سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اند منجهه الله

صفحو :10

٥- ذلف چئي ھن زمين تي، ڀلو ميان، آھيان اوھان جي آڌار وو يار،

مونکي سڌي واٽ ڏيکار.

 

ٿلھھ: ڪم ايندئي سوئي،

تون حرف پڙھيج ھڪوئي.

 

١- ڪڍيج ڪٽ قلب منجھاران، داغ سڀيئي ڌوئي،

تون حرف پڙھيج ھڪوئي.

 

٢- آخر فنا جو ٿيندين تون، ھتِ رھندو ڪين ڪوئي،

تون حرف پڙھيج ھڪوئي.

 

٣- اور اٺئي پھر الک سين، منھن مونن منجھھ ڏيئي،

تون حرف پڙھيج ھڪوئي.

 

٤- جھين ووڙيو وجود منجھھ، خبَر تھين کي پيئي،

تون حرف پڙھيج ھڪوئي.

 

٥- جي رازق ڪاڻ رلي ويا، مان لھي ويا سيئي،

تون حرف پڙھيج ھڪوئي.

 

٦- پِرين تنھن کؤن پل م پري، جلي جانبَ ڪاڻ جوئي،

تون حرف پڙھيج ھڪوئي.

٧- ريجھائج رحمان کي، تون ذلف فقير چئي روئي،

تون حرف پڙھيج ھڪوئي.

 

ٿلھھ: يار ملو مئين نال،

ڏاڍي ڏينھڙي ڏور جو لايئي.

 

١- تيڏي ڪارڻ مئيڪون مٺڙا، سڪندي ٿيڳئي سال،

ڏاڍي ڏينھڙي ڏور جو لايئي.

 

٢- درشن ڪراءِ دوست مئيڪون، سڻ ميڏا ھڻ سوال،

ڏاڍي ڏينھڙي ڏور جو لايئي.

 

٣- رلندي رلندي راھان دي وچ، حال ٿيڳئي بيحال،

ڏاڍي ڏينھڙي ڏور جو لايئي.

 

٤- آکي ذلف فقير تيڏي مئيڪون، پيار ڪيتا پائمال،

ڏاڍي ڏينھڙي ڏور جو لايئي.

 

ٿلھھ:   آھي عبداللطيفرح آھي عبداللطيفرح،

سنڌ جو سائين الا سنڌ جو سائين الا.

 

١- تنھنجي ڀِٽ تي رحمت، بادل بوندون وسن،

ٿر بَر لاڙ اتر جا، لوڪ لڙي اچن،

سڀڪو اِئين چوي، ڀيڄ ڀِٽائي الا،

سنڌ جو سائين الا.

 

٢- ٿي وئي مان واري، ھيءَ سنڌڙي سونھاري،

آيو شاھھ ڀٽائي، ٿي وئي باغ بَھاري،

گل ٽِڙيو جو، سچل سائين الا،

سنڌ جو سائين الا.

 

٣- سانئيم سدائين، ڪرين سنڌ سڪار،

آباد عالم ڪرين، دوست مٺا دلدار،

آھي ذلف فقير کي، واتِ وائي الا،

سنڌ جو سائين الا.

 

ٿلھھ: مرشد ڪامل اِھڙائي ھووي، جنھن وچ نور نظر آوي،

جنھن وچ نور نظر آوي سائين جنھن وچ نور نظر آوي.

 

١- سبق پڙھاوي اِسم ذاتي دا، ڪفر ڪاٽي سائين وچ ڇاتي دا،

الله الله ذڪر ذاتي دا، طالب نون اِھا رمز سڻاوي.

 

٢- مرشد ڪامل مريد صادق، رھندي غرق ڏونھين وچ وحدت،

اِھو بھ ڪم ڪريندا قدرت، طالب نون مطلوب ملا وي.

 

٣- لھر دنيائي درياھھ ماريندا، جِتي نھ ڪوئي تار تريندا،

اتي بھ مرشد پار ڪريندا، طالب نون لنگھھ ڪنڌي رساوي.

 

٤- اول اندر نون پاڪ ڪري، خودي وڏائي نون خاڪ ڪري،

آکي ذلف فقير دل صاف ڪري، پير اسانڏا قلب ھلاوي.

 

ٿلھھ: بِرھھ ڪيو بيساھھ الا،

ڪيچ ڪشالو ڪيئن ڪيان.

 

١- سڪ سڄڻ جي سمھڻ نھ ٿي ڏي،

لڳي جھوري ھن جيءَ جڏيءَ کي،

اندر چيريم چاھھ،

ڪيچ ڪشالو ڪيئن ڪيان.

 

٢- ھو تان ھليا مونکي ماري،

سورن منجھھ سرتيون ساڙي،

بِرھھ جي ٻاري باھھ،

ڪيچ ڪشالو ڪيئن ڪيان.

 

٣- ھيڻا ٿِيا ھن منھنجا ھڏڙا،

مان نھ سڻي ٻاروچو سڏڙا،

وات ۾ ووءِ ووءِ آھھ،

ڪيچ ڪشالو ڪيئن ڪيان.

 

٤- پــيل  پھاڙن  منجھھ  آھيان،

آسرو ذلف فقير نھ لاھيان،

شال ملائيندو الله،

ڪيچ ڪشالو ڪيئن ڪيان.

 

ٿلھھ: گم آھيون گم آھيون،

ڪنھن دنيا منجھھ ميان.

 

١- نڪي راتِ نھ ڪو ڏينھن، نھ صبحا نھ سنجھھ ميان،

ڪنھن دنيا منجھھ ميان.

 

٢- نڪو غم نڪي خوشي، نھ اھنج نھ سھنج ميان،

ڪنھن دنيا منجھھ ميان.

 

٣- نڪو وڻ نھ ڪي رڻ، نڪو جھر جھنگ ميان،

ڪنھن دنيا منجھھ ميان.

 

٤- نڪي پکي نڪو پِڃرو، نھ ٻِيو ڪو ھنج ميان،

ڪنھن دنيا منجھھ ميان.

 

٥- ذلف فقير عشق نيو اتِ، نھ ڪا سوچ نھ سمجھھ ميان،

ڪنھن دنيا منجھھ ميان.

 

ٿلھھ: آنءُ ڪيئن پاڻ لڪايان، آنءُ ڪيئن پاڻ لڪايان،

جو مون لڪڻ جھڙو ناھيان.

 

١- يا تھ آنءُ عشق آھيان،

ڪيئي جوان جلايان،

جو مون لڪڻ جھڙو ناھيان.

 

٢- يا تھ آنءُ اکــر آھيان،

ڪيئن پاڻ پڙھايان،

جو مون لڪڻ جھڙو ناھيان.

 

٣- يا تھ آھيان ساڳيو آنءُ،

ڪھڙا خيال ويڙھايا،

جو مون لڪڻ جھڙو ناھيان.

 

٤- يا  تھ  آھيان  آسمان،

بادل بُوندون وسايان،

جو مون لڪڻ جھڙو ناھيان.

 

ٿلھھ: عشق تنھنجي وو مٺڙا مست مونکي ڪيو،

مست مونکي ڪيو.

 

١-   ڪوئي چوي ٿو چريو آ، ڪوئي چوي ٿو کريو آ،

اڻ ڄاڻ ماڻھن سان، ناتو اچي اڙيو.

 

٢-     نڪائي مون لئي راتِ آ، نھ ڪائي مون لئي ڏينھن آ،

بي خبر مونکي ھتڙي، بِرھھ تنھنجي ڪيو.

 

٣- ياد تون ھين سدائين، من منھنجي ۾ آھين،

توريءَ رھيو نھ آھي، اندر ۾ ڪو ٻيو.

 

٤- ذلف فقير چئي آڙاھھ ڏيئي وئين مونکي،

قرب ڪباب تنھنجي، مٺڙا مونکي ڪيو.

 

ٿلھھ: آخر اٿئي توکي ڇڏڻو وو يار،

ھتي آھين تون ڪي ڏينھن ٻھ چار.

 

١- ڪر ياد تون ھردم نام خدا جو،

جنھن جي اڳيان آھي بيھڻو وو يار.

 

٢- ايڏي نھ ڪر تون وڏائي بَندا،

اٿئي مٽيءَ منجھھ ملڻو وو يار.

 

٣- ڪير بھ ڪين رھندو ھتڙي،

آھي سڀ ڪنھن کي فنا ٿيڻو وو يار.

 

٤- چئي  ذلف فقير   زماني  ۾،

توکي ھميشه ناھي رھڻو وو يار.

 

ٿلھھ: آنءُ جيئين آھيان تئين،

مونکي عشق ڪيو آ اِئين.

 

١-  مون ڪعبو آھي قلب ڪيو،

مون تن کي آھي طواف ڪيو،

مون سجدو ڪيو آ ھئين،

مونکي عشق ڪيو آ اِئين.

 

٢- مون پنھنجو پاڻ کي پاڻ سڃاتم،

جيءُ اندر ۾ جھاتي پاتم،

مون يار ڏٺو آ اِئين،

مونکي عشق ڪيو آ اِئين.

 

٣- مون ڪوئي چوي چانڊوڪي،

مون ڪوئي چوي اونداھي،

آنءُ راتِ م آھيان ڏينھن،

مونکي عشق ڪيو آ اِئين.

 

٤-  مون ذلف فقير سمجھي سوئي،

دوئي ڪڍي دل مئون جوئي،

ناتو اڙائي نينھن،

مونکي عشق ڪيو آ اِئين.

 

ٿلھھ: آنءُ راتيون ڪيئن نھ جاڳان،

تنھن جانبَ ڪارڻ جيڏيون.

 

١- پنڌ ڪري پرينءَ ڪاڻ،

جبَل ڪيئن نھ جھاڳان،

تنھن جانبَ ڪارڻ جيڏيون.

 

٢- جانبَ جي جدائيءَ ڪيا،

دل اندر منجھھ داغان،

تنھن جانبَ ڪارڻ جيڏيون.

 

٣- جت ھڻي ويا جائي پائي،

قرب سنديون ھتِ ڪاتان،

تنھن جانبَ ڪارڻ جيڏيون.

 

٤- ذلف فقير چئي روئڻ آھھ،

ڀينر منھنجي ڀاڳان،

تنھن جانبَ ڪارڻ جيڏيون.

 

ٿلھھ: سي لوڪان ڪين لڙيا،

جنھن جو پيچ پرينءَ سان.

 

١- وڃڻا سي ويا، روڪڻ سان ڪين رڪيا،

جنھن جو پيچ پِرينءَ سان.

 

٢- ٻاري آڳ اندر ۾، سورن منجھھ سڙيا،

جنھن جو پيچ پِرينءَ سان.

 

٣- وحدت جي واديءَ ۾، گھيرو ٿي گھڙيا،

جنھن جو پيچ پِرينءَ سان.

 

٤- ڏونگر ڏوري ذلف فقير چئي، عشق جي چاڙھي چڙھيا،

جنھن جو پيچ پِرينءَ سان.

 

ٿلھھ: رسي ويوم ڪالھھ وو رسي ويوم ڪالھھ،

راڻو مون کان جيڏيون، رسي ويوم ڪالھھ.

 

١- ھيو تھ ڏينھن ڪالھوڪو ميان، پر مون لئي گذريم سال،

جيڏيون رسي ويوم ڪالھھ.

 

٢- ڪيئن ڪريان وو ڪاڏي وڃان الا، جيئڻ ٿيوم جنجال،

جيڏيون رسي ويوم ڪالھھ.

 

٣- سوڍي  سوا  سڃ  ٿي  الا،  ڪاڪ  ٿيوم  ڪنگال،

جيڏيون رسي ويوم ڪالھھ.

 

٤- ڪوئي مينڌرو مون سين ملائي ميان، مٿان گھوريانس مال،

جيڏيون رسي ويوم ڪالھھ.

 

٥- ووڙيم جنھن لئي ذلف فقير چئي الا، مولى ملائيندو شال،

جيڏيون رسي ويوم ڪالھھ.

 

ٿلھھ: آنءُ ڪيئن جيئري رھان – ڙي ڀينر،

جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.

 

١- ڪات وھائي ڪنڌ تي، ڌار سسي ڌڙ ڪيان – ڙي ڀينر،

جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.

 

٢- پرينءَ ڪارڻ راھن منجھھ، رت اکين مؤن رئان، – ڙي ڀينر،

جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.

 

٣- ڪاھيندس ڪيچ ڏانھن، واپس ڪيئن آنءُ وران– ڙي ڀينر،

جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.

 

٤- اھڙي جيئڻ کان پوءِ جيڏيون، زھر پيالو پيئان– ڙي ڀينر،

جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.

 

٥- محبت سندو مچ مچائي، سورن منجھھ سڙان– ڙي ڀينر،

جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.

 

٦- ذلف فقير چئي ٻاروچن لئي، ٻارڻ ٿي آنءُ ٻران– ڙي ڀينر،

جانبَ ريءَ ھن جوءِ ۾.

 

ٿلھھ: ڏير ھليا ويا ڏور الا،

پنھون وٺي ويا پاڻ سين.

 

١- ھئي ھئي ڪيان ھاءِ ھاءِ، ڏيئي ويا ايڏو سور الا،

پنھون وٺي ويا پاڻ سين.

 

٢- جت وٺي ويا جانب جيڏيون، ڀينگ ڪري ڀنڀور الا،

پنھون وٺي ويا پاڻ سين.

 

٣- ساھھ ڪري ويا سوگھو سرتيون، نيڻين کڻي ويا نور الا،

پنھون وٺي ويا پاڻ سين.

 

٤- ڏيئي ويا ڦٽ فراق جا، نيھن سندا ناسور الا،

پنھون وٺي ويا پاڻ سين.

 

٥- ھوتن ريءَ ذلف  فقير چئي،   سري  نھ  ھتڙي  مور الا،

پنھون وٺي ويا پاڻ سين.

 

ٿلھھ: ڪيان ڪيئن نھ تن جون،

عمر آنءُ پچارون.

 

١- روئي رڙي تن اباڻن لئي،

آنءُ ڪڍان ڪيئن نھ پارون.

 

٢-     واحد وسائيا مينھڙا تھ ھوندا،

نھاريندا خوشيءَ منجھھ پٽن تي پنھوارون.

 

٣-     ساري سومرا تن سنگھارن کي،

ڪيان ڪيئن نھ آنءُ ڪوٽن ۾ ڪو ڪارون.

 

٤-     چئي ذلف فقير سانگيئڙا نھ وسرن،

من منھنجي ۾ پون ياد مارون.

 

ٿلھھ: ڪين ڪيان تنھنجو پٽ لوئيءَ مٽ،

ادا ڙي عمر ڀلي ڪيو ڪوٽن ۾ مونکي بند.

 

١- ساھھ صدقي ڪيان سانگين لئي،

ھي ساري جان ۽ جند،

ادا ڙي عمر- ڀلي ڪيو ڪوٽن ۾ مونکي بند.

 

٢- قسمت آندا ڪي ڏينھڙا ھتِ،

ملير     منھنجو      ھنڌ،

ادا ڙي عمر- ڀلي ڪيو ڪوٽن ۾ مونکي بند.

 

٣- شال سانگيئڙا سک ۾ ھجن،

مارون  منھنجا  مالوند،

ادا ڙي عمر- ڀلي ڪيو ڪوٽن ۾ مونکي بند.

 

٤- زنجيرن ۾ ذلف فقير چئي،

ڀلي جڪڙجي سنڌ سنڌ،

ادا ڙي عمر- ڀلي ڪيو ڪوٽن ۾ مونکي بند.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org