سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:گوتم ٻڌ

 باب--

صفحو :1

گوتم ٻڌ

نرملداس ڌرمداس گربخشاڻي،ايم – اي

 

مھاڳ

مون ڪي ورهيه اڳي ٻڌ ديو جو جيون چرتر، سکيا ۽ اُپديش سنڌي ڀاشا ۾ ٻن ڀاڱن  ۾ لکيا هئا. اهي ئي ڀاڱا اٽڪل پنج سئو صفحن جا ٿيندا. اهو ڪتاب جن صاحبن نظر مان ڪڍيو آهي تن کي ڏاڍو پسند پيو آهي. انهيءَ ڪري گهڻن سڄڻن مون تي ڪتاب ڇپائڻ جو زور پي رکيو آهي پر هيڏي وڏي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ گهڻو  پيسو گهرجي. انهيءَ ڪري مون هيُ ٻڌ ديوَ جو مختصر جيون چرتر خاص وديارٿين لاءِ ”وديا“ اخبار ۾ لکيو هو جو 1937 ۾ جدا ڇپائي ظاهر ڪيو ويو. اهو پستڪ ڪن سڪولن ۾ پاڙهيو ويو جنهنڪري پهرين ڇاپي جون سڀ ڪاپيون کپي ويئون.

هن سال برهمانند ڪيشب چندر سين جي شتابديءَ جي موقعي تي ڪتاب وري ڇپايو وڃي ٿو. اُميد ته هيُ ڪتاب سڪولن جي بانيڪارن کي پسند پوندو.

 

 

نرملداس ڌرمداس گربخشاڻي.

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org