سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: ڏوري ڏوري ڏيهه

باب:

صفحو:7 

هن جي ڪار اسان کان اڳيان هلي اسان جي رهنمائي ڪئي. اسان ٿامپسن ڪلوز، رشي ميڊ کان ٿيندا، سندس جاءِ تائين پهتاسين.

نور سومري جي گهر وڏو انبوهه هو. اهو Rendez Vous  منهنجي حياتيءَ جو بهترينRendez Vous هو. سالن کان وڇڙيل دوست موجود هئا. منوهر، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ وارو منوهر. وڏا وڏا بجا ڏيڻ وارو ۽ وڏا وڏا بجا کائڻ وارو منوهر. منوهر ويهن سالن کان پوءِ نظر آيو. ساڳيو حليو، چنچل، بي تڪلف، قربائتو. سندس زال، امڙ (جيڪا کياني مينشن حيدرآباد تقريبا روز اسان کي لنچ کارائيندي هئي) ۽ ڀيڻ. نصير جماڻي ۽ سندس ٻه ٻار. آدم ۽ آئرن مانچسٽر کان آيا هئا. شوڪت به انتظار نه ڪري سگهيو، ڪنگس لين کان آيو. شوڪت ـــ دل وارو شوڪت، دل ڦينڪ، پلي بواءِ، دلبر دوست ـــ ٻکين پئجي وياسين. پيئندا، کائيندا، هڪ ٻئي کي وڏا بجا ۽ هلڪيون گاريون ڏيندا، مانيءَ جي ٽيبل تي پهتاسين.

رات جو وري محفل ٿي. سومري ۽ منوهر جون مائرون اسان کي ايڏو بي تڪلف ۽ موڊ ۾ ڏسي، عجب ۾ پئجي ويون. نور سومري، منوهر کي اک هنئي. منوهر پنهنجي ڪار جي ڊگيءَ مان ’ٽانڪ‘ کڻي آيو ۽ ٻنهي ڪراڙين کي پياريائين، چيائين اوهان کي طاقت ڏيندو.

اڌ ڪلاڪ کان پوءِ منوهر جي امڙ چيو، ”ابا مون کي الائي ڇا ٿو ٿئي. ڪن گرم ٿيندا ٿا وڃن.“

کلندي کلندي کيس سمجهايوسي ”امان، طاقت جي دوا جو آهي، نيٺ ته اثر ڏيکاريندي.“

مون منوهر کان پڇيو، ”تنهنجي ڀيڻ پشپا اڄڪلهه ڪٿي آهي؟“

منوهر پهرين وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ بجو ڏنائين، پوءِ هلڪي گار ڏيئي چيائين، ”سڃاڻين نه ٿو هيءَ ڪير آهي؟“ هن هڪ سمارٽ ڇوڪريءَ ڏي اشارو ڪيو.

مون ان ڇوڪريءَ ڏي نهاريو، غور ڪرڻ کان  پوءِ ان ۾ پشپا جا ڪجهه ڪجهه مهانڊا نظر اچڻ لڳا ۽ يڪدم چيم ”اڙي ـــ ها.“

سوچيم، هيءَ پشپا، جيڪا ويهه سال اڳ ايل ــــ ايم ـــ سي ۾ هڏن جو پڃرو هوندي هئي، اها ڪيڏي نه صحتمند ۽ سمارٽ ٿي پيئي هئي. ويهه سال، وڏو عرصو آهي.

اسان جي ليسٽر پهچڻ کان وٺي، ليسٽر ڇڏڻ تائين ڀاڀي مسز سومرو خاموش رهندي هئي. سڄو وقت ويٺي به گڏ هوندي هئي، خدمت به دل ۽ قرب سان ڪندي هئي، پر ڳالهائي نه جهڙو. ائين پئي محسوس ٿيو ته هوءَ ڳالهائڻ گهڻو ٿي چاهي، پر ڳالهائي نه ٿي.

ڪنهن ڳالهه تي مون شوڪت کي چيو، ”تون ته ڪا وڏي چٻ آن.“ ڀاڀيءَ موڏي ۽ شوڪت ڏي گهوري ڏٺو، ڏاڍي عجب مان، پر وري به چپ هئي.

ويهن سالن جي وڇڙيل يارن رات جو ٽين وڳي تائين هلا گلا ڪيو. عابده پروين، علڻ فقير ۽ نارو ڀڳت جا ڪئسٽ وڄائي ڊانس ڪئي. هڪ ٻئي کي ڏک ڏوراپا ڏنا ويا، دلين جا راز سليا ويا، وطن جا حال ڪيا ويا، وطن جي زخمن تي ڳوڙها ڳاڙيا ويا، دل جا دونهان ڪڍيا ويا، ڪجهه ٽهڪ ڪجهه ڳوڙها، اهي ئي ته سنگت جو سرمايو آهن. ڏکن سکن جي دوستي ئي دوستي آهي. کائڻ پيئڻ، گهمڻ ڦرڻ به سنگت ساٿ لاءِ ضروري آهي، پر سنگت جو بنياد آهي ڳوڙهن ۽ ٽهڪن جو ساٿ، ڏک سک ونڊڻ وراهڻ.

برمنگهام يونيورسٽيءَ جي دل جي شعبي جو ماهر، جڳ مشهور ڪارڊيالاجسٽ، ڊاڪٽر سنگهه، منوهر جو گهرو دوست آهي. منوهر ۽ ٻين سڀني دوستن جي صلاح بيٺي پنهنجي متعلق ان سان به مشورو ڪيان. پروگرام اهو بيٺو ته ٻئي ڏينهن، اسان شوڪت سان ڪنگس لين (Kings lynn) وينداسين ۽ منوهر ڊاڪٽر سنگهه کان اپائنٽمينٽ وٺي اسان کي اتي فون ڪندو.

ٻئي ڏينهن ننڊ مان اٿيس ته، نور سومرو سويل ئي ڊيوٽيءَ تي واروڪ لاءِ نڪري ويو هيو. شوڪت اڃا نه جاڳيو هيو، ڀاڀيءَ مسز سومرو ماني پئي تيار ڪئي، امان ۽ قمر سان ڳالهيون ويٺي ڪيون.

رات جو اسان ڳالهين ڳالهين ۾ ڪرڪيو هيو ته هن ملڪ ۾ پاڪستاني سڏائڻ وڏو مشڪل کي منهن ڏيڻ آهي، ڇو ته انگريز خاص ڪري پاڪستانين کان متعصب آهن، ڪجهه پنهنجي تعصب سبب، ڪجهه اسان جي ملڪين جي افعالن ڪري. امان کي ان ڳالهه جو ڏاڍو فڪر هيو. ويٺي ويٺي قمر کي چيائين، ”امان، پوءِ ان جو نالو ڇو نه ٿا مٽائن؟“

قمر پڇيو، ”ڪنهن جو نالو امان؟“

چيائين، ”انهيءَ پاڪستان جو ٻيو وري ڪنهن جو. انگريز ان کان نفرت ٿا ڪن ته پوءِ نالو مٽائي ڪري سنڌ رکن. اسان پاڪستاني ئي نه سڏائينداسين ته هي مئا انگريز نفرت ڪيئن ڪندا؟“

هاڻي امان کي ان مسئلي جي اهميت ڪيئن سمجهايون ته نالي مٽائڻ سان ملڪ نه مٽبا آهن.

نور تي ڏاڍي ڪاوڙ هيس، پر ان کان وڌيڪ منوهر تي. چيائين، ”ابا، ان منور (منوهر) جو منهن ڪارو ٿئي. پنهنجو ته منهن ڪارو اڳ ۾ ئي اٿس، پر منهنجي پٽ (نور) جو به هڻي منهن ڪارو ڪري ڇڏيو اٿائين.“

قمر پڇيس، ”امان اهو ڪيئن؟“

چيائين، ”امان، مونکي دلبو ڏئي هتي وٺي آيو ته توکي حج ڪرائيندس ۽ هتي مون کي رلائي ڇڏيائين.“

امان خبرون ڪندي رهي، پر ڀاڀي بدستور خاموش رهي. بهرحال، منجهند جي ماني کائي، شوڪت جي مرسيڊيز ۾ ڪنگس لين روانا ٿياسين.

ڪنگس لين واري شاهراهه، وڻڪار واري شاهراهه آهي. ڊگها ڊگها، چهچ ساوا وڻ، چچ ساوا پٽ. ايڪڙن ۾ گلابن جا کيت. حد نظر تائين سرخ گلاب ”آتشِ گل“ واري تشبيهه اتي سمجهه ۾ آئي، سج لهڻ وقت، هڪ ننڍي ڳوٺ جي پب ۾ ترسي ڪجهه سنئڪ ورتاسين ۽ جوا جي مشين تي قسمت آزمائي ڪئي سين. ڳوٺن جون پب انگلنڊ ۾ شهرن جي پب کان وڌيڪ سينگاريل، سهڻيون ۽ سانتيڪيون هونديون آهن.

مون شوڪت کي چيو، ”هتي ته نور سومري لاءِ مزو آهي. جوا جي مشين هر هنڌ موجود. ڪيفي هجي يا پب، بيچ (Beach)  هجي يا ڪلب، اسٽيشن هجي يا سئنيما، هر هنڌ جوا جي مشين موجود، پئسا وجهو تصويرون ڦرن، ڪانٽو هڪ تصوير تي بيهي. جي لڳايل پئسا ان تصوير تي آهن ته کڙ کڙ ڪري مشين مان کٽيل پئسا نڪرندا. نه ته اوهان جا مشين ۾ وڌل پئسا به گم.

جوارين تي سنڌيءَ جو هڪ محاورو ٺهڪي ٿو اچي. اهو آهي ’ٻُچيءَ کي قبر تائين آسرو.‘ هر جواري مرڻ گهڙيءَ تائين داءُ لڳائيندو آهي، ان آسري ۾ ته متان هن داءُ ۾ هو لکاپتي بڻجي وڃي. مون کي پئسن جي داءَ کان دل جو داءُ پسند آهي.

دل جي بازيءَ تان اگر دل به کڻي وينداسين

ويندي ويندي به ڪوئي داءُ هڻي وينداسين.

 

ڪنگس لين

 

رات جو نوين وڳي ڌاري، ڪنگس لين ۾ لياقت جي گهر پهتاسين. رات جو ڊرائيونگ ۾ ذرو به تڪليف نه ٿي. رستي جي هر ٽرئڪ (Track) کي ڪئٽس آءِ (Cats Eye)  (چمڪندڙ ٽٻڪن) جي ذريعي روشن ڪيو ويو هيو. جي انچن جو جهاڪو هجي ته به ميلن کان اٺ ڏهه ’خبردار‘ جا چمڪندڙ بورڊ هجن، بورڊ پڙهي ائين لڳو ڄڻ اڳيان ڪا وڏي کاهي آهي، پر جڏهن جهاڪي تي پهچجي ته انگريزن جي فضول خرچي تي کِل اچي. معمولي جهاڪي لاءِ ايڏا ۽ ايترا وڏا بورڊ ٿا هڻن. شوڪت ٻڌايو ته ان معمولي جهاڪي جي ڪري جي ڪو  حادثو يا نقصان ٿئي، ته انگريز دعويٰ ڪري، سرڪار کان لکين پائونڊ ڀرايو وٺن.

لياقت جو ڪنگس لين وارو نئون گهر ڪشادو ۽ سهڻو آهي، سندس دل وانگر. اتي ڀاڀي ناهيد (مسز شوڪت) ڀاڀي نجمه [1]  (مسز لياقت) شهزاد، سنڌو ۽ سورٺ (شوڪت جا ٻار) موجود هئا. ائين لڳو ڄڻ پنهنجي ئي گهر ۾ آيا آهيون.

ڪلاڪ ٻه حال احوال ڏنوسين ۽ سمهي پياسين. صبح ٿيو ته قمر پنهنجي مرغوب مشغلي شاپنگ لاءِ تيار. ڀاڀي ناهيد کان وڌيڪ ’شاپنگ گائيڊ‘ انگلنڊ ۾ نه ملندي.

لنڊن جي مقابلي ۾ ڪنگس لين جو شهر تمام ننڍو آهي، پر خوبصورت. ان جي بازار به ننڍي ۽ سهڻي آهي. قمر ۽ ناهيد شاپنگ جو شوق پورو ڪنديون رهيون ۽ مان شوڪت آهستي آهستي، پٺيان پٺيان (Window Shopping) ڪندا رهياسين. ڪجهه ٿڪ ٿيو ته ريسٽوران ۾ ڪافي پيتي سين. وري هنن جي شاپنگ شروع.

شام جو رور ويو (River View)  ريسٽوران تي آياسين، جيڪو نديءَ جي ڪناري تي آهي. هيءُ ريسٽوران جهڪين روشنين وارو، قدري اونداهو، ۽ قدامت جو نمونو آهي. انگريز قدامت پسند نه، پر ذري گهٽ قدامت پرست آهن. هو قديم نوادرات (Antiques)  پٺيان ڇتا آهن. هن ريسٽوران ۾ به در، دريون، فرنيچر هر شيءِ قديم. گلدستا به قديم. سواءِ گراهڪن، بار ٽينڊرن، ۽ کاڌي پيتي جي، هر شيءِ قديم پئي لڳي.

اسان دريءَ جي ڀرسان جاءِ ورتي ۽ ٻاهر جو نظارو ڪرڻ لڳاسين. درياءُ ان ۾ ترندڙ ٻيڙيون ۽ لانچون. انهن تي جهرمر ڪندڙ بتيون ۽ پاڻيءَ جي لهرن تي انهن جا نچندڙ عڪس، ڀڄندڙ عڪس ۽ ٺهندڙ عڪس. ذري تجريدي مصوريءَ وانگر ڏنگا ڦڏاـــ ته ذري حقيقت پسند(Realist)  مصوريءَ وانگر سڌا سنوان. ڌيمي ڌيمي موسيقي، ڌيمي ڌيمي روشني، هلڪا آواز، ٽيبلن جي چوڌاري ويٺل خوش پوش ۽ خوبصورت، هلڪي آواز،  ۾ ڳالهائيندڙ عورتون ۽ مرد. هلڪا هلڪا ٽهڪڙا. اهڙو نرم ملائم هلڪو، وڻندڙ ماحول، ڄڻ روح ڪڪرن تي ويهي، هلڪو ٿي، آهستي آهستي مٿي چڙهندو وڃي. مون وري دريءَ مان ٻاهر درياهه ڏي نظر ڪئي. مون کي شاهه لطيف جي سٽ ياد آئي:

لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو.

وري مونکي خيرپور ياد آئي، مير واهه ياد آيو. سکر ياد آيو. سنڌو ياد آئي، ۽ ان مان نڪرندڙ ست واهه ياد آيا. ”برابر پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو آهي.“

مون شوڪت ۽ قمر کي چيو، ”پر ان پاڻيءَ جي ڀر ۾ رهندڙن جي ذوق تي به منحصر آهي. لهرين جا لک لباس، ماڻهن جي مختلف قسمن جي ذوق سان آهن. اسان وٽ به واهه آهن، درياهه آهن، پر هنن ماڻهن کي ڪيڏو نه ذوق آهي، جو درياهه جي ڪناري تي هڪ خوبصورت ريسٽوران اڏي اٿائون، جتي روز شام جو سينگارجي سنوارجي، سوين مرد ۽ عورتون ان درياهه جو  نظارو ڪرڻ اچن ٿا. هنن جي هٿن، فطرت جي حسن لاءِ زيور گهڙيا آهن. هنن پنهنجي ڌرتيءَ جي انچ انچ کي ڪيڏو نه حسين، پرسڪون ۽ آرمده بنايو آهي. سکر يا خيرپور ۾ ڪا رَور ويو آهي، جتي ويهي اسان چار گهڙيون گڏ گهاريون. هلڪا هلڪا جلترنگ جهڙا ٽهڪ ٻڌون، دک درد وساريون ۽ سڄي ڏينهن جي ٿَڪ جي دز ذهن تان ڌوئي ڇڏيون؟

ڀرسان ٽيبل تي هڪ چانڊوڪيءَ جي رنگ جهڙي انگريز حسينه اڪيلي ويٺي هئي. مون ان سان هيلو (Hello)  ڪئي، هن مرڪي جواب ڏنو. مان گهڙي کن لاءِ سندس ٽيبل تي وڃي ويٺس. ڳالهيون هلندي چرچن ۽ ٽهڪن تائين پهتيون. قمر ڏي ڏٺم، هوءَ پنهنجي ٽيبل تي گهٻرايل پئي لڳي. پر پوءِ سمجهي ويئي، ته هن ملڪ ۾ فري (Free)  ته هر عورت هوندي آهي، پر هنن جي اها آزادي اخلاقي پستي ناهي. ڳالهائڻ ٻولهائڻ، کلڻ ملڻ ۾ حجاب نه ڪنديون، پر مجال آهي جو ان کان اڳتي وڌن. يورپ جي عورت جي آزاديءَ کي ڪردار جي ڪمزوري سمجهيو ويو آهي ۽ ان جي خلاف ڏاڍي پروپئگنڊا ڪئي ويئي آهي. چڱا برا هر هنڌ آهن. هتي يورپ ۾ به آهن ته اسان وٽ به. اهي حويليون جن تان نر پکي به هڪلجن ٿا، انهن جا راز به اڄڪلهه ڳجها ڪونهن. ڪردار جي ڪمزوري اتي به آهي (ان جا نفيساتي ۽ سماجي سبب آهن.) يورپ ۾ هر شيءِ پڌر تي آهي، چڱائيءَ يا برائيءَ ۾ منافقي شامل نه آهي. ائين نه آهي جو منهن ۾ ملان ۽ اندر ۾ ابليس. برو ظاهر ظهور برو آهي. برائي چڱائيءَ جا ويس وڳا نه ٿي ڍڪي.

ڪجهه سال اڳ خيرپور ۾، پروفيسر جون (Joan)  مون وٽ آيو. هو آمريڪي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سماجيات تي ليڪچر ڏيڻ آيو هيو. سندس زال به ساڻس گڏ هئي. مون کيس چيو ته، ”هڪ جملي ۾ ٻڌاءِ ته اسانجي پوئتي رهڻ جو سبب ڇاهي.“

هن بنا سوچڻ جي ٺهه ڦهه جواب ڏنو ته ”ان جو هڪ ئي سبب آهي اوهان Secular Ethics ۾ اعتبار نه ٿا ڪريو، رڳو مذهبي اخلاقيات (Religious Ethics) ۾ اعتبار رکو ٿا.“

منهنجي وڌيڪ پڇڻ تي سمجهايائين ته، ”توهان وٽ چڱائيءَ جو معيار اهو آهي ته ظاهر طرح هيءُ ماڻهو ڪيترو مذهبي آهي. ڏاڙهي رکي ٿو، نماز پڙهي ٿو، روزا رکي ٿو، ته اهو ماڻهو اوهان لاءِ بهترين آهي. پوءِ کڻي اهو ماڻهو قوم ۽ ملڪ يا سماج لاءِ بيڪار يا نڪمو هجي، يا خطرناڪ پڻ. ڀلي ملاوٽ ڪندو هجي، بليڪ ڪندو هجي، پر عام ماڻهو ان کي چڱو چوندا. اسان وٽ چڱائيءَ جو معيار ۽ قدر ان جي بلڪل ابتڙ آهن. ڀلي ڪو ماڻهو گرجا ۾ نه وڃي، ڀلي ڪهڙو به مذهب هجيس، يا ماڳهين لا مذهب هجي، پر جي هو قوم لاءِ ڪارآمد آهي، سماج لاءِ چڱو آهي، ته اسان کي وڻندو پر جي هو قوم ۽ سماج لاءِ نڪمو آهي، پوءِ ڀلي ڪيڏو به مذهبي هجي، اسان جي لاءِ چڱو نه آهي، ڇو ته سندس چڱائي رڳو سندس ذات تائين محدود آهي.“

رور ويو مان رات جو دير سان، وڻندڙ يادگيرين جو خزانو کڻي، گهر موٽياسين ۽ ماني کائي، سمهي پياسين.

ڪنگسن لين ۾ ٻيو ڏينهن به قمر جي شاپنگ جي بلي ٿيو. بازار جا چڪر، اطالوين جي لذيذ آئسڪريم کائڻ، ريسٽوران تي سنئڪ کائي، وري شاپنگ ڪرڻ، چاءِ پيئڻ، شوڪت ۽ ناهيد سان گشا پتا هڻڻ. ڏينهن ائين ئي گذري ويو.

شام ٿي ته گهر پهتاسين. لياقت ۽ ڀاڀي نجمه ڊيوٽيءَ تان موٽي آيا هئا. پروگرام رٿيو ويو ته ڀرسان سمنڊ جي ڪناري هسٽئنان بِيچ تي هلجي.

انگريزن لاءِ درياهه، ڍنڍ ۽ سمنڊجو ڪنارو وڏي نعمت آهي. جتي پاڻي هوندو، اتي هزارن جي تعداد ۾ انگريز موڪلون ملهائڻ ايندا. انهن ڪنارن کي هو اهڙو ته سهڻو بنائيندا جو فطرت به شرمندي ٿئي. هن سامونڊي ڪناري کي به ائين سجايو اٿائون. اکين کي ٺاريندڙ روشنيون. سهڻيون سينگاريل پبس (Pubs)  انهن ۾ خوبصورت، بامروت ۽ مرڪندڙ بار ٽينڊر. اتي پهچي، جنت ۾ وڃڻ جي تمنا ڪهڙو ڪافر ڪندو.

ٻارن لاءِ وندر جو خاص انتظام. رانديون، ننڍڙيون ريلون، وڏن لاءِ جوا جون مشينون.

اهڙيءَ ئي هڪڙي پب جي اڱڻ ۾ پيل ڪرسين تي، سمنڊ ڏي منهن ڪري ويٺاسين.

مون لياقت کان پڇيو، ”هي انگريز ايڏو پئسو ٿا وڃائين. ڇنڇر جي شام جو پبس، پڪنڪ اسپاٽ کچا کچا ڀريل هوندا آ هن.“

هن مرڪي چيو، ”هنن کي ڪهڙي پرواهه آهي. هنن جي هر ڳڻتي حڪومت جي ڳڻتي آهي. هنن جي علاج لاءِ حڪومت جوابدار. پوڙها ٿين ته پينشن ملين، ٻارن جي تعليم ۽ روزگار لاءِ به حڪومت جوبدار. جي معذور يا بيڪار ٿين ته به الائونس ملين. باقي بچائن ڇاجي لاءِ. بيروزگار ٿين ته به حڪومت بي روزگاري الائونس ڏئين، ۽ جي پئسا بچائين ته ان تي ٽئڪس ڀرڻو پوين، ان ڪري هر انگريز، هفتي جي پڇاڙيءَ (Week end)  تي پگهار وٺي، کپائي ڇڏي.“

مون سوچيو اهڙي ملڪ ۽ اهڙيءَ سرڪار لاءِ ڇو نه سر ڏجي، جيڪا پنهنجي ماڻهن جي ايڏي سنڀالي ٿي ڪري. اسان وٽ ته جان، عزت ۽ ملڪيت به سلامت ناهي، پوءِ به ٽئڪس ڀري ڀري حالت خراب ٿي ويئي آهي.

سامهون سمنڊ هو. اٿاهه سمنڊ، لهرون هڻندڙ سمنڊ،گجگوڙ ڪندڙ سمنڊ.

گهر موٽياسين ته ٽي ويءَ تي پروگرام پئي هليو. حزبِ اختلاف جي ڪا ميٽنگ هئي.(اسان وٽ ته حزبِ اختلاف ملڪ دشمن هوندي آهي، ان ڪري ٽي وي ۽ ريڊيو ته پري رهيو، اخبار مان به ان کي ڪاٽا ڪيو ويندو آهي.) حزبِ اختلاف جي ڊپٽي ليڊر پئي ڳالهايو. هو ٻاتو هو. به به به ڪه ڪه ڪه پئي ڪيائين، پر سڀني هن کي صبر ۽ سنجيدگيءَ سان پئي ٻڌو. مون جڏهن ٿوري دير صبر سان سندس تقريرٻڌي ته لڳم ته هيءُ شخص واقعي وڏو ڏاهو هو. رڳو زبان جي اٽڪ هئس، انگريزن ان هوندي به کيس ان عهدي تي رسايو هو. هو حقيقت پسند آهن. هنن لاءِ زبان جي اٽڪ عيب ناهي، جي دماغ سالم آهي ۽ قوم لاءِ ڪارآمد آهي ته قبول آهي. اسان وٽ جي ڪو اهڙو ماڻهو اسٽيج تي اچي، ته پهرين ته هوٽ (Hoot)ڪري ويهاري ڇڏين، جي اڃا به نه ويهي ته ٽماٽا ۽ ڪنا آنا هڻي اسٽيج تان ڀڄائي ڪڍنس.

صبح جو منوهر جي فون آئي ته هن ڊاڪٽر سنگهه کان اپائنٽميٽ ورتي آهي ۽ اسان يڪدم برمنگهام پهچي وڃون.

تڪڙا تڪڙا تيار ٿياسين، شوڪت ۽ ناهيد، ٽيهه چاليهه ميل پري، پيتربرواسٽيشن تي ڇڏڻ آيا، جتان سڌي گاڏي ليسٽر ويندي آهي. اسان تيز رفتار ٽرين پڪڙي، منجهند ڌاري ليسٽر پهتاسين. ليسٽر اسٽيشن تي نور سومرو ٻانهون کولي اسان جي استقبال لاءِ بيٺو هو.


[1]   عرف جمناخاله (شوڪت جا ٻار ائين چوندا اٿس.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org