سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :7

ايڪواد

جسم کان روح جدا ته نه آهه

جدا ڪر ساگر کان گهراڻ

چنڊ کان ڪر ته جدا چانڊاڻ

روح کان الڳه خدا ته نه آهه

جسم کان روح جدا ته نه آهه.

اسرار

خدا ۽ روح ٻئي اسرار

اکين جي اوڏو دنيا آهه

اِنهيءَ سان جيئري، ڍول! نباهه

مرڻ کانپوءِ جا ڪهڙا پار

خدا ۽ روح ٻئي اسرار.

پريپورڻ

هئين جي پريپورڻ تون پاڻ

ٿيئه ڇو جڳ جوڙڻ جي لوڙ؟

وري جوڙيئه به ته ههڙي جوڙ!

پسون پيا چوڌاري رت ڇاڻ

هئين جي پريپورڻ تون پاڻ.

سرجڻهار

اگر ’سچ‘ آهي سرجڻهار

ته پيدا ٿيو ڪٿان هي ڪوڙ؟

اُڏائي پاڻ پاپ جي ڌوڙ

ڪيائين خلق سڄيءَ کي خوار

اگر ’سچ‘ آهي سرجڻهار!

نام – خمارئ

چريائپ چت جي ساري آهه

چوي ڪو اگم، اَنام، اَروپ

چوي ڪو سندر آهه سروُپ

چوي ڪو نام – خماري آهه

چريائپ چت جي ساري آهه.

 

خوب خيال

خدا هڪ آهي خوُب خيال

روح جو رسميه سکميه راڳ

منش جي پوُرنتا جو ماڳ

ايڪتا جو هڪ روپ وشال

خدا هڪ آهي خوب خيال

هري دلگير (1916)

ٻه غزل

(1)

گرچه پونجي فقير جي آهي

دل تڏهن ڀي امير جي آهي!

دل ۾ ديدار دوست جا آهن

ڪانه سڌ ٻڌ سرير جي آهي!

روپ پنهنجو منجهس ڏٺو رانجهي

ورنه هستي ڇا هير جي آهي؟

پاڻ ۾ پاڻ قيد ٿيو آهي

ڪهڙي حالت اَسير جي آهي!

سارو سنسار آهه سونهن ئي سونهن

اک کليل جي ضمير جي آهي!

پريت دنيا سان هاڻ آهي اِئين

جيئن ڪنول جي ۽ نير جي آهي!

ٿي اچي گلبدن وٽان شايد

خوب سرهاڻ هير جي آهي!

ٻيو به هڻ، ٻيو به هڻ، مزو ٿو اچي

چوٽ ڇا تنهنجي تير جي آهي!

شاه جو شعر خود شراب آهي

گهرج وسڪيءَ نه بير جي آهي!

مارئي ٿي پئي وري ماندي

ياد آئي ملير جي آهي!

 

(2)

1- نه ڦل پٽيون ٿا، نه گل ڇنون ٿا

چمن ۾ هوندي چمن ۾ ناهيون

حيات جي انجمن گهمون ٿا

حيات جي انجمن ۾ ناهيون!

2- ڪنول جو گل آ تلاؤ اَندر

تلاؤ ۾ هوُ تڏهن به ناهي

اسان دکن ۾ دکي نه آهيون

سکن ۾ رهندي سکن ۾ ناهيون!

3- جتي وڃون اُت ڏيون محبت

جتي وڃون ات وٺون محبت

جهان ۾ سا جڳهه نه آهي

جتي اسان دوستن ۾ ناهيون!

4- بشر بشر سان اَٿاهه الفت

اِنهيءَ کي سمجهون اسان عبادت

خدا جي الفت جو ڍونگ جيڪي

رچن ٿا، تن عابدن ۾ ناهيون!

5- گگن ۾ اُڏري، گگن جا نقشا

ڪڍي، زمين کي گگن ڪنداسين

اسانجو ڌرتيءَ سان پيار آهي

گگن جي لءِ ڪو گگن ۾ ناهيون

6- اسان جو فن آهه ڪو نه فن لءِ

اسان جو فن زندگيءِ لءِ آهي

فقط لکڻ واسطي لکن جي

شمار تن شاعرن ۾ ناهيون!

7- جڏهن به ساڻيهه جا سنيها

اسانکي پرديس ۾ پڄن ٿا

تڏهن وطن ۾ ٿا پاڻ سمجهون

وڃي ٿو وسري وطن ۾ ناهيون!


 

 

ٻه گيت

(1) جن جي دل ۾ درد

جن وٽ دل ۾ درد، اُنهن جي دردن تان قربان

جن وٽ سڀ جا سور، اُنهن جي سورن تان قربان!

1- ڪنڊن ۾ ٿيا پاڻ سدائين

ڏيندا ته به سرهاڻ سدائين

جن ڪنڊن سان قرب ڪيو، تن گلڙن تان قربان!

2- پاڻ اُسن ۾ سڙندا آهن

ڇانو ٿڌي ته به ڏيندا آهن

ڇا نه وڻن جا وڙ، مان تن جي پن پن تان قربان!

3- نت نت پاڻ جلائن ويٺا

جڳ ۾ جوت جڳائن ويٺا

اونده اُجلي جن کان ٿئي، تن ديپن تان قربان!

4- جن کي ڏسندي مک مک ٻهڪي

من من جي مينا ٿي چهڪي

جن ڳوڙهن ۾ گيت ڀريا، تن ڪڪرن تان قربان

5- نيڻ پرائي دک کان ڇلڪيا

تن مان ٿورا آنسون ٽپڪيا

جي هيرن جو هار بڻيا، تن لڙڪن تان قربان!

6- جن ڪنڊن مان راه بڻايا

گس گس تي گلزار لڳايا

رستي ۾ جي رت ٿي پيا، تن قدمن تان قربان!

7- مڙني لءِ کولن مڌشالا

پاڻ پين اکڙين جا پيالا

مستيءَ ۾ جي مست سدا، تن مستن تان قربان!

(2) ساگر ڏي تون هل هاڪاري

او مٺڙي، او پياري جيجل – او ٻهڳڻ ٻاجهاري سنڌو!

تنهنجيءَ ڇلندڙ ڇاتيءَ تي مون – پنهنجي ٻيڙي تاري سنڌو!

سر ماٺيڻا – جهيڻا جهيڻا

ڳائي ڳائي – دل وندرائي

هل مونکي تون پار اُڪاري – ساگر ڏي هل تون هاڪاري.

او نيلي ساگر مان ايندڙ – او نيلي ساگر ڏي ويندڙ

جنم وٺي جنهن گهر مان آئينءَ – آخر ۾ تنهن گهر ڏي ويندڙ

جو تنهنجو گهر – سو منهنجو گهر

گهر سانتيڪو – گهر ٿانئيڪو

ڌيري ڌيري موجون ماري – ساگر ڏي هل تون هاڪاري.

رات سانت جا ساز وڄائي – منهنجي هردي کي لهرائي

اونده جي پردن ۾ ويڙهي – مونکي ڇڏ تون پار لڳائي

نچندي ٽپندي – لڏندي ڪڏندي

تنهنجون ڇوليون – ڏيندم لوليون

لهر لهر مان گيت اُٿاري – ساگر ڏي هل تون هاڪاري.

سانتيڪو گهنڀير سمندر – دل جي تار ڇڏيندو ڇيڙي

جنهنجي موج موج ۾ موتي – جن موتين کي ڪو ڪو ميڙي

تنهن ساگر مان – آدي گهر مان

سڏڙو ٿيو آ – هلڻو پيو آ

هاڻ سگهان ڪئن هن گهرگهاري – ساگر ڏي هل تون هاڪاري.

 

ٻه وايون

(1)

دير ڪرين ڇاڪاڻ؟ هلي اچ هاڻ، سڄڻ تون دير نه ڪر،

سڄڻ تون دير نه ڪر.

تون مان ڪو نه سڀان هونداسين، جو اَٿئي سو آڻ،

سڄڻ تون دير نه ڪر.

پريت پکيءَ جان اُڏري ويندي، اَچڻو ٿي، اَچ هاڻ،

سڄڻ تون دير نه ڪر.

چئن گهڙين جي لءِ چانڊوڪي، چهري جي چانڊاڻ،

سڄڻ تون دير نه ڪر.

جوڀن فاني، ماڻ جواني، ماڻ جواني، ماڻ،

سڄڻ تون دير نه ڪر.

سڪ جو ساز ٽٽڻ تي آهي، تند نه ايڏي تاڻ،

سڄڻ تون دير نه ڪر.

(2)

تان بنسريءَ جي ٻڌندي ئي،

پاڻوڃائي پاڻ ۾… راڌا ڳولي شيام کي.

بندرابن جي ڪنج ڪنج ۾،

هڪ هڪ پريم – وٿاڻ ۾… راڌا ڳولي شيام کي.

وڻن ولين ۾، گيت گيت ۾،

ساوڪ ۽ پيلاڻ ۾… راڌا ڳولي شيام کي.

ڪوئل جي ڪوُ ڪوُ ۾ ڳولي،

گل گل جي سرهاڻ ۾… راڌا ڳولي شيام کي.

جمنا جي لهرن ۾ لوچي،

پاڻي جي نيلاڻ ۾… راڌا ڳولي شيام کي.

ڳولي ڳولي ٿڪجي ٽٽجي،

ٽٻي ڏئي ٿي پاڻ ۾… راڌا ڳولي شيام کي.

راڌا ڳوليو شام کي،

راڌا پاتو شيام کي.

ٻه ترائيل

(1)

لطف خود لءِ نه، ٻين لاءِ جيڻ ۾ آهي،

چنڊ اونده ۾ رهي، جڳ کي ڏئي ٿو چانڊاڻ،

جو پيارڻ ۾ مزو، سو نه پيڻ ۾ آهي،

لطف خود لءِ نه، ٻين لاءِ جيڻ ۾ آهي.

دل ٽٽڻ ساڻ به گل ڪئن نه ڏئي ٿو سرهاڻ،

سو مزو ناهه وٺڻ ۾، جو ڏيڻ آهي،

لطف خود لءِ نه، ٻين لاءِ جيڻ ۾ آهي،

چنڊ اونده ۾ رهي، جڳ کي ڏئي ٿو چانڊاڻ.

 

(2)

ايترو اوڏو نه اچ، آءٌ جئين ’تون‘ نه بڻان،

کولي دل، تنهنجو مان ديدار ڪرڻ چاهيان ٿو،

ايترو دور نه رهه، جو نه پسي توکي سگهان،

ايترو اوڏو نه اچ، آءٌ جئين ’تون‘ نه بڻان.

 

شال تون ’تون‘ ٿي رهين، آءٌ سدا ’آءٌ‘ رهان،

ڇو ته تو ساڻ سدا پيار ڪرڻ چاهيان ٿو،

ايترو اوڏو نه اچ، آءٌ جئين ’تون‘ نه بڻان،

کولي دل، تنهنجو مان ديدار ڪرڻ چاهيان ٿو.

منهنجو دشمن گذاري ويو

منهنجو دشمن گذاري ويو

آهي ڪائيءَ تي ليٽيو پيو

پيلو چهرو، اکيون ٻيئي ٻوٽيل اٿس

هوُ به مون جان ڀڳت ۽ ٺڳت ئي ته هو

مونکي اُسرڻ هوُ ڏيندو نه هو

هوُ گذاري ويو چڱو ئي ٿيو

ڪجهه مٿي سوُر گهٽ ٿي پيو

ميڙ ماڻهن جو آهي مڙيو

ڪيترو نيڪ هو!

(نيڪ هرڪو مرڻ بعد آ)

کيس کڻندا هنئر، ويندا شمشان ڏي…

اوچتو، اوچتو

ٻارهن جا ٿو رئندا ڏسان

تن جا سڏڪا ٻڌان آءٌ ٿو

منهنجي سر ۾ ٿو چڪر اچي

۽ زمين کي ٿو ڦرندو ڏسان

منهنجي دل کي ٿو جهٽڪو اچي

منهنجا گوڏا جهڪي ٿا پون

پاڻ کي ٿو ڪفن ڏي ڪرندو ڏسان

۽ چمان ٿو سندس پير آءٌ.

ٻاهر تالو اندر آءٌ

اڄ دل جي دروازي تي

ٻاهران تالو هڻي ڇڏيو اٿم

۽ اندر ئي اندر

مان اڪيلو لڪي ويٺو آهيان.

اڄ مان ڪنهن سان به ڪو نه ملندس

اڪيلو ئي اڪيلو عيش ڪندس

پنهنجو پاڻ سان.

اي غم، جي تون اڄ ايندين

ته ٻاهران تالو ڏسي موٽي ويندين

اي سوچ، تون به اڳوپوءِ سڀاڻي اچجانءِ

۽ غم سان گڏ ويهي

سس پس ڪجانءِ

اڄ مان آهيان ئي ڪو نه.

اي سنسار

پنهنجا اَڻ – چڪتوُ ٿيل بل کڻي نه اچج

مان هوندس ئي ڪو نه

بل ڪير ڀريندو؟

اي آئيندي جا اونا،

او من جا مونجهارا،

اڄ توهان نراس ٿي موٽي ويندا

اڄ مان ٻاهر ويل آهيان

اڄ مان ڪنهن سان به ڪو نه ملندس

اڪيلو ئي اڪيلو

عيش ڪندس

پنهنجو پاڻ سان.

اندر ڀوڄواڻي (1918)

سنڌ ۽ سنڌي

1-                       رن سياست بدچال! راڄن ۾ رولو وڌءِ

وڏن وڏن جي مت کسيءِ، ڇوري ڏيئي ڇال

ڀاءُ ويڙهايهءِ ڀاءُ سان، ڪري تيرهن تال

اشرافت بيوَس بڻي، اِنسانيت بي حال

بازاري رن! شال، منجو کڄيئي ملڪ مان!

 

2-                      ساريوُن جي سنڌ کي اسين، لقب ملي ”غدار“

گنگا! امرت ڌار! هيءُ وک رت ۾ ڪئن ڀريو؟

 

3- ڏاها نصيحت ڏِينِ، ”موهه ڇڏي ڏي سنڌ جو“

خود هئن کيڪارين، ”سنڌي سائين! ڪيم ڇو؟“

 

4- ”تن جو وٺجي نانءُ ڇا، جن جو ڇڏيو گانءُ“

عاقل سمجهائي اِئين، مڃي نه مست هنيانءُ!

 

5- ”پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سوُر هئا“

هيءَ هڪ سٽ سنڌيءَ جي، ڇا ته ڏئي ٿي ڄاڻ!

تون ٿو چئين، سڄاڻ! ”سنڌي ادب ۾ آهه ڇا؟“

 

6- انگ ڪٽيائون سنڌ جا، روُح ته ڪٽيو ناهه

هت به مکن تي آهه، ”لالئون لال لطيف چوي!“

 

دوها - سورٺا

1- اڳيان دهل شرنائيون، پويان گهوٽ ڪنوار

ڪلا اِنهيءَ پرڪار، ٿي جيون جي رهنما!

 

2- اڳيان دهل شرنائيون، پويان گهوٽ ڪنوار

ڪلا، زندگي، پيار، ٽيئي گل گڏجي ويا!

 

3- سينڌ رتي هٿڙا رٿا، دلڙي لاليءَ لين

آئينو رنگين، آيو آ کهبي ڍڪي!

 

4- واسينگن وچ۾ سمهيل، ٻهڪي سنهڙي سينڌ

اِندر روح ڦوڪيو ڇڏي، سيندر رتڙي سينڌ!

 

5- آنچل سان ڇڪتاڻ ڇو؟- اُن ڇا ڪيو قصور؟

ٽڪي به ڪئن معذور، هيٺان دل ڏئي ٿي ٽپا!

 

6- جرڪي مرڪي چنڊ پڻ، خوب پکيڙي منڊ

اڪ جي ڦاڙي اکين کي، ڏسڻ نه ٿي ڏئي چنڊ!

 

7- توکي ڏسندي ڏک لهن، مٺڙي! ٺري هيانؤ

ساٿ سندءِ آ، سانوري! مون لءِ نم جي ڇانؤ!

 

8- چنبيليءَ جو گل ڏسي، جاڳي ڪنهنجي سار

هر جهوني تشبيهه کي، ڪيئن چئجي بيڪار؟

 

9- نيڻ ته قائل قرب جا، ڌرم نه ٻيو ليکين

جيءُ جي جيئارين، تن تي سؤ سؤ چوڪسيون!

 

10- نيڻ نماڻا لڄ ڀريا، تنهنجا، مٺڙا ميت!

موهين نٽ نخري بنا، جئن ڪنور جا گيت!

 

11- ٻاهر سار گهڻي سندن، گهر ۾ ڪم جا پوُر

دوريءَ ۾ ويجها رهون، ويجهائيءَ ۾ دوُر!

پنجڪڙا

(1)

پري رک اِهو پيار بي نوُر

نه جڳ تي جنهنجي پوي نگاهه

سدا پنهنجي مطلب جو چاهه

رهي خوش ڏيندين ٻين جا سوُر

پري رک اِهو پيار بي نور!

(2)

مسلسل تڙڦ جواني آهه

اڙي بي فڪر سمهڻ وارا!

ڏيل کي ڏسي پڏڻ وارا!

جواني خون ماس ئي ناهه

مسلسل تڙڦ جواني آهه!

(3)

رکن ٿا ادب اڃا به جوان

ٻڍي نابين سکانيءَ جو

آهه ڪُن ڏي رخ ٻيڙيءَ جو!

کسي وڏڙي کان ڪير سکان؟

رکن ٿا ادب اڃا به جوان.

(4)

سهڻ جا ڪيسين وعظ ڏيان؟

جسم کي هر ڏک ڏنڀي ٿو،

سڄو تَن ڏنڀيل آ جن جو

مٿان مان پڻ تن کي ڏنڀيان؟

سهڻ جا ڪيسين وعظ ڏيان؟

                (5)

نه گُهر مونکان ڪومل ٻولي

دريوڌن جا اڄ سهسين روُپ!

ننڊ ۾ ارجن پوءِ به الوپ!

ڏيان تنهن جوڌي کي لولي؟

نه گهر مونکان ڪومل ٻولي.

تنها

1-     روي خواه ڪوي، ٻرڻ ٻنهي لءِ لازمي!

2-    جنم دن جو جشن، ورسي ارمانن جي!

3-    ترقي ڪرمنل ڪوڊ جي، سڀيتا جو وڪاس!

4-    ”ليڊر“ آريسٽ، ڪمپليٽ ريسٽ!

5-     مهاساگر جي پٺيءَ تي، ننڍڙو ڪک سوار!

6-    اُڀ جي سليٽ تي، يگن کان ساڳيو سبق!

7-    ڪنڌ ڀاونا جو ڪپيل، يوجن جيڏي يوجنا!

8-    دلين ۾ آهن، صفون، صليبن جون کتل!

9-     ڪن جا ڀونگا ٻرن، ڪن جي چانهه ڪڙهي تڏهن!

10-”مان“ ڪاٽوُ دنيا، باقي ”مان“!

11- شينهن ۽ ٻڪري گڏ، ٻار بيهاريا ميز تي!

12-دلڪش پردا درين جا، رازن جا رکپال!

13-سونا سنج چيتن تي، اَچيتن سوار!

14-کائي ماڻهوءَ ماس، مساڻ آ بيهوش پيو!

15- گنگا ڌوئي پاپ، پاڻي پيٽن ۾ وڃي!

16-لغتن جا انبار، اکڙين جي ٻولي ڪٿي!

17-من کي هڪ چهبڪ هنيم، هوُ پيو هڻي هزار!

18-لڙڪن جو ڪئن قدر ٿئي، کارو پاڻي آهه!

نارائڻ ”شيام (1921)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org