سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: لاڙ جا سير

باب:

صفحو :5

جنهن وقت سنسڪرت ٻولي ڦيرا گهيرا کائي سنڌي ٻولي ٿي، تنهن وقت جي پوري خبر ڪانه ٿي پوي ۽ نه اها ئي پروڙ پئجي سگهي آهي ته اها ٻولي ڪهڙي هئي ۽ ڪهڙي نموني ڳالهائي ويندي هئي. ايتري سڌ پئجي سگهي آهي ته عربن کان اڳ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي دور حڪومت ۾ پراڪرت يا پالي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. عربن جي دور حڪومت ۾ وراچڊ اپڀرنش چالو هئي. قياس ائين چوي ٿو ته ڇنڊ جي ڇاڻجي سنڌي ٻولي سومرن جي وقت ۾ اچي ظاهر ٿي آهي. عربن جي پڇاڙي وقت ۾ به دادرڪ، سنڌي ۽ سرائيڪي جو ميلاپ ڳالهايو ويندو هو.

عربن جي وارد ٿيڻ بعد سرڪاري ٻولي عربي ٿي، تنهن ڪري سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن به پاڻ کي حڪومت وٽ سرخرو ۽ ڪارائتو بنائڻ لاءِ عربي جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو ۽ انهي ۾ چڱي ڪاميابي حاصل ٿين. اهڙي طرح عربن ۽ سنڌين جي علم دوستي ڪري سنڌي زبان تي به عربي جو اثر پئجي ويو. ڪيترا عربي ٻولي جا لفظ هوبهو يا ڪجهه صورت بدلائي، سنڌي ٻولي ۾ گڏجي ويا. جيڪي لفظ ڪجهه مٽا سٽا سان داخل ٿيا آهن، تن مان ڪي نموني لاءِ هيٺ ڏجن ٿا:

عربي              سنڌي

تعويذ             تائٿ

فوم               ٿوم

بصل              بصر

حاذق              هاتڪ

ثغر                سڳر

اهڙي طرح ڪيترائي لفظ سنڌي ۾ دخل ڏئي ويا، جي پنهنجي اصلوڪي صورت ۾ قائم رهيا.[1] مثلاً

وقت، دعا، عجب، صبح، شراب، قلم، موت، حيات، مشق، ڪتاب وغيره.

عربن جي زور ٽٽڻ بعد ۽ غزنوي جي سنڌ ۾ دخل ڏيڻ بعد پارسي زبان زور ورتو. سمن جي دور حڪومت ته پارسي چوٽ وڃي چڙهي.

اهو سمورو وقت ويندي ڪلهوڙن جي حڪومت تائين به ماڻهو پارسي سکڻ جا شائقين ٿي رهيا. ٽالپرن جي وقت ۾ پارسي زور هئي. ٽالپر خود لکپڙهه پارسي ۾ ڪندا هئا. سندن حڪومت ۾ پارسي جا مڪتب زياده هئا، انهي ڪري پارسي ٻولي به سنڌي ٻولي تي گهڻو اثر وڌو ۽ ڪيترائي لفظ پارسي زبان جا سنڌي زبان ۾ جاءِ وٺي ويا. مثلاً زمين، آسمان، زبردست، بالادست، دستاويز، عملدار، دريافت، خواهه مخواهه، مختيارڪار وغيره. اهڙي طرح پورچو گيزن جڏهن هندستان ۾ بيٺڪون وڌيون. تڏهن واپاري ميل جول ڪري سندن ٻولي جا ڪيترائي لفظ، جي اول هندستان جي ٻين ٻولين ۾ داخل ٿيا، سي پوءِ آهستي آهستي سنڌي ٻولي ۾ به داخل ٿيندا ويا. مثلاً:

پورچوگيز                  سنڌي

فالٽو                      فالٽو

ڦٺا                         ڦيٽ

پگا                        پگهار

ٽرنڪو                    ترنگ

لئيلام                    ليلام

سنڌ جي بندرن تان ٻيڙين رستي ملبار سان واپار هلندڙ هو، انهي ڪري ڪيترا لفظ ملباري ٻولي جا به سنڌي ٻولي ۾ پئجي ويا. مثلاً: ايلاچي، ڪوتمير، اٽي ڏڪر. اهڙي طرح افغانستان سان قافلي رستي واپار ڪرڻ ڪري ڪيترائي پشتو جا لفظ آيا، جيئن ته ڍوڍو، ڌاڙو، گيدي، گهل، ڍال وغيره اهڙي طرح بلوچستان مان وڳ، اٽالو، ڄانگهو، گهيٽو، ليڙو، ڏوم وغيره لفظ آيا. بلوچي ۽ پشتو جي اثر ڪري ڪيترا ترڪي ٻولي جا لفظ به رڙهي اچي پهتا، جيئن ته: اوطاق، چقمق، چاق، قينچي (ڪئنچي، تڪمون، چلمچي، بورچي، ايلچي وغيره).

سرائڪي ٻولي اڃا به سنڌ کي ويجهو ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، تنهن مان به ڪيترائي لفظ اچي داخل ٿيا، جيئن ته ڏهيڙو، ڏون، ڀرائي، ڪنا وغيره جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سندن ٻولي جا ڪيترائي لفظ بگڙيل صورت ۾ سنڌي ٻولي ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. هاڻي ته پاڻ وڌيڪ استعمال ٿيندا وڃن ٿا، جيئن ته

انگريزي                   سنڌي

سٽيشن                   ٽيشن

سيٽل                     سٽل

ٽڪيٽ                    ٽڪس

شاپ                      ڇاپ

سڪور                    ڪوڙي

ٽائيم                     ٽيم

ڪيترا لفظ ته عربي ۽ پارسي لفظن وانگر پنهنجي صحيح صورتخطي ۾ سنڌي ۾ پئجي ويا آهن جي لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ اچن ٿا، جيئن ته روڊ، بوٽ، گلاس، بيگ، ڊريس، ليٽ ۽ ڪي ٻيا.

مٿئين بيان مان ظاهر ٿيو ته موجوده سنڌي ٻولي جي تاڃي سنسڪرت مان ٺهيل آهي ۽ سندس پيٽو عربي، پارسي، ترڪي پورچو گيزي انگريزي، سرائڪي، بلوچي ۽ پشتو جي رنگين پٽن مان ٺهيل آهي.

جيئن سنڌي شعر اهڙو آڳاٽو نه آهي، تيئن سنڌي نثر به اهڙو جهونو ناهي. سنڌي نثر سنڌي شعر کان عمر ۾ ننڍو آهي. 1299هه (1852ع) ڌاري جڏهن سنڌي شعر جي نموني ۾ گهڻو ڦيرو اچي ويو، تڏهن سنڌي نثر جي صورت ۾ انقلاب آيو. سر بارٽل فريئر سنڌ جي ڪمشنر پارسي بجاءِ سنڌي ٻولي کي سرڪاري دفتر ۾ قبوليو، تنهن ڪري ان کي اڄ جي نموني موجب سڌاريو. عربي، پارسي ۽ سنسڪرت مان حرف مان وٺي 51 اکرن جي الف – ب ٺاهي وئي. انهن جي ورهاست هن ريت آهي: عربي جا 28 حرف، پارسي جا 4 حرف (پ، ڄ، ڙ ۽ گ) ۽ 19 حرف سنسڪرت جا، ڪل ٿيا، 51 اکر، اهڙي ريت الف بي مڪمل ڪري حرفن ۽ لفظن جي پختائي رکي. صورتخطي سڌاري، اڄ جي نموني تي بيهاري وئي.

اڄڪلهه جيڪا سنڌي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ اچي ٿي، سا اديبانه دور مان لنگهيل آهي، تنهن هوندي به لاڙي سنڌي گهڻي ڀاڱي داردڪ ٻولي جي اثر هيٺ آهي ۽ سري جي ٻولي سرائڪي ٻولي جي ملاوت سان ظاهر آهي. ٻاقي وچولي وارو ڀاڱو ٻنهين اثرن کان آجو ڏسجي ٿو.

هيءُ امر مڃڻ جي قابل آهي ته سڀ کان اول سنڌي ٻولي لاڙ ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ آئي، تنهن ڪري اصلوڪي سنڌي جيڪڏهن ڳولڻي هجي ته لاڙ ۾ ئي وڃي ڳولجي. مون کي جيڪي پنهنجي سير مان آزمودو ٿيو آهي، تنهن موجب سمجهان ٿو ته اڄ اها اصلي ڳوٺاڻي سنڌي جيڪڏهن رهي کهي ڪنهن وٽ آهي ته اها آهي دريائي ماڻهن يا ميربحرن وٽ. ڪراچي کڏي تي، ٺٽي تعلقي ۾ ڪينجهر پاسي ۽ ڪوٽڙي جي آسپاس جيڪي ميربحر رهن ٿا، انهن جي سنڌي اصلوڪي سنڌي جي گهڻي پوءِ آهي. حالانڪه اڄڪلهه آهي به رنگين سنڌي ڳالهائين ٿا. تنهن هوندي به هنن وٽ گهڻا آڳاٽي سنڌي جا لفظ آهن. جو هو گهرن ۾ ڳالهائين ٿا، جن جي سمجهڻ کان عام طرح شهري ماڻهو قاصر آهن، اڃا به لاڙ جي ڳوٺن ۾ جا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، سا تمام مٺي ۽ لذيذ آهي. لاڙي ماڻهن سان گفتگو ڪندي ائين وسهجي ٿو ته سنڌي کي وڏو لٽريچر آهي. آئون هتي لاڙ جي ماڻهن جي ٻن ڪچهرين جو ذڪر ڪندس.

جن مان سندن رهائش، گذران ۽ رسمن جو پورو پتو پئجي ويندو. اها به خبر پوندي ته هو پنهنجي گهرن ۾ ڪهڙي ۾ ٻولي ڳالهائين ٿا.[2]

لاڙ جي هڪ رات

ڪنهن به ملڪ جو سير تيسين سجايو ڪيئن ٿيندو، جيسين اتان جي ماڻهن سان پورو لهه وچڙ ۾ نه اچبو. مون کي ته انهي ڳالهه تي پورو ويساهه آهي ته هر هڪ ملڪ جو علم ۽ ادب، تهذيب ۽ تمدن، حسن ۽ اخلاق جيترو ٻهراڙي ۾ سٿيل آهي، اوترو شهرن ۾ ناهي. وڏو شهر، وڏي ويراني، تنهن ڪري جي ڪو آدمي کوجنا لاءِ ڪٿي وڃي ته اهو وڃي پکيرن جي پناري پوي. اتان جيڪي هڪ رات ۾ هٿ ڪري سگهندو سو شهرن مان سال ڀر رهڻ سان به ڪين وٽيندو.

آئون پنهنجي عقيدي موجب لاڙ جون ليون لتاڙيندي، جهنگ جهر جاڳندي ڪهي وڃي ڪينجهر ڪنڌي پهتس. پريان سونڊن جو شهر به سڏ پنڌ هو، هيڏانهن هيلايا به هڪيا منهن ۾ هئا پر چيم ته جنهن سانگي سان سفر سنڀوڙو آهيان، اهو سانگ شهرن مان سرجي ڪين سگهندو، تنهن ڪري پري وڃان پکيرن جي پار. ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ رس ڀري رهاڻ ڪرڻ وارا راڻا ضرور لَيُن ۽ لاڻن جي اوٽ ۾ هوندا. ائين اوريندي ٺِڪِي ويس هڪ ٺٺ ۾. وڏيرڙي وانڍ ۽ ويڙهه هئي. منجس ڏهه پندرنهن پرهياڙو هئا. مون کي هڪ ڇني ۾ ڇتر وجهي ڏنائون. خير جو سج لٿو. مال سهڙيا، هاري ناري ڍور ڍڳا ٻڌي ڀاڻين ڀريا. ٽُڪَرُ ٽانبو کائي، حقو سر ڪري سرندا آيا. ٻه ٺپي خبر چار وٺي ڏيئي ويهي رهياسون. جهڙو وکر تهڙو هوڪو. ڪي پوک جي پچار ۾، ڪن کي مال جو مامرو. مطلب ته هر ڪو پنهنجن ۾ ئي پوتو پيو هو. ڪچهري ۾ ڳالهين ڳالهين پٺيان ڳالهيون ڪندي هر ڪنهن جو منجهه کليو پوي. ڳوٺ وڏيرو مڙيو ئي سارو کو ۽ سرتيو ٿي ڏٺو.

ڪچهري اڃا مس رس ورتو ته هڪ پير مرد ٻاهران اچي سلام ڀريو. هڪڙو ڪچهري سان اٿي اڳتي ويو. کيڪار ڀليڪار ڪري ڪوٺي آيس ڪچهري ۾. دستوري خبر چار پڇي، وڏيري چيس ته ادا هاڻي ڪي سنهيون ٿلهيون سل. اويري اچڻ جو حال ڏي. ويچارو پير مرد، پنڌ جو ڳهيل، منزل جو ماريل، ڪشالي جو ڪڍيل ٿڌو ساهه ڀري چوڻ لڳو ته : ”وڏيرا خبرون مڙيو ئي خير، ذات جو جڳهيو، ويٺل اصل بٺورو ، هاڻي ڪينجهر جي پراڙين ڪپ، ستين پيڙهين ڀاڳيو آهيان. مُند ماٺي ڏسي، ڍورن جي سانگ تي وطن ڇڏي، جهڳو پٽي اچي هت رهيس. ڌڻي سائين سڀڪي ڏنو آهيم. اولادي مرادي، پٽن جو پيءُ وڳر وارو آهيان. ڪڻم بک ڪانهي. پر گهران گهرڻ کان اڃا بتل آهيان پر ههڙا جي واءَ لڳا ته پوءِ اهي سهلون به پري ڪين آهن، جو پرويسڪا ٿي، ڌاريان در ڏسندا سون ۽ اڄ جيئن ڪمهلو پراين چُلهين تي دونهان جهپينداسون“. بس ائين چئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. وڏيري ۽ ٻين ويٺلن هنياري ڏئي ماٺاريوس. ٿورو رکي، ڏک پي، هنجون اگهي چيائين ته:

سائين پٽ ته سپوٽ، ڪپوٽ مان ڪڄڙو جڙي؟، سڪيلڌو آهيم هڪڙو، پر آنڊا به ڄري ڇڏئين. جيڏانهن ڪيڏانهن گلا ڏوراپا ۽ پڇا، ڪنهن پنهنجي يا پرائي پار منهن ڪڍي ڪين ٿو سگهان هٿ اٿرو ٿي پيو آهي. مڃڻ جو ئي ڪينهي. وڏي جو چوئڻ ته ڄڻ ڪان ٿي ٿو لڳيس. ادا آئون ڪڄا چوان، پنهنجي جي هلڪائي ڪرڻ آهي پير مان لاهي منهن ۾ هڻڻ. مو ن کي به ڏور پٽين ڪنا ڄري ڇڏيو آهينس. اوهه ٿي پييم تڏهن آيو آهيان. اوهان سَڀرن وٽ هٿ سيڪڻ، ڪم ڪار ته اصل ڪري ئي ڪو نه. ڪڏهن کڻي چئجيس ته ڍورن سان وڃ ته ٽيئڙ چڙهيو وڃيس. رڌي پچائي تيار ڪري ڏجيس ته پوءِ کائڻ جو کرو، باقي ڪم جو ڍرو، ڪالهه به هر جا 2 وراڻا واري منهن ڀيلو ڪري ويهي رهيو. آئون جان ڀيرو ڏيڻ وڃان ته مڙس ٺهي ئي ڪونه. هيڏانهن جو لوڻون ڀيريان ته ٻٻر جي ڇانئي ۾ ويٺو اونجهري، ڍورن جي آس ۾ سهڪي پيئي پوئي. ڪڻس اهو به خيال ڪين آيو ته گگدام ڇوڙي ڇاني ۾ ڇڏيان. مونک به نه جا سا بخيلي کڻي وئي، ڪڻس ٻه ٽي پاراتا ڇڙٻون ڏنم. ڀانيم ته چڱائي جو چوندي چڙندو ڪين. پر اهڙو ته مردار ٿيو جو بانٺو کڻي الر ڪري آيو. جيسين مون تائين پنون، تيسين ٻه ٽي ڍيرا به مون پار وتايائين. مون چيو ابا الله پليئي، وڃي ڍنڍ ۾ پئو مون واري اوڙ نه اڀري ته وڃي کڏ پئوئي. ائين چئي پوئتي ڀريس. ڀائو، جي ويجهو وڃانس ته هڻي ڏانگوري وجهيم. اسان وڏارڙا مڙس اسان ۾ سهڻ ڪٿي. ڪو سجائتو سونٽو لڳو ته ڪم ئي اڪلي ويندو. اڃا اهائي مهل هئي ته پوئتا ڌيڻم ڊوڙندي آئي. چئين ته آيا گهرين پيا ڪوٺينئي. مون پڇيو ٻچا خير ته آهي؟، چئين ابا اسانجو هٽار  ڏيون مل واڻيو آيو آ، ڪوٺيئين ٿو. واپاري جو ڏکيو پنڌ سڻي مون ک به سجهي آئي ته اهي پيري پٽم جا سيٺ سان اسان جو اباڻو رستو هوندي ان هوندي وٽانئس کڻي کيون. آئي ويل وڃي مهل ڪري موٽون. ساڻس ڪار پت به ڪانه وڃائي آهي. پوءِ الله ڄاڻي ڪڄڙي لاءِ ڪهي آيو آ؟ آئون به اهي وسوسا ڪندو، ڊڄندو گهر ويس، سيٺ هو رڄ مڙس اسان جي پاراپي تي جيڪي ڪڻنون کپندو هو  سو گهر ويٺي پڄائي ڏيندو هو. نيٺ خبرچار ساڻس ڪيم. ساري سورن جي سڻايائين. چيائين ته پٽهين اوهان جي پرپٺ آيو هو. چيائين ته ابا ڪڻم موڪليو آ، زميندار کي رک جي چاري لاءِ مال جي بنچري ڏيڻي آ، هارپي تي کنيل زمين مان ڪهڙ ڪڍي ساڙائڻا آهن، تنهن لاءِ پنجاهي رپين جي هٿ اڌوري ڏينم، چنڊ ڌاري پهتي ڪيندو سانءَ. تنهن کي هي ڇهون چنڊ ٿو ڏسجي. اڃا تائين اوهان مان ڪنهن منهن ئي ڪين ڏيکاريو آ. ڪي چوم ته اوهان پار ماڻهو منجان، ڪي چوم ته ماٺي رهان، پر پوءِ پڪ ٿيم ته پٽهين وچان ئي جهٽ هڻي ويو آ، تنهن ڪري ان کي ٻڌائڻ آيو آهيان، ٻيو سارو سک، ڳالهه ٻڌي ڪڙهي رهيس، هينئن تي تئي ٿي ڀيم. پيرين جي پٽيل کي پڇ ته ڪڻين ڪهڙي بک؟. الله جهجهو ئي ڏنو آهينئي پوءِ به نانگو جي  ٻرن ۾ هٿ وجهندو ڀڻين. تنهن مان توکي هٿ ڪڄاڙو ٿو اچي؟ اسان جي به ڪار پت وئي ۽ تون به راڄ ۾ ڪهڙو ڪڌو ٿئين. اسين ڪکين ڍڪيا ماڻهو، مٿئون سهي واري کل.، هٿ کنئي ڦڦڙ پڌرا. هن اوسر ۾ نڪو ڏي نڪو وٺي ڀاءُ، ڀاءُ ڪنان بيزار، ڪو ڪنهن جي چڙهيءَ ۾ آسرو ئي ڪو نه رکي. اهي ٿاڻائي ڦري ويا، جڏهن ماڻهو تِرَ داڻون به پتيون ڪندا هئا. اڄ هر ڪو سياري جي سوڙ پاڻ ڏي پيو سيري. هاڻي هن سر ڏڪار اسين مارو ماڻهو پرديس  منجهه ڪنهن ڪنان پني پوراءُ ڪريون. واڻيو ويچارو، دسيون لتاڙي آيو آ، تنهن کي به ضرور هٿ سڃ ڪبي. نيٺ ساڻس ئي مهاڙ آهي.

وڄهارو ٿي کڙهه لاهي، مال ۾ ڌوڃ ڪري ڇڏم، چوم به ڪڻس ائين ته جا تو يار نهاري سا ڌڻي کڻ، ۽ پنهنجو وڻو ڪري وري وڃ. پر سيٺ ڪٿي ٿو ائين ڪري. چئي مال اوڏو مور نه وڃان. قرض نه جڙيو ته ڀئو ڪونهي. هاڻي ته آئون اولجي پيس. هٿين خالي واپاري وارن به ڏکيو ٿيو لڳيم. آئون وڏارڙو مڙس ڏينهان البت خاصو، پر راتيان ڊوک ڪنه پئيم. لاچار ٿيس، اندر جي باهه کڻي کنئيس. ماني پاڻي وهه ٿي لڳيم، جوڙا هٿ ۾ کڻي جيئن ڀڳو آهيان، تيئن تو وٽ اچي وساڻو آهيان. هاڻي پنهنجو لائق ڪر، مون اڙئي جي آڙتي لاهه، ڪارپت وئي ته سڀڪو ويو. هٿ اڌارو ڏينم ته وڃي واپاري واريان. ٻيو سارو ئي خير.

وڏيري وراڻيو ته ادا گهرجي به خير. ڀلي آئين جيءُ آئين. هيءُ به تنهنجو تڏو هڪڙي هاري کي هڪل ڪري چيائين ته جهٽ ماني جو بندوبست ڪر. ڳنڌڻ لپ ضرور آڻج. تهان پوءِ وڏيري چيو ته ”پريا مڙس ڀلي آئين، تون ڄاڻ نه سڃاڻ، الٿي وير اسان جي اوتاري لڙي آيو آهين. اميد ساري آيو آهين. ادا آئين ته ڀلي ڪري آئين. آهيون وڌ اسين به ڪين آهيون. مهلون به مڙسن تي ٿيون اچن، مهل سر به مڙس ئي ڪم ٿا اچن. هي اٿيئي روپا پنجاهه، وڃي پنهنجو ڪارج سر ڪر. وري به ڪڏهن آڙتي اينٿي ته به اسان کي ڌِڻائين متان، جيڪي هوندو سو ونڊي ورڇي کيداسون. پرديسي مڙس آهين. توسان وهڻ ۽ تنهنجي مهل ڀرڻ چڱو آهي. تون وڃي پنهنجي جند ڇڏاءِ، ڏنو پٽ ڇٽي جو، اڳتي لاءِ واپاري کي وڙجائي ڇڏج. پير مرد ٻي خبر ٻڌئي، اهڙي اڻاسي اولاد کان ڀينگ ڀلي. اهڙا اولاد ڪو مائٽن کي سکي ڪندا ڪ؟ اهي ڪنهن ڏينهن ڀيري ڀن وجهندا اهڙا ساماڻا ته ڄڻ سور اُڌاڻا، جيسين هئا ڳڀور تيسين اوهان به ٿي کيڏيا ۽ سندن چانجلايون سر تي سٺيون، هاڻي پڪين گهڙين ڪهڙا ڪنا پوندا؟ وٺي ڏيوس سرڪار ۾ ڀل هاوي ۾ هجي ۽ گهڻائي ۾ پيسجي. تڏهن اک پور ڇڏيندو. جڏهن اوڙاهه ۾ پوندو. تڏهن مغز جاءِ ايندس. اجهو اهو سامهون ڪڻئين ويٺو آهي. منهنجو پٽ ٿئي ملهه تي رکيائين شوق، سدائين گم. گهر گهوريو ڪري ڇڏئين. جت ميلو ڪو ملاکڙو سڻي، اتي اڻ ڪوٺيو ٽُورو، ملهن سان رکيائين رس، ڏاڍو جوان ساماڻهو، هڪڙي پر ڪي کٽي ٿي کڻيس. وڃي ٿو کاٽ هڻي، ڀاڳين کڻي بند هنيس، آئون وري ملاقاتي تي به ڪين ويس، ٽِيپَ ڪمائي آيو، ٽڪ مان ور نڪري ويس هاڻي سوڌو سنئون، پرائي سڳي کي به ويجهو ڪين وڃي، اڃا ٻين کي پيو متيون ڏي. ٻار جي ڪور ڪبي، ٻار لاءِ ڏک ڪبو، ٻار تي آر آڻبو ته ڄڻ سندس نسون وڍيون، ناس پتو ويو. پوءِ اڄ جا ڇورا ڇيڳڙا ڪٿ ٿا وٺ ڏين، ٿورو سهٽ ٿيا ته مائٽن جي مهٽڻ کان ويا. ڪم ڪار جو چبون ته اڀڙڪي پيا منهن ۾ لڳندا. گهر جو در به ڪين سڃاڻندا. لفنگن سان لهه وچڙ ۾ آيا ته ڄڻ ماڻهپي قطار مان ويا. پرايون پيا ڀيريندا ڀڻندا، پر پنهنجو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ به اهکو پيو لڳندن، پوءِ اهڙا وڙ ڪٿي ٿا وڙائتا ٿين. اهي اکين جا نور پوءِ اکين جا سور ٿيو پون.

خير، ڪتين ڪر موڙيا، رات اچي پڇاڙي ٿي، مهمان ڪچهري کان موڪلائي ڀاڻين، ڀريو، اسين به پڙڇ پاسو پئي رهياسون. وانڍ ۾ سڀئي وانڍا، گهريتو ڪو ٿورو لڀي، تنهن ڪري مون سان به چار  - پنج ڄڻا ساٿي ٿي سمهي پيا، خير جو صبح ٿيو هر ڪو پنهنجي ڪرت سان روانو ٿي ويو. آئون پٽيءَ پرڇ ڌڻي ٿي ويهي رهيس. اهو فطر تي امر آهي ته سڀ ڪنهن شئي جي ٻئي پاسا ورلي چڱا هوندا آهن، جنهن شئي جو هڪڙو پاسو بهتر ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تنهن جو ٻيو پاسو البت لانئون ئي لکا ڏيندو آهي. هيڏانهن هڪ اڻڄاتل ماڻهو جي وقت سر مدد ٿي وئي. محتاج حاجت روائي ڪئي وئي ته هوڏانهن گهريتن ۾ اهڙي دريا دلي تي روڌن مچي ويو. گهر ڌڻي ڀنڀرڪي جو اٿي ويو مال سمهاڙو ڪرڻ، مائي لڳي تنوڻ ڪرڻ. گهر ۾ هڪ ڇهيڻ ستين سالين جو پٽ هوس، تنهن کي چيائين ته جيجڙا ابا، ڍور ٿا ٻنيءَ ۾ پون. ڀلائي ڪري ڀيري اچين. آئون ويري ڪين آهيان، جهٽ وڃ ته آئون لولو سيڪي وٺان“.ڇوڪرو وهٽن پٺيان نڪري ويو. پوئتان مائي پاڻ مهاڙو اچي ڇٽڪي.

چي: ڦٽو ڄاڻ نه سڃاڻ، ڪو ڄاڻان ڪير آيو. تنهن کي ماريئي بي متئي پنهنجو ڪفن ڪڍي ڏنو. اسان هٿ ڀڃي، سيءَ واءَ جهپي، چار ڪوڏيون ڏکئي ڏينهن لاءِ ٽاري رکيو سي هڪڙي رات ۾ ڪنهن الله واٽئي کي ڏئي ڇڏيئين، ڄڻ مٿس ڪو بوجو هو. هاڻي پڇوس، توکي اهي ڪڏهن ملندا. تون ان کي ڄاڻي ڪو سڃاڻين. سڀني لاءِ ٿو ٿڻين ۾ کير پويس. اسان جي ساڻس ڪا ڀيٽ ڪا پٺي چڱائي جو ٿو چجيس ته ڄيرو ٿيو پويس، جهل ئي ڪين ڏي. مون کي ڪڄڙو آ. ٻچا ٻه سندس ڏکيا بکيا ٿيندا، ڏوڪڙ کڻڻ آيو ته مون سان آلهي ويو. اهڙي جي ٻوجها پئيم ته ڪنهن ڌارئين جو گهر ٿو ڀري ته هڙ تي هٿ لائڻ ئي ڪين ڏيانس. سڀڪو غريب آهي. اسان وٽ ڪهڙا سونا سونگا ڍڪيل آهن، جو ڀڻون ڀتين تان ڀت اڇلائيندا. اسين پاڻ ٻچن جي چوڻي ۾ پورا آهيون. ڪڻم جي اهڙي ڪڻڪ پوئي تي مهمان اهڙو سوري آهي ته هوند اهڙو پهه ڪريانس جو واٽ به ڪين سونهي. انهي سوران ته پرهه کي هڙ تي هٿ رکڻ به ڪين ڏيان. آئون زال ماڻهو ڪڄاڙو ڪريان؟ جي ٿي ڪڇان ته وات ۾ کڙا ۽ جي ماٺي آهيان ته اجهو اهو حال آهي.

ملڪ ۾ وڻراهه گهڻي، جهنگ گهاٽا، ڪاٺي پنڊي جي ماڻهن کي تڪليف ڪانه ٿي جو اٿيو تنهن ڀاڪر ڦانگن جو ڄاڻ ته آندو گهر ڌڻي به مال مهاڙيتو ڪري ڪاٺين ڀاڪر ڀري اچي گهر پهتو. جوڻس جو جهيڙڻ ۽ جهوري ٻڌي هنئين تي تئي ٿي پيس، چيائين نڀاڳي رن ڪڄڙي لاءِ ويٺي ڪارون ڪريئن، منهنجو ڪيو ڪمايو ڪاري ڪلر ۾ پئي وڃائين. تون جڏهن کان ڀيڻيءَ ڀيري ٿي آهين، تڏهن کان وٺي جهڳو ئي جهڻ ٿي ويو آهيم. گهر جي بها برڪت سڀ نڪري وئي. ڪنهن پينڙاٽ کي پن ڏجي ته به ڪرڪين، ڪنهن غريب کي هٿ سَڃ ڪجي ته به تون لڇين، ڪنهن محتاج جي مهل ڪجي ته به مڙڳو کڻي مڃائين ڪل ڪانه ٿي پوي ته تون ڪڄاڙي ۾ راضي آهين؟، نه وري ڪ ڪنئين ڪي نصيب ٿئي ائين کڻي چئجي ته ٻين کان وانجي پنهنجو جند ٿي سکيو ڪريان سو به نه، توکي ته نڙي ۾ ڳنڍ آهي، پر سڪيلڌي اولاد کي به سڪ سريو کجائي کارائين، پوءِ به خدا واٽي ۾ ايترو کٽراڳ، جنهن جو هوندو، تنهنجو هاربو. اڻ هوندي ۾ ڪنهن جي آس، ڪنهن جي اميد. اڄ جڏهن اسان وٽ چار ڪوڏيون سجهيس ٿي، تڏهن ته وڻ وٽ لتاڙي ڪشالا ڪڍي، آڌي رات اچي سهڙيو. وڻ وڻ تان ڪين پوئي، پر ماڻهو ماڻهو مٿان وڃيو پوئي. متان اسين به ڪڏهن سندس ڳوٺ وڃي نڪرون.

ٻيو ته وڃي کڏ پوئي پر من پاڻي وٽو حُبَ سان پي اچون، اهو به گنج ٿيو. الله ڏي ته کمي کائجي، جکيءَ وارا جک ماري، هٿ مٿي تي ڏئي هليا ويا، ساون ساون سڃا به ڀاڱي ڀائيوار آهن. جي الله ڏي ته الله جي بندن جي به سار لهجي. پنهنجي هڙ ڪوسي ڪرڻ مان ڪهڙو نفعو؟ ڪنجوس ڌن واري کان ڏٻرو گڏهه چڱو جو ڪنهن جي بوجي کڻڻ لاءِ بنا ڪاڻ ڪرڻ  جي ڪم اچي ٿو. اهو کٽيو ئي کوٽ جهڙو، اهو ڌن ئي ڪلر کاڌو، جنهن مان ڪنهن ڏکئي بکئي واٽو نه ورتو، جنهن مان ڪنهن مهمان نه کاڌو، جنهن مان ڪنهن ڀاءُ ڀرائي ڪر ڪر ڪرين، اڄ تون شڪر نٿي ڪرين، جو کير ڀن پٽين واري ٿيو ويٺي آهين. ٻيا تا اچي وٽئه هٿ سڪين، ڪنهن سوال سڙي جي اوڀالين کان ته آجي ٿيو ويٺي آهين. هرڪو پنهنجي قسمت ويٺو کنئي. اسان کي به جيڪي ملڻو هوندو سو پاڻيئي ڪڻئو ملندو. واڌاري لاءِ مٿو کڻي جبل سان هڻ، تڏهن به اوتري جو اوترو، خير مائي به کڻي ماٺ ڪئي، آئون به ٽڪر ڀور کائي موڪلائي روانو ٿيس.

 

 

لاڙ جي ٻي رات

 

اسان جي سنڌ جي ڀاڳ نه ڀڙايو، ڪئين قومون اُتس حڪومتون ڪري ويون. هزارين عالم ۽ اديب منجهس درس تدريس ڏئي ويا. ڪيترا عالم ۽ فاضل سنڌين کي سمجهائيندي سمجهائيندي حياتيون پوريون ڪري ويا پر سڀ وئرٿ ويو، ڪنهن تي به ڪنهن جو اثر ڪو نه پيو، اهو رنبو، اهو کٿو، اها ڪوڏر، اهو ڳن، جتي وڃ اتي سڀڪو پنهنجي سورن ۾ پوتو پيو آهي. هر ڪو پنهنجا سور پيو ساري، باقي ٻئي ڏي ٿورو ئي ڪو نهاري. سڃي کي سَڃي ڪو نه، سائي کي سهي ڪو نه. ڏند – پيهه لڳي پئي آهي. نااتفاقي جو مرض جت ڪٿ جام. وڏن جا ڪڌا ڪرتوت ڏسي سندن اولاد به اهيئي پار هلي، تنهن ڪري اهو موروثي مرض نه وڃڻ جو ۽ نه ورڻ جو. ڪن وٽ ته وري ڳائي ڄڀ، ملڪ ته هاڪاري هيڪاري انهن مٺو. اٻوجهن جي اياڻپ مان الٽو فائدو وٺي پوءِ کين ڦڙهو هڻي هڪلايو ڇڏين. بس پوءِ هيڻن جي حاڪمن تي ناهي مرد ميار. هر ڪو هٿ مهٽيو هليو وڃي. نه ڪنهن کي سلي ۽ نه سڻائي. هوڏانهن هوند وارن جو وري اهو حال جو ڪم لٿو، ڪاڳر ڦاٽو، ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو. وري جيڪي چلهه تي سي دل تي، جيڪي اسريا سي وسريا. نئون ڏينهن نئون شڪار، انهي طرح ڪي پيا پيسجن ته ڪي پيا پلجن، دانهن ڪوڪ ڪير ڪري، ڪير سڻي. جي جنيسين سي تنيسين، بس اهو آهي تباهي جو راز، ڪو به ملڪ انهي ڪشمڪش کان آجو ناهي. اڳوڻو قرب ۽ قلب جو ڪاڍو ماڻهن ۾ ماٺو، ڪو هٿ پير هڻي وڃي ساڄو ٿيو ته ٿيو پاڙي جي اک ۾ ان جي اٿ ويهه کاڌ خوراڪ ۽ اوڇ پهر تي مڙيو ئي ماڻهن جي ڏنگي نظر. منهن تي مٺ مٺ، پرپٺ گلا ۽ پچار. ڪنهن ڪم ۾ لانئن لڳندي ڏٺئون ته پوءِ وڏي وات ڪچهرين ۾ ويهي کِلي پيا کڳيون هڻندا. جي ڪو هرج ڀريائين ته هنبوڇون هڻندا ۽ بغلون ٺوڪيندا. ٻئي طرف وري پاڙي ۾ شال نه ڪو سڃو سهڙي. ساهه پٽڻ ڪين ڏيندس. هر ڳالهه ۾ پيا هيسائيندس. اٿئي ويٺي پيا نلائي ڪندس مطلب ته پوءِ سڀني لاءِ گهپي هنڌ ٿي پوندو. ڏک سک ۾ همدردي ڪرڻ بدران پاڻ چٿرون ڪري پيا چڙائيندس. هن جي اجهاڻل چلهه، ٻچن جي بک ۽ انگن جي اوگهڙ کي سينيما جي شغل کان وڌيڪ ڪا به اهميت نه ڏيندا. جيڪڏهن کڻي ڪنهن جي روح ريلو ڏنو يا ڪنهن جو هينئون اٿليو ۽ ڪنهن سڃي ڏي هٿ سَڃ ڪيائين ته به سوين شگانه ۽ لکين اوڀالا ڏيئي. پوءِ سالڪن به سچ چيو آهي ته ڏکئي کي ڏي ڪو نه ۽ سکئي کي سهي ڪو نه اها روبڪار ساري سنڌ ۾ جت ڪٿ ڏسبي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ چاڙهي بدران لاڙي ۾ پئي وڃي. ڪٿي ڪو قسمت سان وڃي پاڻ پرو ٿيو ته پوءِ اڀري ۽ ابڻ ڏي نهاريندو به ڪين. اڃا به ڪي هڙ ۾ هوندس، تنهن جي تاڪ ۾ رهندو. ائين ڪڏهن ڪين سمجهندو ته ٻيلي پنهنجي اڀري ڀاءُ کي آڙي اوڌي ۾ هٿي ڏيئي. حالائتو ڪريان تا ته ٻي در وڃي سوالي نه ٿئي ۽ نڪي ڪُر کي ڪسو ڪري. مطلب ته جيڪو دنيا جي گرڪڻ ۾ گَتو ان کي اڪارڻ بدران پاڻ لتاڙي هيٺ ڀرو ڪندس. جيئن سنئين لڱين نه بيهي. ۽ نه ڪي اٿم ڀري اسهي سگهي، ٻه جهڳا جڙيل به ڪنهن کي ڪين وڻن. هڪ جو طرف وٺي ٻئي جي جس چوڻ وارو باقي ڪو وڃي رهيو آهي. ملڪ ۾ وڻاءُ ۽ وڏ ور، رت کي ڄيرو، پروان سان ڏسبو ته پر ڀيا پيا گهمن، پر پنهنجن سان سوجهه ۽ مٽ نوڪ. البت چڱي گهر چار لڙيو وڃن ڇو ته آئي ويل اميد ۽ آسرو رکن ٿا. باقي هيڻو شال هڄي وڃي. لوڻو ڀيري نهاريندس، به ڪين ته ڪڄاڙو ٿو گهوٽي ۽ ڪڃاڙو ٿو پيئي اهڙو آهي اسان جي سنڌ جو اندروني حال. اڃا به ٿئي ٿي ڪنهن کي اميد ته پاڻ ڀلي، پير ٿو ٻي وڃي ڪنين سان ڪلهي جو سي ٿينداسون؟.هرگز نه؟ جيسين اسان مان تيڏا سو ميڏا، ميڏا سو هون.....هون.

واري هير نه وئي آهي، جيسين اسان مان حسد ۽ بغض نه ويو آهي، جيسين اسان ۾ پاڻ لاءِ قرب ۽ ڪاڙهو پيدا نه ٿيو آهي، تيسين اسان جو ڄائو اجايو ۽ موت بي معنى آهي.

هڪ ڀيري مغل ڀين طرف منهنجو وڃڻ ٿيو. پنهنجي هير موجب لڙي ويس، هڪ ڳوٺڙي ۾ ڳوٺ اڳيان کٻڙن جي اوٽ ۾ هڪ اوطاق اڏيل هئي. انهي ۾ پاڻ مرادو لنگهي ويس. هڪيو تڪيو ته ماڻهو وٽم ڪو نه آيو پر پوءِ هڪڙو ڄڻو اچي ظاهر ٿيو. خبر چار ڏيئي وٺي هليو ويو. چيائين ته ڀائو اسان هيئر اڙيات آهيون، سانجهي وير ويرا ٿي ور وانڌو ڪينداسين. تون اتي ويٺو رهه. آئون به هوس ٿڪل، سو اجرڪ تاڻي سمهي پيس. سج لٿو، ماڻهو به اچي مڙيا، ڳوٺ وڏيري گهران ماني آئي. مانيءَ بعد حقو آندائون، حقي سان گڏ سوپاريون ۽ سوئڙي مڪائون. آئون به ڪانڀ ڪڍي وهاڻي تي ويهي خوب سوٽا هڻڻ لڳس. مون لاءِ ته هيءَ نئين ڳالهه ڪانه هئي، ڇو ته اهو ملڪ منهنجو گهڻو ئي گهميل هو. ماڻهن جي رسمن رواجن کان واقف به هوس، حقو به واندڪائي جي وندر آهي. حقي جي بڙ بڙ ٻڌي مون کي شمس الدين ”بلبل“ جو هي شعر ٿي ياد پيو:

مجلس جي سونهن سوڀيا سينگار آه حقو،

وحشت ۾ غم زدن جو غم خوار آه حقو.

بڙ بڙ ڪيو پيو دل کي بهلائي ساڻ باتين،

داناءَ دل جو دلبر دلدار آه حقو.

 

چڱي وير ويئي پر مون تان ڪنهن ور وانڌو نه ڪيو. ماني وارا ٿانءَ به ائين ئي رکيا رهيا.، ڪنهن مهل ڏسان ته اوطاق جي پويان ماڻهن جو ميڙ بيٺو آهي ۽ ڪنهن ڳجهي ڳالهه تي پاڻ ۾ سس پس پيا ڪن. ايتري ۾ هڪڙي منجهانئن هڪل ڪري چيوته اٿو ته هلي اجهاپ اوڏا ٿيون. هتي ناحق ڪڻئون سي پيو سٽي، نيٺ هڪ هڪ ٿي اوطاق پار ايندا ويا. سڀني مون سان کيڪار ڀليڪار ڪئي. ٿورو وقت ته سڀ سانت ۾ رهيا. پوءِ منجهائن هڪڙي چيو ته ادا خبرون مڙيو ئي خير. ڪلهه وڄهاڙو اٿي وڏيري جي اوطاق تي ويس. مڙس منجي تي ويٺو هو. چوڦير هاري ناري ڪونڊو ڪيو ويٺا هئس. کيڙي ٻاري جي کٽراڳ ۾ لڳا پيا هئا. مون به سري وڃي پاسو ورتس، وجهه وٺي عمر ۽ صفر بابت ساڻس ذڪر ڇيڙيم. چيم ته سائين هو يتيم آهن. سندن ڌڻي، ڌوڻي ڌوئا، جو راڻي ويچارن جا ويڙها، ونها ڪري ڇڏيا. وڳر کان ولها ڇورا ڇنا ٿيا، سندن قسمت کٿي جو کيڙين ۾ کامي ويا ويچارا ڀاڳين ڀڳل اوالئون ٿي ويا آهن، نه آهن مئن سان ۽ نه آهن، جيئرن سان، اڃا اکيون ئي مس اپٽيون ته نڌڻڪا ٿيا، تن کي هاڻي نه ٻڌ، نه سڌ. ڀلا ڪي اکين ڏٺو هجين ته ڪل پوين، ادي امان هين ڪانهي. جا دڙ دلاسو ڏئي دل وٺين. باقي ماسيون، سي مائون نه ٿين، ڪاڪا سي پيءُ نه ٿين. تيئان پٺ ٻيو ڪير آهي، جو سارين سنڀارين بي وارثن جي پٺ سڀيٽڻ لاءِ به سمر ٿي کپي. اهڙو ڪو هجي منجهئون جو ڪس کائي رس ڳنڍي. اسين به سندن اوڏڙا مٽ ٿيون. پر سڀ هٿڙيا مڙس هڙ ۾ ايترو ڪونهي جو ڪنهن جي مهل ڀريون يا ڪنهن بدران ڪا ڳالهه لاڙيون. اڄ دنيا هلي ٿي جُوفَ پٺيان، جنهن وٽ چار ڪوڏيون هونديون، جنهن جي هڙ پُنجي هوندي، تنهن جي ئي ڳالهه وڍ ڪري ٿي. اسين ته آهيون پيٽ مهانگا، ڪڏهن وٽئون آهي ته ڪڏهن ويٺا واجهايون. اڄ ڪلهه ماڻهن مان ننگ نڪري ويو آهي. پويون پهر اچي بيٺو آهي. پيءُ کائي، پٽ. پنهنجائي جو ڪنهن کي سيڪ نه سواد، اسين به هنين منجهان آهيون، ڪڻئون سندن ڏک به ٿئي ٿو، پر ڪڄاڙو ڪريون؟، سڃائي جي مرض ڪري ڪو سڻي سڻائي به ڪو نه. تنهن ڪري اسان جي آسري ۾ هو ائين ئي ڦريا. اسان کان هنين کي لولي لوڻ به ڪين سري، اهي وڙائتا وينجهار وٽائي ويا، جي وڏوڙل ورجائي. واري واڙ بنجي ڪيندا هئا. مائٽين هوندي مائٽيون ٿيل آهن، پر هاڻي ڏسجي ٿو ته ڪاڪاڻا به پير پيا ڪوئين، پنهنجو ڀاڄيون نيئي هٿ ڪيائون. هاڻي هنن يتيمن سان ڦڏا ۽ فساد لايو اچن. اڄ چڱايون چوئڻ جو وقت ويو. ڪنهن کي چڱيان ٿو چئجي ته مٺيان ٿو لڳيس، ڪنهن کي ٺاري ٿو ڏجي ته ڪوسو ٿو لڳيس، تنهن ڪري اسين به ماٺيا آهيون. اهڙي وٽئون ڪڏهن ڪانه ٿي. مڱيون ٻانهون، سي به سنڱوتي تي سڱ ٿيل آهي جي ائين ويون ته پوءِ رهيو ڪڄاڙو؟، ٻني ۽ وني تي ئي خون خرابيون ٿين ٿيون. اڄ به مت ٿوري مان گهڻي ٿي پوي. جي انهي ڳالهه جو منهن مٿو به ڪبو ته پوءِ اڄ مڱون وينديون ۽ سڀان لڄون به لٽجي وينديون. اهو اڄ الله داني، تو داني آهن، تنهنجي پاڙي ۾ پيا آهن. تنهن ڪري تون اٿي سندن ڀيڻي ڀيري آڏ، ڪڻن، پاڻ وهيڻو ڪر. هنين جو پيءُ پاڻ دسين پڌرو هو، چڱين مٺين تائين ٻڌو سوئو هو. هو پاڻ ڪن وڏوڙن کي ورجائي کير کنڊ ڪيندو هو. پر اڄ سندس اولاد اجهو ائين پيو ڌڪا کڻي! اهي سڀ قدرت جا رنگ آهن، ڪڏهن سوار پيادا، ڪڏهن پيادا سوار. ڪلهه جنين موڙهلن کي متيون ٿي ڏنيون سي اڄ پاڻ واٽ وڃائي ويهي رهيا!، هنين جو ابو رڄ مڙس هو، تو پارا امير ڪڻس ڪوٺيو، ڪچهري ۾ وهاري مصلحتون پڇندا هئا. اڄ جڏهن سندس پرڇ پالهو ٿيو آهي، تڏهن اوهان پارين سرتين جو ڪم آهي ته هن جي پٺ سانڀيٽين. جنهن يار جو پار نه سڃاتو، تنهن ڄڻ ته يار نه سڃاتو. تون اڄ منجهئون سارائتو سڏجين ٿو. ساٿي منجهه سڀ جي آس، ڳالهه مهاڙ به ان جي وڍ ڪري.

چوئڻ چوائڻ به ان جو سجايو ٿئي. ٻانهون ساماڻل آهن. حياتي کي بقا ڪانهي. آدم ويچارو دم جو محتاج ڪهڙي خبر ته جو دم اندر ويو سو وري ٻاهر ايندو يا جو دم ٻاهر نڪتو سو وري اندر به ايندو؟. اڄڪلهه جي جوان مڙسن تي چڱي جو چيو اثر ئي ڪو نه ڪري. تون سڀني جو پريو مڙس آهين، اٿي هن ڪم جو نبيرو ڪر. جيسين هيءَ ڪم نه اڪليو آهي تيسين اسان کي به چورا کورا لڳي رهندي.

ڪچهري ۾ هڪ پريو مڙس، پر بت ۾ ٺهيل ۽ هڏ جو ٺوڪر ويٺل هو، تنهن چيو ته ادا، پوءِ رئيس توکي ڪيهو جواب ڏنو؟ چيائين ته رئيس ٻيو ته ڪي ڪين چو، رڳو ايترو چيائين ته واندڪائي ٿي ته ويچار ڪيندس. اهو ٻڌي هن پيرسن کي ڪاوڙ جا جڪ چڙهي ويا، تپي ڳاڙهو ٿي ويو. خابروءَ کي ڏاڍي ڇانڇول ڪڍيائين، پوءِ ماڻهن ڏي مهاڙ ڪري چيائين ته ”نانگ جهليو وڇون، چيائين ته جي ٿو ڇڏيانس ته ڪوڙهيو ٿو ٿيان، ۽ جي ٿو ڳهانس ته پيٽ ٿو چيرجي.“ سو هن يار جي اندر ۾ به هئي هڪ ڳالهه، سا جي ٿي روڪيائين ته اهک ٿي ٿيوس ۽ جي ٻاڦي وڌئين ته اجهو اهو مان مليس، وريس به ڪي ڪين. اجايو پنهنجو منجهه پراون جي ڪن وجهي آيو ”ديواني جي دوستي، ڪلهي تي ڪتو.“ ادا تو ته اهي اڇا اُس تي آندا آهن.

پنهنجن جي پڇا سواءِ وڏيري وٽ وئين ڪو؟ هيءُ ته آهن ننگن جا نبيرا، سي ڌارين جي ڌيان تي آڻڻ جو ڪهڙو ضرور؟ هت پنهنجا اڀراڪ سڀرا، چڪي ويا هئا ڪ جو وڏيري ڏي کڻي ولاڙ ڪيئي.

اسان جا وڏا اهڙا نبيرا ائين ڪيندا هئا، جيئن لوڪ لکائي ڪين پوئي. پنهنجي اوتاري اڳيان ويهي ڇنائي ڇوٽائي اٿندا هئا. ڪچهريءَ جو ڪم تنهن ۾ ڪي اولو ڳالهين. ڪي سولو ڳالهين. پر جي سڀ پاڻ ۾ هوندا ته ڌارئين جي ڌيان تي ڪا اوڻائي ڪا نه ايندي. اوهان کي خبر آهي ته عمر ۽ صفر کي ڪاڪن ڪڄڙي لاءِ ڪڍي ڇڏيو آهي؟ ڇورا آهن پاڻ زورا نه ڪنهن جي سڻن، نه ڪنهن جي سمجهن، جي افعالين سڄا هئا ته هر ڪنهن هنج ۾ وهاريا، هنين جا حال اهڙا جو نه مئن جا ڪانڌي، ۽ نه جيئرن جا ڄاڃي، پاڻ مهاڙو پيا سهڙن ۽ سمهن. وتن کُهين کي ويساهيون ڏيندا. اڄ ڏاڙهيءَ سان مڙس آهن هنيان پُٺ ڪڻن اُڌيءَ کٽيءَ جي ڪڏهن ڪل پوندي؟ پنهنجن سان ڏک ڪ سک ۾ حال ڀائي ٿيئڻ ۽ ساڻن ٻه پير ڀرڻ جو هيءُ وقت آهي. وڙائتا ٿيا ته وڙ پسندا، بي وڙا ٿيا ته لوڪ تڙيا ٿيندا ٿڌو گهڙو پاڻ کي پاڻهين ڇانو ۾ رکائي. ڪڙا هنين کي به ڪين آهن. جت ڪاڪن کي لاڪن ڪهڪاءُ ايندو تت اسان ۽ اوهان پارن کي سيڪ به ڪين ايندو. اسين اڄ آهيون بيٺل جا يار، تنهنڪري ٿا ڏندن جي ٺڪ ٺڪ ڪريون. پر جڏهن ٻيڙي سير تي ايندي تڏهن کري ۽ کوٽي جي پاڻهي ڪل پوندي. هي ڇورا ڇنا، اڌورا ڪ سڌورا، تڏهن به هنين جي ميراث جا مالڪ آهن. ڀائو! جي جنين، سي تنين. مينهون مينهن جو ڀيڻون. لٺ هنئي پاڻي جدا ڪو نه ٿئي. مائٽي آهي رت، جنهنجي لڇ جنهن ۾ هوندي، تنهن ۾ ڏوران ڏيکائي پيئي ڏيندي. اڄُ به مٿن آڱر ته سَڃي ڏسو. اول اهي ڪاڪا جي ڪُڻن ڪڙو ڪدو ٿا سمجهن سي اچي ڳل پوندو.

خير- گهڻين ڳالهين اُٺ لڏجن. مون کي ڪالهه سندن ڪاڪا ٻئي گڏيا هئا. رحيم بخش ته ماٺيو رهيو پر اميد عليءَ البت سندن سور رنا. تنهن چيو ته ” اسان جواب ڪو ٿورو ئي ڏنو آهين. پر چيو آهيون ته اُتڪا نه ٿيو. مند سئين ٿئي ته پوءِ اچي نڪاح ڪري وڃو. پر هو آهين پر ائين ڪنين. وڃن وڻ وَٽَ سان واڀيندا ۽ گلائون ڪيندا.

ٽيءَ رات به مرشد سائينءَ کي ميڙ ڪري وٺي آيا. اسين اڳيئي هڪ مهلو کيون. پوءِ اهڙا نانگ آڻي وچ تي وهارڻ مان ڪُڻن ڪيهو لاڀ؟ جي ناراض ٿيا ته پيڙهيون پٽي ويندا. اسين ٻچڙوال ماڻهو پير فقير کان ونئن وڃون. اسان جا هڏ پيا ڪنبن، اڳيئي ڪُڻئون گهڻا هٿ لڳا آهن. هاڻي جي هي ڇورا اهڙيون ارڏايون ڪيندا، تن کي ڪير ڳري لائيندو ۽ ڪير وچ تي جاءِ جوڙي ڏيندو؟ اڃا ته مڱيا آهن، پر جي سڀاڻي ئي پرڻيا ۽ جنڊ هيٺان هٿ ڪڍائي ويا ته پوءِ هيڪاري ڌرتي تپائي ڏيندا. هيءُ ڳڻان ڳوليون آهن، وڳڻائيءَ مان پاڻ ويڇو وڌي ۽ وير پوئي. اهڙين پارتن ته الائي پِرائي وڃن ڪا نه.

مون به سمجهو ته ڪاڪاڻا وِيلَ ڪين آهين. چار چڱا وٽن لنگهي ويا ته شرم پوندن ۽ ڪن کي ضرور اٽي جو لڪ ڏيندا. سڀني کي منهن هيٺ ڪو نه ڏيندا. وڌ ۾ وڌ ڀائٽين جي نالي ڳالهائيندا، ٻيو ڪڄڙو ڪيندا. لڳيون مارين، ٺڪاءُ ڪو نه مارين. تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته ڇورن جي ڇڪتاڻ تي لڳي پاڻيءَ کان مهند ڪپڙا ڪيم لاهيو. پهريائين هنين کي تانگهيو، پوءِ پرائين درين وڃو. اڄ ڏسو ٿا ته وقت ڪهڙو آهي، پر گهرين وڃي پنهنجن جي پت ويچارڻ آهي، پنهنجي پت وڃائڻ. ڪير ٿو ڪنهن جي رکي. ٿوري ڪنهن جي غلائي ٻڌئون ته دُهل تي ڏونڪو ڪري ڏيندس. اڃان ته ڇورن وٽ به آهي ته ڪي ڪين جي ساوا پنهنجون ڄايون سونين سُنگين سان اٿيارين ٿا ته ڪوڙا مڻيان هنين به لهڻا، وڪنا ڪنانئن هو به ڪين آهن، پر اها به سندن شرافت، جو راڄان رسم تان هٿ کڻي بيٺا آهن، نه ته جيڪر عمر ڳري وڃين ته به ڪين پڄن. راڄ رواڄ آهي ستن تولن جي سوني نٿ. جا اول گيرٽ ڪنوار کي ڏي ۽ پوءِ نڪاح لاءِ وک وڌائي. هاڻي ٻڌايو ته منجهن اهڙي ساههُ آهي؟ هينئر وٽن آهي ڪڄاڙو؟ هڙ ۾ هريڙون، گوڏ ۾ پتاشا. اڳيان ڪاڪا سندن اهڙا سدورا جو کاڻيءَ مانيءَ تان کل لاهڻ نه ڏين. اهي جي پنهنجيءَ تي اچن ته سڀني جي مئي ڀڃي ڇڏين. ڪڏڪار به ڪنهن جي ته ڪلهي تي ڪبي. باقي هڙ سکڻي لوڏ گهڻيءَ مان وري نڪي سري، وڇ به ڪلي آهر ڪُڏي. جي ڪلو هوندو جڏو، ته ڪنڌ کان جهرندي. شادين جا منهن آهن. خرچ البت ٿيندو.وڏي ڌام نه ڪن، ته به پنهنجا چار اوتارا ضرور کارائين، تنهنڪري ڪجهه وقت ڇڏي ڏيون ته هڙ بنجي ڪن. تڪڙ ڪانهي، جت هيترو وقت سٺيون تت اهي ٻه چار ڏينهن به لنگهي ويندا. ڪنواريون جي اچي ڪنڌ کان وريون آهن، تن به ليڙ پُچُ ته لهڻو گج پوت نه ٿيا، ته به تڳو تڻون ٽوڳي انگ اُگهاڙ ته ڍڪبي. اهي ڪم وٺُ پَڄُ سان ڪو نه ٿيندا،  تون جو سکڻي ڊوڙ کڻي وڏيري وٽ وئين، تنهن مان ڪڄاڙو وٺي آئين؟ اهي ساوا سکيا ماڻهو ڪٿي ٿا غريبن جو غور ڪن. هنين ليکي ته اسين ڍاوا ته جڳ ئي ڍائو، اسين پرهيا ته جڳ ئي پرهيو! هنين لاءِ ڪو اڏجي ته ڪڄڙو، ڪو ڊهي ته ڪڄڙو. هاڻي ٻه ٽي ڏينهن صبر ڪريو ته لاباري لائيءَ مان ويرا ٿي اهو وڳوڙو ورجائينداسون. اتي پاڻي ٻڏڻ جيڏو ڪونهي. ڪنهن ڏينهن چار ڀائر ڀري، ٻنهين ڌرين کي نڪا ڏياري ڇڏينداسون. نيٺ اهو پهه پچائي، ڪچهري پوري ڪيائون. رات ڪا وڃي بچي هئي اڌ، رات جو جهنگ مان آرن جو آواز ائين پئي ٻڌم ڄڻ ميونسپل جا گگهو ٿا وڄن. ٽانڊاڻن جي ٽمڪاٽ وري اهڙي ته جهرمر لائي ڏني، جو ڄڻ ته بندر روڊ واريون بتيون ٿيون ٻرن. ائين پاسا ورائيندي، سها ٿي ويو. صبح جو ماني کائي، هڪڙو پاڻ جهڙو واندو هٿ ڪري جهنگ جي سيل تي نڪتس.

جهنگ جو سير

لاڙ جو جهنگ سنڌ جي ٻين ڀاڱن کان نرالو آهي. لاڙ ۾ مکيه وڻڪار اهي ڄاريون ۽ ٻٻر. ڄارين جا جهڳٽا ڪٿي ڪٿي اهڙا ڳوڙها ۽ گهاٽا، جهڙا قدرتي ڪوٽ، منجهن چورن جا ٿم ۽ مرن جا تاڪ. ليون ۽ لاڻا به جام ٿين، ليون ريٽن ۽ چٻن ۾ ۽ لاڻا ڪلراٺن پوٺن تي پسجن. ڪڙين ۽ ڪسين جي ڪنارن تي ڪانهَن جون قطارون ڏسبيون، منجهن پوک چا ويري جانور سيڙها، سوئر ۽ سها جام سهڙن. ٻٻرن جي لامن تي تتر پيا تنوارين. اُن پوک تي ڳيرا پيا ڳٽڪارين. کٻڙن ۾ سهن جون ڪوٻون ۽ گدڙن جون ڏرون ڏسجن. ملڪ ۾ پاڻيءَ جا دُٻا ۽ ڍنڍون گهڻين ئي خوبين سان ڀريل آهن. ڪٿان ڏسو ته نار چاڙهيو زمين ريجائي رهيا آهن، ڪٿي ڏسبو ته بتيلن ۾ سير ۽ شڪار ٿي رهيو آهي. ڪٿان وري جون ڌُڪن جي ڌڪن سان آڙيون پيا اُهرائين. ڪٿان بهه پٻڻ ۽ لوڙهه پيا ڪڍن. ڪنهن ڪُنڊ تان وري رَڇُ وجهبو مڇ پيا مارين وغيره. ملڪ ۾ ٻٻرن کان سواءِ ٻيو ڪنڊائون وڻ ڪو نه ٿئي. تنهنڪري ماڻهو پيرين اُگهاڙو پنڌ ڪرڻ کان ڪو ڪو نه کائين. ”جاتيءَ جا جت، پيرين اُگهاڙا“ اُتي مشهور پهاڪو آهي. پٿر ته ڪو ڳوليو لڀي. سارو ملڪ ڪچو ۽ ڪنئرو. ريپ رائو ۽ ڊٻون منجهس گهٽ. جهنگ جي سير جو سواد ڀل ڪو شڪاري شوقين وٺي. وک وک تي سها، تتر، ڀريا، آڙيون، بدڪون ڳيرا، ٻاٽيڙ ڏٺا ٿي. لکين لاکي ڄاڃي ڌڪن جي وپ مان لنگهيا ٿي. ايترو شڪار ڏسندي، شڪاري ماڻهو وڻن وٽن تان ٻڌ ڏيندو ويندو. باقي اسان پارو ماڻهو ته جلد ڪڪ ٿي پئي. اهڙيءَ طرح اسين به ڳچ پنڌ ڪري ٿڪي پياسون. تنهنڪري لڙي وياسون هڪ نار تي. ٿڌيءَ جي خيال سان وڻ هيٺ ويهي وساڻاسين. مون کي ته پاڻ وڌيڪ چوڙو چڙهي ويو، پوءِ ته وڌيڪ هلڻ جو خيال لاهي ويهي رهياسون. سنگتيءَ کي چيم ته ماٺ ڪري ويهڻ مان ڪهڙو مزو؟ وندر ضرور کپي. تنهن يڪدم کيسي مان سوپاري ۽ سوکڙي ڪڍي سوپاري چور ڪري آڇي. آءٌ به هوس شهري ۽ پان جو پياسي، سو سوپاري مِٽَ ۾ هڻي ويهي رهيس، پر آس پوري ڪا نه ٿيم. چيم ته ڪي ٻڌاءِ، تڏهن لڳو کلڻ. چيائين ته؛ ادا، اسين ڪورا ڄٽ. اسين ڪڄاڙو ڄاڻون، اوهين علم وارا ماڻهو سڀڪي ڄاڻو سمجهو ٿا، جيڪي اوهين ڏسي ۽ ٻڌي سگهو ٿا، سو نه اسين ڏسي سگهون ۽ نه ٻڌي سگهون، تنهنڪري گهٻا نه ڪر. کڻي ٿورو گهڻو سڻاءِ. مون چيو ته ادا اسان کي علم ڪٿي آهي. بک ٽارڻ لاءِ ٻه ٽي اکر سکيا آهيون، سرڪار مان پگهارڙي مليئون پيئي، تنهن تي پيٽ پرندي پيا ڪريون. اسان جو علم جهڙو آهي، تهڙو نه آهي. اوهين گهومون ماڻهو گهڻا ئي ملڪ گهميا هوندو. ضرور ڪن چڱن جي صحبت مان ڪي رس ڀريا لٽڪا سکيا هوندو. انهن مان ڪي ته ٻڌاءِ ته مان وندر ٿئي، ۽ ڏينهن به ڪوٽو ٿئي. ويچاري گهڻو ئي گسايو، پر نه ڇڏيومانس. نيٺ چيائين ته ٻه ٽي ڏور ڄاڻا، پر هوندا ڪچا ۽ ڦڪا، ڇو ته اسين اڻ پڙهيل ماڻهو، تن کي پورو پتو ڪو نه پوئي. مت منجهن ڪا ڪچائي هجي، تنهنڪري ماٺ مٺي آهي. منهنجي وري به زور ڀرڻ تي، لاچار ٿي ڪر سالهي اٿيو ۽ چيائين ته سالڪ ڏور ڏنو آهي ته؛

 

عمر ڏٺي هئي اوچتي ٻڌي مير مني،

سڄي رات سڪ ۾ هوءَ مارن لاءِ رني

جنهن کي عمر موڪل ڏني، سا مارئي رسي ماڙ کي

( ڏور جو شاهد)

سمن ٻڌي سومري سان مارئي هلي ملير،

هت ماڙيچن ڏنس مهڻا تو ڇڏيو ڪيئن حمير،

ثابت رکي سير، مارئي رسي مير کي.

   ڏور ته ٻڌم پر سمجهيس اکر به ڪين. دل ۾ چيم ته عمر سومري مارئيءَ کي ڪڏهن ۽ ڪٿي منيءَ ۾ ٻڌل ڏٺو هو. ڪتابن ۾ ته اهڙو حوالو آهيئي ڪو نه. وري ڏور جي شاهد ۾ چئي ٿو مارئي عمر سومري سان انجام ڪري نڪتي هئي ته  آءُ وري اينديس. جڏهن مائٽن وٽ پهچي ٿي، تڏهن اهي پاڻ مهڻا ٿا ڏينس ته تون عمر سومرو ڪيئن ڇڏي آئي آهين؟ پوءِ وري چوي ٿو ته مارئي پنهنجي انجام کي پاڻي ڏيئي موٽي عمر سومري وٽ وڃي پهتي!

هيءُ ته عجيب معاملو هو هڪ اڻ پڙهيل، پڙهيل کي منجهائي وڌو. چيو مانس ته ادا جيئن ڏور ڏنو اٿيئي، تيئين ويهي سمجهاءِ. چيائين ته ادا، هي جي الله لوڪ شاعر ٿي گذريا آهن، جن جي مقبرن تي ٻارهوئي ميلا لڳا پيا آهن، جن جي زيارت لاءِ هزارين انسان ڪٿان ڪٿان ڪهي اچن ٿا، تن جيڪي چيو ۽ ڪيو آهي، تنهن ۾ گهڻو ئي راز لڪل آهي. جهڙيءَ طرح هڪ مصور کي تصوير چٽڻ لاءِ ڀت جو ضرور هوندو آهي. اهڙيءَ طرح حقيقي شاعرن کي پنهنجي جذبات ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪو واقعو، حقيقت ۽ ڳجهي رمز خيال ۾ رکڻي آهي. پوءِ هو انهي واقعي حقيقت يا راز جي اوٽ ۾ بيهي دنيا وارن جي سمجهڻ لاءِ يا پنهنجي جذبات ظاهر ڪرڻ لاءِ ڳجهارت ۾ ڳالهائيندا آهن. ڳجهارت ۾ ڳالهائڻ الله وارن جي پڪي عادت ۽ سندن خاص نشاني آهي. ڳجهه کي پڌرو ڪرڻ نه فقط پاڻ عيب ٿا سمجهن پر پاڻ لاءِ نقصانڪار به ڄاڻن ٿا، انهيءَ ڪري هر هڪ منزل رسيدو بزرگ سمجهي ٿو ته ؛

مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ

پڌر پسيئي ڳالهڙي ته ڇڏي ويندي ساءُ

 

   تنهنڪري سندن سموريون محفلون مام ۾ ٿين. هنن جو عام سان وهنوار گهٽ رهي ٿو. تنهنڪري سدائين سپرين جي سڪ سيني م سانڍيو گهمن. اها سندن بندگي آهي. سنڌ جو سرتاج شاهه عبداللطيف صاحب ڏسو. کيس ڪهڙي گتي پيئي هئي جو پاڻ سسئي بنجي ويهي پنهل لاءِ پار ڪڍي، ڏيرن کي ڏوراپا ڏي، ۽ جتن کي جٺيون ڪري. يا سهڻي بنجي ساهڙ لاءِ سيرون تري، ڪنن تان ڪاهي، ڇولين ۾ ڇُلي ۽ واگهائن سان وڙهي مطلب ته قدرت جو پار دنيا وارن تي ظاهر ڪرڻ لاءِ دنيا منجهه ئي لڪڻو پوين ٿو. تنهنڪري جيڪي ٻولين ٿا تنهن آڏو پردو رکن ٿا. پردي رکڻ مان مراد اٿن پاڻ لڪائڻ. هو لڪن ٿا فقط دنيا جي ڪن، اک ۽ زبان کان، جيئي سندن منزل آڏو رڪاوٽ وجهڻ لاءِ ڪافي ڪنڊا آهن.

اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪئين شاعر پيا سٽون ڏين. سندن عاشقي، مذاقيه، رزمي، اصلاحي ۽ اخلاقي شعر موجود آهن. انهن شعرن ۾ زماني جي حال مطابق جوش ۽ جذبو به سمايل آهي، پر وقتي ۽ نه دائمي انهن جي مقابلي ۾ سچن سالڪن جا سلوڪ ٿورو ويچاريو. ڪيترو نه منجهن ميٺاس آهي، ڪيڏي نه منجهس ڪشش آهي. ڪيترا ماڻهو روزانو اهي شعر شعر مذهبي ڪتاب وانگر وڏي پاڪائيءَ سان ويهي پڙهندا آهن ۽ انهن مان لطف وٺندا آهن. اهو آهي سندن شاعريءَ جو معجزو.

هن شعر ۾ به شاعر صاحب هڪ سچو واقعو حقيقت جي پردي پٺيان ويهي بيان ڪيو آهي، جنهن کي عام طرح هرڻيءَ وارو معجزو چون ٿا، باقي هت نڪو عمر نڪا مارئي. هت قصو ئي ٻيو آهي، جنهن جو مختصر احوال هت ڏجي ٿو؛

هڪ دفعي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن ڪنهن ڪم سانگي ڪٿان لنگهي رهيا هئا ته اوچتو هڪ هرڻيءَ تي نگاهه پين، جا ڪنهن ماريءَ ڦاسائي هڪ وڻ ۾ ٻڌي ڇڏي هئي. هرڻيءَ جڏهن سردار دو جهان کي ڏٺو، تڏهن قدرت الاهيءَ سان هرڻيءَ کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ٿي ويئي. نماڻي ٿي حضور جن کي عرض ڪرڻ لڳي ته منهنجا ٻچا ڪالهونڪر بُکن ۾ پاهه پيا ٿين. آءٌ جهنگ ۾ چاري لاءِ نڪتي هيس، انهيءَ لاءِ ته پيٽ قُوت ڪري کيراڙي ٿي ٻچن کي آبو ڪرائينديس، پر هن ماريءَ جي ور چڙهي ويس. هاڻي خدا جي واسطي منهنجي فقط ايترو وقت جند آزاد ڪرايو، جو مان ٻچڙن کي کير پياري ۽ کانئن آخري طرح موڪلائي اچان. هرڻيءَ جي هيءَ زباني ٻڌي، حضور جن کي رحم آيو، ۽ ماريءَ کي ننڊ مان اٿاري، کيس هرڻيءَ کي موڪل ڏيڻ لاءِ چيائون، پر ماري مڃي ئي نه. چوي ته پنهنجي سڄي ڏينهن جو شڪار هن ريت هٿن مان ڇو وڃايان. نيٺ حضور جن هرڻيءَ جي واپس اچڻ تائين ماريءَ وٽ ضامن ٿي رهيا ۽ هرڻي کي ڇڏيو ويو. ٻچن کي جڏهن مٿئين حقيقت جي خبر پئي، تڏهن ماءُ کي چوڻ لڳا ته تنهنجو کير اسان کي حرام آهي. تون جلد وڃي سردار دوجهان کي آزاد ڪراءِ، متان تنهن جي غفلت يا ديري ڪري ماري نه ستائين. پوءِ هرڻي پوئين پيرين واپس آئي. هرڻي جي سچائي ۽ حضور جن جي رحمد دلي ڏسي، ماريءَ کي رحم آيو ۽ هرڻي کي ڇڏي ڏنائين. جا هميشه لاءِ وڃي پنهنجن ٻچن سان ملي. هيءُ معجزو ظاهري طرح سنڌ جي گهڻن شاعرن بيان ڪيو آهي، جيئن ته رمضان ڪنڀر، سانوڻ فقير ۽ ٻيا هن ڏور ۾ صرف نالن جي لڪ آهي. معنى جو تعلق به ٻنهي واقعن سان گهڻو ميل جول رکي ٿو، تنهن ڪري ڏور سمجهڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. نالا هن ريت ذئو معنى آهن:

عمر                    مراد آهي               سردار دوجهان

(حضرت محمد ﷺ)

مني                           ”                وڻ يا وڻ جو ٿڙ.

     مارئي                 ”                هرڻي.

ماڙ                         ”                   وطن، وٿاڻ.

                       ”                انجام.

ملير                        ”           هرڻيءَ جو وٿاڻ.

حمير ۽ عمر               ”           حضور جن.

هاڻي ته معنى صاف ٿي پئي، جنهن جي شرح لکڻ جو ضرور ڪونهي، سانوڻ فقير جيڪي ظاهري طور بيت چيا آهن، سي به ٻڌڻ لائق آهن، تن مان ڪي بيت هيٺ ڏجن ٿا:

(1)

الله جل جلاله الله الصمد،

دروازا دوزخ جا باريءَ ڪيا هئا بند،

نرمل پنهنجي نور مان ڳالهه ڪئي پسند،

شاهه چڙهيو هو سيل تي ڪرين پيرين پنڌ،

ڦاٿل ڏٺائين ڦاهيءَ ۾ هرڻي انهيءَ هنڌ،

ست ڀيرا سڏ ڪيائين موٽي آءُ محمد،

ڪامل ڦيري ڪنڌ، ڏٺو حال هرڻيءَ جو.

(2)

ڏسي حال هرڻيءَ جو موڪل ڏنيس مير،

سگهو موٽج پوئتي، ڏيئي ٻچن کي کير،

ضامن آهيان تنهنجو متان ٿئين دلگير،

ڪڏهن ڪبي ڪانڪا توتي تدا مير،

باري بچائيندو پر ۾، تنهنجو ساهه سُڌير،

اڳيان سجهي ٿي ”سانوڻ“ چئي ڪاري قيام ڪبير،

سچ مڙيوئي سير، هرڻيءَ حڪم مڃيو.

(3)

هرڻيءَ حڪم مڃي چيو: ڪالهه به ڪالهونڪر،

باري منهنجا بر ۾ ٿا فاقو ڪاٽين ڦر،

هادي انهيءَ هنڌ تي آءُ ڄڻي آيس ڄر،

پيا هوندا پٽ ۾ ٻچا منهنجي ٻر،

ماري ويندا معصومن کي کائي ويندا خر،

سوين ايندا ”سانوڻ“ چئي، اتي جيت ۽ جناور،

لُچي ڏيئي لتر، متان ڀڄي وڃين تون ڀئو کان.

(4)

چي نڪي ڀڄان ڀئو کان نڪي لر،

ڏيئي کير ٻچن کي، آءُ وري ڪنديس ور،

قسم اٿم تو ذات جو، تون پاڪ پيغمبر،

ننگ سڃاڻي نر، پو حضرت کولي هرڻي.

(5)

حضرت هرڻي کولي، وٺي سنهن قسم،

ويجهي ٿي وڻڪار کي ڏٺائين ٿاڻو ۽ ٿم،

ڪري پيئي ڪلن تي دانهون ڪري دم،

ڌائي وٺو ڌڱڻا اوهين دير نه ڪيو دم،

پنهنجي ڙي پسوئڙا ڪا رلي آهي رقم،

پسي گوندر غم، هن جا ٻوٻٽ ڪري ٻچا اٿيا.

(6)

ٻوٻٽ ڪري ٻچا اٿيا تون اما اويري،

دانهن ڪري درد مان ٿي ڍنگهر تي ڍيري،

 ڌائي وٺو ڌڱڻا اوهين ڦر ڇڏيو ڦيري،

مٿان اچي اوچتو ڪو پير کڻي پيري،

ويٺو هوم واٽ تي سو وڪوڙي ويري،

اتان آيو احمد ڄام جنهن ڀلي ڪيس ڀيڙي،

ڪڍيو ٻار ٻچن کي ٿي چٽي جو پيري،

ٻڙڪيو ٻچيري – ٿي موڪلائي معصومن کان.

(7)

موڪلائي معصومن کان ڳچيءَ پايو ڳل،

چيائون  کير حرام ٿيو تون چوپيري چل،

يا تنهنجا هر ام ٿيا تون  هچاري هل ،

محمد جهڙي ميرکي تون ورندي ڏيئي نه ول،

جنهن جو شاهه رکندو شل، سا رهجي ويندي رسول سان.

 

هن معجزي کي بيان ڪندي ”سانوڻ فقير“ ٻارهن بيت چيا آهن. مون کي ”ڏور“ نئون علم ۽ هنر سمجهڻ ۾ آيا تنهنڪري زور ڀريو مانس ته ڪي وڌيڪ ٻڌاءِ. ٿورو سوچي وري ٻيو ڏور چيائين؛-

(ڏور)

مومل ماڙيون چار ڪاڻ اڏايون مينڌري،

سوڍو سر چيو ڪينڪي وڻيس ڪين واپار،

جڏهن ڏنس ڏسُ ڪنوار-تڏهين محلين رسيو مينڌرو.

(شاهد)

مومل جي ماڙيءَ تي آيو راڻو رنگ ڪري،

ساڳو سڃاڻوس سرتيون، اوهين ڌيان ڌري،

سا مر مومل مري، جنهن سوڍي کي سرهو ڪيو.

ڏور ڏيئي بس ڪري پاڻهي سمجهائڻ شروع ڪيائين. چيائين ته حضرت دائود عليه السلام جي وقت ۾ نصوح نالي هڪ شخص ٿي گذريو آهي. پهرين ته هو وڏو دولتمند هو، پر پوءِ پنهنجي بدڪارين ڪري ڪنگال ٿي ويو. نيٺ سندس ڌنڌو وڃي رهيو مردن جا ڪفن لاهڻ، جيڪي مرد تازا پوريا هئا، تن جا ڪفن لاهيو وڃي وڪڻندو هو. انهي وقت ۾ ڪا نيڪ ۽ پرهيز گار عورت اُتي رهندي هئي. تنهن کي اچي خوف ٿيو ته هيءُ نامراد مون سان به ساڳي ڪار ڪندو، ائين ويچار ڪندي هڪ ڏينهن نصوح کي پاڻ وٽ گهرايائين. چيائينس ته تو کي ڪفن لاهڻ جي عادت آهي، پر مان تو کي  پنهنجي ڪفن جي قيمت کان ٻيڻا پئسا ڏيان ٿي، انهي لاءِ ته تون جيئن مئي پڄاڻان منهنجو ڪفن نه لاهين. نصوح رقم وٺي راهي ٿيو ۽ اهڙو انجام به ڪري ويو. مائي کي انهي هوندي به مٿس اعتبار نه آيو، تنهن ڪري وارثن کي وصيت ڪري ڇڏيائين ته جڏهن آءُ مران تڏهن منهنجي قبر ساڻ گڏ ٽي ٻيون خالي قبرون به ٺاهي ڇڏجو، جيئن اهو ڪفن ڪش منهنجي سچي قبر سڃاڻي نه سگهي. جڏهن اهو وقت آيو ۽ مائيءَ دم ڏنو، تڏهن سندس وصيت موجب کيس چئن قبرن مان هڪ ۾ نيئي پوريائون.

”هيرئي سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي“ جي مصداق، نصوح پنهنجو واعدو وساري، پنهنجي عادت پوري ڪرڻ جي ارادي سان قبرستان تي ڪهي آيو. هڪ هڪ ڪري قبرون کوٽڻ لڳو، جڏهن اصلي قبر جا اڏا الٽايائين، تڏهن هوءَ مائي، جا بزرگ ۽ خدا رسيده هئي، تنهن جيئري جاڳندي تصوير ۾ اچي کيس هڪل ڪري چيو ته حيف هجيئي!، نيٺ ڪين رهيئين!. مائي جو ڳالهائڻ ٻڌي هن کي ايترو ته ڊپ ٿيو جو پوئين پيرين وٺي ڀڳو ۽ وڃي ڪٿي ڪريو. ڌڻيءَ جو خوف مٿس ايترو طاري ٿيو جو سچي توبهه ڪري هميشه لاءِ ڪنج خلوت ۾ رهي ڌڻي ياد ڪندو رهيو.

(ڏور جي معنى)

مومل          مراد آهي                 اها نيڪ عورت

       ماڙيون چار               ”        چار قبرون

ڏنس ڏس ڪنوار                 ”     نيڪ عورت جو کيس

هدايت ڪرڻ

محلين رسيو                      ”           منزل تي پهتو،

 هدايت تي هليو.

مومل جي ماڙي                   ”   نيڪ عورت جي قبر

سوڍي کي سرهو ڪيو            ”    بدڪار کي نيڪو ڪار

ڪيو.

مون کي اڄڪلهه جي ادبي ماهرن جو ٿورو آزمودو آهي ته هو ”ڏور“ جي وجود تي گهٽ اعتبار ٿا ڪن، يا ته بلڪل ڪو نه ٿا مڃين. مگر هنن کي ائين وسهڻ گهرجي ته 18 صدي عيسوي ۾ جڏهن سنڌي شعر ۽ شاعري چوٽ چڙهي وئي هئي، تڏنهن اهڙا سڌير به پئدا ٿيا هئا، جن عجيب معمائئون چيون ۽ گفتگو ۾ ڪم آنديون ٽپال جي پوري بندوبست نه هئڻ ڪري سالڪ هڪ ٻئي ڏي معما ۾ پيغام موڪليندا هئا جن جي قاصد کي به سُڌ ڪا نه پوندي هئي، پر وقت جي بي پرواهي ڪري اهي حڪومتون بي معنى رهجي ويون. ۽ جي پوءِ ِ آهستي آهستي انهي در جي تي اچي پهتيون، جو مٿن اڄ ڪو به اعتبار ڪو نه ٿو ڪري!، انهي پيچيدي هنر جو شجرو هن ريت آهي:-

(1)                        بيت (2) هنر (3) ڏور (4) ڳجهارت (5) آڇاڻي يا پرولي (6) ڏِٺِ. انهن ڇهن قسمن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هن ريت آهي: بيت ۽ ڏور پاڻ ۾ ويجها آهن. سندن ٻولي ۽ بيهڪ ۾ ٿورو تفاوت رهي ٿو. (2) ڳجهارت، هنر ۽ ڏٺ ساڳئي دفعي مان آهن. هنر البت ٻوليءَ ۽ بيهڪ جي لحاظ سان بيت ۽ ڏور سان مائٽي ڪري ٿو. (3) باقي آڇاڻي يا پرولي به حقيقت ڪري ڳجهارت جي ننڍڙي ڀيڻ آهي، پر پنهنجي خالي رهي ٿي. سڀ کان وڌيڪ ڏکيو سمجهڻ آهي، ڳجهارت ۽ ڏٺ جو. باقي ڏور ۽ هنر مدار رکن ٿا، وسيع معلومات تي. اهڙي ريت آڇاڻي سمجهڻ لاءِ به سمجهه کپي.

خير، پوءِ ته اچي ڏورن جي پلٽ شروع ٿي. سج به لڙي ويو، تنهن ڪري اٿي راهي ٿياسون. رات وري ساڳي اوطاق ۾ گذاري، صبح جو اٿي روانو ٿيس.


[1] سنڌي تان عربي ۾ آيل لفظن ۾ ٿوم، بصر، ڪافور، زنجيل (سفيد) مشڪ (مسڪ) شمار ڪيا وڃن ٿا- گرامي.

[2] سنڌي ٻولي جي بُڻ بنياد، تاريخ، ارتقا، سٽاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، علي نواز جتوئي ۽ ڀيرو مل مهر چند جا ڪتاب سنڌي ٻولي جي تاريخ تي پڙهڻ گهرجن. ان طرح صورتخطي ۽ رسم الخط متعلق مسٽر غلام علي الانا جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن، ان سلسلي ۾ رساله مهراڻ ۾ آيل لسانيات تي مقالا پڻ پڙهڻ جهڙا آهن، جي مختلف سنڌي عالمن جا لکيل آهن. گرامي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: