سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چانڊوڪي چمپا جي مالها

 

صفحو:1

چانڊوڪي چمپا جي مالها

مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

ڇپائيندڙ پاران

سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جي ادبي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، اُتي باڪردار مردن سان گڏ باڪردار عورتن جو به سنڌي علم ۽ ادب ۾ نمائنده ڪردار رهيو آهي. اهڙين باڪردار عورتن مان روشن آرا مغل پڻ پنهنجي همعصرن ۾ پاڻ ملهايو ۽ هُن پنهنجي ننڍي وهيءَ ۾ ئي علم و ادب ۾ وڏو مقام حاصل ڪري ورتو هو؛ پر ساڻس عمر وفا ڪانه ڪئي ۽ هوءَ ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪري وئي!

روشن آرا مغل جون تحريرون ۽ سندس شخصيت تي ناميارن اديبن جا مضمون مختلف رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا، جن کي سنڌي ادب جي نامياري اسڪالر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي صاحب وڏي محنت سان سهيڙيو ۽ معروف ڪهاڻيڪار جناب مدد علي سنڌي اُن تي معلوماتي مقدمو لکيو. اهو ڪتاب ”چانڊوڪي چمپا جي مالها“ جي نالي سان ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي صاحب مرتب ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو ۽ روشن آرا مغل جي شخصيت تي هيءَ اينٿالاجي پهريون ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتي آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، سنڌ جي غيرمعمولي شخصيتن تي اينٿالاجيز جوڙائي منظرعام تي آڻجن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.

هن ڪتاب ”چانڊوڪي چمپا جي مالها“ جو بورڊ طرفان پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرپرستيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي عالمن ۽ اسڪالرن وٽ مڃتا ماڻيندي.

 

27- ذوالقعد 1443هه          سيد سڪندر علي شاهه

27- جون 2022ع                                  سيڪريٽري

 

ارپنا

 

شڪارپور

جي انهن استادن

۽ تعليمي ادارن

جي نالي

جن کان انسانن جي

تراش خراش ٿي

ته شڪارپوري ٿي پيا.

انور فگار هَڪڙو

 

پيش لفظ

ڪجهه ڪتاب بابت

 

”چانڊوڪي چمپا جي مالها“ روشن آرا مغل جي شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتن جي اعتراف طور تيار ڪيل هن ڪتاب ۾ هن جي تحريرن کانسواءِ فقط اهي ئي مضمون ۽ شعر شامل ڪيا ويا آهن، جي سندس ياد ۾ ’شاگرد‘ رسالي کانسواءِ ٻين رسالن ۾ به ڇپبا رهيا. تاريخ، روشن آرا کي نه اڳ فراموش ڪري سگهي آهي نه آئنده ڪري سگهندي. وقت گذرڻ سان سندس شخصيت ۽ ڪردار جي مطالعي جي وڌيڪ کوٽ پئي محسوس ٿيندي. ان کوٽ جي ٽوٽ مان نڪرڻ لاءِ ترت ئي هي عمل اختيار ڪرڻ لازم ٿيو. ڇاڪاڻ جو اڄ جي تحقيق جي دور ۾ هر قسم جي مواد جي اسڪالر کي ضرورت محسوس پئي ٿئي. عورتاڻي ادب ۾ روشن آرا جي پنهنجي حيثيت آهي جيترو سندس مطالعو هو يا جيتري تعليم هئس اوتري ئي زندگي مصروف رهيس. پڙهڻ سان ته عشق هئس ۽ لکڻ سان به چاهُه. شايد کانئس تخليقي عمل يا ٻي ڪا تحرير جيڪا لکڻ چاهيندي هوندي سا به رقم نه ٿي سگهي هوندي، ان جي باوجود به هُن کان جيڪي ڪجهه ٿي سگهيو سو ڪري ويئي. ان ايام ۾ ساڻس ٻي ڪابه عورت همسري ڪري نه سگهي. بيگم بادام ناتوان وڏي ڀيڻ هئڻ جي ناتي کانئس گهڻو ڪجهه سکي ورتو ۽ ان جي قلم ۾ جا تازگي ۽ سونهن محسوس ٿيندي آهي سا جوتين واري جُوءِ ۾ منفرد پئي محسوس ٿئي ٿي. اسان کي کپي ته ان جي مضمونن جا مجموعا ”شڪسته زندگي“ ٻه حصا، ”خوش خصلت خاتون“ ۽ ”قلبي اُڃ“ پڙهي ته ڏسون. ڪنهن به عورت جو قلم شايد ايئن ڪُڏيو هجي جيئن هن جو. اهڙو اسلوب ۽ ڍنگ تڏهن ئي نروار ٿي سگهي ٿو جڏهن مطالعي جي وسعت، تصور جي طاقت، ٻوليءَ تي  گرفت ۽ سموري فن تي وس هلي. شال ڪو اهڙو موقعو ملي ته سندس تحريرن جي هڪ ئي لڙهي ڇپائي ان مان اسان ۽ ايندڙ نسل فائدا وٺي سگهون.

شڪارپور جي شخصيتن جي تاريخ جا سڀئي گوشه حاصل ٿيڻ ته ممڪن نه آهن ۽ نه وري حاصل به ٿي سگهندا. اسين رڳو ايترو ڪريون جو پاڻ کي ڄاڻ سان آراسته ڪرڻ لاءِ جاکوڙي اُها ڄاڻ نسل درنسل رسائيندا رهون ته کٽيوسين. جڏهن اسين ڪنهن جا وارث ٿيڻ جا اهل ٿينداسين تڏهن ڪو اسان جو به وارث ٿي سگهندو. هن لاوارثي جي دور ۾ اچو ته ڪي سوچي سمجهي اهڙا اپاءُ وٺون جو هر زوال کي زوال تي رسائي ڪمال جي ڪِلن سان اهڙا پڪا قلعا اڏيون جو انهن سان نه محل پڄن نه ماڙيون.

شڪارپور هڪ نه پر هزارين انسان اهڙا پيدا ڪيا آهن جن کي وسارڻ شڪارپورين جو وڙ ته نه آهي پر جي حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو ڪي لڪ آڏو اچي ويا آهن ته انهن کي پنهنجي ٻل سان ٽارڻو ئي پوندو. شاهه لطيف جو سبق ياد ڪري: آڏو ٽڪر ٽر متان روهه رتيون ٿئين، تي جڏهن عمل ڪنداسين ۽ نتيجا ڏسنداسين تڏهن ئي ته لطيف جو لُطف پسي سگهبو. شال شڪارپورين جا ويڙها وسن ۽ ساڃاهه وند پيا ڄمن ۽ پنهنجن لاءِ ڇپر ڇانوَ ٿين.

جن لائي توڙ نڀائي، آءٌ صدقي وڃان تن تان.

سنڌ جو نامور عالم، اديب، محقق ۽ صحافي جناب مدد علي سنڌي صاحب پنهنجي محبت ڀرين محنتن سبب موجوده دؤر جي ذميوارين کي جنهن عملي جدوجهد سان نڀائي رهيو آهي تنهن جو قدردان ته وقت ئي آهي جو حال ۽ مستقبل جي ڳراٽڙيءَ ۾  هانوَ جي حب پيو محسوس ڪرائي. محترم مدد علي سنڌي جي زندگي ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته هن ڪوبه پل پالهو ڪونه گذاريو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جو هر باشعور فرد سندس محبتن ۽ محنتن جو اعتراف ڪري کيس عزت پيو ڏي.

هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ پاڻ جا محنت ۽ جفاڪشي پئي ڪيائين تنهن جو نه فقط آءٌ شاهد آهيان پر پيارو گل ۽ سندس دوست به ساکي رهندا. منهنجي هن تِڇ محنت کي جنهن قدر جي نگاهه سان ڏٺو تنهن لاءِ مونکي اياز جون هي سٽون دل تي تَرِي آيون.

ڦورو ڦول ته مان وڃان، مونکان وٺ اُٽل،

مان ڄاڻان جي مون ڏنا، پوڻيءَ پوڻيءَ پل،
توکي ڪهڙي ڪل، مون ڇا اوريو ارٽ سان.

محترم مدد علي سنڌي ۽ مان ٻئي شيخ اياز جي اسڪول جا شاگرد آهيون، جنهن جي تعليمات جي سونهن ۽ ساڀيا اسان جا چوڏنهن ئي طبق روشن ڪري ڇڏيا آهن. ان جي سوجهري ۾ اسان جي سوچ ۽ لوچ ۾ جا تازگي پيدا ٿي آهي سا ڪڏهن به جهڪي ٿي نه سگهندي. هي سڀئي سلسلا شيخ اياز شناسي جا پهلوءَ ۽ گوشا چئي سگهجن ٿا. هي هڪ اهڙو گوشو آهي، جنهن جو ڪمال ۽ جمال بلند ڪرڻ لاءِ محترم مدد علي سنڌي صاحب وسان ڪونه گهٽايو آهي، جنهن لاءِ مان ڪڏهن به سندس ٿورا لاهي نه سگهندس. البت پيو ڳائيندو رهندس. هي ڪتاب سندس لکيل مهاڳ سان ئي جيئرو رهي سگهندو.

پياري دبير حسين ميرزا جو توجهه سان ڪتاب جي گهربل مواد هٿ ڪري ڏيڻ ۽ ڇپائڻ تائين محبت ڀريون محنتون، محترم ڊاڪٽر عامر عباس سومري صاحب ۽ حافظ احمدالدين انڍڙ جو خلوص ڀريو تعاون وساريان ته گهنگار ٿيان، ٿورا ته ٿورائي ناهن احسان هزارين هڪ نه رڳو.

04      مئي 2018ع

ڊاڪٽر محمد انور فگار هَڪڙو

او  ساز زندگيءَ جا

نالو: روشن آرا (ريشم)

والده جو نالو: ساران

والد جو نالو: الهورايو مغل هو. (محترمه نسيم ٿيٻو صاحبه مون کي 17 جنوري 2000ع جي هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو هو. محترم مدد علي سنڌي، محمد حسين ٻڌايو آهي.)

ڄم: 27 جون 1924ع مطابق 23 ذوالقعد 1342هه جمعي ڏينهن شڪارپور ۾.

برج: سلطان

ستارو: قمر

ابتدائي تعليم: گرلس ورنيڪيولراسڪول شڪاپور

مئٽرڪ: 1941ع حيدرآباد

فرسٽ ايئر ۽ انٽر: سي.اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور 44-1943ع

بي.ايس.سي 47-1946ع ڊي.جي سنڌ ڪاليج ڪراچي/ڪيمسٽريءَ ۾

ميمبر: ميونسپل اسڪول بورڊ شڪارپور 1944ع کان 1947ع، سنڌ پرائمري اسڪولس بورڊ صوبو سنڌ 1947

عهدو: اسسٽنٽ انسپيڪٽرس گرلس اسڪولس ڪراچي

شادي: اسحاق ولد محمد يعقوب خواجه سان 1948ع

بي.ٽي: 1950ع

ايم.اي (سنڌي) 1952ع

ڊپلوما چائيلڊ سائڪلوجي 53-1952ع

آمريڪا ۽ جاپان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، آڪٽوبر1952ع کان اپريل 1953ع

رانديگرن جي وفد سان ڪولمبووڃڻ: مارچ 1955ع

ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ: ماهوار رسالو ’ساٿي‘ ڪراچي (عورتن لاءِ شايع ٿيندڙ)

پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪراچي ۾ پهرين نيوز ڪاسٽر

پي.ايڇ.ڊي: مولانا محمد هاشم ٺٽوي جي تصنيف ”قوت العاشقين جي حتمي متن تي رٿابندي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي رهنمائي ۾. (موت وگهي ممڪن ڪونه ٿي).

ايل.ايل.بي: 1954ع ۾ پهريون سال پاس

ڪراچي جي سول اسپتال ۾: 21 مئي 1955ع تي بيماريءَ وگهي داخل ٿي.

وفات: 25 مئي 1955ع مطابق 2 شوال 1374هه اربع رات جو 11 وڳي سول اسپتال ڪراچي.

قطعه تاريخ: سمر جنين نه ساڻ (ڀلي)- سنڌ جو روشن ستارو ٿيو غروب 1374هه، هوت حمايتي تن جو 1955ع (عبدالعلي قلباڻي)

 

اَچ ته ماضيءَ ۾ ٽُٻي هڻون

 

شڪارپور جي شخصي تاريخ جي مطالعي دوران باڪردار مردن سان گڏ باڪردار عورتن جو مطالعو به اهميت جوڳو آهي. هرهڪ شخصيت جي شعور، عمل ۽ ڪردار سارو مٿس قلم کڻڻ مھل معلومات ۽ تحرير جي وسعت جو سمورو مدار ان جي ڪردار جي نتيجن تي ٿئي ٿو. ماحول جو سڌو سنئون سفر تڏهن ئي سجايو ۽ سڦلو ٿئي ٿو جڏهن مرد سان گڏ عورت به باشعور هجي. شڪارپور جي ماحول جي انفراديت جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته مردن سان گڏ عورتون به باشعور رهنديون آيون آهن. توڙي جو ڪي تعليمي لحاظ کان مردن سان هم قدم نه به ٿي سگهيون ته پوءِ به پير پوئتي نه رهڻ جا جتن ڪنديون رهيون. منجهن وڏي خصلت اها هوندي هئي ته اهي زندگي جي خودانتظامي ۽ گهرو انتظام ۾ پنهنجا مثال قائم ڪنديون هيون. جنهن جا نه فقط سندن اولاد تي اثرات مرتب ٿيندا هئا پر پاڙي جي ٻارن تي به محسوس ڪري سگهبا هئا. انڪري مجموعي ماحول ائين محسوس ٿيندو هو جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

گهر گهر گهُلي ٿي واءُ فضيلت ۽ پيار جي،
تنهنجي شهر جي آهي فضا هينئڙي جي ٺار جي،
پرگهور عورتن لڌي سڀني جي مهل تي،
هردم نظر رکي پئي ٻڍڙي ۽ ٻار جي.
                                                    (ف)

اهڙي ماحول ۾ محمد حسين مغل جي زال، سگهڙ عورت ساران جي گهر ٻه نياڻيون اول بادام ناتوان ۽ پوءِ روشن آرا تولد ٿيون جن جي ٻالڪپڻي کان تربيت ۽ تعليم سندن ماءُ اهڙي ته محبت ڀري ڪئي جو ٻئي ڇوڪريون شڪارپور ته ڇا پر پوري سنڌ ۾ پنهنجو پنهنجو مقام حاصل ڪري بيٺيون. روشن آرا جنهن کي ماءُ ۽ سهيليون روشني ۽ ريشم ڪري سڏينديون هيون سا سچ پچ ته علم ۽ تعليم جي ان علامت جو اهڙو زنده مثال قائم ٿي جومهد کان لحد تائين پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ کان پل به پري نه ٿي. صنف نازڪ هئڻ جي ناتي نفيس طبيعت جي هيءَ نينگري جيتري حساس هئي اوتري اڏول. حساسيت منجهس تخليقيت جو گُڻ پيدا ڪيو ته اڏولتا وري سوچ ۽ لوچ جي عمل جون راهون هموار ڪيون. سنڌ ۾ سنڌي، انگريزي، فارسي ۽ بي.اي، ايم.اي جون ڊگريون وٺي ولايت وڃي پڙهڻ لڳي، موٽي ته وري سنڌ مسلم لاڪاليج ڪراچي ۾ ايل ايل بي ۾ داخلا ورتائين. پهريون سال پاس ڪيائين ته ٻئي سال جي هُرکُر سان گڏ پي ايڇ ڊي جي لاءِ اڳواٽ تياريون ڪندي رهي ۽ شمس العلماءَ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي وٽ رهنمائي جي لاءِ ويندي رهي. ڊاڪٽر صاحب جي مرضي هئي ته سنڌ جي يگاني عالم مولانا محمد هاشم ٺٽوي جي ڪتاب ”قوت العاشقين“ جو مستند متن تيار ڪرڻ جون ڪوششون ڪري.

انسان سڀني مخلوقات ۾ اُتم به تڏهن پيو محسوس ٿيندو جڏهن سندس ظاهر واري انسان کان باطن وارو انسان ٻين انسانن کي مڪمل محسوس ٿئي. باطن واري انسان جي سجاڳي ظاهري انسان کي ايترو ته تابع ڪري ٿي جو هر رِٿ ۽ عمل لاءِ ننڊ حرام ٿيو پوي. ڏينهن ته ڏينهن پڄاڻان پر راتيون به تاتيون ٿي پون. ڀٽائي شايد اهو محسوس ڪري چيو ته:

ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مانُ،
ڪوڙين ڪن سلام اچيو آسڻ اُن جي.

مقصد ۽ حاصلات انسان جي ذات ۽ صفات کي دواميت بخشين ٿا. مقصد ۽ حاصلات جي ووڙ ووڙان کي لطيف ‘عشق’ چيو ته قادن ‘جوڳي’ جو استعارو قائم ڪيو. روشن آرا جي ذات ۽ صفات ۾ به مونکي اهي اوصاف چيٽ جي چانڊوڪي وانگر پئي محسوس ٿيا آهن ۽ سندس ووڙ ووڙان ڪندي ۽ چڪور وانگر چنڊ ڏانهن اڏار ڪندي ڪائنات جي وسعتن مان الائي ڪيئن اڏري هلي ويئي. عام ماڻهو ته ڇا پر عالم به سندس اڏار ڏي ڏسندا رهجي ويا.

روشن آرا جيئن پاڻ موضوع تي موضوع کڻي پڙهندي ۽ لکندي رهي تيئن مٿس شاعر به شعرن مٿان شعر چوندا رهيا.

تون چانڊوڪي چيٽ جي، نُور ڀري نيراڻ،
آيو پرينءَ پاڻ، چمڪيا چنڊ زمين تي.
 

تون چانڊوڪي چيٽ جي، منهنجو من چڪور،
اچي ڪڏهن اور مونسان ڳالهيون ڳجهه جون.
 

آئي ننڊ نيڻن کي اڏاڻا ارواح،
سڄڻ منهنجو ساهه، پھتو تو وٽ پل ۾.
 

ويندوسانءِ مري ڳائي تنهنجون ڳالهڙيون،
چوندين هاءِ چري سچي هئي سِڪ جي.                                                                                      
 

(اياز)

روشن آرا ٽيهن سالن، ڏهن مهينن ۽ اٺاويهن ڏينهن جي ننڍي عمر ۾ سوچ ۽ لوچ کان شعوري عمر ۾ ايڏي ته وڏي ٿي وئي جو اُڏري وڃڻ کان پوءِ اديبن لاءِ موضوع مٿان موضوع ٿي وئي. پنهنجي حياتيءَ جو هرهڪ پهلو پنهنجي نالي وانگر روشن ڪرڻ جا جتن ڪندي رهي.

پرائمري ۾ پڙهندي هئي ته پنهنجي پيءُ محمد حسن ٿهيم ۽ ماءُ ساران جي سدوري ڌيءَ سڏبي هئي، انگريزي ۾ ويئي ته هوشيار شاگرد به هن سان بَرُميچي نه سگهندا هئا. ڪاليج ۾ آئي ته ڇا ڄڻ سڀني هندو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين، مسلمان شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ نمايان ٿي بيٺي. نصابي ڪتاب ته آگهارڻ ۾ دير ئي نه ڪندي هئي، پر ادب، تاريخ، نفسيات ۽ سائنس توڙي انسائيڪلوپيڊيائون به پڙهي ڪاليج جي لئبرري جي بجيٽ سجائي ڪيائين. ڪاڪو (اڳوڻو پٽيوالو) ٻڌائيندو هو ته ”ابا! روشن جهڙي ڌيءَ وري ورلي ڪا ماءُ ڄڻي. ڇا ته پڙهيل هئي ۽ ڪيڏي نه هوشيار ۽ قابل. تقريرون به اهڙيون ڪندي هئي جو ڇوڪرن جي ته ڳالهه ئي نه ڪر پروفيسرن جي ڪنن مان به دونهان نڪري ويندا هئا. انگريزي به اهڙي ڳالهائيندي هئي جهڙو چئو ته پاڻي پئي پيئي“.

اها ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي ته اڄ تائين گهرن جي ٻاهران مردن جي نالن جا بورڊ لڳا پيا هوندا آهن پر هن جي جاءِ ”روشن ريزيڊنس“ جي نالي سان سڏبي هئي ۽ سنگ مرمر جي پٿر تي لکيل اهي لفظ مون پنهنجي اکين سان ڏٺا ۽ جيسين بادام ناتوان حيات هئي تيسين اهو پٿر ڀِت ۾ کُتل رهيو. جڏهن ان جهان ڇڏيو تڏهن واهيرو به ويران ٿي ويو.

مڪان ڪو مڪين سي هي شرف اسد،
مجنون جو مرگيا تو جنگل اداس هي.

وري جنهن پکو اڏيو تنهن ان پٿر کي الائي پٿر ڄاتو الائي هيرو. اڄ اهو پٿر ڪٿي آهي؟ ڪهڙي پٿر کان پڇون.

روشن آرا جو والد محمد حسن ٿهيم ته ماءُ ساران معنيٰ هن جي ماءُ کي اسڪول ۾ ماسترياڻيون ساران مغل سڏڻ ڪري روشن آرا به مغل مشعور ٿي. باقي بادام ناتوان پنهنجي نالي سان ئي ناموري پاتي.

ان دور ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج جو سنڌ ۾ وڏو عروج هو. شڪارپور جي هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل ڪوششن سان 1933ع ۾ ان جو بنياد پهريائين الف شاهه شهيد جي ڀرسان پراڻي ميونسپالٽي جي عمارت ۾ رکيو ويو هو ۽ سال جي اندر نئين بلڊنگ تيار ٿي وئي، جنهن ۾ باقاعده ڪاليج هلڻ لڳو. نئين بلڊنگ ڇا تيار ٿي نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ شڪارپور جي ڌرتيءَ ٽُڪر تي جنت الفردوس جو حصو قائم ٿيو. ڇا ته ڪلاس ڪشادا ۽ شاندار جڙيا، سائنس هال به ڏس ته اکيون کُپي وڃن. فزڪس جي تجربيگاهه ۾ گهِڙبو ته دل ئي نه چوندي ته اتان نڪرجي. ڪئمسٽري جي ليبارٽري ۾ هلو ته خبر ئي نه پوندي ته پلڪ ۾ پَهَرَ ڪيئن گذري ويا. اهڙي طرح جي پروفيسرن جي ليڪچر ۾ ويهبو ته شاگردن کان وجود ئي وسري ويندا. سندن هر نقطو ائين نروار ٿيندو جيئن سج جو ڪرڻو، جو چِت تي پوي ته روح ئي روشن! وري جي فانيءَ ۽ ناگراڻيءَ جي ڪلاس ۾ اَچو ته سنڌي شاعري جو تاتپرج ٻُڌي، مفهوم پرجهي ۽ مقصد حاصل ڪري نڪرندا ته ڪو وقت ته مٿن ڪيف طاري هوندو. جڏهن سندن لب ڪشائي ٿيندي ته ڪنهن جي مُک مان مکڙي وانگر کُلندو: ”جي پپر ۾ پرميشور ته ٻٻر ۾ ڪو ٻيو!“ ته ٻئي جي هينئڙي مان هُٻڪار ٿي ايندو. ”ايڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪُڻس ڳڙکيو، جيڏانهن ڪر نگاهه تيڏانهن سڄڻ سامهون.“ ڪو وري نازڪ اندام ڏي نهاري ته:

”معشوق چو، آفتاب تابان گردد“ ڪو پاڻ شاعر موقعي جو فائدو وٺي پنهنجو شعر چوندو:

ترس اي حسن ازل...

اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نٿو!

ترس اي پرده نشين، پردو هٽائي چار پل-

ترس اي حسن ازل-

اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نٿو!

ترس، تومان ڪجهه ته ڍاپن هاءِ هي اکڙيون ڀِنل-

ترس اي حسن ازل-

اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نٿو!

(اياز)

اهوئي وقت هو جو ڪاليج ۾  فلسفي جي مضمونن ۾ لاجڪ به ضرور پڙهايو ويندو هو.

پروفيسر هاسانند پرسواڻي انگريزي جو ايڏو ماهر هو جو پنهنجو مَٽ رکندو ئي نه هو. هيرالڊ، ٽائيم، ٽوڊي، ماءِ مئگزين، ٽائمس آف انڊيا ۽ ٻيا ڪيترائي رسالا پاڻ ته پابندي سان پڙهندو هو پر شاگردن کي به پڙهائيندو هو. ايئن وري کيئلداس فاني جڏهن ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو تڏهن جديد ادب جو دؤر شروع ٿيو. مشاعرا ٿيڻ لڳا ۽ موسيقي جون محلفون به آراسته ٿينديون رهيون. استاد ۽ شاگرد ڪي بگين ۾ اچن ته ڪي سائيڪلين تي. روشن آرا واحد شاگردياڻي هئي جا سائيڪل تي ايندي هئي. سندس شخصيت ۽ ڪردار ڪري جيڏي عزت حاصل هئس تيڏي شاگردن سان گڏ هر ايڪٽوٽيءَ ۾  حاضر. شاگرد پاڻ ۾  چرچا ڪن ته اهڙا جو چئي کڻي بس ڪر!

ڇوڪريون ڇوڪرن سان چرچا ڪن ته ڇوڪرا ڇوڪرين سان، پر مجال آهي جو اخلاق جو يا احترام جو ليڪو لتاڙن. ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪريون ڇوڪرن جي سائيڪلين جون هوائون ڪڍرائي ڇڏين ته ڪڏهن ڇوڪرا وري روشن جي سائيڪل جي هوا ڪڍي ڇڏين. اهڙن عملن تي ڪڏهن به پاڻ ۾ اَرها نه ٿين سدائين سرها سِڪ سرس پئي ٿئي. شاگردن جو اهم ٺڪاڻو لئبرريءَ ۾ هوندو هو. پڙهندا به ته اکين سان هڪٻئي سان ڳالهائيندا به. لئبرريءَ ۾ ان جي باوجود به ايڏي خاموشي ۽ اهڙو انتظام هوندو هو، جو مجال آهي ته ڪو پڙهائي ۾ رخنو پوي. پيڪاڪ اسٽيج تي ڊرامو ٿيندو ته شاگرد ۽ استاد، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون توڙي ٻين تعليمي ادارن جا استاد گڏجي هر ڪم ۾ حصيداري ڪري اهڙا ته ڪامياب ڪردار ڪندا جو ناٽڪ منڊلين جا مالڪ به ماٺ ٿي ويندا. ڊرامي دوران هر پردي ۽ ڏيک وقت شاگردن جي امتحاني ڪاميابين جي خوشين ۽ گڏ ٿيڻ جي سرهاين سبب تاڙين، سيٽين ۽ هوڪرن سبب اهڙو ماحول پيدا ٿيندو جو وقت گذرڻ کان پوءِ اهو ماحول پيو ياد ايندو ته ٿڌا ساهه پيا ڀريندا. رات جو دير سان جڏهن ڊرامو ختم ٿيندو تڏهن شاگرد ۽ شاگردياڻيون سائيڪلين تي ۽ ٽولن جا ٽولا ٿي هلن ۽ پنڌ گهرن ڏي موٽن. ڇوڪرا جيستائين ڇوڪرين کي پنهنجي گهرن تائين نه پڄائيندا تيستائين پنهنجي گهر مُهڙ ئي نه ڪندا.

شڪارپور ۾ ڪاليج ڇا برپا ٿيو نئين سماج اڏڻ لاءِ نئون دور شروع ٿيو پر افسوس جو ڪاليج جي چوڏهن سالن جي عمر ۾ گهڻو وقت سياسي ۽ سماجي حالتن جي بگاڙ ۽ حراس سبب شڪارپور کان ٻاهران اچي هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن جي مسئلن ڪري گهربل مقصد ته حاصل پيا ٿيندا، پر جيڪو به علم ۽ آگهي جو سورج اڀريو، تنهن سوراج ته برپا نه ڪيو پر امن ۽ ايڪتا سبب سِڪ ۽ محبت جو اهڙو ماحول پيدا ٿيو جو مختلف سياسي تحريڪن سبب ڪا اُگري گهڙي نه آئي. شڪارپور جو شعور، ماحول، سماجي برابري ۽ هر وقت هٿ هٿ ۾ ڏيڻ جون روايتون سدا قائم رهيون. شال اسان تاريخ کي پڙهون ۽ پروڙيون ته جيئن صحيح نتيجن تائين پهچي سگهون.

روشن آرا شڪارپور ميونسپل اسڪول بورڊ جي ميمبر هئي، جنهن جو چيئرمين ان زماني جو واحد سنڌي سوشيالاجسٽ پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي هو ۽ وائيس چيئرمين سيد حيدر علي شاهه صاحب هو. اسڪول بورڊ جو ايڊمنسٽريٽر گوبندرام نٿاڻي هو جو اصل ته دادو جو هو پوءِ اچي شڪارپور رهيو. ان زماني ۾ پروفيسر ڦيرواڻي شڪارپور جي جهلڻن جي پاڙي ۾ گرلس مڊل اسڪول برپا ڪيو هو، جنهن جو مئنيجر پاڻ هوندو هو، پنهنجي محنت سان عورتاڻي تعليم جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ اهڙي جاکوڙ ڪيائين جو ٿوري وقت ۾ اسڪول لاءِ وڏي ۽ ڪشادي عمارت جي گهرج ٿي. پروفيسر ڦيرواڻي جي جاکوڙ ۽ ڪاميابين کي ڏسي سيتلداس تيرٿداس پنجابي، جنهن سي اينڊ ايس ڪاليج اڏڻ ۾ دُهرا دانَ ڏنا هئا، تنهن گرلس اسڪول لاءِ موجوده بلڊنگ جوڙائي پنهنجي زال ايشوري ٻائي سيتلداس جي نالي ارپي، پروفيسر ڦيرواڻي ۽ اسڪول بورڊ جي حوالي ڪري، عورتاڻي تعليم جي تاريخ ۾ يادگار ڪارنامو سرانجام ڏنو. سيتلداس جي زال ايشوري ٻائي پهرين سنڌي عورت هئي، جنهن بمبئي يونيورسٽي مان بي ايس سي جو امتحان پاس ڪيو هو، سيتلداس شڪارپور جو وڏو شاهوڪار هو، شڪارپور کانسواءِ سندس شاندار بنگلو بمبئي جي چوپاٽيءَ تي جُڙيل هو، جو ”سيتل باغ“ جي نالي سان مشهور آهي، سيتل جهڙو پاڻ سندر ۽ سدا ملوڪ مرد هو تهڙي هئي سندس زال سندر، من موهڻي، ڪومل ۽ لاجواب! شڪارپور جو گرلس هاءِ اسڪول اڄ به گورنمينٽ ايشوري ٻائي گرلس هاءِ اسڪول شڪارپور سندس نالي سان قائم آهي. شڪارپور جون پڙهيل لکيل عورتون استاد جي حيثيت سان تعليم جا سلسلا ۽ سفر جاري رکنديون پيون اچن. اڳ ان هاءِ اسڪول جي استاد صاحبائن جي تعليمي قابليت ۽ سهڻي سگهڙائپ توڙي انتظامي صلاحيتن جو سنڌ ۾ مثال ئي ڪونه ملندو هو، جن به ان اسڪول جي لکپڙهه جا فائيل ڏٺا هوندا، تن کي خبر هوندي ته انهن جو هرهڪ جملو سوني قلم سان لکيل ملندو. سنڌي تحرير ته پئي سج وانگر اڀرندي پر انگريزي به اُهڙا ئي شعاع پَسائيندي! اسڪول ۾ ٿيندڙ ساليانن نمائشن، تقريري مقابلن، اسڪالر جي امتحانن ۽ راندين ۾ گرلس هاءِ اسڪول جي استادياڻين جون محنتون قابل تعريف رهنديون اينديون آهن. هر سال ان اسڪول ۾ عورتن لاءِ نمائشون لڳنديون هيون، جن ۾ مختلف اسٽالن ۾ برٿ ۽ هٿ جي هنرن جون شيون هرڪنهن عورت جو هانءُ هرکائي ڇڏينديون هيون. کاڌي پيتي جي اسٽالن تي طرحين طرحين طعام شڪارپور جي عورتن جي سکيا ۽ اعتماد توڙي سياڻپ ۽ سگهڙائپ جو دليل هوندا هئا. وڏا ماڻهو انهن تان غونچا ڀرائي گهر گهرائي مهمانن مڙهن سان کائي پنهنجي گهرن جو شان وڌائيندا هئا. اسٽالن تي کٽاڻ ۽ آچار جا سوين نمونا اهڙا جو ڇا ڳالهه ڪجي! انبن ۽ گوبين گجرن ۽ بصرن، ڪريلن ۽ ٿومن، ڀاڄين ۽ گوشتن جا آچار سُرڪي وارا الڳ ته تيلن وارا جدا. ڪُولي جو ڍڪ ڇا لهندو اوسي پاسي هُٻڪار ٿي ويندا. مايون ته پيون چپ چٽينديون، پر مردن جا به حوصلا خطا ٿي ويندا. پيا پڇندا ته اهو آچار ڪهڙيءَ سگهڙ جي صلاحيت جو ڪارنامو آهي؟

شڪارپور جي عورتن جا سبڻ پوئڻ ۽ برٿ ڀرڻ جا ڪم ۽ ڪارناما به شڪارپوري هئا. جهڙيون پاڻ نفيس ۽ نزاڪت واريون تهڙيون سندن سيون ۽ سڳا، سُئين جون سائزيون به سوين قسمن جون ته تَسَرِ ۽ پَٽَ جي ڌاڳن جا رنگ به ايڏا رنگ برنگي جو ڪير ويهي ڌار ڪري ۽ ميچ ڪري. سئي ۾ سڳو وجهي، فريم ۾ ڪپڙو جڪڙي  جو ٽانڪو ڪڍنديون ته سمجهي وڃبو ته برٿ جو نمونو ڪهڙو آهي، ريٽو، هُرمچو، ڪينويز ۽ موتي ٽانڪو ايڏو سهڻو ۽ نفيس نڪرندو جو چئي چُپ ڪر! آر هلائڻ سان به حد ڪر ي ڇڏين. روَن جا پلوَ ۽ ڪناريون، چولن جون ڳچيون، دسترخوان ۽ گرمين جون گنجيون جي سنهن چولن هيٺان مردن لاءِ جُڙنديون سي جڏهن تيار ٿينديون ۽ مونجهن ۾ پاسي جي ڳچي تي ٺهيل سنهن چولن هيٺان مرد پائيندا ته ڳاڙهي ڦندڻ، گول مُنڍن سان اهو چولو ڪوجهي کي به سهڻو بڻائي ڇڏيندو. هرڪا زال پنهنجي مڙس کي ٺاهيو پئي ٺاهيندي، سُٿڙن جي پاچن ۾ کيران ۽ پليتا ڀري، اڇي پَٽَ سان چولن جون ڳچيون ڀري جو پارائن ته نوجوان پيا هڪٻئي سان ريسان ڪن. مايون پوءِ ڳچين جا نمونا وٺي، ٿوري گهڻي ڦير گهير سان اهڙا نوان نمونا ڪڍي وٺن جو اڳلي جو چولو کڻي هُت رک. ٻارن جا لٽا ڪپڙا به اهڙا سهڻا سبن ۽ ڀَرن، جو ٻار ڄڻ شاهي باغ جا گل پيا لڳن.

شڪارپور جون عورتون هندو توڙي مسلمان پنهنجي صحت ۽ تندرستيءَ، ٻارن جي چڱڀلائي ۽ چاڪائيءَ لاءِ وڏڙين کان هلندڙ گهرو علاج به وڏي هوشياريءَ سان ڪنديون. ٻار ڄمندو ته ان جو هر طرح خيال رکنديون تَڙُ ڪرائي، صاف سٿرو ڪري، پيون ماڻَس کان پڇنديون ته اَئي امڙ! ٻار پيشاب ڪيو آهي؟ ڏاسو آيو اَٿس؟ روئي به اٿو يا نه؟ جيسين ٻار انهن مان آجو نه ٿيندو، تيسين وڏيون پيون هڪٻئي کي ٻڌائي سُتيون پيون پڇنديون. ساٺَ سُگن به ڪنديون ته دُڪو وجهي،  تيل سرمو ڪري، ٻنڌڻ ٻڌي جو ڍُڪ ڏئي ٻار کي سمهاري ڇڏينديون ته ٽيپهريءَ جو وڃي جاڳندو. جي ٻار جي پيٽ ۾ ٿورو به ڪجهه ٿيو ته ڇمڪڻي وجهندس، جي کنگهه يا زڪام ٿيس ته ڦوڪ ڏيندس ۽ ڪاڪڙو کڻندس، ٽي ٽائيم صبح شام اهو سنوڻ ڪبو ته ٻار نوبنو. مايون پنهنجي به مَهٽ چَهٽ ۽ هار سينگار کي نه وسارينديون وهنجي سهنجي تيل چڪو وارن ۾ وجهي ڇڪي جو چوٽي ڪنديون ته مجال آهي جو ان مان ڪو هڪ به وار ٻاهر نڪري! مُسي ۽ مساڳ جو رواج عام هوندو هو. اکين ۾ سرمو يا ڪجل پائي، ڌوتل پوتل لٽا پائينديون ته سندن سونهن سوائي ٿي پوندي. نڪ ۾ بولي يا ڪوڪو، ڪنن ۾ پنڙا يا والا ۽ ڳچيءَ ۾ سونو سڳو پائينديون جي ڪا گهڙي به نڪ مان ڪوڪو لٿو ته سس راڙ ڪري چوندس: اَئي ڪنوار اما سدا سهاڳڻ هجين ڪوڪو ڇو لاٿو ٿي، جود ڪر پاءِ ني!

هندو مايون سينڌ ۾ سندور وجهي، پڙو ۽ چولي پائينديون يا ساڙهي ٻڌنديون. انهي ماين جي جوڙ ۽ جمال جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن. حُسن ۽ سونهن جو تصور ڪيئن ڏيارجي. بلي!

شڪارپور جي گهڻين روايتن مان هڪڙي اهم روايت اها به آهي ته شڪارپوري، شڪارپور کان ٻاهر ڪٿي به ۽ ڪهڙي به منصب تي فائز هوندو ته پنهنجي حيثيت سارو شڪارپوريءَ سان بنا ڪنهن فرق جي ڀرجهلو ٿي بيهندو. خاص طور ڪم ڌنڌي، روزگار ۽ نوڪري وٺي ڏيڻ ۾ اڳڀرو رهندو. اهڙن انسانن ۾ دائم الدين صديقي ۽ قائم الدين صديقي ٻئي ڀائر جيئن پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا تيئن هر شڪارپوري جا به ڀائرن کان وڌيڪ ٿي رهيا ۽ جيڪو به وٽن نوڪري لاءِ ويو، خالي نه موٽيو. هزارين شڪارپورين کي پنهنجي ايام ڪاري ۾ نوڪرين سان نوازي سندن خاندانَ پيرن تي بيهاري ايندڙ نسلن جي پرواز ۾ قوت پيدا ڪئي. اسين شڪارپوري کين جيترا به سلام پيش ڪريون ٿورا آهن. شال تاريخ کين پنهنجي پيار ڀرئي ڀاڪر مان جدا نه ڪري. سندن خاندان جو اهڙو ئي روشن چراغ بشير احمد صديقي به هو جنهن کي اسين ڪڏهن به فراموش ڪري نٿا سگهون. جهڙي سندس شخصيت هئي تهڙي منجهس هستي  به قائم هئي. جيڪو ساڻس هڪ دفعو مليو هوندو سو ته کائنس نه وسريو هوندو پر ان کان پوءِ پوئين کي به رُخ ۽ اوصاف تي سڃاڻي وٺندو، ان جو خاص خيال رکندو پوءِ ڀلي اهو کيس نه به چوي پر ان جي پرپُٺ به پڇا ڳاڇا ڪندو رهندو. اهڙو هڪ مثال منهنجي وڏي ڀاءُ محمد اڪبر هَڪڙي به ٻڌايو ته کيس بابا جي رُخ تي سڃاڻي ورتو ۽ سندس آفيس فون ڪري خبرچار وٺندو رهندو هو، ان وقت صديقي صاحب ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ هو.

شڪارپوري خمير ڪڏهن به خراب نه ٿيندو، جهڙي ان جي خوشبودار چيڪي مٽي آهي اهڙي هُٻڪار هر شخصيت مان پئي ايندي. نه ڪڏهن ڏاڍيان ڳالهائيندو ۽ نه گٿو گفتگو ڪندو. جيڪڏهن ڪو ٿورڙو به غير شعوري طور تِکو ٿيو ته اڳلو چوندس ته: ”مٺڙا اهڙو اوپرو ڇو ٿو ڳالهائين؟ ڪا ڪوتاهي ٿي هجي ته بخش بابا!“ ان ڳالهه تي ڳالهائيندڙ يڪدم پاڻ سنڀالي وٺندو. مٺڙو ڳالهائيندو ۽ هٿ ٻڌي شرمائي ڪنڌ هيٺ ڪندو. مونسان به هڪ ٻه دفعو ايئن ٿيو جو فون تي
آغا سليم سان ڳالهائيندي ٿورڙو آواز وڌيڪ ٿيو ته جهٽ ۾ چيائين ”مٺا ايئن اوپرن وانگر ڇو ٿو ڳالهائين، جي ڪٿي رُڌل آهين ته پوءِ فون ڪيان“. اهو ٻڌي مان ته پنهنجي مرم ۾ ئي مري ويس، لفظ نڙي ۾ اٽڪي پيا هڪدم کائنس معافي وٺي ٿڌو ڳالهائڻ لڳس ۽ وري ڪن پڪڙيم جو ڏاڍيان ڳالهايان!

روشن آرا مغل تي لکندي، الائي ڪاڏي هليو ويس. روشن به ته شڪارپور هئي ۽ شڪارپور روشن. شڪارپور ۽ شڪارپوري پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن. شڪارپور روشن کي تاتي پيرين سيرين ڪيو ته روشن شڪارپور جو نالو روشن ڪيو. شڪارپور ۾ ته ان جو ڪهول به اچي ويو ته ٻيا رشتا ناتا ۽ تعلق به، جن سان گڏ روشن روشن ٿي ۽ سندس روشني ۾ پنهنجن رنگن کان سواءِ انهن جا رنگ به ضرور تجلا ڏيندا هوندا. اهي تجلا محسوس به انهن کي ٿيا هوندا جن انهن جا سرچشما اکئين ڏٺا هوندا. روشن جي شخصيت، علم، عقل ۽ احساس جو اعتراف همعصر دور جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ استادن جنهن کُلي دل سان ڪيو آهي تنهن جو ٻيو ڪوبه مثال ڪونه ٿو ملي. شيخ اياز سڄي زندگي سندس هستيءَ جا گيت ڳائيندو رهيو ۽ جڏهن به روشن جو ذڪر ڇِڙي پوندو هو يا کيس ماضي جو آئينو آڏو اچي ويندو هو ته روشن کي ڏسي روح رهڙجي پوندو هو ۽ چوندو هو: ”ڪٿي آهين اڙي او روشني، او روشني منهنجي“. کيس روشني جي تلاش هر وقت  هڪجهڙي هئي. اياز روشني جا ضرور ڪي نعمل البدل ڳولهيا هوندا پر ڪير ڪنهن جو مَٽُ نظر نه آيو. تڏهن ٿڌو ساهه ڀري اظهاريو هوندائين: ”الله هي انسان رتي تنهنجي روح جي“. روشن جي ننڍي عمر مان سماج کي وڏو فائدو پيو. جي عمر دراز هجي ها ته شايد شڪارپور سان گڏ سنڌ به روشن ئي روشن هجي ها.

پروفيسر انور فگار هَڪڙو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org