سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪلام بشير

باب --

صفحو :1

ڪلام بشير

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

ناشر پاران

پيشڪش

پاڪستان ٺھڻ کان اڳ-

اھو ”جميعت الشعراءَ“ جو وقت ھو. اھو ”بزم مشاعرا“ جو وقت ھو. اھو رسالي ”اديبِ سنڌ“ جو وقت ھو. اھو ”آل سنڌ ادبي ڪانفرنسن“ جو وقت ھو. اھو حاجي محمود ”خادم“ جو وقت ھو.

سنڌي ادب تي، ۽ خاص ڪري سنڌي شاعريءَ تي، انھيءَ وقت جي اھڙي ڇاپ رھي آھي، جيڪا اسان جي ادب ۽ ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ھڪ خاص دور جو نشان بڻيل آھي.

ادب جي تاريخي درجيبنديءَ جي لحاظ کان، اھو سنڌيءَ ۾ روايتي شاعريءَ جو دور ھو، جنھن جي تنظيمي سرگرمين جي پکيڙ ۽ اوج جو زمانو، لڳ ڀڳ، پاڪستان کان ٻھ ڏھاڪا اڳ کان شروع ٿي،ڏيڍ ڏھاڪو پوءِ تي ختم ٿئي ٿو.

شاعري ان دور ۾، گھڻي ڀاڱي، ڪو ”شوق“ ھئي، ”مقصد“ نھ ھئي. ان جي باوجود، ننڍن وڏن شھرن ۾ قائم مشاعرن جي بزمن ۽ خاص ڪري سنڌ جي شاعرن جي مرڪزي تنظيم ”جميعت الشعراءِ سنڌ“ ۽ ان جي ”آل سنڌ ادبي ڪانفرنسن“ وڏو ادبي ماحول پيدا ڪيو ۽ شاعرن جي فني تربيت ڪئي. جيتوڻيڪ ان وقت جي شاعرن جي تمام گھڻي تعداد تقليدي ۽ مصنوعي شاعري ڪئي آھي، جنھن ۾ اوپرا موضوع ۽ اڌاريون تشبيھون آھن، تڏھن بھ ڪن روايتي شاعرن جي جذبن ۾ سچائي ۽ احساسن ۾ نواڻ بکي ٿي. قادر بخش ”بشير“ اھڙن ئي شاعرن مان آھي، جنھن وٽ موضوعن جي وڏي پکيڙ آھي، جن جي چونڊ ھن پنھنجي آسپاس جي ماحول مان ڪئي آھي ۽ انھن کي سچائيءَ سان لفظن جو ويس پھرايو آھي. سندس ڪلام اھڙو آھي، جنھن جو مطالعو نئين ٽھيءَ جي شاعرن لاءِ بھ فائدي کان خالي ناھي.

 

ڄام شورو، سنڌ                                       شمشيرالحيدري

٢٠- اپريل ١٩٩٤ع                              سيڪريٽري

                                                    سنڌي ادبي بورڊ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org