سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مير علي شير “قانع” ٺٽوي

باب:

صفحو:1

مير علي شير “قانع”

سنڌ جو تاريخ نويس

مرتب: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري

ڇپائيندڙ پاران

سنڌ ڌرتيءَ تي اعليٰ پايي جي عالمن، محققن، مورخن ۽ شاعرن جنم وٺي، پنهنجي پنهنجي مقام تي علم و ادب جي خدمت ڪري نه فقط سنڌ کي پنهنجي علمي ادبي ذخيري کان آشنا ڪرايو آهي، پر برصغير کي پڻ پنهنجي علمي ۽ ادبي ورثي کان متعارف ڪرائي، سنڌ جي علمي حيثيت کي نروار ڪيو آهي. اهڙن عظيم بزرگ عالمن ۾ مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي پنهنجي شخصيت ۽ فن ۾ پنهنجو مثال پاڻ هئا.

مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. هو هڪ وڏو تاريخ نويس، تذڪره نگار ۽ باڪمال شاعر جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرائي چڪو آهي، سندس هر تصنيف انتهائي خلوص ۽ محنت جو هڪ لازوال مثال آهي. هيءُ ڪتاب ”سنڌ جو تاريخ نويس: مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي“ سنڌ جي اُن ئي هاڪاري عالم، محقق ۽ شاعر جي علمي ۽ ادبي ڪاوشن ۽ سندس سوانح حيات تي سنڌ جي ناميارن ليکڪن ۽ تذڪره نگارن شاهڪار مضمون ۽ مقالا مختلف ٻولين ۾ لکيا، جن کي محترم ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب وڏيءَ محنت سان سهيڙي، اينٿالاجي مرتب ڪري بورڊ جي حوالي ڪئي.

سنڌ جي اهڙي عظيم بزرگ عالم مير علي شير ’قانع‘
ٺٽوي جي سوانح ۽ سندن علمي ۽ ادبي خدمتن تي سهيڙيل هيءَ اينٿالاجي آءٌ
بورڊ جي مانائتي چيئرمين جناب مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خصوصي دلچسپي ۽ رهنمائيءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، اسان جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي عالمن ۽ اڪابرن وٽ مڃتا ماڻيندي.

 

12- ربيع الثاني 1441هه                        سيد سڪندر علي شاهه

10- ڊسمبر 2019ع                          سيڪريٽري

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

سيد مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي سنڌ جو اهو مُحسن اديب، شاعر ۽ تاريخ نويس آهي، جنهن سموري حياتيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ، صوفين اوليائن، عالمن سڳورن ۽ شعر و ادب تي وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آهي. مير قانع سنڌ جو اهو سڄڻ آهي، جنهن ضخيم ڪتاب ”تحفة الڪرام“، ”مقالات الشعراء“، ”مڪلي نامو“، ”معيار سالڪان طريقت“ ۽ ”مثنويات و قصائد قانع“ جهڙا چاليهن کان وڌيڪ ڪتاب لکي، سنڌ جي تاريخ ۽ فارسي علم و ادب کي مالا مال ڪيو.

ويهين صدي عيسويءَ جو وڏو مؤرخ ۽ فارسي جو گوهر سيد حسام الدين راشدي، مير علي شير ’قانع‘ جو علمي مرتبو ۽ مَقام هنن سونهري لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

مير علي شير ’قانع‘ همھ گير شخصيت جو صاحب هو. ديني ۽ دنيوي علمن تي کيس ڪامل هٿ پڄندي هئي، ليڪن بنيادي طرح هن تذڪره نويس، شاعر، اديب ۽ مؤرخ جي حيثيت ۾ سنڌ جي تاريخ اندر پنهنجي لاءِ لافاني مَقام حاصل ڪيو، جنهن تي نه کانئس اڳ ڪو پهچي سگهيو هو ۽ نه کانئس پوءِ ڪنهن کي اهو مرتبو نصيب ٿيو... هن 43 تصنيفون جيڪي ڪيترن سببن ڪري نادر ۽ زندهه جاويد آهن، پنهنجي پٺيان يادگار ڇڏيون آهن. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جيڪڏهن مير علي شير پنهنجي دور ۾ قلم هٿ ۾ کڻي، اها خدمت نه ڪري ها ته، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان هڪ عظيم هاڃو ۽ حادثو ٿئي ها. اڄ جنهن شاندار ماضيءَ تي اسين فخر پيا ڪيون،  ان جو نشان پتو به ڪونه لڀي ها. درحقيقت انهيءَ قسم جون اعليٰ شخصيتون ئي ملڪن ۽ قومن کي هن ڪائنات ۾ اعليٰ مقام ۽ مانائتو مرتبو حاصل ڪري ڏينديون آهن. اهڙن پاڪ روحن تي عالَم انسانيت جو سلام آهي.

(حرف آغاز- تحفة الڪرام فارسي)

ان ڪري اسان  سنڌ وارن تي مير علي شير ’قانع‘ جو قرض رهيل آهي ته، اسان سندس زندگيءَ جو احوال ۽ سندس علمي ڪارنامن بابت جامع سوانح حيات جوڙيون ۽ سندس سڀني فارسي ڪتابن کي اصل ۽ سنڌي ترجمي سان شايع ڪريون. ان ڏس ۾ مرحوم سيد حسام الدين راشدي، مير ’قانع‘ تي تحقيقي ڪم ڪري وڏي خدمت ڪئي آهي، پر سندس اڃا گهڻو ڪم، فرض ۽ قرض رهيل آهي.

وطن جي گهڻگهرن ۽ لافاني ليکڪن جو اهو فرض شناس قومن مٿان حق به آهي. ان ڏس ۾ جيسين مير قانع ٺٽويءَ بابت تحقيقي ۽ جامع سوانح حيات لکجي، سندس سڀني ڪتابن جي ترجمن سميت اشاعت ٿئي، تيسين مون ڪوشش ڪري جن به اهل قلم مير قانع بابت ٿورو گهڻو لکيو آهي. اهو فارسي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتابن، ميگزينن ۽ رسالن مان ٽڙيل پکڙيل مواد ميڙي چونڊي هي ڪتاب مرتب ڪيو آهي. بقول شاهه ڀٽائي:

تيسين ڀڳو ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي!

ان ۾ مختلف ليکڪن پاران ’مير قانع‘بابت سندس زندگيءَ ۽ علمي ڪم کي مختلف رُخن کان پيش ڪيو ويو آهي. هي ٽڙيل پکڙيل مواد ان ڪري يڪجا ڪيو ويو آهي ته، جيئن محقق اهو مواد سامهون رکي؛ مير ’قانع‘ تي تحقيقي ۽ جامع ڪم ڪري سگهن. فارسي ۽ اردو مضمونن مقالن جو ترجمو مون راقم الحروف ڪيو آهي. ڪتاب کي چئن حصن ۽ ضميمي ۾ ورهايو ويو آهي.

پهرئين حصي ۾ مير علي شير ’قانع‘ ٺٽويءَ جي سوانح حيات، ٻئي حصي ۾ مير قانع جا فارسي، عربي ۽ شاعريءَ جا استاد؛ ٽيون ڀاڱو مير قانع جي عزيز قريب ۽ اولاد جي احوال ۾ آهي. چوٿون ڀاڱو مير ’قانع‘جي ڇپيل ڪتابن جي تعارف بابت آهي. آخر ضميمي ۾ مير قانع بابت اردو، فارسي ۽ انگريزي مضمون مقالات شامل ڪيا ويا آهن.

اميد ته هي محنت سنڌ جي علم ادب وارن وٽ قبول پوندي.

محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.

(شاهه)

 

يوم الاربعاءِ

21 رجب 1435هه

21- مئي 2014ع

طالب العلم

عبدالرسول قادري

ڳوٺ بخشو مگسي (ديهه 7 دڙي مگسي)

يونين ڪائونسل ماروي، تعلقو سڪرنڊ

ضلعو شهيد بينظير آباد (نواب شاهه) سنڌ.

 

عبدالرسول قادري

 

 

* ’مير قانع‘ جي خاندان جو پهريون بزرگ سيد قاضي شڪر الله بن وجهه الدين شيرازيءَ هرات کان قنڌار پوءِ ننگر ٺٽي سنڌ ۾ آيو.

927 هجري/ 21-1520ع

* شاهه بيگ ارغون (وفات 930هه/1524ع) کان پوءِ سندس پُٽ شاهه حسن ارغون، سيد شڪر الله کي ”شيخ الاسلام“ مقرر ڪري، سڄي سنڌ جي قضا جو عهدو ڏنو.

930هه/1524ع کان بعد ۾

* ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ سيد علي شير ’قانع‘ ٺٽي ۾ سيد عزت الله شيرازي جي گهر ۾ ڄائو.

1140هه/28-1727ع

* ’مير قانع‘ درسي ڪتاب پڙهڻ دوران ٻارهن سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ لڳو. تخلص پهريان نالو، پوءِ ’مظهري‘ بعد ۾ ’قانع‘ تخلص اختيار ڪيائين.

1152هه/1739ع

* بادشاهه نادر شاهه افشار سنڌ ۾ آيو. عمرڪوٽ ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي ۽ نادر شاهه وچ ۾ سنڌ جي حڪومت لاءِ ڳرن شرطن تي ٺاهه ٿيو.

1152هه/1739ع

* نادر شاهه سنڌ مان قنڌار روانو ٿيو، پر نادر شاهه، ميان نور محمد ڪلهوڙي کان هڪ ڪروڙ نقد، ويهه لک سالانه ڏن، ڪتب خانو ۽ سندس ٻه پٽ مراد ياب ۽ غلام شاهه يرغمال ڪري ايران وٺي ويو. ان کان پوءِ سنڌ دهلي جي مغلن کان ڦِري، ايران جي ڏَنُ ڀَرُو ٿي.

1153هه/1740ع

* مير ’قانع‘الائي ڪهڙي سبب ڪري اٺن هزارن شعرن جو پهريون فارسي ديوان درياءُ ۾ لوڙهي ڇڏيو.

1153هه/1740ع

* مير ’قانع‘ٻن سالن کان پوءِ شاعريءَ جي استاد مير حيدر الدين ابو تراب ’ڪامل‘ جي صُحبت ۾ وري نئين سر شاعري ڪرڻ لڳو.

1155هه/1742ع

* مير ’قانع‘جو فارسي استاد آخوند شفيع محمد رحلت ڪري ويو.

1156هه/1743ع

* مير ’قانع‘سير سفر لاءِ سورت بندر ويو، جتي عبدالولي ’عزلت‘ ولد سيد سعد الله سورتي سان مليو. ’مير قانع‘ سان هن سفر ۾ ايندي ويندي هنن علم دوستن جون ملاقاتون ٿيون: شاعر ’رضائي‘، محمد اڪرم، محمد اعظم ٺٽوي، محمد عاقل ’ابلھ‘ جهونا ڳڙهي، ’هوشيار‘ صفاهاني ۽ شاعر ’مفلس‘.

1160هه/1747ع

* ’مير قانع‘ جو والد سيد عزت الله ٺٽي ۾ وفات ڪري ويو.

1161هه/1748ع

* ’مير قانع‘ جو پهريون پٽ غلام علي ’مائل‘ ٺٽي ۾ ڄائو.

1161هه/1748ع

* ’مير قانع‘ جو همعصر عالم مخدوم معين ٺٽوي وفات ڪري ويو.

1161هه/1748ع

* ’مير قانع‘جي ٻئي پٽ غلام ولي الله جي ولادت ٿي.

1163هه/1749ع

* ’مير قانع‘ جو شاعريءَ جو استاد حيدر الدين ابو تراب ’ڪامل‘ گذاري ويو.

1164هه/51-1750ع

* سنڌ جو سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي مير ’قانع‘جو همعصر وفات ڪري ويو.

1165هه/1751ع

* ’مير قانع‘ جو استاد مولوي مرزا محمد جعفر شيرازي ڪڪرالي بندر وٽ رحلت ڪري ويو.

1167هه/1754ع

* ’مير قانع‘ جي دور جو حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو وفات ڪري ويو، سندس وڏو پٽ محمد مراد ياب خان تخت تي ويٺو.

1167هه/1754ع

* ’مير قانع‘،  فارسي شاعرن جو تذڪره ”مقالات الشعراءِ“ لکڻ شروع ڪيو.

1169هه/56-1755ع

* ميان مراد ياب خان حڪومت تان معزول ٿيو. سندس ڀاءُ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو بادشاهه بنيو.

1170هه/57-1756ع

* ’مير قانع‘ جي گهر ٽيون فرزند امير علي ڄائو.

1171هه/58-1757ع

* سنڌ جو قاضي القضاة مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ’مير قانع‘ جو همعصر وفات ڪري ويو.

1174هه/1761ع

* ’مير قانع‘ مڪلي ٽڪريءَ تي مدفون مشاهير بابت ڪتاب
مڪلي نامو (بوستان بهار) لکيو.

1174هه/1761ع

* ’مير قانع‘ فارسي تذڪرو ”مقالات الشعراء“ ڇهن سالن ۾ لکي مڪمل ڪيو. ان ڪتاب ۾ فارسي جي 719 شاعرن جو تذڪرو آهي.

1174هه/1761ع

* ’مير قانع‘ کي غلام شاهه ڪلهوڙي بادشاهه پنهنجي خاندان جي تاريخ لکڻ لاءِ ”تاريخ نويس“ مقرر ڪيو. مير ’قانع‘ شاهنامھ جي طرز تي نظم ۾ هڪ ڪتاب ۽ نثر ۾ هڪ ڪتاب ”تاريخ عباسيھ“ نالي لکڻ شروع ڪيو، پر ’قانع‘ ڪتاب مڪمل نه ڪري سگهيو.

1175هه/62-1761ع

* ’مير قانع‘ جو عربيءَ ۾ استاد ميان نعمت الله ٺٽوي حج سفر دوران وفات ڪري ويو.

1179هه/1766ع

* ’مير قانع‘ مشهور تاريخي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ پنهنجي طرفان لکڻ شروع ڪيو.

1180هه/67-1766ع

* ميان غلام شاهه نيرون ڪوٽ ۾ قلعو تعمير ڪرائي، مٿس حيدرآباد نالو  رکيو ۽ حيدرآباد کي پنهنجو تخت گاهه بنايو.

1182هه/69-1768ع

* ’مير قانع‘ مشهور تاريخي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ لکي مڪمل ڪيو.

1182هه/69-1768ع

* ’مير قانع‘ جو قدردان بادشاهه ميان غلام شاهه ڪلهوڙو حيدرآباد ۾ گذاري ويو، حيدرآباد ۾ دفن ٿيو. سندس پٽ محمد سرفراز خان سنڌ جو حڪمران ٿيو.

1186هه/1772ع

* ميان محمد سرفراز خان، ميان عبدالنبي ڪلهوڙي هٿان شهيد ٿيو.

1190هه/77-1776ع

* ميان عبدالنبي جي گهُر تي افغان حڪومت طرفان مدد خان پٺاڻ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي وڏو ظلم ۽ قهر ڪري سنڌ کي ڦُري لُٽي ڀڙ ڀانگ ڪري ويو.

1194هه/1780ع

* هالاڻي وٽ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي وچ ۾ جنگ لڳي. ڪلهوڙن هارايو ۽ مير سنڌ جا حڪمران ٿيا.

1198هه/1783ع

* ’مير قانع‘ صوفي طريقن جي سلسلن بابت ”طومار سلاسل گزيده“ ڪتاب لکيو.

1202هه/88-1787ع

* ’مير قانع‘ صوفين سڳورن جي احوال ۾ ”معيار سالڪان طريقت“ نالي ڪتاب لکيو.

1202هه/88-1787ع

* مير علي شير ’قانع‘ 64 سالن جي ڄمار ۾ ننگر ٺٽي ۾ وفات ڪئي ۽ شڪر الاهي سادات جي قبرستان مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ٿيو.

1203هه/88-1787ع

* مير غلام علي ’مائل‘، ’مير قانع‘ جو فرزند ٺٽي ۾ وفات ڪري ويو ۽ آبائي قبرستان ۾ دفن ٿيو.

1251هه/1836ع

شجرو

ڀاڱو پهريون

 

سوانح حيات

 

مير علي شير ’قانع‘

لطف الله بدوي

 

مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي، سنڌ جو وڏو مؤرخ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هو ٺٽي جي شڪر الاهي ساداتن مان هو. سيد شڪر الله، شاهه بيگ ارغون جي زماني ۾ شيراز مان بکر ۾ آيو. مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ بکر جو قاضي مقرر ٿيو. مير علي شير جي والد جو نالو مير عزت الله هو، جو سنه 1161هجري ڌاري فوت ٿي ويو.

مير علي شير جي ولادت سنه 1140هجري ۾ ٿي. ننڍي ئي سندس تعليم بهتر اُستادن وٽ ٿي، جن مان ميان نعمت الله، ميان محمد صادق ۽ مرزا محمد جعفر گهڻو مشهور آهن. تعليم کان فراغت لهڻ بعد پنهنجي جاگيرن جي سنڀال ۾ مشغول ٿي ويو. شعر سان سندس دلي رغبت ننڍي هوندي کان هئي. جيئن سندس روايت آهي، هن ٻارهن سالن ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو هو. سندس علم جي ساراهه هوريان هوريان پکڙندي رهي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، جڏهن سنڌ جو حاڪم ٿيو، تڏهن کيس ”تاريخ نويس“ جي عهدي تي مقرر ڪيائين. مگر ٻن سالن کان پوءِ ڪن سببن جي ڪري، هو اها ملازمت ڇڏي موٽي آيو. هو پوءِ ٺٽي کان ٻاهر نه ويو ۽ پنهنجي سڄي عمر تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاري ڇڏيائين. هي سنڌ جو باڪمال مرد سنه 1203 هجري ۾ ٽيهٺ ورهين جي عمر ۾ انتقال ڪري ويو. مير قانع جون تصنيفون تمام گهڻيون آهن، جن مان ڪي هن هيٺ ڏنيون وڃن ٿيون:

1.            مثنوي قضا و قدر.

2.           مڪلي نامه: هن ڪتاب ۾ مصنف مڪلي جي بابت بهترين معلومات گڏ ڪيون آهن.

3.           تاريخ عباسيه: ڪلهوڙن جي هي تاريخ، هن غلام شاهه ڪلهوڙي جي چوڻ سان لکي هئي، جا نثر ۽ نظم ۾ آهي. هي تصنيف ناتمام چئي وڃي ٿي.

4.           تاريخ تحفة الڪرام: قانع جي تصنيفن ۾، هن ڪتاب کي وڏي اهميت حاصل آهي. اُن جا ٽي حصا آهن، جي هيٺين ريت اچن ٿا(1):

پهريون حصو: هن ۾ گجرات جي مختصر تاريخ آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته هن سلطان احمد گجراتي جي ڪتاب ”مرات احمدي“ تان گهڻو ڪجهه ورتو آهي.

ٻيو حصو: ٻي حصي ۾ ابتدائي آفرينش کان نبين جي ذڪر ڏيڻ کان پوءِ، اسلامي ملڪن جي مختصر تاريخ ڏني اٿس. جنهن ۾ خصوصيت سان شهرن ۽ مشاهير جو ذڪر ڪيو اٿس.

ٽيون حصو: هي حصو ئي اسان جي لاءِ وڏو ڪار آمد آهي. سنڌ جي تاريخ کي وڏي تفصيل سان لکيو اٿس. کانئس اڳ سنڌ تي جي تاريخون لکيون ويون هيون، اُنهن سڀني کي پنهنجي سامهون رکيو اٿس. خصوصيت سان هن ڪتاب جو پويون حصو، وڏي قدر جي لائق آهي. سنڌ جي سڀني شهرن ۽ مشاهير جو ذڪر وڏي تفصيل سان ڪيو اٿس. سنڌ وارن تي سندس هيءُ وڏو احسان آهي. جيڪڏهن سندس تاريخ جو هيءُ حصو اسان وٽ موجود نه هجي ها ته اسان جا گهڻا مشاهير گمناميءَ جي گوشي ۾ هجن ها. قانع پنهنجي هي تاريخ 1181هجري ۾ پوري ڪئي. اُن جي اختتام جي تاريخ هيئن لکي ٿو:

شکر خدا که  تذکرهء تحفة الکرام،

اندر سه جلد يافته تزئين اختتام.

هر جلد اوست روضة اخبار دلکشا،

نظاره کيش مفت شود ديده شادکام.

’قانع‘ اگرچه نيست سزا وار ذکر خير،

ليکن بفيض اهل خبر يافت اين مرام.

باشد کنند اهل دلش ياد بعد مرگ،

يعني که يادگار نکو ماند مستهام.

سال تماميت چو نمود از خرد سوال،

اينک چه منتخب ز دل آمد مرا پيام.

        1181هه

***

شکر خدا که يافته تزئين انتخاب،

اين تحفة الکرام بآذين انتخاب،

سال تماميت چو نمودم ز دل سوال،

هاتف زده ندا که نو آئين انتخاب.

                            1181هه

5.           مقالات الشعراء: هن ڪتاب ۾، فارسي شاعرن جو ذڪر آهي. سنڌي فارسي شاعرن جي احوال جو هي بي مثال مجموعو آهي. هيءُ ڪتاب به سنڌ وارن لاءِ، تحفة الڪرام کان گهٽ قيمتي نه آهي.

6.           مختار نامه.

7.           معيار سالڪان طريقت: هن تصنيف ۾ قانع، سنڌ جي مشاهير جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.

        مٿين تصنيفن کان سواءِ، سندس ٻيون به گهڻيون تصنيفون آهن. هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو ارڙهين صدي عيسوي جو وڏي ۾ وڏو مورخ ۽ نقاد ٿي گذريو آهي. کيس سنڌ ۽ سنڌ وارن سان جا خصوصي محبت هئي، اُها سنڌ وارا ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهن.

شعر ۾ سندس ديوان ۽ قصيدن جو مجموعو مو جود آهي. هت سندس هڪ غزل تبرڪ طور ڏيان ٿو:

تف غم آنچنان بگداخت چشم ناتوانم را،

که نتوان فرق کردن از رگ و پي استخوانم را،

برنگ شمع سر تا پا نهاني شعلة دارم،

نپرسد جز دل بيدار هرکس داستانم را،

چنان برهم زن عالم شده هر مد آه من،

که طومار پريشاني توان گفتن پيانم را،

عزيز مصر معني شد دليل راه من ’قانع‘

زليخامي کشد در جشم گرد کار وانم را.

(لطف الله بدوي ”تذڪره لطفي“ (1936ع)، جلد پهريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس شاهي بازار حيدرآباد، 1963ع، ڇاپو ٽيون)

 

(1)  علي شير: تاريخ تحفة الڪرام: مطبع فيض عام ۽ مطبع ناصري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org