سيڪشن؛ فلسفو

ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي

باب: --

صفحو :1

فلسفي جي ڪهاڻي

 

محمد اڪرم انصاري

ڇپائيندڙ پاران

فلسفي جي اثر انگيزيءَ ۽ اثرپذيري هڪ عالمگير حقيقت آهي، هن مضمون دنيا کي جيترو متاثر ڪيو آهي، شايد ئي ڪو ٻيو مضمون ايڏي گهرائيءَ سان هن جهان تي اثرانداز ٿيو هجي. فلسفي جو مضمون ۽ ان جا موضوع هن ڪائنات ۽ سڄي انساني زندگيءَ جي ڪُل پاسائن تي مختلف رُخن کان تفصيلي بحث ڪن ٿا.

فلسفي جو اهو سمورو فڪري اثر انسانذات جي موجوده ترقيءَ ۾ مُک ڀاڱو والاري ٿو. دنيا جي هر علم جي ترقيءَ ۾ فلسفي جو حصو تمام گهڻو ۽ اهم رهيو آهي. قديم فلسفي کان وٺي جديد فلسفي تائين انسانذات جو فڪري سفر هڪ اهڙي دنيا جوڙڻ وارو دڳ آهي، جنهن ۾ رنگ نسل ۽ متڀيد جي فرق کان سواءِ سمورا انسان گڏ رهي سگهن ٿا. قديم ۽ جديد فلسفي ۾ فرق دنيا ۾ عملي تبديليءَ (Practical changes) جو ممڪن هئڻ واري بحث جو آهي. قديم فلسفين، ڪائنات، مذهب، سياست، اخلاق، ادب ۽ آرٽ مطلب ته انساني زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي کليل نموني بحث ڪيو آهي، جڏهن ته جديد فلسفي جو مقصد دنيا کي بدلائڻ ۽ سموري انسانذات لاءِ امن ڀري ۽ رهڻ جوڳي جڳهه بڻائڻ رهيو آهي.

انسانذات لاءِ ترقيءَ جا اِهي خواب جاڳندڙ ضمير وارن فلسفين کُليل ذهن، ۽ شعور جي ڏور ڏسڻي اک سان ڏٺا ۽ پنهنجي ڏاهپ جي هن ڪُل دولت کي ايندڙ پيڙهين ۽ دنيا ڏانهن سموري سونهن ۽ سوڀيا ساڻ رسايو آهي.

فلسفي جو سفر جاري آهي، هن کي اڳتي هلي ڪري اڃا ڪي وڌيڪ مقصد ماڻڻا آهن ۽ هڪ اهڙي دنيا جوڙڻي آهي، جنهن ۾ سياست سان گڏ سهپ، مذهب سان گڏ محبت، مطلب ته فلسفي کي ’اتحاد انساني‘، ۽ ’عالمي امن‘ جهڙا عظيم مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو جاکوڙڻو آهي.

هيءُ ڪتاب ”فلسفي جي ڪهاڻي“ سوا ٻن هزارن سالن جي دنيا جي بهترين ۽ ڀلارن انسانن جي ذهني مهي ولوڙ جي آکاڻي آهي. هن قصي کي وِل ڊيورانٽ تمام دلچسپ ۽ مزيدار انداز ۾ جنهن سليقي ۽ طريقي سان پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو. تنهن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي. هن ڪتاب جو صحيح لطف ته پڙهندڙ پاڻ ئي محسوس ڪندا. هن ڪتاب ۾ سمورو مواد قديم ۽ جديد فلسفي وارو شامل آهي. جڏهن ته جديد مارڪسي فلسفي وارو حصو هن ڪتاب ۾ شامل ڪونهي. فلسفي جون قديم ۽ جديد ڪڙيون هن ڪتاب ۾ لطيف سائينءَ جي هن بيت وانگر آهن:

ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لُهار لپيٽيو،

منهنجو جيءُ جڙي، سپرين سوگهو ڪيو.

اهي ڪڙيون هڪ ٻئي سان مربوط، ڄڻ هڪ ٻئي جا مستقل ۽ اڻٽٽ ڀاڱا آهن. اهي ڪڙيون اصل ۾ موتين جون لڙيون آهن. جنهن ۾ هرهڪ موتي آبدار ۽ ڪنهن ”ڳُوڙهي“ جيان معنى دار به آهي.

هن ڪتاب جو ترجمو ٽي ڏهاڪا اڳ محترم اڪرم انصاريءَ ڪيو هو. جنهن جي سوڌ سنوار ۾ محترم راشد دائود پوٽي ۽ بورڊ جي مخلص ڪارڪن ۽ انچارج ايڊيٽنگ سيل عبدالحفيظ قريشيءَ جي محنت شامل آهي

اميد آهي ته منهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڇپيل هن ڪتاب کي فلسفي سان چاهه رکندڙ ساراهڻ سان گڏ هيئين سان هنڊائيندا.

 

ڄامشورو، سنڌ                                                 اعجاز منگي

اربع، 7- ربيع الثاني 1428هه                                 سيڪريٽري

بمطابق 24- اپريل 2007ع                                           سنڌي ادبي بورڊ

فهرست

ايڊيٽر طرفان......8

تمهيد.........13-20

باب پهريون....21-84

تاريخي ۽ سماجي پس منظر: ص 21، سقراط: ص26، افلاطون جي تربيت: ص37

اخلاقيات جو مسئلو: ص42، سياسي مسئلو: ص 45 نفسياتي مسئلو: ص 49.

نفسياتي حل: ص 51، سياسي حل: ص 62، اخلاقي حل: ص 71، تنقيد: ص 74

باب ٻيو: ارسطو ۽ يوناني سائنس...

تاريخي پس منظر: ص 85، ارسطوءَ جون لکتون: ص 90، منطق جو بنياد: ص 95، سائنس جي تنظيم: - (الف) يوناني سائنس: ارسطوءَ کان اڳ: ص 102، (ب) ارسطو بطور هڪ فطريت پسند: ص 106، (ت) علم حياتيات جو بنياد: ص 108، مابعدالطبعيات ۽ الهايات: ص 112، نفسيات ۽ فنون لطيفه: ص 114، اخلاقيات ۽ خوشي:  117، سياسيات: - (الف) اشتراڪيت ۽ قدامت پسندي: ص 123، (ب) شاد ۽ تعليم: ص 127، (ت) جمهوريت ۽ اشرافيا جي حڪومت: ص 131 تنقيد: ص 134، ارسطوءَ جا آخري ڏينهن ۽ سندس موت: ص 139.

باب ٽيون: فراسز بئڪن (ارسطوءَ کان جاڳرتا جي دور تائين) ... 142-197

فرانسز بئڪن جي سياسي زندگي: ص 151، بئڪن جا مضمون: ص 157، نئين سر عظيم تعمير: ص 166، (الف) علمي واڌارو: ص 168، (ب) هڪ نئون نظام: ص 177، (ت) سائنس جي بنياد تي تعمير ٿيل مثالي رياست: ص 185، آخري لفظ: ص 195.

باب چوٿو: اسپنوزا – تاريخ ۽ سوانح عمري.....198-254

(الف) يهودين جو ڊگهو سفر: ص 198، (ب) اسپنوزا جي تعليم: ص 201، (ت) نيات نيڪالي: ص 205، (ث) اڪيلائي ۽ موت: ص 207، مذهب ۽ رياست تي مقالو: ص 216، ذهن جو سڌارو: ص 219، اخلاقيات: ص 222، (الف) فطرت ۽ خدا: ص 224، (ب) مادو ۽ ذهن: ص 229: ص، (ت) ذهن ۽ اخلاقيات: ص 233، مذهب ۽ لاقانيت: ص 241، سياست تي مقالو: ص 245، اسپنوزا جو ار: ص 252.

باب پنجون: والٽيئر ۽ فرانس ۾ علم جي روشني... 255-314

لنڊن، انگريزن کي خط: ص 263، ساعري شهر ۽ معاشقو: ص 266، پاٽسڊم ۽ فريڊرڪ: ص 273، لي ڊيلائسز: اخلاقيات تي مضمون: ص 279، فرني ڪئنڊائيڊ: ص 282، انسائيڪلوپيڊيا ۽ فلسفي جي لغت: ص 290، ڪليسائيت سياهه ڪاري: ص 295، والٽيئر ۽ روسيو: ص 304، انجام: ص 311.

باب ڇهون: ايمينوئل ڪانٽ ۽ جرمن خيال پسندي.... 315-363

ڪانٽ ڏانهن رستا: ص 315، والٽيئر کان وٺي ڪانٽ تائين: ص 316، لاڪ کان وٺي ڪانٽ تائين: ص 318، روسيو کان وٺي ڪانٽ تائين: ص 321، ڪانٽ پاڻ خود: ص 333، خالص عقل تي تنقيد: ص 327، ماورائي جماليات: ص 330، ماورائي جائزو: ص 333، ماورائي جدليات: ص 335، عملي عقل تي تنقيد: ص 339، مذهب ۽ عقل، ص 342، سياست ۽ دائمي امن: ص 346، تنقيد ۽ تخمينو: ص 350، هيگل تي نوٽ: ص 356.

باب ستون: شاپينهاور....364-412

دؤر: ص 346، هڪ انسان: ص 366، دنيا هڪ خيال جي حيثيت ۾: ص 372، دنيا هڪ عزم جي حيثيت ۾:- (الف) زندهه رهڻ جو عزم: ص 375، (ب) اولاد پيدا ڪرڻ جو عزم: ص 380، دنيا هڪ بديءَ جي حيثيت ۾: ص 386، زندگي جي ڏاهپ: (الف) فلسفو: ص 392، (ب) غير معمولي ذهن: ص 396، (ت) فن: ص 398، (ث) مذهب: ص 400، موت جي ڏاهپ: ص 402، تنقيد: ص 405.

باب اٺون: هربرٽ اسپينسر....413-465

ڪامتي ۽ ڊارون: ص 413، اسپينسر جي نشووما: ص 418، ابتدائي اصول: (الف) نه ڄاڻ ۾ ايندڙ: ص 427، (ب) ارتقا: ص 430، علم حياتيات- زندگيءَ جي ارتقا: ص 435، نفسيات -  ذهن جي ارتقا: ص 438، سماجيات – سماج جي ارتقا: ص 440، اخلاقيات – اخلاق جي ارتقا: ص 449، تنقيد: (الف) ابتدائي اصول: ص 457، (ب) حياتيات ۽ نفسيات: ص 460، (ت) سوشيالاجي ۽ اخلاقيات: ص 461، نتيجو: ص 463.

باب نائون: فريڊرڪ نٽشي...466-514

فريڊرڪ جو شجرو: ص 466، نوجواني: ص 467، نٽشي ۽ وئگنر: ص 471، زردشت جو گيت: ص 477، ’مجاهد‘ جي تصوير تي ٻڌل اخلاقيات، ص 483، بالاتر انسان: ص 490، زوال: ص 494، اشرافيا جو راڄ: ص 498، تنقيد: ص 505، انجام: ص 512.

باب ڏهون: يورپ جا همعصر فلسفي....515-555

(1.   هينري برگسان، 2. بينڊيٽو ڪروس ۽ 3. برٽرينڊ رسيل)

ماديت خلاف انقلاب: ص 515، ذهن ۽ مغز: ص 517، تخليقي ارتقا: ص 523، تنقيد: ص 529، بينڊيٽو ڪروس: هڪ ماڻهو: ص 533، سندس روح جو فلسفو: ص 536، حسن ڇا آهي: ص 540، تنقيد:ص 543، برٽرينڊ رسيل: هڪ منطقي ماهر: ص 545، اصلاح ڪندڙ: ص 550، آخري لفظ: ص 553.

باب يارهون: همعصر دور جا آمريڪي فلسفي...

سنتيانا – جيمس ۽ ڊيوئي: تعارف: ص 556، جارج سنتيانا – حياتي: ص 557، شڪ پرستي ۽ حيواني ايمان: ص 559، عقل سائنس ۾: ص 562، مذهب ۽ عقل: ص 565، سماج ۾ عقل: ص 570، تنقيد: ص 576، وليم جيمس: شخصي احوال: ص 579، علميت پسندي: ص 580، ڪثرتيت: ص 582، رايو: ص 588، جان ڊيوئي: تعليم: ص 590، اوزاريت: ص 592، سائنس ۽ سياست: ص 595. نتيجو: ص 599.

 

ايڊيٽر پاران:

هن ڌرتيءَ جي تاريخ ۾ انساني سوچ ۽ سمجھه تي سڀ کان گهرو اثر فلسفي وڌو آهي. اڄ انسان جنهن سماجي ۽ سياسي، مذهبي ۽ سائنسي سمجھه جي اوج تي پهتو آهي، ان ۾ فلسفي جو ڪردار اهم ۽ فيصلائتو رهيو آهي. اهو فلسفو ئي آهي جيڪو سڄي ڪائنات تي غور و فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏي ٿو. هڪ اُڻي (Atom) کان وٺي سڄي ڪائنات  (Univers) جي جڙڻ تي بحث ڪري ٿو. هن جا موضو انيڪ، گوناگون ۽ اڻ ڳڻيا رهيا آهن، جي ڪائنات جي وجود کان وٺي انسان جي هستيءَ تي کليل بحث ڪن ٿا.

فلسفي جي قديم ۽ جديد تاريخ ۾ جھاتي پائي ڏسبو ته هر دور ۾ اُن جا سوين رنگ نظر ايندا. سوين سوال ۽ سوين جواب، سوين اعتراض ۽ سوين شڪ، سوين مفروضا ۽ سوين دليلن سان ڀريل فلسفي جي تاريخ جو هر دور ايترو ته صحت مند ۽ فڪري خوراڪ سان پُر آهي جو صدين کان پوءِ به پڙهندڙ ان ۾ سچا جواهر ۽ هيرا موتي ڳولهي لهي ٿو. هندستاني فلسفو اڍائي هزار سال گذرڻ باوجود سڃاهه سان ڀرپور ۽ انساني فڪر کي وڌائيندڙ آهي، اهو فلسفو پنهنجي اندر بي انتها سوچون، خيال، مفروضا ۽ دليل رکي ٿو، اهڙي4 طرح يورپي فلسفو ۽ مسلم فلسفو پڻ فڪر جي واڌ ويجهه ڪندڙ ملٽي وٽامن سان ڀريل آهي.

عام طرح سان فلسفي جي تاريخ کي ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. جنهن ۾ هندستاني فلسفو، يوناني فلسفو ۽مسلم فلسفو اچي وڃن ٿا. فلسفي جي تاريخ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي پٺيان اهم سبب انهن ٽنهي فلسفن جا جدا جدا نموني سان نشونما رهي آهي.

جڏهن ته هندستاني فلسفي کي چئن دؤرن ۾ ورهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ ويدانتي فلسيف جو دور، جنهن ۾ چار ڪتاب اچي وڃن ٿا، رگ ويد، اٿر ويد، سام ويد ۽ يجر ويد ۽ ان کان پوءِ برهمڻن جو دور اچي ٿو، انهيءَ دور ۾ ويدن جون مذهبي تشريحون لکيون ويون ۽ پوءِ پراڻ ۽ اپنشد جو دور اچي ٿو، جنهن ۾ بحث مباحثن کي رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

يورپي فلسفي جا چار دؤر آهن، جنهن ۾ يوناني فلسفو جو دور، جديد فلسفي جي دؤر ۽ جديديت کان بعد جو دور (Post Modernism)، يوناني دؤر کي وري ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. سقراط کان آڳاٽو (Pre Socrates) ۽ سقراط کان پوءِ (Post Socrates) جو دؤر.

سقراط کان پهرين دور واري فلسفي جا موضوع ۽ سوال ڪائنات بابت هئا. يوناني فلسفي جا پهريان ٽي فلسفي ٿاليس، اناڪساندر ۽ اتاڪسيمنز فطرتي فلسفي سڏرائين ٿا. هُنن ”ڪائنات ڇا مان ٺهيل آهي؟“ واري سوال تي پنهنجا ويچار ونڊيا، ان کان پوءِ ايمپيڊاڪلس ۽ فيثاغورس پڻ ان سوال کي پنهنجي فلسفياڻي فڪر جو بنياد بنايو، ڊيماڪرطيس، پرمينائيڊس ۽ هراقلطيس ڪائنات ڇا جي ٺهيل آهي، جي بجاءِ ڪائنات ڪيئن ٺهيل آهي؟ واري سوال کي پنهنجي فلسفي جو بنياد بنايو. سوفسطائي تحريڪ مٿئين جي سڄي بحث مان بيزاري ڏيکاريندي ويو، ته انسان ئي هر شيءِ جو پيمانو آهي، جيڪا شيءِ صحيح لڳي، اها ئي صحيح آهي، سوفسطائي فلسفي ڪائنات جي حقيقت کي پروڙڻ جي لاءِ فقط بحث ۽ دليل کان ڪم ورتو.

انهيءَ سوفسطائين واري فلسفي تي سقراط کان پهريون دور ختم ٿئي ٿو. هن ڪتاب ’فلسفي جي ڪهاڻي‘ ۾ سقراط کان بعد جي دؤر ۽ جديد فلسفي جي دؤر جي تاريخ بيان ڪئي ويئي آهي، هن ڪتاب ۾ سقراط کان بعد جي دؤر ۽ جديد فلسفي جي تاريخ کي انتهائي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

فلسفي جي سڄي تاريخ نت نون ۽ بي انتها بحثن سان ڀريل آهي، ڪي بحث فلسفي ۾ هميشه کان هلندا اچن ۽ ڪي بحث فلسفي حل ڪري فطرتي سائنس (Natural Science) ۽ سماجي علمن (Social Sciences) جي حوالي ڪري ڇڏيا اهن.

هيءَ ڪائنات سمجھي سگهي ٿي يا نه؟ هيءَ ڪائنات ڪُلي نموني سمجھه ۾ ايندي يا نه؟ ڪائنات هڪ هنڌ بيٺل آهي يا مسلسل ترقيءَ ۾ آهي؟ هن ڪائنات کي ڪنهن ٺاهيو آهي يا پاڻ مرادو وجود ۾ آئي آهي؟ ڪائنات کي جيڪڏهن ڪنهن ٺاهيو آهي ته اها هستي ڪير آهي؟ هاڻ ڇا پئي ڪري، ڪائنات تي اثر انداز ٿيئي پئي يا ڪائنات ٺاهڻ کان پوءِ آرام ۾ آهي ۽ دنيا جا لقاءَ پئي ڏسي؟ جيڪڏهن ڪائنات کي ڪنهن ٺاهيو ناهي ته پوءِ ڪائنات هميشه هئي يا پوءِ وجود ۾ آئي آهي. ڪائنات جي هميشه وجود هئي ته پوءِ ان ۾ تبديلي يا واڌار اچي پيو يا نه؟ ڪائنات ۾ حقيقي واڌارو/ترقي آهي يا فقط اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. يا ڪائنات مسلسل حرڪت ۾ آهي؟ ڪائنات سموري هڪ آهي يا ڇڙوڇڙ آهي؟ جيڪڏهن هڪ آهي ته ڪيئن آهي؟ ڪو قانون يا اصول ڪائنات ۾ وجود رکي ٿو يا نه؟ جيڪڏهن نه ٿو رکي ته پوءِ ڪائنات ڪيئن ٿي هلي؟ جيڪڏهن ڪو قانون آهي ته پوءِ ڪهڙو آهي؟ ڪائنات کي انسان سمجھي سگهجي ٿو يا نه؟ ڪائنات کي عقل وسيلي سمجھي سگهجي ٿو يا تجربي وسيلي يا وجدان جي ذريعي؟ عقل ڇا آهي؟، تجربو ڇا آهي؟ وجدان ڇا آهي؟ انسان ڇا آهي؟ سماج ڇا آهي؟ خدا ڇا آهي؟ ڪائنات ڇا آهي؟ سياست ڇا آهي؟ حق ڇا آهي؟ سچ ڇا آهي؟ اخلاق ڇا آهي؟ انصاف ڇا آهي؟ سماجي قانون ڇا آهي؟ حادثو ڇا آهي؟ اتفاق ڇا آهي؟

مٿئين قسم جي سوالن ۽ ان جھڙن ٻين ڪيترن ئي سوال کي هن ڪتاب ۾ بحث جو موضو بنايو ويو آهي. مٿئين سوالن وري فلسفي جون مختلف شاخون جوڙيون آهن ۽ انهن سوالن جي جوابن مختلف مڪتبهء فڪر (Schools of thoughts) جنم ڏنا آهن جن جو هن ڪتاب ۾ بهتر نموني ۾ ذڪر ملي ٿو. ول ڊيورانٽ تاريخ کي فلسفي جي شاخن ۽ مڪتبهء فڪر جي سانچن اندر بيان ڪرڻ بجاءِ تاريخ جي وهڪري ۾ آزاد ڇڏيو آهي. ول ڊيورانٽ فلسفي جي ڪڙائي کي گهٽائڻ جي لاءِ ان ۾ ادبي ميٺاج وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ول ڊيورانٽ بنيادي طرح تاريخدان ۽ تهذيبن جي علم جو ڄاڻو ۽ ماهر آهي، تنهن ڪري هُن فلسفي جي تاريخ کي اهڙي نموني ۾ بيان ڪيو آهي جو فلسفي جو عام پڙهندڙ (Regular Reader) نه هجڻ جي باوجود به ڪتاب پڙهڻ ۾ مزو ڏي ٿو. تحقيق ڪندڙ ، ول ڊيورانٽ جي ”فلسفي جي ڪهاڻي“ (Story of Philosophy) کي ادبي رنگ ۾ هجڻ جي ڪري حوالي طور استعمال نه ٿا ڪن پر ادبي رنگ ۾ فلسفي جي تاريخ کي پيش ڪرڻ ڪري داد ڏين ٿا. هيءُ ڪتاب فلسفي جي روايتي زبان ۾ نه هجڻ ۽ فلسفياڻي ڏکين اصطلاحن کان آجو هئڻ جي ڪري ڏاڍو مقبول ٿيو آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. داستانِ فلسفه جي نالي سان اردو ۾ پڻ شايع ٿي چڪو آهي.

فلسفي جو علم سنڌي ادبي ۾ نئون نه آهي، پر فلسفي تي موجود سنڌي زبان ۾ ڪتاب هڪ ته نه هجڻ جي برابر آهن ۽ ٻيو ته اهي مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ اهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي تي لکيل ڪتاب کي ترجمن سميت ڳڻنيداسين ته انهن جو تعداد ڏهه به نه ٿيندو. فلسفي تي ڪتاب نه اچڻ جو سبب اهو نه آهي ته سنڌي زبان ۾ فلسفي جي ڪتابن کي پڙهندڙ ن جي کولٽ آهي، پر ڪارڻ اهو آهي ته ان سنجيده موضوع تي انتهائي گهٽ لکيو ويو آهي.  مرحوم رشيد ڀٽيءَ جو ڪتاب ’سچ جو فلسفو‘، جويي صاحب جو ترجمو ڪيل ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘، ڊاڪٽر سڪندر مغل جو لکيل ’ڏاهپ جو اڀياس‘ ۽ جوسٽين گل رڊن جو ’صوفيءَ جي ڪهاڻي‘ ۽ اڪبر لغاري صاحب جو ’فلسفي جي مختصر تاريخ ۽ سائين حيدر علي لغاري جو لکيل ڪتاب ’اندر مُلهه اَملهه‘ اڄ گهڻي قدر مارڪيٽ ۾ اڻلڀ آهن. دنيا جي مهذب ٻولين وانگر سنڌيءَ ٻولي ۾ به فلسفي جي موضوع کي پڙهندڙ جو چڱو خاصو تعداد موجود آهي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جي اڻاٺ جي ڪري اهي پڙهندڙ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن مان اڃ پوري ڪن ٿا.

هن ڪتاب ”فلسفي جي ڪهاڻي“ کان سواءِ سنڌي زبان ۾ ٻيو ڪوبه اهڙو ڪتاب نه ملندو، جنهن ۾ سواءِ ٻه هزار سالن جي فڪر جي تاريخ سمايل هجي. ان ڪري هن اهم ڪتاب کي شايع ڪرڻ تي سنڌي ادبي بورڊ جس لهڻي.

هيءُ ڪتاب اڄ کان ٻه سال پهرين بورڊ جي پبليڪيشن واري شعبي مون کي ڏنو ۽ چيو ته هيءُ ڪتاب ٽن ڏهاڪن کان سنڌي ادبي بورڊ ٽ پيل آهي پر معياري سنڌي ٻولي نه هئڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي سوڌ سنوار جي مامرن جي ڪري پر بورڊ ڇاپڻ کان قاصر آهي، توهان مهرباني ڪري هن جي پروف ريڊنگ ۽ ٻي درستي ڪري ڏيو. جڏهن مون ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو، تڏهن لڳو ته هيءُ ڪتاب پرف ريڊنگ کان زور آهي. هر پيرا ۾ ڪانه ڪا ڳالهه اهڙي نظر آئي، جنهن کي اصل سان ڀيٽائي بدلائڻ ۽ مَٽائڻ ضروري ٿي پيو هو. سقراط کي يونان جي نوجوانن کي قيامت جي عذاب کان بچائڻ لاءِ دعا گهرندڙ ڏيکاريو ويو هو ۽ ڪٿي ته اصل ڪتاب جا ٽڪرن جا تڪرا ترجمو ٿيڻ کان رهجي ويا هئا.

مون کي هن ڪتاب جي ايڊيٽنگ، ترجمي جي درستي جي دؤران ڪيترا ڀيرا اهو خيال آيو ته هن ڪتاب کي نئين سر سان ترجمو ڪجي يا بورڊ کي ادب جا هٿ ٻڌي ڪتاب واپس ڪجي. پر ان ڳالهه کان آءُ چڱي ريت واقف هئس ته هيءُ ڪتاب اڳي ئي مختلف ماڻهن وٽ وڃي رولڙي جو شڪار ٿي چڪو هو.، جيڪڏهن هيءُ ڪتاب واپس ڪيم ته ڇپجڻ کان رهجي ويندو، اهو سوچي پهه ڪيم ۽ نيٺ هن ڪتاب جي تمام ڏکئي، اينگهائيندڙ ۽ منجھيل ڪم کي اصل ڪتاب سان ڀيٽي مڪمل ڪيم، جتي ضروري سمجھيم اتي نئين سر ترجمو ڪيم. هن ڪتاب جي فائنل پروفن ۾ ڪتاب ۾ ڄاڻايل فلسفين جا انگريزي ۾ نالا، اصطلاحن جا انگريزي لفظ ۽ حوالا پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيم ته جيئن پرهندڙ کي مشڪلات نه ٿيئي. هاڻ هيءُ ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جي ايڊيٽنگ، سوڌ سنوار ۽ پروفينگ جي دؤران بورڊ جو ڪارڪن ۽ انچارج ايڊيٽنگ سيل عبدالحفيظ قريشيءَ ڪم جي اڪلاءُ بابت لاڳيتو رابطي ۾ رهيو ۽ ڪارائتيون صلاحون ڏيڻ سان گڏ هڪ ڀيرو سڄو ڪتاب پڙهي سوڌ سنوار ۾ مون ساڻ هم قلم رهيو. ۽ بورڊ جي هاڻوڪي سيڪريٽري محترم اعجاز احمد منگي صاحب پڻ هن ڪتاب جي تڪڙي اشاعت جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون. انهن سڀني جون مهربانيون.

آخر ۾ پڙهندڙن کي عرض آهي ته منهنجي تمام تر ڪوششن جي باوجود هن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪا ڪمي پيشي نظر اچي ته مون کي معاف ڪندا.

17 ربيع الثاني 1428هه                                               راشد دائودپوٽو

ڇنڇر 5 مئي 2007ع                                 نصرپور، ضلعو مٽياري، سنڌ

 

 

تهميد

فلسفي جا فائدا

فلسفي مان هڪ قسم جو سُرور حاصل ٿئي ٿو. جيڪو مادي جي علم ۽ قوت جي ابتدا ۽ انتها کان آگاهه ڪري ٿو. هن علم جي من موهيندڙ نشي ۾ هڪ قسم جي ڪشش موجود آهي،اها ڪشش هر پڙهندڙ ايستائين محسوس ڪري ٿو، جيستائين هن کي جسماني زندگيءَ جون ننڍيون ننڍيون ضرورتون، خيالن جي بلنديءَ تان ڇڪي اقتصادي ڪشمڪش ۽ نفعي نقصان جي گورک ڌنڌي ۾ نٿيون ڦاسائين. اسان مان گهڻن کي زندگيءَ جي اونهاري ۾ بهار جا اهي سونهري ڏينهن ياد اچن ٿا. جڏهن اسان لاءِ فلسفو، افلاطون جي زبان ۾ واقعي هڪ ”من موهيندڙ خوشي“ هوندو هو. باحجاب ۽ انساني گرفت ۾ نه ايندڙ سچ جي محبت، اسان لاءِ ٻيءَ هر محبت کان عظيم ۽ بالاتر هوندي هئي ۽ ان حق جي تلاش کي جسماني مزي ۽ دنياوي مال ملڪيت جي تڙپ کان سئوءِ دفعا اعليٰ سمجھندا هئاسين. هر انساني ۾ اصلي حق کي دل سان حاصل ڪرڻ جو تڙپندڙ جزو هميشه موجود رهي ٿو. انگريز شاعر بُرائوننگ (Browning) وانگر اسين اهو محسوس ڪريون ٿا، ته ”زندگيءَ جي ڪانه ڪا معنيٰ ضرور آهي ۽ ان معنيٰ جي پروڙ اسان جي زندگيءَ جي اهم ترين تقاضا آهي.“ هونئن ته اسان جي زندگيءَ جو وڏو حصو بي معنيٰ نظر پيو اچي، جنهن ۾ سواءِ ڪنهن حاصلات جي، اسين ڄڻ انڌ وانگر هٿوڙايون ڏيئي رهيا آهيون. اسين پنهنجي قيمتي زندگيءَ کي بيڪار بنايون پيا ۽ پنهنجي ذاتي جوهر کي پنهنجن هٿن سان برباد ڪريون پيا. اسين پنهنجي اندروني توڙي ٻاهرينءَ بي ترتيبيءَ ۽ بدانتظاميءَ کان بيزار آهيون ۽ ان سان ٽڪراءُ ۾ رهون ٿا، پر ساڳئي وقت اسين ائين محسوس ڪريون ٿا، ته اسان ۾ ڪو تمام وڏو  جوهر ۽ ڪا اهم معنيٰ ضرور سمايل آهي. ڪاش! ان لاءِ اسين رڳو پنهنجي روح جي آواز کي سمجھي سگهون! اسان جي آرزو آهي، ته اسان کي معلوم ٿئي ۽ اسين سمجھون  ته: ”اسان لاءِ زندگيءَ مان مراد اها آهي ته جو ڪجهه اسان ۾ آهي يا جنهن سان به اسان جو واسطو پوي، ان کي ’روشنيءَ ۽ شعلي‘  ۾ تبديل ڪريون.“ (1) اسين ڪرامازوف ڀائرن جي متيا واري ڪردار وانگر اسان کي لکين روپيا نه گهرجن، پر اسان کي اسان جي سوال جو جواب گهرجي. اسين چاهيون ٿا، ته عارضي شين جي اصلي قدر ۽ مقام کي پروڙيون، ۽ اهڙي طرح زندگيءَ جي روزمرهه وارين هنگامي حالتن جي خفي کان پاڻ بچايون ۽ بلند رکون. اسان جي خواهش آهي، ته اسان کي وقتائتي ڄاڻ ملي ته خسيس شيون خسيس آهن ۽ اعليٰ شيون اعليٰ آهن. اسين هتي ۽ هاڻ شين جي اُها اصلي ماهيت ڏسڻ گهرون ٿا، جنهن ۾ دائميت آهي ۽ ائين ڏسڻ گهرون ٿا، جيئن ان کي ”ازل ۽ ابدي روشنيءَ“ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

اسان ۾ اها خواهش آهي ته اهڙو ڪو سبق سکون، جنهن سان اڻٽر قسمت جي آڏو ٽهڪ ڏيئي سگهون، ۽ سر تي  چڙهي آيل موت جي اڳيان پڻ مرڪ ۽ مشڪ جو اظهار ڪري سگهون. اسين مڪمل بنجڻ گهرون ٿا، اسين پنهنجي خواهشن تي تنقيد ڪندي ۽ انهن کي پنهنجي مقصد سان ٺهڪائيندي پنهنجي توانائين کي منظم ڪرڻ چاهيون ٿا. ڇاڪاڻ ته منظم، باترتيب ۽ مفيد قوت ئي علم اخلاق ۽ علم سياست جو - ۽ شايد منطق ۽ علم مابعدالطبعيات جو به آخرين مقصد آهي. ٿوريو (2) (Thorean)جو چوڻ آهي: ”فلسفي ٿيڻ جي معنيٰ رڳي اها نه آهي ته واضح ۽ چٽا خيال هجن يا ڪو فڪر جو الڳ مڪتب پيش ڪجي، پر ان جو مقصد هيءُ آهي ته ڏاهپ (حڪمت) سان ائين پيار ڪجي، جيئن ان جي حڪمن مطابق سادگيءَ، آزاديءَ، اعتماد ۽ فراخدليءَ واري زندگي گهاري سگهجي.“

اسان کي يقين رکڻ گهرجي، ته جيڪڏهن اسين صرف حڪمت حاصل ڪريون، ته جيڪر زندگيءَ جون سڀ ضروري شيون از خود اسان کي حاصل ٿي وڃن. بئڪن (Becon) جي نصيحت هيءَ آهي ته: ”سڀ کان پهرين من جون سٺيون شيون ڳولي هٿ ڪر، ان کان پوءِ ٻيون شيون توکي يا ته پاڻيهي ملي وينديون، يا انهن جي نه ملڻ جو توکي ڪو احساس ئي نه رهندو.“ سچ اسان کي دولتمند نه سهي پر آزاد ضرور ڪري ٿو.

ممڪن آهي ته ڪو تيز مزاج ۽ اڪابر پڙهندڙ اسان کي هت روڪي ۽ چوي ته فلسفو اهڙو ئي بي فائدي مند آهي، جهڙي شطرنج جي راند، اهڙو ئي غير واضح آهي، جهڙي جهالت. ۽ اهڙو ئي بيٺل ۽ بي حرڪت آهي، جيئن ”سيسرو (Cicero)“ جو چوڻ آهي ته : ”اهڙي ڪا بي معنيٰ ۽ بيوقوفيءَ جي ڳالهه ئي ڪانهي، جيڪا فلسفي جي ڪتابن ۾ موجود نه هجي.“ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪن فلسفين ۾ ٻي هر قسم جي حڪمت آهي، پر جي نه اهي ته رڳو ”عام سمجھه“ ڪانهي ۽ سندن خيال جي اڏام رڳو آسمان جي هلڪيءَ هوا تي اڏامندو رهي ٿي. تنهنڪري اچو ته پهريائين محڪم ارادو ڪريون، ته فلسفي جي شاهراهه جي هن سفر تي اسين صرف روشن بندرن تي لنگر هڻنداسون، ۽ علم مابعدالطبعيات جي گپ چڪ کان توڙي مذهبي اختلافن جي گجندڙ سمنڊ جي غوطن کان پاڻ کي دور رکنداسون.

پر ڇا فلسفو واقعي بيٺل ۽ بي حرڪت اهي؟ اڄ جي وقت ۾ ائين ئي نظر اچي رهيو آهي، ڄن ته سائنس هميشه اڳتي قدم وڌائي ٿي ۽ فلسفو هميشه شڪست کائيندو رهي ٿو. پر اهو ان ڪري آهي، جو فلسفو ان مشڪل ۽ جوکائتي ڪم کي هٿ ۾ کڻي ٿو ۽ اهڙن مسئلن ۾ پاڻ کي الجهائي ٿو، جيڪي سائنس واري طريقي سان حل ٿي نه ٿا سگهن. جيئن ته نيڪي ۽ بدي، حسن ۽ بدصورتي، جبر ۽ اختيار، زندگيءَ ۽ موت جا مسئلا، جڏهن انساني جاچ جوچ جي ميدان مان اسان کي اهڙي قسم جو علم حاصل ٿئي ٿو، جنهن کي اسين قطعي طور صحيح قاعدن ۽ قانونن ۾ پيش ڪري سگهون، تڏهن ان علم کي اسين ”سائنس“ چئون ٿا. سائنس جي ابتدا فلسفي سان ٿئي ٿي، ۽ ان جي انتها فن آهي. هر ڪا سائنس ڪنهن نه ڪنهن انوما يا قياس سان شروع ٿئي، ته ۽ آهستي آهستي صحيح علم هاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي. فلسفو (مابعدالطبعيات ۾) اڻ ڄاتل حقيقت جي، يا (سياسي فلسفي ۽ اخلاقيات ۾) اڻ چٽي ۽ غير واضح ڄاڻ ۽ حقيقت جي مٿاڇري تشريح ڪري ٿو: فلسفو سچ/ حقيقت جي ڳولا ۾ مليل پهرين قسط آهي. سائنس اهو ميدان آهي، جنهن تي اسين قابض آهيون، جنهن کان پوءِ آهي باحفاظت ميدان آهن. جن  ۾ اسان جي ڄاڻ ۽ هنرمنديءَ اسان جي هيءَ اڻپوري ۽ عجيب و غريب دنيا تعمير ڪئي آهي. فلسفو ان خاموش ۽ دماغي الجھن ۾ مبتلا ٿيل ديويءَ وانگر نظر اچي رهيو آهي.، جا پنهنجي فتح جا ميوا پنهنجين ڌيئرن يعني مختلف سائنسن کي آڇي، پاڻ روحاني بيقراريءَ ۾ اڻ ڏٺل ۽ اڻ ڳولهيل سرزمين طرف قدم وڌائي رهي آهي.

اچو ته اسين هيءَ ڳالهه وڌيڪ علمي انداز سان پيش ڪريون، سائنس ڪائنات کي تجرباتي انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ۽ فلسفو ان جي جامع تشريح پيش ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. سائنس پوريءَ شيءِ کي حصن ۾ ورهائڻ، جسم کي جدا جدا عضون ۾ تقسيم ڪرڻ ۽ اڻ چاتل شيءِ کي ڄاڻ جي دائري ۾ آڻن چاهي ٿي. سائنس شين جي اصلي قدرن يا سندن آدرشي امڪانن جي باري ۾ ڪابه ڳولها نٿي ڪري، ۽ نڪي سندن جامع ۽ آخري مطلب پروڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. هڪ سائنسدان فطرت وانگر غير جانبدار آهي، جيئن ترگنيف (Turgenev) پنهنجي نظم م بيان ڪيو آهي: ”هي کنڀڙاٽيون ڀڳل پکيءَ جي ٽنگن وانگر ۽ هڪ ڏاهي جي تخليقي عذابن وانگر دلچسپ آهي.“ ان جي برعڪس، هڪ فلسفي ڪنهن شيءِ جي رڳو بيان ڪرڻ تي راضي نه ٿو رهي. پر ڏيکارڻ چاهي ٿو ته ان جو انسان جي مجموعي تجربي سان ڪهڙو لاڳاپوآهي ۽ ان طريقي سان ان انسان جي مجموعي تجربي سان ڪهڙو لاڳاپو ۽ ان طريقي سان ان شيءِ جي اصلوڪي مطلب ۽ قدر و قيمت ڪٿڻ جي ڪيئن ڪوشش ڪري ٿو. هو شين ۽ حقيقتن کي ان ارادي سان گڏي ٿو ۽ ترتيب ڏئي ٿو، ته هو سندن منظم ۽ گڏيل سمجھاڻي ڏيئي سگهي. هو اڳي کان به بهتر صورت ۾ ڪائنات جي نظاري کي سڄيءَ حالت ۾ آڻن گهري ٿو، جنهن کي هڪ ڪري ڏسندڙ سائنسدان کولي، پرزا پرزا ڪري ٿو ڇڏي. سائنس ٻڌائي ٿي، ته ڪيئن علاج ڪجي ۽ ڪيئن مارجي. اُها هڪ هڪ ڪري موت جي رفتار کي گهٽائي ٿي. ۽ پوءِ جنگ ۾ ٻڌي  جي حساب سان ماري ٿي. ان جي ابتڙ، فقط حڪمت يا فلسفو يعنيٰ اُها خواهش جيڪا ڪامل ۽ گڏ ڪيل تجربن تجربن جي روشنيءَ ۾ ترتيب ڏنل آهي، سا ئي اسان کي ڏسي ٿي ۽ ڏيکاري ٿي ته ڪهڙي وقت علاج ڪجي ۽ ڪهڙي وقت مارجي. قدرت جي ڪارواين کي جاچڻ ۽ انساني اڀياس جا ذريعا مُيسر ڪرڻ کي سائنس سڏجي ٿو، انساني مقصدن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ اُنهن ۾ ترتيب، ربط ۽ هم آهنگي آڻن کي فلسفو سڏجي ٿو. موجوده دور ۾ اڀياس جا ذريعا ۽ اوزار ايترا ته حد کان وڌيڪ وڌي ويا آهن، جو مقصدن ۽ آدرشن جي تشريح ۽ هم آهنگي انهن سان پڄي نه سگهي آهي. تنهنڪري اسان جي موجوده زندگي فساد ۽ انتشار جي زندگي بنجي وئي آهي. جنهن جو ڄڻ ڪو مطلب ئي ظاهر ڪونه ٿو ٿئي. هر ڳالهه، هر حقيقت ايستائين بي معنيٰ آهي، جيستائين ان جو تعلق انساني ارادي ۽ خواهش سان قائم نه ڪيو ويو آهي ۽ اُها ايستائين نامڪمل پڻ آهي، جيستائين ان جي نسبت ڪنهن مقصد ۽ ڪنهن ڪُل سان قائم نه ڪئي وئي آهي. تنهنڪري، فلسفي کان سواءِ، سائنس جون ڳالهيون ۽ حقيقتون، مقصديت ۽ پيش منظر بنا اسان کي موتمار خطري ۽ ڀيانڪ نااميدي کان بچائي نٿيون سگهن. سائنس اسان کي ڄاڻ ڏئي  ٿي، پر فقط فلسفو ئي آهي، جيڪو اسان کي ڏاهپ ۽ حڪمت ڏيئي سگهي ٿو.

فلسفي ۾ خاص طرح هنن پنجن قسمن جو مطالعو ۽ بحث موجود آهن، ۽ ان مطالعي ۽ بحث جو مطلب ئي فلسفو آهي، يعني منطق، جماليات، علم اخلاق يا اخلاقيات، علم سياست ۽ مابعدالطبعيات.

منطق خيال ۽ کوجنا جي مثالي طريقي جو مطالعو آهي. مشاهدو ۽ غور ويچار، سبب ۽ نتيجو، مفروضو ۽ تجربو، عدد ۽ جمع انساني سرگرميءَ جون اهي شڪليون آهن، جن کي منطق سمجھڻ جي ڪوشس ڪري ٿو ۽ اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. اسان گهڻن اهيو مطالعو شايد ڪيو هجي پر انساني فڪر جي تاريخ ۾ عظيم واقعا انساني سوچ تحقيق جي طريقن ۽ واڌارن ۽ سڌارن جي ڪري ٿيا آهن.

جماليات، آدرشي/مثالي صورت ۽ حسن جو مطالعو آهي، ان کي فن لطيف جو فلسفو به چئجي ٿو.

علم اخلاق، آدرشي/مثالي چال چلت جو مطالعو آهي. سقراط جو چڻ آهي، ته سڀ کان اعليٰ علم اهو آهي، جنهن جو واسطو چڱائيءَ ۽ برائيءَ جي علم سان آهي، زندگيءَ جي حڪمت جو علم اهو ئي آهي.

علم سياست، معاشرتي زندگيءَ جي آدرشي ۽ مثالي نظام جي اڀياس کي چيو وڃي ٿو. (اهو علم، جيئن عام طرح سمجھيو ويندو آهي، ڪنهن عهدي کي حاصل ڪرڻ ۽ قائم رکڻ جو علم نه آهي) سلطنيت، آمريت، جمهوريت، اشتراڪيت، انارڪيت ۽ فيمينزازم عورت جي حقن وارو نظريو، اهي سڀيئي سياسي فلسفي جا اهم پهلو آهن.


(1)  فريڊرڪ نٽشي جي ڪتاب ”خوشيءَ ڀري ڏاهپ“ (The joy of Wisdom) جا پيش لفظ

(2)  ٿوريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org