سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رباعياتِ طالب

باب: --

صفحو :1

رباعياتِ طالب

مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ

 

 

786

انتساب

منسوب هي اشعار آئون توسان ڪريان ٿو،

تون تن تي محمّد امين شل هوندين ڪمربند.

الله عطا توکي ڪري علم و ولايت،

پيغامِ عمل ساڻ وڃي تنهنجو ٿي پيوند.

هر چيز ۾ تون حسنِ ازل جو ڏسين جلوو،

هر تلخئ دوران ۾ اچي توکي نظر قند.

تون پنهنجي خيالات تي هردم رهين قادر،

۽ عشق حقيقيءَ جو هميشہ هجين پابند.

تنهنجي نه نظر ارض و سما جي رهي محتاج،

اسبابِ جهان توڙي اچن تو اڳيان هرچند.

دل تنهنجي هجي دائما سر چشمئهِ اُلفت،

تسليم و رضا تي تون هميشہ هجين خورسند.

جو طالبِ موليٰ کي آهي علم عطا ٿيو،

الله ڪري تنهنجي به سيني ۾ اهو بند.

 

دعاگو

مخدوم محمّد زمان ”طالب الموليٰ“

1/ اپريل 1946ع

 

 

اداري پاران

حضرت قبلا مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ سائين جن جو هي ننڍڙو ڪتاب هالا شريف جي معروف اديب ۽ شاعر محترم عبدالحّي ”سليم هالائي“ صاحب سن اوڻيهه سؤ ڇاهيتاليهن ۾ پهرئين دفعه منظر عام تي آندو، تڏهوڪي ڇپائيءَ جي لحاظ کان ”رُباعياتِ طالب“ نهايت سٺي ۽ دلڪش صورت ۾ شايع ٿيو. اڄ تقريباً چوئيتاليهن وَرهن بعد وڏي فخر سان ان جو ٻيو ڇاپو پڌرو ڪري رهيا آهيون. اميد اٿئون ته هي ڇاپو به پڙهندڙڻ جي ذوق وٽان هوندو.

قبلا طالب الموليٰ سائين جن جا اُهي ڪتاب جيڪي اڄ دستياب ڪو نه آهن [مثلاً ”ڪچڪول“، ”امام غزاليؒ جا خط“، ”خودشناسي“ وغيره] تن کي نهايت جلد ۽ جديد انداز ۾ پڌرو ڪرڻ اڪيڊميءَ جو اوّلين ڪم آهي.

”رباعيات طالب“ اڪيڊميءَ جو ٽيون شاهه پارو آهي. هن کان اڳ ”مصريءَ جون تڙون“ ۽ ”سدا وسين سنڌڙي“ شايع ڪيا اٿئون، حالانڪ اڳوڻي اعلان مطابق ”لغات سنڌي مخفّفات“ به اداري کي ئي پڌرو ڪرڻو هئو. [بطور اشاعت نمبر 2] پر سنڌي ادبي بورڊ جي گُهرَ تي جناب قبلا طالب الموليٰ سائين جن مذڪوره ڪتاب ڇاپي لاءِ انجي (بورڊ) حوالي ڪيو آهي. منهنجي معلومات مطابق ”لغات سنڌي مخففات“ به جلد ئي منظر عام تي ايندو.

اميد اٿئون ته پڙهندڙ پنهنجي راءِ موڪلي اداري جي عزِم صادق کي عملي جامو پارائڻ ۾ هٿ ونڊائيندا.

 

شل رهي زندهه زبان سنڌ ۽ اُن جا اديب،

نڪته سنج هر هڪ انهيءَ جو نڪتدان زنده رهي

[محمّد خان غني]

 

 

7، ڊسمبر، 1990ع                                   مخدوم جميل الزّمان

هل سائيڊ هومز                                                       صدر

ڪراچي.                                                    طالب الموليٰ اڪيڊمي


 

پهرين ناشر جو نوٽ

 

عاليجناب  مخدوم  محمّد  زمان  صاحب ”طالب الموليٰ“ سجّاده نشين درگاه مخدوم نوح عليه الرحمة هالا جي منتخب رباعيات جو مختصر مجموعو.

 

 

”سليم“ هالائي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org