو ڌرتيءَ تي سر ڏيڻ جي رسم کان آشنا آهن. اُهي ڪهڙو انقلاب آڻي سگهندا ۽ جنهن جي آسري ڪو ڪنڌ کڻي سنڌ هلندي ۽ جڏي جيءَ سان به جيئندي رهندي. جي سنڌ جو نئون نسل پڙهي پيو، سنڌ جي علمي ادبي ۽ آگاهيءَ وارن ادارن سندن پرگهور لڌي، ڪوڙين داعوائن ۽ ڦڙٻاٽين کي ڇڏي سچ ۽ حق جو پرچارڪن. سنڌ جي ماڻهن سان ڪو دوکو ڪا دغا نه ڪن. اچو ته ستايل ڀاڱا ٿيل سنڌ جي وارثي ڪيون ۽ جيجل کي ڪو آٿت ڏيون. ڇا منهنجي هن حياتي جي پڇاڙين گهڙين ۾ اهو ئي اورڻ ٿيندو

حبيبن هيڪار، منجهان مهر سَڏُ ڪيو

سو مون سڀ ڄمار اورڻ اُهو ئي ٿيو

شايد ائين به هجي جو جيجل کي اهو احساس هجي ۽ ميار ڏيندي چوندي هجي.

ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه. امر مون سين ايئن ڪيو

پر مفڪرن روشن خيال اديبن جيڪي آگاهي ۽ اميد جا روشنيءَ لاءِ ڏيا ٻاريا هئا، انهن جو ڇا ٿيندو؟ ائين ٿيڻ نه کپي ته:

آگهي کي روشني جب دور تک پائي گئي

کٽ گيا اس کا گلا ظلمت ۾ دفنائي گئي.

(انوار فيروز)

 هن صدين جون مسافتون صرف مايوس ٿي ٿڪجي ويهڻ سان رائيگان نه وڃڻ کپن.

مسافت رائيگان هي اور مجهه سي

ٿکن اپنا اثاثه لي رهي هي

(شبنم شڪيل)

اڄ اسين ان چوواٽي تي بيٺا آهيون سڀ رستا ات ملن ٿا، جت نوجوان نسل رهبري لاءِ بيٺو هجي، اهو ئي اسان جي جيئدان جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ايئن به نه ٿيڻ کپي:

ڪاڪ ڇڏيائون ڪنڊ تي، پاڻا ويا پري

تن کي ناتر ڪوهه ڪري جي لڊوڻيا لنگهي ويا

هاڻ سنڌ جو آئيندو پڙهيل ڪڙهيل هنرمند نوجوان نسل تي آڌاريل آهي جن جو سچو عشق، سنڌ جيجل سان هجڻ لازم آهي. عشق کان سواءِ وچن ناتا سڀ ڪوڙا آهن.

اياز چواڻي:

عشق عقاب پکي پرڏيهي، جهڙپ ڏئي ٿو جهٽي

ڪير انهي کان کٽي

شاهه نصير نوشهري جو هاڪارو شاعر چئي ٿو:

ڪن کي دين مليو، ڪن کي دنيا

عشق اصل کنئون انعام ڏئي وئين

يار اسان کي

دوست اسان کي

هيءُ جيڪا نئين جوڙ جوڙي اٿئون سا ”ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪئي ڪهاڻيون“

جو ئي تسلسل آهي. هن ۾ ڪجهه ٻيون صنفون ملائي سنڌي ادبي بورڊ جي مهرباني سان هڪ نئين قسم جو ڳٽڪو تيار ڪيو اٿئون جنهن ۾ عزيزم نصير مرزا جي محنت به شامل آهي. سندس چوڻ اهو به آهي ته اينٿالاجيءَ لاءِ وٽس ايترو مواد آهي جو ٻيا به ڪيترا ئي جلد بڻجي سگهن ٿا ۽ هو انهن کي ترتيب ڏئي رهيو آهي. هن ڪتاب جي ترتيب منهنجي حوالي ڪندي وڌيڪ سنوارڻ لاءِ جيڪا مدد ڪئي آهي ان لاءِ مون وٽ لفظ ڪينهن. ان لاءِ مان سندس تمام گهڻو ٿورائتو آهيان.

مان ٿورائتو آهيان. مخدوم جميل الزمان صاحب، چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ جو جن هن ڪتاب ڇاپڻ لاءِ ڪاميٽي جي فيصلي جي منظوري ڏني. ۽ سيڪريٽري الهڏتي وِگهي جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن تمام گهڻي دلچسپي وٺي هن ڪتاب کي سهڻو ڪري ڇپرايو.

مواد جي سهيڙ لاءِ ٿورا حافظ احمد دين انڍڙ جا پڻ ضروري ٿو سمجهان.

هن ڪتاب جي ترتيب جنهن نموني ۾ ڏني اٿم، اُميد ته اڳئين ڪتاب

”ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون“ وانگر پسند ايندي. نصير مرزا جي صلاح، مدد ۽ مشوري کان سواءِ هيءُ هيڏو جبل جيڏو ڪم پورو ٿي نه سگهي ها. ڌڻي کيس ان جو اجر ضرور ڏيندو.

سنڌ جيجل لاءِ دُعاگو

        حيدرآباد                                             حميد سنڌي

05 جولاءِ 2015ع

 

مهاڳ

 

جوڳيءَ تي جڙاءُ،

نسوروئي نينهن جو

 

 

نوشهروفيروز...! يا الله...! ڪنهن به شهر جو، هي ڪهڙو نه کنڊ نبات جهڙو مٺڙو نالو... جي ها! بلڪل ئي اهڙو، جهڙو انهيءَ ديار ڄائي خود حميد سنڌيءَ صاحب جو نالو. شيخ اياز جو اجهو هي شعر سندن شخصيت تي ’منڊيءَ ٽِڪَ‘ جيان... صفا ٺهڪي ٿو بيهي.

آهي تنهنجي نانءَ سان، چوڌاري ٿڌڪار،

اونهاري جو وار، مون تي ٿئي ڪِينَ ڪِي.

۽ ان ئي نوشهري فيروز ديار ۾، ابدي آرامي... شاهه نصير سائين... جنهن... ڪنهن وقت فرمايو هو:

رمزن ساڻ غلام ڪري وئين...

ته بس ايئن ئي هيڏانهن سمجهو ته سالن کان، آئون وري حميد سنڌي سائينءَ جي قربن ۾ ڪُٺل، سندن شفقت جي ڇانوَ ۽ احسانن جي بار هيٺان دٻيل... سندن رمزن جو غلام... جنهن جي من ۾ مٿن هن ’شخصيت ۽ فن‘ اينٿالاجي جوڙڻ جي دلي خواهش پيدا جو ٿي، تڏهن سُري حميد صاحب جي ويجهو ٿيس ۽ نيٺ هي ڪتاب جوڙي راس ڪئم.

ادب پارکو ڄاڻن ٿا حميد صاحب: بطور ڪهاڻيڪار 1958ع کان ادب ۾ پير پاتو هو ۽ هاڻي هي سال 2015 ع آهي. يعني انهن سڀني سالن دوران حميد صاحب مُڙي پٺيان ته ڪڏهن به نه ڏٺو ۽ نه ئي ٿڪجي ورچي... ويهي رهيو. اجهو هي لڳ ڀڳ 58 هون سال آهي، جو هو مسلسل لکندو جاکوڙيندو ۽ چوندو پيو اچي ته..

ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، تو کي چشمن چايان

سنڌ ديس جي ڌرتي توتي، پنهنجو سيس نمايان.

حميد صاحب سان منهنجي اوائلي شناسائي، سندن تحريرن جي ئي نسبت سان جڙي هئي. تڏهن سندن جاري ڪيل’روح رهاڻ‘ رسالي جا پرچا، مون لائبريرين ۾ ئي ڏٺا هئا. ائين سندس افسانن جا ٻه اوائلي ٻه مجموعا... پهرئين ”سيمي“ ۽ پوءِ ”اداس واديون“ جڏهن منهنجي مطالعي هيٺ آيا هئا. ته اڃا به ساڻن ذهني ويجهڙائي ٿي، بعد ۾ حميد صاحب سان جيڪا پهرئين منهنجي روبرو ملاقات ٿي، اها ٿي 77-1976ع ڌاري، جاگيراڻي پاڙي سکر ۾، جتي پاڻ سائين رشيد ڀٽي صاحب جي اوطاق تي ترسيل هئا. منهنجو دوست

ادل سومرو مون کي ساڻن ملائڻ لاءِ اُتي خاص وٺي هليو هو، ۽ اُهو منجهند جو وقت هئو، جڏهن هي ٻيئي جگري يار ڀٽي صاحب جي گهران پهتل لنچ ۾، مڇي ۽ ڀُڳل بيهن مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. حميد صاحب جي شخصيت ۾ جيڪا قربت، محبوبيت، حُسن ۽ ڊرامائيت هئي، ان ته مون کي انهيءَ ئي ڏينهن بيحد مُتاثر ڪيو هو. خاص طرح سندن هن گفتي ته ڏاڍو ئي موهيو مون کي... ”ادا توهان ٻيئي دوست نئين ٽهيءَ جا ڏاڍا سٺا ليکڪ ثابت ٿيندؤ.“... ته بس اهي ڏينهن اُهي شينهن.. حميد صاحب کي پوءِ ته آئون بنهه ئي ويجهو ٿيندو ويس. تڏهن هاڻي نه فقط مون سندس تحريرن کي ويتر دلچسپي ۽ گهرائيءَ سان پڙهيو... پر ريڊيو حيدرآباد تان سندن بيحد پيارو ڊرامو به مون ٻڌو: ”طوفان ۽ رات“. ۽ گڏوگڏ مراد علي مرزا صاحب جي ادبي پروگرام ’ماهناهي‘ ۾ کانئن ڪڏهن ڪهاڻي، ته ڪڏهن وري ڪتابن تي تبصرا به آئون ٻڌندو رهيس،! يادش بخير... ادب ۾ ڇاڪاڻ ته مون 74-1973ع کان پير پاتو، انهيءَ ڪري سندس جڳ پڌري رسالي ’روح رهاڻ‘ کي ريگيولرلي مطالعي ۽ ’جشنِ روح رهاڻ‘ وارين تقريبن ۾ شريڪ ٿيڻ جو ڪڏهن به مون کي موقعو نه مليو، پر ادبي گڏجاڻين ۾... ڪنهن نه ڪنهن بهاني حميد صاحب جي آئون ويجهو ضرور ٿيندو رهيس ۽ ائين سندن ذات جا رنگ ۽ شخصيت جا شيڊ مون تي ظاهر ٿيندا ويا. ان عرصي دؤران سندن جن جن ڪهاڻين خاص طرح سان منهنجو ڌيان ڇڪرايو... اهي هيون ’دربان‘، ’ڌُوپار‘...

’خانو چور نه آهي‘ ۽ ... ’ويريون‘ وغيره. اگرچ ستر اسي واري ڏهاڪي دوران سندن آس پاس ٻيا به ڪيترائي همعصر ڪهاڻيڪار... نشانبر ۽ نمايان هئا.. جيئن آغا سليم صاحب، امر جليل صاحب، نسيم کرل صاحب، غلام نبي مغل صاحب، پر انهن سڀني جي وچ ۾ پاڻ به ته اوترا ئي نمايان هئا... ۽ ايئن... جو چوڻ ڏيوم ته ...

جو ذره جس جڳه ٿا، وهين آفتاب ٿا!

ڀانئيان ٿو پنهنجن انهن سڀني همعصر افسانه نگارن ۾ حميد صاحب کي هي به انفراديت ۽ فوقيت حاصل رهي، جو هُو انهن مڙني جي مقابلي ۾ سنڌيت ڀرين محفلن مچائڻ ۽ تحريڪن ۾ وڌيڪ حصيدار پئي رهيا. جنهن سبب، همعصر ڪهاڻيڪارن ۾ سندن شخصيت ويتر هرواسي بڻجندي ويئي، جنهن سبب ان ئي تسلسل ۾ بعد واري دور ۾ نهايت عزت ۽ احترام سان کين علمي ادبي ۽ ثقافتي محلفن ۾ محفل جي مور طور سڏايو وڃڻ لڳو .

...ته خير مون ڳالهه پئي ڪئي ته... ڊرامائيت ۽ رومانيت، حميد صاحب جي اوائلي ڪهاڻين جِي خاص خصوصيت پئي رهي. پوءِ سنڌيت ۽ قوميت جو رنگ به سندن اسلوب ۾ پوري طاقت سان ظاهر ٿيو. جنهن لاءِ موضوعن جي مناسبت سان سندن ’ڪهاڻي ڪرافٽ‘ جو انداز به الڳ ٿلڳ نظر آيو...جي ها! نجو پجو حميد سنڌيءَ جو پنهنجو انداز... يعني ٿورو ناسٽلئجڪ... جنهن لاءِ محاورو ۽ ٻولي وچولي واري. يعني ساهتي پرڳڻي واري... اڻتڪاري ميلو ڊريمٽڪ... دک ڀري... گڏوگڏ ماضيءَ جي عظيم قدرن جي سار پچار اُپٽار... ۽ ساڻ ساڻ هي اميد، آسرو، امنگ ۽ چتاءُ پڻ:

چڻنگ چولي ۾ جي ناهي، اُهو پنهنجو ناهي!

سندن ڪهاڻين جي اڻتڪاري جو ڍنگ ڪجهه هي ته، اها وائلن جي سُرن وانگر ڌيمي ڌيمي انداز ۾ شروع ٿيندڙ ۽ جيئن پاڻيءَ ۾ دائره در دائره رنگ پکڙبو آهي، حميد صاحب جي ڪهاڻين ۾ درد به ايئن ئي ڦهلبو نظر ايندو آهي ۽ تان ته ڪهاڻي هڪ ڀرپور تاثر تي وڃي ختم ٿيندي آهي.

... المختصر..ته زندگي!... جيڪا اسان جي حميد صاحب جي حصي ۾ آئي ، سچ پڇو ته اُها هُن سڄي جي سڄي ڇا ته مُتحرڪ، مصروف ۽ سونُ گذاري آهي. اوائل جوانيءَ ۾ پهرين ته پوري توجه سان نصابي تعليم، پوءِ ان دوران افسانه نگاريءَ سان شغف. پوءِ جڳ پڌري رسالي ’روح رهاڻ‘ جو آغاز ۽ گڏوگڏ جشن روح رهاڻ. پوءِ بطور پروفيشن... علمي ادبي ۽ نصابي ادارن سان والهانه وابستگي ۽ انهن جي تنظيم ڪاري. علاوه ازين ڏيهي پرڏيهي نجي سرڪاري دورا ۽ سئر سفر. پوءِ هند سنڌ اندر برپا ٿيندڙ ادبي محفلن، مجلسن ۾ شرڪت.گڏوگڏ سالن جا سال سالانه شاهه لطيف ڪانفرنسن جي زبردست ميزباني... پوءِ ادبي ثقافتي شامن ۽ ڪتابن جي مهورتن وارين محفلن جون صدارتون.

اسان جي قمر شهباز صاحب...حميد صاحب بابت هي به ڪيڏو نه درست لکيو آهي ته: حميد ڪڏهن به ورچي نه ويٺو آهي. اها ئي وک وتري ۽ اهو ئي قلم هٿ ۾. ۽ ائين دل جو سمورو درد ڪاغذن تي اوتي ڇڏيو اٿس، سندس پهريون ۽ آخري عشق آهي سنڌ... ۽ سنڌي ادب ! ۽ هو اڄ به ساڳي لگن سان پنهنجي ٻوليءَ کي مالا مال ڪري رهيو آهي. ۽ ادبي اڃ اجهائڻ خاطر، هڪ دفعو وري ... هن روح رهاڻ کي ’بزمِ روح رهاڻ‘ جي نالي ۾ جيئاري ڇڏيو آهي. جنهن سبب سندس گهر جي چائنٺ، حاضر دور ۾ هڪ دفعو ٻيهر، علم ادب جي آماجگاهه بڻجي چڪي آهي.

...ته بس اهڙي ادبي هستيءَ جي مالڪ حميد سنڌي سائينءَ بابت سندس همعصرن جا رايا، تاثر، ادبي اڀياس، تاريخ جا حوالا ته هن ڪتاب ۾ مون گڏ ڪيا ئي آهن، پر گڏوگڏ سندن يادگار انٽرويوز، سندن ڪي بهترين ڪهاڻيون، لاتعداد لکيل مضمونن، مقالن، خاڪن، تاثرن ۽ تعزيتي نوٽس منجهان... هڪڙي چڱي خاصي چونڊ پڻ هن ڪتاب ۾ شامل رکي آهي، ۽ اها ان لاءِ، ته جيئن مستقبل جو محقق، حميد صاحب جي واپرايل مختلف اسلوبن ۽ سندن ادبي قد و قامت کان پوري ريت آگاهه رهي.

هيءُ ڪم، گهڻو وقت طلب ۽ اڻانگو! بيشڪ ته هئو، پر خود حميد صاحب جن جي تعاون ۽ دوستن منجهان نفيس احمد شيخ ناشاد، حافظ احمد الدين انڍڙ ۽ فقير محمد ڍول ان ڪم ۾ منهنجو هٿ ونڍايو ۽ ايئن هيءَ اينٿالاجي جلد تيار ٿي وئي. اُميد ته پڙهندڙن کي حميد صاحب جو هي پورهيو گهڻو پسند پوندو.                                 السلام -والسلام!    

 

 حيدرآباد                                              نصير مرزا

 24.03.2015

حميد سنڌي-ڄاڻ سڃاڻ

 

نالو:                    پروفيسر عبدالحميد ميمڻ

ادبي نالو:              حميد سنڌي

والد صاحب جو نالو:   محمد اسماعيل ميمڻ

تاريخ ڄم ۽ جنم ڀومي:      12 آڪٽوبر 1939ع، نوشهروفيروز، سنڌ

قابليت:  بي اي [آنرز]، ايم. اي [اڪنامڪس -سبجيڪٽ ايگريڪلچر اڪنامڪس] ايل-ايل بي، هائير ايجوڪيشنل ايڊمنسٽريشن ۾ ڪورس [مانچيسٽر يونيورسٽي] برطانيه مان.

عهدا:   وليج ايڊ ڊپارٽمينٽ ۾ بحيثيت پبلسٽي آفيسر

[61-1960ع]

سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ بحيثيت

1.         ايڊمنسٽريٽو آفيسر [1970]

2.         اسسٽنٽ ڪنٽرولر ايگزامينيشن

3.         ايڊيشنل ڊائريڪٽر سنڌلاجي

4.         رجسٽرار

تعليم کاتي ۾ بحيثيت ڊائريڪٽر ڪاليجز [1977-1976 ۽ 1990-1989ع]

بحيثيت پرنسپال پبلڪ اسڪول حيدرآباد [1989-1978ع]

بحيثيت وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام.

وائيس چانسلر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور. [1995-1991ع]

ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ [1996ع]

چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ڄامشورو [1997ع]

چيئرمين سنڌ لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد [1997ع]

چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بُوڪ بورڊ، ڄام شورو. [1998ع]

ميمبر:                 ميمبر سينيٽ، سنڌ يونيورسٽي 1980ع تائين.

ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ

ميمبر ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز

مصنف:                هنن ڪتابن جو ليکڪ. هڪ اردو ۾ لکيل

1. سيمي

[ڪهاڻين جو مجموعو]

2. اُداس واديون

[ٻه ڇاپا]

3. وِيريوُن

[ٽي ڇاپا]

4. راڻا جي رجپوت

[ٻه ڇاپا]

5. جاڳ به تُنهنجي جيءَ سان

6. سوني زنجير، جاپاني لوڪ ڪهاڻيون

[ترجمو]

7. سوکي ڌرتي

[اردو]

8. ٽماهي مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

[مرتب]

9.سو مون سڀ ڄمار

 

10.ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

11. درد ونديءَ جو ديس

12.آرِي اچين شال

 

[سچل سرمست تي تحقيقي مقالن جو مجموعو]

 

 

 

 

 

هر سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عُرس واري موقعي تي ٿيندڙ ڀٽائي ڪانفرنس ۾ مختلف سُرن تي لکائيل تحقيقي مقالا ۽ مضمونن جو سهڙيندڙ، سنواريندڙ. انهيءَ سلسلي جا يارهن ڪتاب شايع ٿيل. سُرن جا نالا هن ريت آهن.

1. سُر ليلا چنيسر، 2. سُر گهاتو، 3. سُر ڪاموڏ، 4. سُر مارئي، 5. سُر ڪاپائتي، 6. سُر بلاول، 7. سُر رام ڪلي، 8. سُر کاهوڙي، 9. سُر ڪارايل، 10. سُر بروو، 11. سُر سارنگ.

ايڊيٽر، ايسوسيئيٽ ايڊيٽر

يا صلاحڪار         1. ماهوار ’روح رهاڻ‘

2. ماهوار ’ماروي‘

3. هفتيوار ’ماروي‘

4. لطيف ڊائجسٽ

5. نئين زندگي [صلاحڪار]

اعزاز:                 1.  پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان ڪهاڻين

جي مجموعي ويريون تي ’شاهه عبداللطيف ايوارڊ‘[1981ع]

2. سنڌالاجي ادبي ايوارڊ ڪهاڻين جي مجموعي

’ويريون‘ تي [1981ع]

3. پاڪستان رائٽرس گلڊ پاران ’ويريون‘ تي ايوارڊ (1981]

4. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ’لطيف ايوارڊ‘[ادب]

5. نئشنل بُڪ فائونڊيشن طرفان ’راڻا جي رجپوت‘

تي ايوارڊ [1995ع]

قومي اعزاز:      1. ’تمغئه امتياز‘ 23 مارچ 1990ع [گورنمينٽ آف

پاڪستان- صدارتي اعزاز]

2. اعزازِ فضيلت 28-8-1993ع [گورنمينٽ آف

پاڪستان- صدارتي اعزاز]

3. شخصي اعزاز: حميد سنڌي صاحب پنهنجي

شاندار علمي ادبي حيثيت جي آڌار تي هن وقت

تائين هزارين محفلن جي صدارت ڪري چڪا آهن.

ڪنوينر:                سنڌي ڊرامي جي هڪ صدي- ’جشن تمثيل‘

جو منتظم [1980ع]

مکيه مهندار:          شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ سيمينار، ڊاڪٽر دائود پوٽو سيمينار، ممتاز مرزا ۽ استاد بخاري وغيره بابت گڏجاڻين جو مهندار.

بزمِ روح رهاڻ:        ان عنوان سان گذريل ڪيترن ئي سالن کان هفتيوار ادبي گڏجاڻي جي شروعات ڪئي اٿن، جيڪا اڄ به جاري و ساري آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org