سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو مرتضائي

صفحو :4

- هئا ٻاهتر شهيد ٿيا اهلبيت عليءَ جا، ۽ هو حُسين زخمي،

هئي خدا جي مرضي.

2- پوءِ پانڌي پيش پئڙو، حسينڻ جي هاءِ هاءِ، ڪيائين سوال صغران جو،

احوال عرضي.

3- چي: ڪاڏي پنڌ تنهنجو، ائين چيو امام اُن کي، چي منهنجو

پنڌ پرانهون، آهي دور درازي.

4- پوءِ آيو ڪبوتر ٿي قاصد، وري چيو امام اُن کي،

اول ڪج نياز نبيءَ وٽ، منهنجو احوال عرضي.

5- پوءِ شمر لعين ڪيو شهيد، حسينڻ کي هاءِ هاءِ!

تڏهين پکيڙو ٿي رت ۾ اُڏاڻو، انبوضي.

6- پوءِ اچي پکيءَ، پاڪ رسول جي روضي تي رڙيون ڪيون،

سو سڻيو آواز صغران، ته پيو وڇوڙو وَڳر ضي.

7- چئي ”منٺار“ هي مذڪور، ڪندو ڪير سمورو،

هو وڏو سو واقعو، ايءُ نه هو تاب ترزي.

 

ٿلهه: هو گڏ اِمام سين، عباس علَمدار حسيني،

جهيڙي جنگ سپاهه جو، سو سالار حسيني.

1- عليءَ جي اولاد جو، هو آڌار حسيني،

هئو حسب نسب هاشمي، ننگي ننگوار حسيني.

2- ڪم ڪارخاني جو، هو هوشيار حسيني،

هئو امام جو سو، عام مختيار حسيني.

3- هئو پيارو پيغمبر جو، سو دلدار حسيني،

هئو ڏکن ۽ سورن ۾ گڏ، هموار حسيني.

4- سو ڪيئون شهيد شهادت ۾، سچو يار حسيني،

هن ڪافر ڪينءَ ڪُهايو، ههڙو حُبدار حسيني.

5- هي ”منٺار“ مڱڻهار، هي پينار حسيني،

آءٌ سندن ڀان، هو ڏيندو ڏان، سو ڏاتار حسيني.

 

ٿلهه: قاسم شاهه گهوٽ جي، اڄ سيج رات آهي،

چڙهيو جوان جنگ تي، پنهنجي موڙن کي ملهائي وو!

1- هتي ڏاڏي پوٽيون رهيون، ميندي لائي،

۽ هُتان حورون آيون، ساٺڙا سنباهي وو!

2- هتي چاچو هيرا موتي، گهورون پيو گهمائي،

وري پيرين پئي حسين کي، ويو ڪٽڪ ڏي ڪاهي وو!

3- وڌئين ڪوفي ڪيترا، ڪافر ڪيرائي،

پوءِ پيتيئن پيالو شهادت جو، پٺيءَ رب جي رائي وو!

4- جنهن کي پوشاڪون پرڻي جون، ڏنيون ڳيچ ڳائي،

سو اڇو ويس اُهو، ٿو رت ۾ رڱائي وو!

5- جنهن جي حورون ۽ غلمان، وڌا حسن هٽائي،

تنهن جو مَٽ مهتاب ڪو، سورج به ناهي وو!

6- اهڙي جوان جو ايمان، شاعر ڪير ساراهي،

شاديءَ سان گڏ شهادت، ڏسو دل کي ويجهائي وو!

7- جنهن لڌيون ڪين لائون، ڇڏيائون پلنگڙا وڇائي،

ٿيو صدقو سيد تان، ڪنڌ ٿو ڪپائي وو!

8- هيءَ ”منٺار“ دُکدار، رويو لُڙڪ وهائي،

ته پنهنجي پيارن کي، رب ڪيئن ٿو ڪُهائي وو!

 

ٿلهه: ڏهين ماهه محرم، هو ڏينهڙو حشر جو،

ڪيئون شهيد حُسينڻ، مالڪ محشر جو وو!

1- ٿيو يزيد ظالم، پٽ معاويئي منڪر جو،

تنهن ڪربلا ۾ ڪهايو، پيارو پيغمبر جو وو!

2- جو ڪافر قاتل، سيد سرور جو،

تنهن ٿيو مڪان جهنم، لعين شمر جو وو!

3- ۽ ويو ايمان کسجي، ٻين ڪيترن جو،

جي لشڪر هئا دوزخي، يزيد گبر جو وو!

4- ڪيائون شهيد، ٻاهتر ڪُٽنب پيغمبر جو،

جنهن ۾ عباس عَلمدار پُٽ علي حيدر جو وو!

5- ڪهڙو ڪريان بيان، قاسم شاهه گهوٽ جي گذر جو،

ڪهڙو ڪريان بيان اڪبر، شاهه علي اصغر جو وو!

6- جنهن مٿي تي دستار محمد منور جو،

سو ڪيئون ڌار ڌڙ کان، سر حسين سرور جو وو!

7- شراباً طَهُورا آب، بهشتي بحر جو،

ٿو شهيدن کي پياري، علي ساقي ڪؤثر جو وو!

8- ٿيو آب کارو، سمونڊن جي تَر جو،

ٿيو آسمان ڪارو، رنگ مثل اڱر جو وو!

9- ٿيا ملائڪ ماتمي، سُنهن خدا پرور جو،

ٿيو اُڀرڻ وقت رنگ زردو، شمس قمر جو وو!

10- هو مديني ۾ ماتم، جتي روضو رهبر جو،

هئڙو حال غمناڪ، رسول الله جي گهر جو وو!

11- هو حشر ڏينهن حرص وڌيو، يزيد منڪر جو،

هو ٻيو به راڄ راضي، انهيءَ ڪافر جي شهر جو وو!

12- هي ”منٺار“ هر وار رکي، اِرادو اندر جو،

ته هجان شل حُبدار، شبير ۽ شِبر جو وو!

 

ٿلهه: هي ماهه محرم ماتام هاءِ هاءِ!

ڪريان ياد حُسينڻ، يا امام هاءِ هاءِ وو!

1- نبي نانو جنهن جو، محمد ڄام هاءِ هاءِ!

لٿو لاءِ جنهن جي، رب جو ڪلام هاءِ هاءِ وو!

2- جنهن جي ٿي سگهي نه ڪنهن کان، ثناء تمام هاءِ هاءِ!

ٿا پڙهن صلوات اُن تي سلام، هاءِ هاءِ وو!

3- ٿيو يزيد ظالم بدنام، هاءِ هاءِ!

نسل تنهن نادان جو هو بدنام، هاءِ هاءِ وو!

4- جنهن سڙيل ڪين سڃاتو اسلام هاءِ هاءِ!

تنهن فتني ۽ فساد ڪيو، ڪفر ڪام هاءِ هاءِ وو!

5- حُسينڻ جو حُبدار، هيءَ غلام، هاءِ هاءِ!

روئي زار ”منٺار“ پيو مدام، هاءِ هاءِ وو!

 

ٿلهه: اڄ ياد آهي يا حسين سردار، منهنجو خيال غمناڪ هاءِ هاءِ!

بي قرار وو!

1- جنهن جي لاءِ جبرائيل، خدا ڪيو خذمتدار،

وري تنهن جي لاءِ شمر لعين، قاتل ٿيو ڪفار وو!

2- تن سڙين ڪين سڃاتو، پيغمبر نبيءَ جو پار،

سي ڪُوفي، شامي، دمشقي، جن جي ڪلمي تي نه اعتبار وو!

3- ٿو رهي رات ڏينهان، ان ورونهن جو ويچار،

ته پنهنجن پيارن جو، ٿو ڪري عجب آچار وو!

4- ماءُ پيءُ ناني جو، نِـــج نور هو سو نبار،

سنڀاليو سور تنهن جا، ڪري ماتام ”منٺار“ وو!

 

ٿلهه: هاءِ هاءِ! امام حسين کي، ڇو ٿو وسارئين،

ڇو ٿو وسارئين ادا! هَنجون نه هارئين.

1- تنهن صابر سور سٺا گهڻا، سڀيئي جي سارئين،

ته هوند واکاڻون وريام جون، پرتئون پچارئين.

2- سختيون سيد جون ٻڌي، گوندر نه گهارئين،

هاڻ رُئڻ ۾ سڀ راتيون، ڏينهڙا گذارين.

3- خوشيون ڪهڙيون خيال سين، دل ۾ ٿو ڌارئين،

ڦڦڙ جيرا، فڪر انهيءَ منجهه نه ٻارئين.

4- ”منٺار“! انهيءَ محبت ۾، پنهنجو پاڻ نه مارئين،

ڪنڌئون سِر ڪپي، نيت اِمام اُتارئين.

 

ٿلهه: ڏجان امداد يا علي! گُهران سڀ دم جو سڌارو،

1- نفس نادان، هئي شيطان، آهي هَيَل هچارو،

مون کي لٺ لاءِ، تون پچاءِ، ته ڏسان ڪپر ڪنارو.

2- تون الله بي پرواهه، جو آهين شير سوڀارو،

آءٌ مسڪين، آهيان غمگين، مون تان لاهه مونجهارو،

3- تون رسول، تنهن مقبول، جو آهين يار پيارو،

آءٌ ڀٽ ڀان، گهران دان، ٿو هر وقت ويچارو.

4- آهي ”منٺار“! مڱڻهار، پنجتن جو پينارو،

آءٌ ته سوالي، ڇڏ مَ خالي، تنهنجو هي نام ڏاتارو.

 

ٿلهه:              خدا جو خاص، نِــج نور، پنجتن پيارو،

ذاتي ذات مان ظهور، پنجتن پيارا.

1- پنجئي نور پنهنجي منجهان، پاڻ خلقيئين ساري بنايَت،

جو مُنڍ مُور پنجتن پيارا.

2- حديثون ۽ آيتون پڙهي ڪو پروڙي، ته هڪڙو حق،

۽ هڪ حضور پنجتن پيارا.

3- منجهه قيامت شفاعت اختيار اُني جي، لاهيندا سو وهلور،

پنجتن پيار.

4- سي سردار ڏاتار، آءٌ جهولي ٿو وڇايان، منهنجو ڪندا،

پاند ڀرپور پنجتن پيارا.

5- هي ”منٺار“ مڱڻهار، عرضدار اُني جو، منهنجو ڪندا سوال منظور،

پنجتن پيارا.

 

ٿلهه: منهنجو وسيلو ٿيندا پنجتن، منهنجو وسيلو ٿيندا پنجتن،

منهنجو وسيلو.

1- سُڻي منهنجي آزي، ٿيندم، راضي، ڪُل مشڪل ڪٽيندا پنجتن.

2- لاءِ اُمت جي، هن خلقت جي، عرض الله کي به چيندا پنجتن.

3- قيام جو تڙڪو، دوزخ جو دڙڪو، ساڻ لطف جي لاهيندا پنجتن.

4- مدت موچاري، ڪا دلداري، ڪرم ڪري اچي ڏيندا پنجتن.

5- ننگڙو سڃاڻي ٿيندم ساڻي، اچي ”منٺار“ کي نيندا پنجتن.

 

ٿلهه: ٿي سائين مدارت علي حيدر! ٿي سائين مدارت علي حيدر!

علي حيدر، علي حيدر! ٿي سائين مدارت.

1- عرض ڪريان ٿو، روز گهران ٿو، تنهنجي زيارت علي حيدر!

2- تون آهين منهنجو والي، آءٌ تنهنجو سوالي، تو کي منهنجي پارت،

علي حيدر!

3- سُڻ سوال اهي، ته مون کي شل نصيب ٿئي، نعمت علي حيدر!

4- ڏج ”منٺار“ کي، عرضدار کي، هادي هدايت علي حيدر!

 

جهنگلو: تار اڌڪ

ٿلهه: امام حسين جو عرش قرش ۾، غم جو وڄي نوبت نغارو،

1- حسين جي غم کان چنڊ ۾ ڇانوِڙي، سور انهيءَ کئون سج ۾ تاوڙي،

آسمان اونداهه ۾ ٿيو هي ڪارو.

2- سرخ روئي رت ڪربلا ٿي، ساري زمين به ٿرٿلا ٿي،

ان سور ۾ سمونڊ ڪيو هي آب کارو.

3- آهي سندن ”منٺار“ سوالي، جام شهادت گهري پيالي،

شل نصيب ٿيئم پرين جو پاڙو.

 

ٿلهه: ٿئيم نصيب شريف شهادت، وو ٿيان مير حسين ساڻ مقامي.

1- صدق سندم آهي ڏانهن شهيدن، ڏسان اکين سين منهن محبوبن،

وو مون تان مڃي آهي امام جي سلامي.

2- سندي شهيدن خذمت ڪريان، پنبڻيون پيرن تي وڃي ڌريان،

وو اُتي ڪريان گولو ٿي غلامي.

3- سُڻج الله! آ آس اهائي، منهنجي ڪربلا ۾ قبر ڪرائين،

وو ڪي پيار پيالا پر جام ي.

4- صدق سيد تان هي سر منهنجو، ڪري من پرين ڪن پنهنجو،

وو ڪي پيار پيالا پر جامي.

 

پرڀاتي:  تار اڌڪ

ٿلهه: تون سردار ڏاتار سخي نام تنهنجو، آءٌ مڱڻهار پينار آهيان،

مدام تنهنجو.

1- تون امين، چڱو دين ڏيڻ ڪام تنهنجو،

يا حبيب! ڪر نصيب سو اسلام تنهنجو.

2- جن زبان ساڻ ايمان چيو ڪلام تنهنجو،

جنت جاءِ تني لاءِ سو انجام تنهنجو.

3- جي گنگهار بدڪار ته به آءٌ غلام تنهنجو،

ننگدار نبي شافي لقب ڄام تنهنجو.

4- هي ”منٺار“ هر وار پينار تنهنجو.

سو ڀٽ ڀان، گهري دان، ٿو نئون انعام تنهنجو.

 

ٿلهه: الله، يا علي، علي يا موليٰ علي ڪر تات تن ۾،

اهو ورد وظيفو پڙهه ”منٺار“ من ۾!

1- اهو ذڪر زباني پڙهج روحاني منزل ان جي ڪا آهي لاثاني،

سڻي سمجهه صحيح ڪر، پنهنجي هينئڙي جي ڪن ۾.

2- اسم اهي ئي پڙهج سڀيئي ته هت هُت حيدر اچي ڏڍ ڏيئي،

پوءِ رهين تون سلامت هن آخير سن ۾.

3- هيءَ جا هدايت اٿئي امانت ۽ ڪڏهن ڪونه ٿيندءِ خلل خيانت،

۽ ايمان تنهنجو هوئي امن و امن ۾.

4- اڙي ”منٺار“، ٿيءُ هوشيارا پڙهه پريت سان اسم سونهارا،

ته ڪڏهن ڪين پوندين وري دوزخ اگن ۾.

 

بلاول:  تار

ٿلهه: سڻ عرض اِمام عباسا، يا عَلمدار حسيني!

1- من منهنجي تان ني وي ميان! مشڪل هول مڙيئي لاهه وهم وسواسا،

يا عام مختيار حسيني!

2- پنهنجو شان سڃاڻي، ٿج حمايت هاڻي، اُميد پڄاءِ هيءَ آسا،

يا ننگي ننگدار حسيني!

3- سوالي سائل سڏايون، نوڪر چاڪر آهيون، خادم اوهان جا خلاصا،

يا سچا حُبدار حسيني!

4- هي ”منٺار“ نماڻو، پنجتن جي پاسي وڪاڻو، تنهن ڏي دلگير کي دلاسا،

يا سپهه سالار حسيني!

 

محلود

ٿلهه:       ڪر هردم ياد حُسين، جنهن ڪامل کٽيو ڪوئنين،

اي ميان! فرزند بيبي فاطمہ، ڪر هر دم ياد حسين.

1- سورهيه جي به سچائيءَ جو، مالڪ لڌڙو مَئين،

جي سيد صبر ڪيو هن سور ۾، ته ٿيندو شافي محمد ثقلين.

2- قاسم شاهه قربان ٿيو، هو نور حَسَن جو نَين،

علي اڪبر شهيد ٿيو، بَنيس نبيءَ صورت بَين،

3- هڪ هزار نَو سؤ زخم ٿيا، ته به نَيو نماز لاءِ حُسين،

جنهن شمر شهيد ڪيو، سو لعنت جو لائق لعين.

4- جيئڻ هن جهان ۾، ٿيو دلبر ڌاران دين،

”منٺار“ مرج هن محبت ۾، ته اُجڙي ٿيئين پوءِ عَين.

 

ٿلهه: ناحق ظلم يزيد ڪيا، آءٌ ماريس تنهن ماتام،

هئي هئي شير شهادت رسيا، وو عليءَ اولاد اِمام.

1- نبيءَ نياپو جنهن کي، مير محمد ڄام،

ڪئي اُن سين عداوت اُمتين، جي هُئڙا تخم حرام.

2- ڪوفين ڪاغذ ڪيترا، ڪيا پرين ڏي پيغام،

ته تون اچ اسان جو امير ٿي، اسين سڀ تنهنجا غلام.

3- ڪُوڙيءَ دل ڪوفين پڙهيا، ڪلمان قرآن ڪلام،

ڪٺئون ڏوهٽو رسول جو، جنهن تي صلوات ۽ سلام.

4- مؤليٰ سائين ”منٺار“ جي هادي! پڄائج هامَ،

ته مانَ قبر منهنجي ٿئي، منجهه ڪربلا جي مقام.

 

ملاري:

ٿلهه: اعليٰ عزت ۾ ڪُل کان قرار، پنجتن پاڪ خدا جا پيارا.

1- نبي يا علي ڄام، بيبي سڳوري،

حَسن يا حسين ڄام، اهي سيد سونهارا.

2- پنجئي نور پنهنجي منجهان، پاڻ خلقيئي،

محبوب مڻيادار، مُڪمل موچارا.

3- ساري جوڙ پئدا ٿي، نور سندن مان،

عرش زمينون، توڙي آسمان سارا.

4- ٿيندا روز محشر ۾، شافي سڳورا،

اَجهو لاءِ اُمت، آهين ڇوٽڪارا.

5- مٿي ماڙ ”منٺار“ ڪندا، روز هر وار،

ٻانهو ٿو سڏايان، آهن ننگ وارا.

سارنگ:

ٿلهه: ڏهاڙي قيامت جي، پرور سو دگار،

خيرالنسا جو ڪندو، انصاف آچار.

1- ٿيندو پاڻ قاضي، سو ڪريم ڪلتار،

اُتي ايندو مير محمد، اُمت جو آڌار.

2- اُتي سڏبي جماعت، پنجتن وارو پار.

اُتي ايندو اِمام، جو هوندو جيڪو حبدار.

3- ٻڌي موڙ قاسم، ايندو گهوٽ گلذار،

ايندو اڪبر ۽ اصغر، جو صغيرن جو سچيار.

4- اُتي حملي حُسينيءَ جو، سپہ جو سالار،

سو حضرت عباس، ايندو عَلمدار.

5- اُتي حملي حسينيءَ کي، ڏيندو پاڻ ڏاتار،

گهڻا آب عزتون، بخشيندو بي شمار.

6- ڪندو ائين قادر، تحقيق تڪرار،

۽ آهي اسان کي، ٿيو يقين اعتبار.

7- هوندو حسين تي، ڇَٽ تاج دستار،

اُتي سڏجي سندن، مانَ ٿي غلام ”منٺار“.

مداح

غم نامو اِمام حسين جي درد جو

 

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(1)

مومنا سمجهو سڻو مذڪور هن ماتام جو،

فرزند بيبي فاطمہ ڏوهٽو محمد ڄام جو

سو قضا سين قافلو آيو جڏهن اِمام جو

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(2)

مڃي رضا رب پاڪ جي تنهن سور سورِهه هو سَٺو

ڪربلا مئيدان ۾ اچي موت جو مينهڙو وٺو

هن ڏينهن حضرت حسين ڪوفين ڪوٺي ڪٺو

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(3)

هن ڏينهن حسنين لاءِ عرش ۾ اوڇنگار هئي

خود خدا جي تخت تي اُتي ڪرش ۾ اوڇنگار هئي

هاءِ حسين سڀ زمين جي فرش ۾ اوڇنگار هئي

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(4)

هن ڏينهن حسنين لاءِ زار مَلڪن هو رُنو

هن ڏينهن حسنين لاءِ منجهه بهشت نبين هو رُنو

هن ڏينهن حسنين لاءِ چوڏهن طبقن هو رُنو

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(5)

هن ڏينهن حسنين لاءِ وڻراهه ساري ٿي روئي

هن ڏينهن حسنين لاءِ ڌرتي ويچاري ٿي روئي

هن ڏينهن ساري جياجوڻ ٿيو بي قراري ٿي روئي

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(6)

هن ڏينهن حسنين لاءِ ڪعبه بيت الله رُنو

هن ڏينهن حسنين لاءِ محمد رسول الله رُنو

هن ڏينهن حسنين لاءِ ميدان ڪربلا رُنو

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(7)

هن ڏينهن حسنين لاءِ پکي پکڻ ٿو روئي

۽ ملڪ مشرق ۽ مغرب ڪريو غم جو لَکڻ ٿو روئي

هن ڏينهن حسنين لاءِ ڏِسِ اُتر ڏکڻ ٿو روئي

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(8)

هن ڏينهن حسنين لاءِ پريون ۽ حورون روئن

هن ڏينهن حسنين لاءِ سڀ ملڪ معمورون روئن

هن ڏينهن حسنين لاءِ فرقان جون سورون روئن

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(9)

هن ڏينهن هو سرمون پائيندو معاويه جو پٽ يزيد

هن ڏينهن هو کير پيئندو اُهو خارجي منڪر خبيث

هن ڏينهن جي عيش ڪينداسي انهي جا آهن عزيز

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(10)

غم ڪري حسنين جو آسمان ۾ آفتاب

غم ڪرين حسنين جو سڀ نکٽ تارا ماهتاب

غم سبب حسنين جي ٿيندو معافي محشر جو عذاب

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(11)

غم ڪري حسنين جو آسمان ڪارو ٿيو

غم ڪري حسنين جو سارو سمونڊ کارو ٿيو

غم ڪري حسنين جو سج شمس تؤ وارو ٿيو

(12)

غم ڪري حسنين جو مير محمد مصطفيٰ

غم ڪري حسنين جو فاطمہ خيرالنساءَ

غم ڪري حسنين جو يا عليُ المرتضيٰ

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(13)

غم ڪري حسنين جو مَلڪَ مهتر جبرائيل

غم ڪري حسنين جو مَلَڪُ حضرت ميڪائيل

غم ڪرين حسنين جو اِسرافيل ۽ عزرائيل

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(14)

غم ڪرين حسنين جو انبياءُ جملي رسول

غم ڪرين حسنين جو مؤليٰ سندا مقبول

غم ڪري حسنين جو فاطمہ بيبي بتول

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(15)

غم ڪري  حسنين جو اولياءَ ۽ ٻيا ولي

غم ڪرين حسنين جو اهل بهشتن جا ڪلي

غم ڪري حسنين جو يا مرتضيٰ مولا علي

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(16)

غم ڪرين حسنين جو قطب مڪمل ۽ ڪبير

غم ڪرين حسنين جو شاهه مرشد ولي پير

غم ڪرين حسنين جو جيڪي ڏاج پنج تن جا فقير

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(17)

غم ڪري حسنين جو يا خدا پروردگار

غم ڪري حسنين جو سڀ عالمئي ارڙهن هزار

جنهن کي غم ناهي اُهو خارجي منڪر خوار

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(18)

جنهن کي غم ناهي قلب تي عليءَ جي اولاد جو

سو جماعتي ٿيو يزيدي لشڪر شمر ۽ شداد جو

سو پليت پيئدائش هوندو ڪفر جي بنياد جو

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org