سيڪشن؛ دينيات

ڪتاب: حضور پاڪ ﷺجا فيصلا

باب: 02

صفحو :2

 

باب ٻيو

طلاق بابت فيصلا

(1)

(23) حضرت عبدالله بن عمر رضه بيان ٿو ڪري ته ”مان حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ پنهنجي گهر واريءَ کي اهڙي وقت ۾ طلاق ڏني، جڏهن اها حيض جي حالت ۾ هئي، منهنجي والد (عمر فاروق رضه) کي جڏهن اِها خبر پيئي ته هو حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ کين سموري حقيقت ٻڌايائين، اهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”عبدالله کي چئو ته رجعت ڪري، پنهنجي زال کي حيض کان پاڪ هجڻ تائين پاڻ وٽ رکي، ان کانپوءِ ٻيهر حيض اچڻ ۽ پاڪ هجڻ تائين روڪي رکي. تنهن کانپوءِ انهيءَ جي مرضي آهي ته انهيءَ کي طلاق ڏئي يا پاڻ وٽ رکي“ ۽ فرمايائون ته ”۽ الله جو هي قول ته عورتن کي ان جي عدت مطابق طلاق ڏيو.“

(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب الطلاق ص 870)

 

(2)

(24) هڪ دفعي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي اطلاع ڏنو ويو ته هڪ شخص پنهنجي گهر واريءَ کي هڪ ئي مجلس ۾ ٽي دفعا طلاقون ڏنيون آهن. پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته جلال ۾ اچي ويا ۽ اٿي بيهي فرمايائون ته ”ڇا الله جي ڪتاب سان مذاق ڪئي وڃي ٿي، حالانڪه اڃا تائين ته آءٌ توهان وٽ موجود آهيان.“

اهو ٻڌي هڪ شخص اٿيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! حڪم ڪريو ته آءٌان جو سر ڌڙ کان جدا ڪريان.

(نسائي مشڪواة جلد 2 ص (10) 103)

(3)

(25) رڪانه نالي هڪ شخص پنهنجي زال سيما کي طلاق ڏني، طلاق ڏيڻ کانپوءِ هو حضور سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم الله جو قسم! منهنجو فقط هڪ طلاق ڏيڻ جو رادو هو.“ اِهو ٻڌي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن اها عورت واپس رڪانه جي حوالي ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ هڪ طلاق ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.

(مشڪواة جلد 2 ص 101)

(4)

(26) حضرت نافع رضه بيان ٿو ڪري ته ”حضرت عبدالله بن عمر رضه کان جڏهن ڪوئي شخص حيض واري عورت کي طلاق ڏيڻ جي متعلق پڇا ڪري پيو ته، حضرت عبدالله  رضه چوي پيو ته جيڪڏهن تون پنهنجي زال کي هڪ يا ٻه طلاقون ڏنيون آهن ته تون وري رجوع ڪري سگهين ٿو، پر جيڪڏهن تون ٽي طلاقون ڏيئي چڪو آهين ته پوءِ اها  زال تنهنجي لاءِ حرام آهي. ڇاڪاڻ ته رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن به مون کي اهڙو ئي حڪم ڏنو هو. هاڻي جڏهن اها عورت ٻئي مرد سان نڪاح ڪري ۽ اهو انهيءَ کي رضا خوشيءَ سان طلاق ڏئي ته پوءِ تون انهيءَ سان نڪاح ڪري سگهين ٿو.“

(5)

(27) فاطمه بنت قيس کي پنهنجي مڙس ابو عمرو بن حفص طلاق ڏيئي ڇڏي. اِها طلاق بائن هئي (1) تنهن کانپوءِ عمرو بن حفص شهر ڏانهن هليو ويو ۽ هڪ وڪيل فاطمه ڏانهن موڪليائين، جنهن کي ڪجهه جَوَ به ڏنائين. جڏهن فاطمه وٽ اهو وڪيل جَوَن سميت پهتو ته فاطمه کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ چيائين ته ”منهنجو ڪو به حق عمرو بن حفص جي مٿان نه بڻبو.“ تنهن کانپوءِ فاطمه حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ويئي ۽ عرض ڪيائين ۽ سموري حقيقت ٻڌايائين. انهيءَ تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”تنهنجي لاءِ انهيءَ جي مٿان ڪابه ذميواري نه آهي، سواءِ ويم هجڻ جي صورت ۾“ تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ”وڃُ ۽ اُم شريڪ  جي گهر پنهنجي عدت جا ڏينهن پورا ڪر.“ تنهن کانپوءِ وري فرمايائون ته ”تنهنجو اتي وڃڻ صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته اُم شريڪ وٽ اڪثر ڪري منهنجا اصحاب ويندا آهن، بهتر آهي ته تون امه مڪتوم جي گهر ۾ وڃ ۽ پنهنجي عدت جا ڏينهن اتي پورا ڪر. ڇاڪاڻ ته هو  اکين کان نابين آهي ۽ تنهنجو ويجهو مائٽ به آهي.“ فاطمه بنت قيص ام مڪتوم جي گهر هلي ويئي ۽ پوءِ جڏهن انهيءَ جي عدت جو وقت پورو ٿيو ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جو نڪاح اسامه بن زيد رضه سان ڪرائي ڇڏيو.

(صحيح مسلم- جلد 4 ڪتاب الطلاق ص 11 -16)

 

(6)

(28) هڪ شخص پنهنجي زال کي ٽي طلاقون ڏنيون طلاقن ملڻ کان پوءِ انهيءَ جي گهرواريءَ ٻئي شخص سان نڪاح ڪري ڇڏيو، تنهن کان پوءِ ٻئي مرد انهيءَ عورت کي بغير همبستريءَ جي طلاق ڏيئي ڇڏي، جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي انهيءَ متعلق دريافت ڪيو ويو، ته ”ڇا اها عورت پنهنجي اڳين مڙس لاءِ حلال آهي؟“ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”هر گز نه جيستائين انهيءَ جو نڪاح جنهن ٻئي شخص سان نڪاح ٿيو آهي، اهو انهيءَ سان همبستري نه ڪري. ايستائين اها پهرئين مڙس لاءِ حرام آهي. يعني اهو انهيءَ عورت سان نڪاح نٿوڪري سگهي.

(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب الطلاق ص 876)

 

(7)

(29) ابو سعيد خدريءَ جي ڀيڻ فريعه بنت مالڪ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان جو غلام (ٻانهو) ڀڄي ويو، منهنجو مڙس انهيءَ کي ڳولڻ لاءِ نڪتو. انهيءَ غلام موقعو تاڙي منهنجي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. منهنجي مڙس پنهنجي پويان نه ڪوئي گهر ڇڏيو آهي، جتي آئون پنهنجي رهائش اختيار ڪري سگهان نه وري ايتري رقم ڇڏي آهي، جو پنهنجو پيٽ پالي سگهان. هاڻي منهنجي لاءِ ڇا حڪم آهي؟ ڇا پنهنجي خاندان بني خدره ڏانهن هلي وڃان؟“ اِهو ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”هائو تون پنهنجي ڪٽنب ۾ هلي وَڃُ“ ۽ پوءِ فرمايائون ته اي عورت! پنهنجي گهر ۾ رهائش اختيار ڪر، ايستائين جو پنهنجي عدت پوري ڪرين.“

(سنن نسائي – مشڪواة جلد 2 ص 14)

 

(8)

(30) ثابت بن قيس جي گهر واري حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي ثابت بن قيس کان ڪابه شڪايت نه آهي. اهو ديندار ۽ اخلاق وارو شخص آهي، انهيءَ جي ورتاءُ کان آءٌ خوش آهيان، مگر مون کي انديشو آهي ته ڪٿي مسلمان هوندي پنهنجي مڙس جي ناشڪري ڪريان، انهيءَ جي احسان کي وساري ڇڏيان ۽ گناهه جو ڪم ڪري ويهان.“ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت جو مطلب سمجهي ڇڏيو ۽ پوءِ فرمايائون ته ”ثابت رضه جيڪو باغ توکي حق مهر ۾ ڏنو هو، ڇا تون انهيءَ کان دست بردار ٿيڻ کان تيار آهين؟ انهيءَ عورت چيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! هائو“ تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ثابت رضه کي حڪم فرمايو ته ”انهيءَ کي طلاق ڏيئي ڇڏ.“ تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي حڪم مطابق انهيءَ کان علحدگي اختيار ڪئي.“

(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب الطلاق ص 888-890)

 

(9)

(31) هڪ عورت حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجو مڙس منهنجي ويجهو نه ٿو اچي“ جڏهن عورت اِها شڪايت ڪري رهي هئس ته انهيءَ جو مڙس به اتي اچي نڪتو، جڏهن هن اهي لفظ پنهنجي زال جي واتان ٻڌا ته پوءِ چيائين ته ”يا رسول الله  صلي الله عليھ وسلم! اِها عورت (منهنجي زال) نسورو ڪوڙ هڻي ٿي، جڏهن آءٌ هن جي ويجهو اچان ٿو ته هيءَ ٽال مٽول ڪري ٿي، عذر ۽ بهانا منهنجي اڳيان پيش ڪري ٿي. انهن بهانن جو مقصد هي آهي ته هيءَ مون کان طلاق وٺڻ چاهي ٿي ۽ پنهنجي اڳئين مڙس ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي. ”انهيءَ تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اهو طريقو بلڪل غلط آهي، تون تيستائين طلاق نه ٿو ڏيئي سگهين، جيستائين تون انهيءَ جي ويجهو يعني همبستري نه ٿو ڪرين.“

(سنن نسائي جلد 2 ص 454)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org