سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: معاشرو ۽ تعليم

باب: --

صفحو :1

معاشرو ۽ تعليم

ڊاڪٽر اسد الله حسيني

تعارف

نحمده و نصلي عليٰ رسولہ الڪريم

”معاشرو ۽ تعليم“، سنڌ جي مشهور معروف شخصيت، پروفيسر الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب، وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف تعليمي موضوعن تي لکيل مقالن جو مجموعو آهي. شاهه صاحب پنهنجي سموري زندگي درس تدريس ۽ مختلف تعليمي محڪمن جي سربراهه جي حيثيت سان صرف ڪئي آهي. سندس ذهني رجحان ۽ ذوق پاڪستان ۽ خصوصي طور تي سنڌ جي تعليمي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي مسئلن ڏانهن ئي مائل پئي رهيو آهي.

سنڌ شروع کان وٺي مختلف قومن جو آماجگاهه پئي رهي آهي. ڪڏهن ڪي حملي آور ٿي هتي آيا ۽ ڪڏهن ڪي واپاري ٿي، ڪڏهن ڪي محسنن جو روپ ڌاري اچي پڌاريا ۽ ڪڏهن ڪي مبلغ ۽ مصلح ٿي هتي پهتا. هر گروهه پنهنجي پنهنجي تهذيب، علم ۽ هنر، فن ۽ فڪر کڻي هتي پهتو، پر سندن اهي سڀ وکر سٻاجهي سنڌ جي سڀيتا ۾ ملي جلي مدغم ٿي ويا ۽ هو پاڻ به سنڌي تهذيب ۾ رچي سنڌ ٿي ويا.

مختلف دورن ۾ سنڌي عالمن، اديبن ۽ معلمن پنهنجي بساط آهر نه فقط سنڌ جي پر دنيا جي ڪيترين قومن جي رهنمائيءَ لاءِ املهه پيغام پئي پيش ڪيا آهن ۽ علم جي اوچيءَ منزل تان بيهي درس ۽ تدريس کي عام پئي ڪيو آهي.

شاهه صاحب جي مقالن پڙهڻ سان سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي تعليمي ۽ علمي حقيقت ۽ رجحان جي پڙهندڙ کي چڱيءَ پر پروڙ پوندي. دنياوي ڳالهين کي ڇڏي اسلامي نقطهء نگاهه موجب علم حاصل ڪڻ به فرض آهي ته وري علم سيکارڻ به فرض آهي. جتي شاهه صاحب اسان جي استادن کي سندن مان، مرتبي ۽ حقن جو احساس ٿو ڏياري، اتي وري سندن ذميوارين، جوابدارين ۽ فرضن ڏانهن به توجهه ڇڪائي ٿو. تعليم ڏيڻ جيئن ته فرض آهي ۽ فرض جي ادائگيءَ ۾ دنياوي مصلحتن، ذاتي نظريات ۽ مالي ضرورتن کي پيش نظر ڪرڻ نه فقط غلط آهي، پر اهي لاڙا قوم ۽ ملڪ جي لاءِ به نقصانڪار آهن. انسان کي پنهنجو پيٽ بهرحال ڀرڻو آهي، اهل اولاد جي پرورش به ڪرڻي آهي ۽ ٻچن کي تعليم به ڏيارڻي آهي، پر اهي سڀ ڳالهيون ثانوي حيثيت رکن ٿيون. اصل ڳالهه خلوص سان پنهنجيءَ ڄاڻ کي ٻين تائين پهچائڻ آهي.

اهڙيءَ طرح علم حاصل ڪرڻ به فرض آهي. فرض جي ادائگيءَ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ نه فقط پاڻهي پاڻ سان ظلم ڪرڻو آهي، پر جاهل فرد قوم لاءِ هڪ مستقل آزار جو باعث ٿو ٿئي. هنگامه آرائي، افراتفري، گوڙ گهمسان، احتجاج ۽ جهيڙو آسان آهن، پر نور نچوئي ڏينهن رات هڪ ڪي، محنت ۽ اورچائيءَ سان پڙهڻ ۽ پاس ٿيڻ پنهنجي پاڻ لاءِ به چڱو آهي ته قوم لاءِ به سودمند. نه ڪم چور ڊگريون پٺن تي رکي هلڻ وارا گهرجن ۽ نه وري غير ذميوار طالب علم ئي معاشري لاءِ بهتر موڙي ثابت ٿي سگهن ٿا. اهي سڀ خيال شاهه صاحب پنهنجي هن ننڍڙي مجموعي ۾ نهايت سليس، عام فهم، ٻاجهاري ۽ سپتاريءَ سنڌيءَ ۾ پيش ڪري سنڌ جي تعليمي مسئلن جي اپٽار ڪئي آهي. اميد آهي ته هيءُ ڪتاب سنڌ ۾ درس تدريس سان شغف ۽ شوق رکڻ وارن بزرگن ۽ نوجوانن لاءِ هڪ قيمتي سرمايو ثابت ٿيندو.

حيدرآباد، سنڌ.                ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني

15-08-1783ع

سنڌ جو مستقبل

۽

سنڌ جا تعليمي مسئلا

آچر 24 مئي 1970ع تي ”ڪل سنڌ پرائمري ٽيچرس ڪانفرنس، حيدرآباد“ ۾ پڙهيل صدارتي خطبو

نحمده و نصلي عليٰ رسولہ الڪريم

وعلي آلہ و اصحابہ اجمعين

عزيزو!

توهان جي وڏي مهرباني جو توهان مون کي دعوت ڏني آهي، ۽ آءٌ توهان وٽ هن ڪانفرنس ۾ حاضر ٿي سگهيو آهيان. توهان منهنجي وڏي عزت افزائي ڪئي آهي. هڪ استاد لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي عزت ٿي سگهي ٿي، جو استاد کيس عزت بخشين. توهان لاءِ محبت، توهان جي ڪم لاءِ قدر، توهان جي خوشي ۽ خوشحالي جو خيال منهنجي دل ۾ هميشه رهندو. توهان جي عزت، صحبت ۽ خدمت مون لاءِ زندگيءَ ۾ هميشه اوليت جو درجو رکنديون. الله تبارڪ وتعاليٰ توهان ۽ توهان جي اولاد کي ڪامياب رکي، جو هن اسان جي مسڪين، ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل ملڪ لاءِ محبت رکو، ۽ ان لاءِ قرباني ڪريو. آءٌ اهو يقين رکان ٿو ته سنڌ جو حقيقي مستقبل ۽ هن بدنصيب ۽ اٻوجهه قوم جي صحيح ترقي توهان جي هٿن ۾ آهي. رب ڪريم توهان کي همت ۽ جرئت عطا فرمائي.

عزيزو!

صدر پاڪستان جي جي گذشته ڇهن مهينن جي اعلانن هڪ وڏو بحران ختم ڪيو آهي. صدر پاڪستان سڄي ملڪ کي خلوص ۽ جذبي جي امتحان ۾ ويهاريو آهي. ڏسون ته ڪير ٿا پاس ٿين، ۽ ڪير ناپاس. ملڪ ۾ نراسائي ۽ تذبذب ختم ٿي چڪا آهن. هاڻي اسان جي غيرت، همت ۽ خلوص جو امتحان آهي. ڏسون ته ڪير ٿا گوءِ کڻن، ۽ ڪير ٿا ڀڄن؟ فطرت جو راز فطرت ئي ڄاڻي. اسان جو ڪردار مايوس ڪن ٿو نظر اچي.

توهان کي علم هوندو ته هي سال 1970ع، بين الاقوامي تعليمي سال قرار ڏنو ويو آهي. بين الاقوامي تعليمي، فني، سائنسي ۽ ثقافتي اداري هن سال کي هڪ وڏي اهميت ڏني آهي. چند بنيادي اصولن جي پرچار ۽ تلقين کي هن سال اقوام متحده پنهنجو اصول بنايو آهي. اسان کي شايد هن سال جي انهيءَ اهميت جو اڃا علم نه ٿيو هجي. دنيا جون سڀ قومون هن سال کي تعليمي سال جي صورت ۾ ملهائي رهيون آهن، ۽ هنن تعليمي، علمي ۽ ادبي جدوجهد زور شور سان شروع ڪري ڏني آهي. اسان وٽ اڃا ڪنهن پروگرام جو مرتب نموني ۾ آغاز به نه ٿيو آهي. هن سال جي هڪ ٻي وڏي اهميت آهي پاڪستان جو چوٿون پنجساله منصوبو، جيڪو تقريباَ تيار ٿي ويو آهي، ۽ پهريون ئي دفعو ابتدائي تعليم کي اسان جي سوچ ۽ عمل ۾ جائز اهميت ڏني ويئي آهي. ان سان گڏ هن سال اسان کي اسان جو پراڻو صوبو به واپس ملي رهيو آهي، ۽ اسان لاءِ وڏين آزمائشن جو وقت آهي. منهنجي اها مبينه ڪمزوري آهي ته مون کي توهان سان ۽ توهان جي پيشي سان محبت آهي. مون کي توهان ۽ اسان جي زمين سان پيار آهي، دل آهي. شدت، حس ۽ فڪر منهنجي جان ۽ روح ۾ ڀيل آهن. آءٌ فخر سان چوان ٿو ته مون زبان سان، قلم سان ۽ عمل سان اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي ۽ نڪو وعدو ڏنو آهي، جنهن تي آءٌ پشيمان هجان. اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪيو اٿم، جنهن مان هن ملڪ جي خدمت نه ڪئي هجيم. ڪمن جو ٿيڻ ۽ ڪاميابي الله تبارڪ و تعاليٰ جي وس آهي، جنهن کي هو نصيب ڪري. اسان ڏسون ٿا ته حالات وڏيءَ تيز رفتاريءَ سان گذري رهيا آهن. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته سال 1970ع نه 1947ع آهي ۽ نه 1955ع. وڏا ۽ ڪٺن مسئلا اسان جي سامهون آهن ۽ انهن جو حل اسان کي ئي ڳولڻو آهي.

مون کي اصرار سان چيو وڃي ٿو ته يونيورسٽيءَ تي ڪي فرض ۽ ذميداريون عائد ٿين ٿيون ۽ مون تي اخلاقي فرض آهي ته اسان جي لکيل پڙهيل طبقي کي، سوچيندڙ طبقي کي، خوشحال ۽ خوش نصيب طبقي کي سندن فرضن کان آگاهه ڪريان. توقع انهيءَ کان ڪئي ويندي آهي جنهن وٽ ڪجهه هوندو آهي.

عزيزو!

تعليمي نقطه نگاهه کان هي وقت بلڪل نازڪ آهي. اڄ جا تعليمي مسئلا اسان جي ملڪ ۾، يا دنيا ۾، 1947ع 1955ع وارا نه آهن. علمي، تعليمي ۽ ادبي ميدان ۾ اسان وٽ ڪيترين ئي ڳالهين ۽ ڪوششن جو سلسلو ختم ٿي چڪو آهي. آخر اسان کي از سر نو چند ادارن ۽ تحريڪن جو بنياد رکڻو پوندو. دنيا ۾ علم جون ۽ تعليم جون نيون حدون قائم ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جي سمجهڻ جي ضرورت آهي. توهان جي اڳيان آءٌ پنهنجو هيءُ خطبو هڪ تمهيد تصور ڪريان ٿو، جو استادن، رهبرن ۽ سوچ، فڪر ۽ دل رکندڙن جي سامهون پيش ڪري رهيو آهيان. جن نه سوچيو، ۽ ڊگهي نظر نه رکي، انهن جو مستقبل خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. اسان کي خبردار ٿيڻ گهرجي ته اسان لاءِ نئين زندگيءَ جو آغاز ٿي چڪو آهي. خدشات هر طرف نظر ٿا اچن. اڄڪلهه سياست جو غلبو آهي، ۽ سياسي الجهنون پريشان ۽ مايوس ڪرڻ واريون آهن. اسان جون دعائون اسان جي سياستدانن لاءِ آهن. خدا ڪري هي هڪٻئي جي عزت رکن ۽ هڪٻئي جو سر سلامت رکن ۽ خدا ڪري سياست چريائيءَ جي حدن کي نه پهچي. سياست جي اهميت کان ۽ افاديت کان آءٌ چڱيءَ طرح واقف آهيان، مگر ان ۾ عارضيت آهي، جنهن جو سمجهڻ لازمي آهي. سياستدانن ۾ علمي، تعليمي ۽ معاشي ارتقا جي سوچ گهٽ ٿي لڳي، واعدن جي وٺ وٺ نظر ٿي اچي. سوچ گهٽ نظر ٿي اچي ۽ سوچ جي طاقت گهٽ پيئي لڳي. ڪيترن کي ڪامياب سياست جي لاءِ ضروري ڳالهين جو علم به نه آهي. جنهن کي نه دل هجي، نه تعليم هجي، نه دور رس نگاهه هجي، ان مان ڇا ورندو؟ اسين آئينده جي مسئلن جو خيال ڪريون. غلط، عليل ۽ مريض سياست مان، علم و ادب ۽ تعليم جي ڇا خدمت ۽ اميد ٿي سگهي ٿي؟ سياست جو غلبو هڪ معاشري جي صحت جي نشاني نه آهي. ابدي ۽ ازلي خدمت، پڪي، پائيدار ۽ صحيح خدمت، يقيناَ سياست ۾ نه آهي. اسان کي پنهنجي نوجوانن کي پڙهائڻو آهي، جيڪي اسان جي قوم جي ملڪيت آهن. اسان جا نوجوان شاگرد سياسي مخالفن ۽ موافقن جو اولاد آهن. اسين انهن ۾ ڪوبه فرق نٿا ڪريون. اسان کي سڀ پيارا ۽ عزيز آهن، اسان کي سندن والدين لاءِ عزت آهي. اسان جون اميدون انهن ۾ آهن. مگر اسين سوچيون ته ڦر مار، لغو بازي، واعدي شڪني، لٻاڙ ۽ خودغرضي سياست ٿي سگهن ٿيون؟ يا انهن مان ڪوبه فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو؟

معاشري جي ترقيءَ جي ذميداري نه هڪ فرد تي ٿي سگهي ٿي، نه هڪ گروهه تي، نه هڪ اداري تي ۽ نه هڪ پيشي تي ٿي سگهي ٿي. معاشري جي خدمت اسان مان هر هڪ جي جوابداري آهي، ۽ هر هڪ کي محسوس ڪرڻ گهرجي. چاهي پوڙهو هجي يا جوان، مرد هجي يا عورت، سياستدان هجي يا توهان ۽ اسان وانگر ملنگ. اهو احساس هر انهيءَ شخص ۾ هئڻ گهرجي، جو سرزمين جو باشندو آهي يا ان ۾ ڄائو آهي. هن وقت ٻيا سڀ سوچي رهيا آهن، دور رس نگاهه کان ڪم وٺي رهيا آهن، ۽ سازش ۾ مبتلا آهن. جيڪڏهن اسان غفلت کان ڪم ورتو، ۽ ستا رهياسين ته ٺوڪرون کائينداسين. تعليم جا ٺيڪيدار صرف استاد نه آهن. اسان جي ليڊرن ۽ مائٽن کي به سوچڻ ۽ تعاون ڪرڻ گهرجي.

ڇا آءٌ پڇي سگهان ٿو ته ٻارن ۽ نوجوانن کي پڙهائڻ ۽ سڌاڻ ته اسان ۽ توهان جو فرض آهي، باقي انهن کي خراب ڪرڻ، ڦٽائڻ، گمراهه ڪرڻ ۽ ذهني انتشار ۾ وجهڻ ليڊرن جو ڪم آهي؟ ذرا سوچيو! اسان لاءِ فڪر ۽ سوچ جو وقت آهي. اسان لاءِ خبرداريءَ، خلوص ۽ همت جو وقت آهي. مصلحت بزدلي آهي، اها ماريندي ۽ ڏاريندي. سياست ۾ ته مصلحت ڪا معنيٰ به رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته سياست عملي طرح عارضي آهي، مگر معاشري جي مستقبل لاءِ ۽ تعليمي مسئلن ۾ مصلحت زهر مهلڪ آهي. خبردار! متان اسان جا سياسي فيصلا اسان جي علمي ۽ تعليمي انحطاط جو باعث ٿين. متان اسان جون مصلحتون اسان کي باهه کان بچائي سمنڊ ۾ وجهن. ڪي ٿورا سياستدان پنهنجي نڪ کان پري ڏسڻ ۽ سوچڻ جون صلاحيتون رکندا هجن. استادن کان سواءِ ٻين سڀني گروهن ۽ جماعتن جو رجحان خود غرضيءَ طرف آهي. استاد پوءِ به پنهنجي پگهار جو عيوضو ڏئي ٿو، ۽ پنهنجي غريباڻي نموني ۾ ذميداري پوري ڪري ٿو. ٻيا گروهه هن سوال جو جواب ڪيتري قدر ڏيئي سگهن ٿا؟ اسان لاءِ هي وقت علمي، ادبي ۽ تعليمي ميدان ۾ سازگار موعقي جو آهي. اسان لاءِ هي وقت اميدن سان ڀرپور آهي. اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي. اسان ڪامياب آهيون، اگر اسان ڪنهن قومي معياري ۽ بلنديءَ کي پهچڻ جي صلاحيت ۽ جرئت رکندا هجون.

اسان جي استادن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته سندن شخصي وقار، معاشرتي اهميت ۽ سندن پيشه ورانه عزت سڀ سندن زبان ۽ ان جي اهميت، استعمال ۽ وقار تي مدار رکن ٿيون. اگر اسان جي ابتدائي تعليم جي استادن اسان جي هن ڪم ۾ قرباني، محنت ۽ همت ۽ خدمت جو جذبو نه ڏيکاريو، ته اسان جو مسقبل وڏيءَ مصيبت جو باعث ٿيندو. ايندڙ پنجساله منصوبو اسان جي محنت، جرئت ۽ احساس جو امتحان آهي. اسان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ۽ انهن قربانين جو ضايع ٿيڻ وڏي بدقسمتي ٿيندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org